لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

عبدالرحيم وفا (1805-1880ع)

”آخوند عبدالرحيم ”وفا“ ولد محمد عباسي اصل ڳوٺ قبي سعيد خان موجوده ضلعي قمبر ائٽ شهدادڪوٽ جو رهاڪوهو. آخوند عبدالرحيم عباسي، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ قبي سعيد خان ۾ حاصل ڪئي. جڏهن وڏو ٿيو ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي خير آباد چئي اچي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو“.(101) آخوند عبدالرحيم به انهن مان هڪ هو. عربي ۽ فارسيءَ تي ڪافي عبور رکندو هو. معياري صورتخطي ٺهڻ کان اڳ سنڌي زبان ۾ ديسي قصا قلمبند ڪيا ۽ ترتيب ڏئي ورنيڪيولر ڪاميٽي جي حوالي ڪيا.
آخوند عبدالرحيم ”وفا“ استاد، شاعر، قصه نويس، مرتب، لغت نويس هو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سندس باري ۾ لکي ٿو ته ” هن ڪراچي ، ڪوهستاني ، لاڙ ۽ وچولي توڙي سري وارن ڀاڱن مان ڪيترائي قلمي نسخا هٿ ڪيا. ازنسواءِ سگهڙن کان به متعدد ۽ مستند صدري روايتون ٻڌي قلمبند ڪيون. پهريون عالم هو، جنهن سگهڙائتي ادب ۽ معياري ۽ معنوي ادب جون صنفون مرتب ڪري انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو“.(102)

ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ سان وابستگي
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر واري دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ نصابي ڪتابن جي تياريءَ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن لاءِ ڄاڻو ماڻهو گهربل هئا. اڳتي هلي تعليم کاتي لاءِ ورنيڪيولر ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جي آڏو ڄاڻو اديب سنڌي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪري ڇپائيءَ لاءِ پيش ڪرڻ لڳا . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ”هيءُ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو واحد فرد هو، جنهن ڪوهستاني ليکڪن ۽ شاعرن جا ڪتاب ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ ڇپايا. آخوند عبدالرحيم ڪاڇي، ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي شاعرن ۽ سگهڙن جا جوڙيل قصا ۽ داستان توڙي ٻيا اعليٰ معنيٰٰٰ ڀريل بيت گڏ ڪيا ۽ پوءِ انهن کي سوڌي سنواري جدا جدا ڪتابن جي صورت ۾ ”تعليم کاتي لاءِ“ ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ۽ انهن کي ڇپائڻ لاءِ منظور ڪرايو“.(103) هن نظم سان گڏوگڏ ڪيترائي قصا ۽ آکاڻيون نثر ۾ به لکيون يا مرتب ڪيا، تن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

هر گنيو
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي 1875ع ۾ جي محنت سان تيار ڪيل ڪتاب “هر گنيو” سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري1993ع ۾ ڇپيو، جنهن جو مقدمو ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هئي.هي لوڪ شاعريءَ جو ڪتاب آهي.

قصو وڪيي ڏاتار جو
هي قصو شاعر حاجي موسي حافظ جو هو، جنهن کي آخوند عبدالرحيم 14 جون 1870ع تي ٺاهي تيار ڪري ورنيڪيولزر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو. هن نسخي ۾ ”قصو جمجمه سلطان“ به شامل هو، جو ٺاهيل”مير“ نالي شاعر جو هو. ۽ هڪ ٻيو ”قصو بهرام شاهه جو“ جوڙيل ڇتي کٽيءَ جو هو. اهي قصا پڻ آخوند عبدالرحيم ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو رکيا، پر ڇپجي نه سگهيا.

قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو
هي قصو 1870ع کان پوءِ ٻه ڀيرا ڇپيو. هن ڪتاب ۾ هڪڙو جهونو خيالي قصو آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عشق جي تاثير ۽ ديون پرين سان وهنوار جو ذڪر گهڻو آهي، ته به نمڪ حلالي، دل جي شرافت، صبر ۽ تحمل جهڙا اخلاقي سبق به منجهس چڱي طرح سمايل آهن.

قصو دلوراءِ جو
هي نثري قصو پهريون دفعو سال 1870ع ۾ ڇپيو.

قصو عمر ماريءَ جو
آخوند ”عبدالرحيم وفا عباسي“ پهريون محقق آهي جنهن 1871ع ۾ ”عمر ماروي“ جو قصو تاريخي حوالن سان لکيو، جنهن ڪري سنڌي جو پهريون تحقيقي ڪتاب پڻ چيو ويندو آهي.هي قصو نظم توڙي نثر ۾ جوڙيل آهي. هي قصو پڻ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ ڇپايو. سندس اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
“تڏهن عمر سومرو شڪار جي بهاني نڪري ان ڦوڳ سان گڏجي ٿر ۾ آيو. مارئي ڀي سرتين هڪجيڏين سان گڏجي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه تي آئي هئي، پوءِ جڏهن عمر کي ڏوران ڏٺائين تڏهن ڊڄي ويئي، ته هيءُ ڌاريو ماڻهون نامحرم الاجي ڪير آهي ۽ هيڏي ڇا جي لاءِ ٿو اچي، تڏهن سرتين چيس ته ڀڄڻ ٽهڻ پنهنجو ڪم ڪونهي الاجي متان اڃايل هجي ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ کوهه تي ايندو هجي. تنهنڪري بيهي رهون ته چڱو. پوءِ جڏهن عمر کوهه وٽ آيو تڏهن مارئيءَ تي وڃي نظر پيس، سو پاڻي پيڻ جو بهانو ڪري، ٽپو ڏئي“.(104)

قصو سسئي پنهونءَ جو
هي نظمي قصو عارف ڪلهوڙي جو جوڙيل هو، جيڪو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ 1867ع کان اڳ ڇپيو .

قصو ڪوئا ۽ ٻلي
هي قصو جوڙيل خير شاهه جو، جيڪو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ 1872۾ ڇپيو.

قصو عجائب شاهه جو
هي قصو جوڙيل شاعر لؤنگ جو هو جنهن کي آخوند عبدالرحيم، ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ آڏو ڇپائيءَ لاءِ پيش ڪيو هي قصو نثر ۽ نظم ۾ هو ۽ دلچسپ آکاڻي تي ٻڌل هو. هي سيف الملوڪ وغيره قصن سان گڏ آخوند عبدالرحيم هٿ ڪري پڌرو ڪيو هو.هن ڪتاب ۾ اهڙو ئي خيالي قصو ۾ آندل آهي، جهڙوڪ ”ڪامسين ڪامروپ“ ۽ ”سيف الملوڪ بديع الجمال“ آهن.

جواهراللغات سنڌي اڪيچار
هن لغات لکڻ جو سبب مصنف پنهنجي مقدمي ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي ته ”جڏهن ڏينهن هڪڙي هي اٻالو عبدالرحيم پٽر محمد وفا جو عباسي گنبذي، هاڻي رهائشي ڪراچي جو منجهه سٿ ساٿارِن جي ويٺو هو ته اوچتو ئي ڳالهه ٻولهه لفظن سِنڌن جي وچ ۾ آئي، تڏهن ڪن منجهان ساٿارِن چيو ته جيڪڏهن تون ڪو ڪتاب سنڌي جوڙين ته جيڪر ماڙهن گهڻن جوگن ۽ لاهو ٿيندو. تڏهن ڪيترا لفظ گڏ ڪري نالو هن ڪتاب جو ‘جواهر لغات سنڌي اڪيچار رکيم“.(105)
آخوند عبدالرحيم جي لکڻي سهڻي ۽ آسان لفظن سان جُڙيل هوندي هئي. سندس ڪتاب ”جواهراللغات سنڌي اڪيچار“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن لغت ۾ مصنف پهريائين سنڌي آئيويٽا ڏني آهي، جنهن ۾ نج اکرن جون صورتون اهڙيون من گهڙت ڪم آنديون اٿس، جهڙيون ارنيسٽ ٽرومپ شاهه جي رسالي شايع ڪرڻ وقت ڪم آنديون هيون. تنهن کان پوءِ ”چوڻ“ مصدر جا سڀني زمانن ۾ ڦيرا (گردان) پارسي معنى سان لکيا اٿس. پوءِ الف بي وارن سنڌي لفظن جون معنائون پارسيءَ ۾ ڏنيون اٿس ۽ هر هڪ لفظ جي سامهون ان جو گرامر جو نالو ۽ جنس، عدد (جي فعل آهي، ته فعلي صيغي جو نالو وغيره) ڏيندو ويو آهي.
”هن ڪتاب جي تصنيف وقت آخوند عبدالرحيم، سنڌي الف- بي- ۽ سنڌي صورتخطيءَ بابت علمي لحاظ سان سوچيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي نوان رخ پيش ڪيا. هڪ ته خالص سنڌي اُچار وارن اکرن مان ڪن کي ڪي نيون صورتون ڏنائين ۽ ٻيو الف- بي جي ترتيبوار سٽاءَ قائم ڪيائين، جيڪا ”جواهر اللغات سنڌي اڪيچار“ جي مقدمي ۾ ڏنل آهي، ٽيون ته لفظن جي صورتخطيءَ ڏانهن چڱو خاصو ڌيان ڏنائين. ”جواهراللغات سنڌي اڪيچار“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمي سان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 1993ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي“.(106)