لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

ننديرام ميراڻي سيوھاڻي (1819-1875ع)

قديم سنڌي نثر نويسن ۾ آخوند عزيزالله کان پوءِ سيوهڻ جي ديوان ننديرام ميراڻي جو نالو سرفهرست آهي. ”ديوان ننديرام ميراڻي، تاريخي ۽ قديم شهر سيوهڻ ۾ ديوان ٿڌو مل ميراڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ مسلمانن سان گڏ سيوھاڻي قاضين جي مڪتبن ۾ فارسي پڙھيو. انگريزي، عربي ۽ ھندي زبانون بھ ڄاڻندو ھو. هو پارسي نثر توڙي نظم پروڙڻ ۾ بلڪل ماهر هو. نخصيل علم ۾ برک ڪيائين جو پاڻ سيوهڻ ۾ ئي هڪ خانگي اسڪول کولي پڙهائڻ لڳو،نتيجي طور وٽائنس ڪيترائي هندو خواهه مسلمان شاگرد علم جي زيور سان آراسته ٿيا“.(32)
ديوان ننديرام جون علمي توڙي ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري الف- بي جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون محنت جو ثمر آور نتيجو آهي. جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪ جاءِ ڪرڻ ۾ سندس ئي ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن، اڄ به جاگرافي، رياضي جاميٽري ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ سندس جوڙيل اصطلاح مروج آهن.
هو پهريائين سيوهڻ ۾ پنهنجو خانگي اسڪول هلائيندو هو ۽ ماڻهن تي سندس علمي ماهيت جو اثر چڱو پيل هو، تنهن هوندي به گذران بنسبت البته تنگدست گذاريندو هو.هو پاڻ لکي ٿو ته ”تن ڏينهن ۾ آءٌ فلڪزدگيءَ کان ۽ ڪنهن وٽ به نسبت نه ڪڍڻ احتياج جي يعني هٿ ٽنگڻ کان عار هوم رڳو فارسي، اردو ۽ سنڌي جي تعليم جو ڪم خانگي طور ڪندو هوس، پر سڌ رهيم، ته من ڪنهن ڏينهن فلڪ جي گردش جي چنبي کان ڇٽڪارو لهجي هڪجيڏن ۽ پاڻ جهڙن سرڪاري نوڪرن وانگر ٿيان“.(33)

عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽيءَ ۾ ڪردار
1853ع ۾ عربي-سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري سرڪاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بھ بڻيو. ڀائنجي ٿو ته ديوان ننديرام جي ترقي طرف وڌڻ جي اها پهرين منزل هئي، آخر سنڌي الف ب جي تياري لاءِ دل و جان سان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ صورتخطيءَ جي ٺهڻ تائين انهيءَ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. ”تواريخ سنڌ“ ۾ پنهنجي ڪردار جو اعتراف ڪندي لکيو اٿس ته ”سنڌ ڏيهه ۾ اڳين حاڪمن جو سرڪاري ڪم پارسي قلم ۾ هلندو هو ۽ هاڻوڪي سرڪار جو پڻ مٿي قلم ۾ 1852ع توڻي پي هليو پر جڏهه سنڌ جي اختياري ڪم ڇوڙن ٻڌڻجي واڳ قدر ڄاڻندڙن اهل قلم صاحبن جي هٿ ۾ آئي تڏهه ڄاتاءُ ته جهڙي طرح انگريزي سرڪار جي ٻئن ڏيهن ۾ مادري زبان سان سهنجائي ۽ خوبي ڪري سڀڪو سرڪاري ڪم هلندڙ آهي تهڙي طرح هتي پڻ رواج ڏيون ته ڪم ۾ پڻ صفائي رهي ۽ عام کي به فائدو رسي انهن ڏيهن ۾ قدر ڄاڻيندڙ غريب نواز يندڙ رعيت کي وڻدڙ ۽ گهڻو ڪري سڀڪهه علم جا گهرندڙ عالمن ۾ عامل فاضلن ۾ جناب مسٽر سر بارٽل فرئر صاحب بهادر اڳيون ڪمشنر سنڌ ۽ مسٽر ايلس صاحب بهادر اڳيون اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي سڀڪهه پرڪري سنڌ ڏيهه جا جوڙ جڪ ڪندڙ هئا تڏهه پهراءِ ۾ پوئين جناب رڳو سنڌي الف بي جي ٺهرائڻ جو ڪم سٽيو. جئين ته گهڻي بحث ۽ چڪاس ۽ هوڏ ۽ ڏيهي ماڻهن جي صلاح ۽ ان وقت جي ناظمن صاحبن جي راءِ ساڻ متفق ٿي، هن حقير جي مدد سان سنڌي الف- بي ٺاهي ۽ ڇپرائي، سرڪاري ڪم ۾ ٿورو ٿورو رواج ڏنو“.(34)سندس درسي ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

باب نامو
”باب نامو“ (سنڌيءَ جو ريڊر )پھريون درسي ڪتاب آھي ، جنھن کي سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي، گورنمينٽ پريس بمبئيءَ مان ليٿو ۾ ڇپائي، نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. هيءُ ڪتابڙو موجوده سنڌي الف- ب جي مقرريءَ کان پوءِ سنڌي لپيءَ ۾ پهريون ڪتاب هو. سر بئرو ايلس جي نگرانيءَ ۾ 29 مارچ 1854ع تي هن ڪتاب جون 1500 ڪاپيون ليٿو ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون . ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 32 صفحا آهن.ڪتاب جي ترتيب ۾ 23 صفحا ’هِجي‘ لاءِ ڪم آيل آهن ۽ باقي ڏهن صفحن ۾ 8 سبق ڏنل آهن، جن ۾ ڪل 70 جملا ڏنل آهن.
انگريزن جي اوائلي دور ۾ سنڌي،عربي صورتخطي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکارڻ جي شروعات هن ڪتاب کان ئي ٿي.هن ۾ هجي جو طريقو ڪم آيل آهي. ڪتاب استعمال ٿيل ٻوليءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”پاڻ کان جيڪو وڏو آهي ته جي سامهون وڏي سر نه ڳالائجي گهڻو نه کلجي. جي پاڻ جيڏا آهن تن سان سرهائي ۽ ڪنورائي سان ڳاله ٻول ڪجي. ڳالائڻ جي ويلي نه کلجي ۽ چوڻ ۾ تڪڙ نڪجي ڪيهي تي ڏمر ڪرڻ نه گهرجي ۽ ڪو پاڻ کي چڱائي جي مت ڏي ته ٻڏجي ۽ پنهنجي ڀينرن ڀائرن ۽ سوٽن کي گهڻي پيار ڪجي“.(35)

ايسپ جون آکاڻيون
سن 1854ع ۾ ننديرام ميراڻيءَ مسٽر بي .ايڇ. ايلس، اسسٽنٽ ڪمشنر سان گڏجي ”ايسپ جون آکاڻيون“تعليم کاتي طرفان شايع ڪيون. ايسپ جون آکاڻيون“ دنيا جي قديم ۽ عام پسند ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، جنهن جو ترجمو دنيا جي مڙني مک ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. اهي آکاڻيون اڄ کان سوا ٻه هزار ورهيه اڳ لکيون ويون هيون. هنن آکاڻين جو لکندڙ ايسپ، روم ۾ ڄائوهن کي ايسپ انڪري چئجي ٿو، جو هو ڪُٻو هو ۽ ڪُٻي کي يوناني ٻوليءَ ۾. ايسپ“ چوندا آهن. ايسپ پنهنجي ڏاهپ جي ڪري ايڏو ته مشهور ٿيو، جو بعد ۾ ڪيترن ٻين ڏاهن کي سندن ملڪ جو ايسپ سڏيو ويو. سنڌي زبان ۾ پهريون دفعو 1854ع ۾ ديوان ننديرام ميراڻيءَ، سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر، ايلس صاحب، جي معاونت سان، ترجمو ڪري، هيءُ ڪتاب ڇپايو. ان کان پوءِ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ، ايسپ جون 105 آکاڻيون چونڊي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو،هيءُ ڪتاب جملي 217 آکاڻين تي مشتمل آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب هڪ نصيحت نامو آهي، جنهن ۾ ايسپ پنهنجا تجربا لکيا، انهن ۾ موجود صلاحون ۽ هدايتون، آکاڻيون، ٻارن، جوانن، پوڙهن، عالمن ۽ طالب علمن کي هڪ جهڙو لطف ڏين ٿيون، “ديوان” ننديرام هنن آکاڻين ۾ سنڌي نثر کي هڪ سادو ۽ صاف اسلوب ڏنو . هتي سندس آکاڻي “گدڙ ۽ ڊاک جي” مان مثال ڏجي ٿو:
“هڪڙو بکايل گدڙ، گهمندي گهمندي، اوچتو ئي ڪنهن ڊاک کي منهه هيٺ اچي سهڙيو. اتي جان کڻي مٿي نهاري، ته ڇا ڏسي جو سهڻا ۽ عمدا ڊاک جا ڇُڳا پيا لڏن ۽ لٽڪن ڀانيائين ته ٽپو ڏيئي ڇِنِي کاوان؛ پر ڊاک جو منهن جو تمام مٿي هو، سو هيء ٽپا ڏيئي ٿڪجي پيو، پر هڪڙو ڇُڳو به نه مليس، نيٺ چوڻ لڳو ته “جنهن کي وڻي سو وڃي ڇني کائي، مون کي ڪين گهرجن: ڇا کو ته کٽا آهن“.(36)

ضبطي جو ڪتاب
هي هڪ منفرد ڪتاب آهي، جيڪو 1854ع ۾ننديرام ترجمو ڪري تعليم کاتي پاران شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ زمينن ماپڻ جا قائدا ۽ اصول ڏنل آهن.هي ڪتاب 15 صفحن تي پکڙيل هو. هن موضوع تي اڄ تائين ڪي خاص ڪتاب شايع نه ٿيا آهن. هي ڪتاب خصوصي طور تي جاگير کاتي جي عملدارن ۽ روينيو کاتي جي ملازمن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو.

سنڌ جي تواريخ
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ”ننديرام انگريزي دؤر جو فارسي دان هو؛ اگرچه شاعر نه هو، ليڪن فارسي ادب سان سندس خاص اُنس هو؛ تاريخ سان زياده دلچسپي هيس؛ تاريخ معصوميءَ کي سڀ کان پهريائين هن صاحب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو“.(37)”سنڌ جي تواريخ“ صفحا 368، مير معصوم جي فارسي تاريخ جو ترجمو، ليٿو ڪراچي 1854ع ۾ شايع ٿيو. تاريخ سنڌ المعروف تاريخ معصومي مير معصوم بکريءَ 1008- 1009هه ڌاري تصنيف ڪئي. ڪتاب جو پهريون حصو قديم تاريخ، اسلامي عهد ۽ ارغون ۽ ترخان دؤر تي مشتمل آهي ۽ پويون اڌ مغل دؤر جي تاريخ تي آهي. ڪتاب چئن جزن ۾ ورهايل آهي. تاريخ معصومي ارغون، ترخان ۽ اڪبري دؤر تي ازحد مفيد ۽ معتبر آهي. سنڌ جي سڀني تاريخن مان تاريخ معصومي سڀ کان وڌيڪ مفصل سمجهي وڃي ٿي. هن ۾ نه صرف عربن جي فتح جو ذڪر آهي. بلڪه اڪبري دور تائين سنڌ جي پوري تاريخ ان ۾ سمايل آهي.
ننديرام ميراڻيءَ جي قسمت ان وقت پلٽو کاڌو، جڏھن انگريز سرڪار تاريخ معصوميءَ جو فارسيءَ مان سنڌي ترجمي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڪيترن ئي عالمن ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، پر انھن سڀني ۾ ننديرام کي نمبر پھريون ڏنو ويو.مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ قائم ڪيل ڪاميٽيءَ ننديرام جي نج ، سھڻي ٻولي ۽ معياري خط ۾ ھجڻ ڪري اھميت ڏني ويئي. اعلان ڪيل ھڪ سؤ روپين بجاءِ کيس ٻھ سؤ روپيا روڪ انعام ڏنو ويو.ان کان سواءِ کيس سرڪار طرفان تعليم کاتي ۾ ترجمان جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو. سرڪار کيس”ديوان“ جو لقب بھ ڏنو ھو“.(38)
هيءُ پهريون اديب هو جنهن سنڌي نثر کي هڪ سادو ۽ صاف اسلوب ڏنو . مثال هيٺ ڏجي ٿو :
”ربيع الاول مهيني جي پنجويهين تاريخ، اٺ سو ڇهانوي ورهين ۾، سنجر جي مرڻ کانپوءِ اهو ڄام پادشاهيءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ ان جي ويهڻ ۾ مڙيئي ڏاها ماڻهون ۽ پرهيزگار ۽ ڪٽڪ ۽ راڄ گاڏا پي ۾ هئا ۽ انهيءَ ڏاڍي حاڪمي ڪري واڌاپي ٿيڻ جا جهنڊا کنيا، چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام نظام الدين پهرين ڏينهن ۾ علم جي گهر ڪندو هو ۽ ڪتاب خانن ۾ گذاريندو هو ۽ گهڻو نمندڙ ۽ واکاڻ ۾ موچارو ۽ چڱين چالن ۾ ساراهه ڪيل ۽ ڪشالو ۽ بندگي ايتري ججهي ڪندو هو جو وڏائي ۽ سچائي ان جي هن ڳالهه کان واڌو هئي ته ذرو هن کان لکڻ سگهجي ۽ گادي وهڻجي پهرائين ۾ ٺٽي کان گهڻي گاڏاپي سان بکر ۾ آيو“.(39)

پئماشي حساب
”پيمائشي حساب“ 1855ع ۾ڪاهانداس منسارام ڊاڪٽر چارلس هٽن جي انگريزي ڪتاب تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر چارلس هٽن (1737_1823ع) رايل مليٽري اڪيڊمي ۾ رياضي جو پروفيسر هو. هن پنهنجي اندازي سان ڌرتي جي پيمائش ڪئي. سندس ڪتاب ، Complete System of Practical Arithmetic1864ع ۾ شايع ٿيو.جڏهن ته ننديرام سندس ترجمي جي اصلاح ڪئي. هن ڪتاب ۾ پيمائشي حسابن جون وصفون ۽ قاعدا سمجهايل آهن. هن ۾ سنئين مٿاڇري جي پکيڙ ڪڍڻ، پراپيزائيڊ ۽ ٽرپيزيم جي پکيڙ، گهرو ڪنڊن جي پکيڙ، گول ۽ ان جي ڀاڱن جون ماپون ۽ پکيڙ ڪڍڻ، بي ڊولين شڪلين جي پکيڙ ڪڍڻ، نهرين شين جون ماپون ڪڍڻ سمجهايون ويون آهن.

سيکائتو نروار
”سيکائتو نروار“1856ع ۾ تعليمي سرشتي جي باري ۾اردو ڪتاب تان ترجمو ڪيائين.ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت لاءِ ننديرام لکي ٿو ته: ”گهڻو ڪري عاملن جا ڇوڪر رڳو فارسي هن گهرج کان سکن ٿا ته سرڪاري ڪارخانن ۾ انهن کي نوڪري ملي. هاڻي ته سڀني ڪچهرين ۾ سنڌي هلي ٿي“.(40) ننديرام ٻئي هنڌ لکي ٿو ته”سنڌ ڏيهه جي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽شڪارپور ۾ هيلوڪي سال يعني 1856ع جي شروع ۾ اٽڪل 150 فارسي مڪتب هيا، تن ۾ جيڪي 2000 سکندڙ سکندا هوندا“.(41)سنڌي ٻولي ۾ هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ انتظام ۽ تعليم جا سادا سودا اصول ۽ هدايتون ڏنل آهن. هي ڪتاب 94 صفحن تي پکڙيل هو.ڪتاب مان نثر جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:
جيتوڻي آهين مور علم کي ڇيهن جو آرنڀ نه چوندو پر ڇا فائدو سو ڪو ته اولن جو ٻول ۽ ڪم هڪجهڙو نه آهي“.(42)

پڌرنامو
سنڌي ادب ۾ هي هڪ منفرد ڪتاب آهي. هي ڪتاب 1860ع ۾ شايع ٿيو. هي ڪتاب نانگن بلائن بابت معلومات مهيا ڪري ٿو.

سنساري نروار
پنڊت بنسي ڌر چرنجي لال هندي جي ڪتاب ”بديا نگر“ تان ”حقائق الموجودات“ نالي اردو ڪتاب ٺاهيو هو.ديوان ننديرام ان جو 1861ع ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪري سندس نالو”سنساري نروار“رکيو.”مطالعه الفطرت“ (Nature Study) يا ”سرشتي اڀياس“ تي هي پهريون پهريون ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ويو آهي. هي ڪتاب 207 صفحن تي پکڙيل هو.
جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪجا ڪرڻ، ديوان ننديرام جي محنت جو ثمر آهي. اڄ بھ جاگرافي، جاميٽري، رياضي ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ڪتب آندل سنڌي لفظ هن جا ئي ٺهيل آهن.خاص طور تي الف-ب جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون ساراھھ جوڳيون آھن.