ميجر هينري ايف - جي-گولڊ سمڊ (1818-1908ع)
هن صاحب ، الف ب جي تياري، ڪتابن جي اشاعت، سنڌ ۾ اسڪولن جي کولڻ لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن.
سنڌي الف -ب ڪاميٽي
1853ع ۾ جڏهن سنڌي الف -ب لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي ، ان ۾ هي عملدار سرڪار طرفان ميمبر هو. هو عربي سنڌي رسم الخط لاءِ لکي ٿو ته ”اسان سنڌ جي سرڪاري زبان عربي سنڌي سمجهو ٿا. عربي سنڌي الف ب جي تاريخ ، اسان کي يقيني طور تي ٻڌائي ٿي ته اها پهرين صدي هجري ۽ عربن جي ڪاهه کان پوءِ ٿوري گهڻي، ملڪ ۾ ضرور رواج هيٺ آيل هئي. انهيءَ صورتخطيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب سهڻي نموني ۾ ڇپيل آهن. ان نقطه نگاهه کان اها لپي ، سن 1853ع واري مقرر ڪيل صورتخطيءَ جي صورت ۾ جڳهه والاريندي، جيڪا سرباٽل فريئر جي هدايتن مطابق مسٽر ايلس طرفان تيار ڪرايل ۽ ليٿو گراف ذريعي ڇپايل آهي“.(20)
تعليم کاتي ۾ خدمتون
گولڊ سمڊ کي تعليم کاتي جو ڪيترائي سال انچارج رهيو. هن سنڌ جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو، هن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ خاص طور تي اسڪول کولرايا ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ ورنيڪيولر اسڪول کوليا. سنڌ جي گزيٽيئر موجب اهڙن اسڪولن جو تعداد ٻارنهن (12) هو. هنن اسڪولن ۾ خالص سنڌي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. انگريزي اسڪولن جو الحاق بمبئي يونيورسٽي سان ڪيو ويو. هن صاحب ڪوشش ڪري استادن جي کوٽ کي گهٽ ڪيو. اسڪولن ۾ قابل استادن کي مقرر ڪيو ويو. سرڪاري دلچسپي ۽ سرپرستيءَ جي ڪري والدين ۾ ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ جو رجحان وڌيو ۽ حاضري ۾ اضافو ٿيو. استادن جي سکيا لاءِ حيدرآباد ۾ نارمل اسڪول جو بنياد وڌو ويو. 1846ع ۾ شڪارپور ۾”ثانوي مڊل اسڪول“ جو پڻ بنياد رکيو ويو، جيڪو بعد ۾ 1873ع ۾ هاءِ اسڪول بڻيو“.(21)
درسي ڪتابن جي اشاعت ۾ ڪردار
ڪيترائي درسي ۽ غير درسي ڪتاب سرڪاري طور شايع ڪرايا ۽ ليکڪن کي معقول معاوضو ڏياريو. اهي ڪتاب ڇپائيءَ ۽ تعليمي معيار جي لحاظ کان بهتر هئا. اهڙن ڪتابن ۾ سائنس، سماجي اڀياس، حساب ، سنڌي گرامر، مطلب ته هر قسم جا مضمون اچي وڃن ٿا.ان دور جي ڪتابن جي ٽائيٽل پيجن کي ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان اڪثر ڪتاب سندس ئي سفارش تي شايع ٿيندا هئا.
قصو سسئي پنهون
ميجر گولڊ سمڊ جو ٽيون وڏو ڪارنامو اهو به هو ته هن سنڌ جي مشهور قصي سسئي پنهون جو انگريزي ۾ ترجمو ڪري 1863ع ۾ لنڊن مان شايع ڪرايو. اهڙي طرح سنڌ جي هن مشهور قصي کي يورپي دنيا ۾ متعارف ۽ مشهور ڪيو. ان سلسلي ۾ هن محمد عارف جي بيتن کي هوبهو ۽ دلڪش انداز ۾ ترجمو ڪيو. بعد ۾ ساڳئي ڪتاب کي هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪيائين، يعني هڪ طرف سنڌي بيت ته ٻئي طرف ان جو منظوم ترجمو انگريزي ۾ ڏنائين. ميجر گولڊ سمڊ جو سسئي پنهون جي قصي جو ترجمو اڄ به ترجمي جي دنيا ۾ خصوصي ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو.هن ترجمي سان گڏ گولڊ اسمڊ انگريزيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو پسمنظر ڏنو آهي ۽ قصي سسئي پنهون کي تاريخي حوالن سان بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي لوڪ ڪهاڻين واري سيريز ۾ هن جي ترجمي کي ساراهيو آهي.
شڪارپور جي تاريخ
هن شڪارپور جي اوائلي تاريخ، برطانوي ڪاميابي، واپار، مذهبن، قبيلن، ذاتين، هنرن، آدمشماري، بکر ۽ روهڙي جي سيدن ۽ پوري شڪارپور جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن تي بهترين رپورٽ تيار ڪئي جيڪا Shikarpur: Early History of Ameers of Sindh and the British conquest, trade and commerce, religion, tribes, castes, profession, census, returns syeds of Bhakkar and Rohri. جي عنوان سان شايع ٿي.
سنڌي صرف و نحو
انهن سڀني خدمتن کان وڌيڪ سندس اهم ڪارنامو سنڌي گرامر آهي. هي ڪتاب ”سنڌي صرف ۽ نحو“ جي نالي سان گورنمينٽ آف انڊيا ڪراچي پاران سن 1860ع ۾ شايع ڪرايو ويو. هي ڪتاب جيتوڻيڪ سنڌي جو مڪمل ۽ معتبر گرامر تسليم ڪيو ويو، مگر ٻيهر ڪڏهن به شايع نه ٿيو.اڄ هي ڪتاب اڻلڀ آهي. ميجر گولڊ سمڊ گرامر جو ھي ڪتاب پاڻ نه لکيو هو، پر هن ماهرن جي مدد سان تيار ڪرايو هو. جنهن ۾ هن جو ذاتي طور به وڏو ڪردار شامل هو. هن ڪتاب ۾ سنڌي صورتخطيءَ جي اصلاح واري ڪاميٽي جي ميمبر ميان محمد جو سهڪار شامل هو، جنهن کي هو ”مولانا محمد“ ڪري سڏيندو هو. پنهنجي طرفان ڪتاب تي وضاحتي مهاڳ انگريزيءَ ۾ لکيائين. ڪتاب جي منظوري ۽ ڇپائي لاءِ لکيو اٿس ته ”مون هن مسودي کي چڱي طرح نظر مان ڪڍيو آهي ۽ ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سرڪاري خط نمبر 1969/ بتاريخ 19 آگسٽ 1859ع سان منظوري ڏيڻ فرمائي. هن ڪتاب جو خاص واسطو ابتدائي اسڪولن سان آهي، پر هن لاءِ اها به سفارش ڪئي وڃي ٿي ته اهو انگريزي پڙهندڙ سنڌي شاگردن کي به پڙهڻ گهرجي“.(22)