لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ
هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي
- 4.5/5.0
- 2
- 1
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- مختيار احمد ملاح
- ڇاپو پھريون
اڻوهين صدي ۾ 1843ع تائين ٽالپرن جو دؤر (1782-1843ع) حڪومت رهيو. هن صدي جي ٻئي حصي ۾ 1843ع کان سنڌ تي انگريزن جي حڪومت قائم ٿي. ٽالپرن، ڪلھوڙن کان حڪومت کسي ھئي، رياستي زبان فارسي ۽ عوامي زبان سنڌي ھئي. فارسيءَ جو اثر اڳي کان اڳرو ھو، ڇو جو سنڌ جا ايران سان تعلقات تمام ويجھا ھئا.اھو ئي سبب آھي جو عروضي شاعري ھن دؤر ۾ پنھنجي عروج تي پھتل ھئي. ھن دؤر جو وڏي ۾ وڏو شاعر سچل سرمست هو. فارسي ادبيات جا بيشمار لفظ سنڌي ادب ۾ داخل ٿي ويا.عروضي شاعريءَ ۾ ان جي صنفن غزل، قصيدو، مثنوي، رباعي، مرثيو، سنڌي شاعريءَ ۾ به روپ ورتو. مير صاحب آيا، جيڪي گھرن ۾ سرائڪي ڳالھائيندا ھئا، درٻار ۽ ڪچھرين ۾ بھ سرائڪي ڳالھائيندا ھئا. ايران مان شاعر گھرائي، سندن شعرن تي داد ڏيندي ھزارين روپيا ڏئي ڇڏيندا ھئا. سونا قلم ۽ تلوارون انعامن ۾ ڏيندا ھئا“.(1)
رچرڊ برٽن، جيڪو سنڌ ۾ برٽش ريزيڊنٽس ھو، تنھن ھن دؤر سان لاڳاپيل سنڌي تعليمي نصاب جي ھڪ فھرست ڄاڻائي آھي. سنڌي ادب لاءِ لکيو اٿائين تھ ”سنڌي ادب لاءِ ايترو چوڻ ڪافي آھي تھ جڏھن انگريزن هندستان ۾ پير پاتو تڏھن ڪنھن بھ ڏيھي ٻوليءَ ۾ ايترو علم و ادب موجود ڪونھ ھو، جيترو سنڌيءَ ۾ موجود آھي ، پر ان جي شاھوڪاري عربي ترجمن ۽ مذھبي ڪتابن تي منحصر آھي. ڪتابن جي پوري ڪٿ نٿي ڪري سگھجي. پر ايترو يقين آھي تھ ٻھ ٽي سؤ قلمي نسخا ڪٺا ڪري سگھبا“.(2) ايٽڪينس جي سنڌ گزيٽيئر موجب ”ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ اندر ذري گهٽ 6 وڏا تعليمي ادارا هئا، هن دور ۾ فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ تدريسي ٻولي سمجهيو ويندو هو. ان وقت جا مڙئي تعليمي ادرا ميرن جي گرانٽ جي آڌار تي هلندڙ هئا“.(3)
”ايسٽ انڊيا ڪمپني پنھنجي استعماري نظام ۽ خواھش مطابق زمين حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سان فوجي نوعيت جي عھدنامن لاءِ دٻاءُ وجھندا رھيا. انگريزن جو ايلچي سنڌ ۾مستقل رھڻ لڳو. انگريز، ٽالپرن کي ھر طرح سان بليڪ ميل ڪرڻ لڳا. حالتون ان وقت ايتريون تھ خراب ٿيون جو 1843ع ۾ مياڻيءَ جي ميدان ۾ انگريزن جون فوجون ۽ مير نصير خان جون فوجون آمھون سامھون ٿيون. ھن جنگ ۾ خود ميرن کي پنھنجن بھ مدد نھ ڪئي. مير صوبدار ھن جنگ ۾ جانبداريءَ جو مظاھرو ڪيو، نتيجي ۾ ٽالپرن کي شڪست ٿي“.(4)
قبضي کان پوءِ سنڌ جون واڳون سر چارلس نيپئر سنڀاليون. هو برٽش آرميءَ ۾ جنرل هو. هن کي سنڌ جو پهريون گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو . آگسٽ 1847ع ۾ سر چارلس نيپئر رٽائر ٿيڻ کانپوءِ لنڊن روانو ٿي ويو، سندس روانگيءَ سان گڏوگڏ سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو. سنڌ جيڪا آزاد ملڪ ھئي سا ھينئر پنھنجي صوبائي حيثيت بھ وڃائي ويٺي. ھاڻي اھا انتظامي طور بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ھئي. جنھن جو انتظام ڪمشنر ان سنڌ ھلائڻ لڳو، جنھن سان بمبئيءَ جي گورنر جا ڪيترائي اختيار سنڌ جي ڪمشنر کي ڏنا ويا. جنھن ڪري سنڌ مالي طور بمبئيءَ سان گڏ رھي، پر انتظامي طور تي ان کي نيم مختيار بڻايو ويو.
”انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سنڌ جو معاشرو گھڻو تڻو ڳوٺاڻو ۽ زرعي معاشرو ھو، زراعت جو دارو مدار برسات، درياھي ٻوڏن ۽ کوھن تي ھوندو ھو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ کي انھيءَ مقصد لاءِ فتح ڪيو ھو جو ھتان بھ ڍل وصول ڪجي.ان مقصد لاءِ ھنن روينيو ڊپارٽمنٽ قائم ڪيو. شروع ۾ ھو ڍل اناج جي صورت ۾ وصول ڪندا ھئا بعد ۾ ان نظام کي ختم ڪري نقديءَ جي صورت ۾ ڪيو ويو. انگريزن کي سنڌ جي زمين جي پيداوار مان تمام گھڻي ڍل وصول ٿيندي ھئي. ھنن ان کي اڃا بھ وڌائڻ لاءِ واھن ۽ کوھن جي کوٽاين جو ڪم شروع ڪرايو. آخر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جو منصوبو بھ تيار ڪيو ويو .اھڙي طرح 1850ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ملڪ ۾ ريلوي لائين تعمير ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو تھ جيئن سنڌ جي ڪپھھ کي بندر تائين پھچائي سگھجي“.(5)سر بارٽل فريئر جڏھن سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿي آيو تھ ھن ملڪ ۾ ايندڙ تبديليءَ کي محسوس ڪندي ھتان جي خام مال کي برطانيھ جي صنعتي منڊين تائين پھچائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ھڪ جديد بندر گاھھ تعمير ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. اهڙي طرح 1875ع ۾ اھو بندر ٺھي راس ٿيو.
در حقيقت انگريزن سنڌ ۾ جيڪي بھ ترقياتي ڪم ڪرايا اھي در اصل پنھنجي مفادن ۾ ڪرايا. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ سندن مفادن جي باوجود سنڌ ۾انھن ترقياتي ڪمن سان ترقي ٿي. انگريز سڄي يورپ ۾ ترقي يافتھ قوم ھئا، پر ھتي اچي ھنن سنڌ جي جاگيردارانھ نظام کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ مضبوط ڪيو. اھو ھٿ ٺوڪيو رعايت پاتل طبقو، نون حاڪمن سان استحصال ۾ شامل رھيو. انگريزن جي اچڻ سان سنڌي سماج ۾ جيڪا اھم تبديلي آئي اھا ھيءَ ھئي تھ ان کان اڳ سنڌي معاشري ۾ ترقي ۽ واڌاري جي رفتار سست ھئي، پر نون علمن، اسڪولن، ڪاليجن، سياسي شعور ۽ مزاحمتي تحريڪن جي ڪري ان ۾ گھڻي تيزي آئي. ھڪ تھ مشيني دؤر جي ابتدا ٿي، ٻيو تھ سنڌي تھذيب ڳوٺن کان شھرن ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو.
حوالا
1. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 188
2. رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌي ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،1971ع، ص 140
3. ايٽڪنس ؛ ” گزيٽيئر آف سنڌ پراونس“، مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچي، 1916ع
4. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ نيو ڪاٺيواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص 223
5. فقير محمد لاشاري : ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، ماهوار سنڌو-سيپٽمبر 1986ع