لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

مرزا صادق علي بيگ (18451912-ع)

مرزا صادق علي بيگ ولد مرزا فريدون بيگ جو جنم ٽنڊي ٺوڙهي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ لکي ٿو:”منهنجو ٻيو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، جو ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهي پهريون مسلمان بي. اي ٿيو، سو پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۽ ايجوڪيشنل ٽرانسليٽر ٿيو ۽ سرڪاري ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب تعليم کاتي لاءِ لکيائين. ٽيهن ورهين کانپوءِ پينشنر ٿيو ”خان صاحب“ جو لقب مليس. مرزا حيرت جي وفات کان پوءِ کيس ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پرشين پروفيسريءَ جي آڇ ٿيس پر بمبئي وڃي رهڻ قبول نه ڪيائين. آخر 1912ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين“.(152)


سنڌي الف بي جي اصلاح واري ڪاميٽي
”سنڌي الف بي جي اصلاح واري ڪاميٽي 1853ع ۾ بي ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ ٺهي ھئي، ان ڪاميٽيءَ جو ذڪر سڀ کان پھرين محمد صديق ميمڻ پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيو ھو. ان کان پوءِ سڀني محققن ان کي پئي ورجايو. ڀيرو مل آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ لکيو آھي تھ “خان بھادر مرزا صادق علي بيگ ، مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مذڪوره ڪاميٽيءَ جو ميمبر ھو. ان غلطيءَ ڏانهن ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ ۾ ڌيان ڇڪايو ته مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، سا ڳالهه شڪي آهي، ڇاڪاڻ جو اها ڪاميٽي 1853ع ۾ ٺهي هئي، جنهن وقت مرزا صادق علي بيگ جي عمر صرف اٺ سال هئي“.(153)
اڳتي هلي اهو بحث وڌيو. ان سلسلي ۾ مراد علي مرزا لکي ٿو ته ”مرزا صادق علي بيگ جي قلمي ڪتاب- ”اخلاق محسنين“- جي فوٽو ڪاپي ڏسڻ جو وجهه مليو، جنهن مان ان ڳالهه تي روشني پئي ته هو ڪهڙي ڪاميٽيءَ تي هو. هن ان ڪتاب جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته، ”آءٌ تيرهن سال تعليم کاتي جو ترجمان هوس، ۽ انهيءَ وقت ۾ ٻين سرڪاري ڪمن سان گڏ سائنس پرائمري، جهڙوڪ علم طبق الارض، علم ڪيميا، علم جغرفيه وغيره ۾ کاتي کي گهربل ڪتاب انگريزيءَ تان ترجمو ڪري تيار ڪندو هوس ۽ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي، جيڪي ڪتاب ڪميٽي وٽ پيش ٿيندا هئا، تن تي رايو ڏيندو ۽ اصلاح ڪندو هوس.“ انهيءَ عبارت مان معلوم ٿو ٿئي ته مرزا صادق علي بيگ، ايلس واري سنڌيءَ لاءِ الف- ب جو هڪ نئون سرشتو تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪين هو، پر هن ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو هو“.(154)
پاڻ وڏي ڄاڻ وارو شخص هو ۽ فارسيءَ ۾کيس دسترس حاصل هئي. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”اخلاق محسنين“،”استعمالي جاميٽري“ (1888ع)، ”سطحي جاميٽري“ (1888ع)، ”آغاز علم نباتات“ (ڊاڪٽر هيڪر جي ڪتاب جو ترجمو 1894ع)، ”آغاز علم حڪمت“ (1890ع)، ”پيمائشي ڪتاب“ (1884ع) وغيره اهم درسي ڪتاب آهن.

علم معاشري
سندس پهريون ڪتاب اقتصادي نظام بابت آهي، جنهن کي ”علم معاشري“ نالو ڏنائين. اقتصاديات جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ هي پهريون ڪتاب آهي. ايجوڪيشنل پبلشنگ ڇاپ خاني ڪراچيءَ مان سال 1871ع ۾ ڇپيو ۽ نصاب ۾شامل رهيو. ڪتاب “علم معاشري” مان نثر جو ٽڪرو هيٺ نموني طور ڏجي ٿو:
“دنيا ۾وڌندڙ ڌنڌو واپار آهي، جو ماڻهو واپار ڪري ٿو اهو عام جي ڀيٽ ۾ آسودو آهي. واپار جو مدار، ملڪ جي پوک، قدرتي شين جي ملڻ، هنر ۽ ڪارخانن هجڻ تي آهي. کيتيءَ لاءِ محنت ۽ هوشياري ڪم اچي ٿي. جيڪو ملڪ کاڌي پيتي لاءِ شيون پاڻ پيدا ڪري ٿو، اهو شاهوڪار آهي. کاڻين مان ملندڙ شيون ملڪ لاءِ دولت آهي. اگر لوهه ۽ ٻيون گهڻيون شيون به اتان ملن ٿيون ، انهن کي پاڙيسري ملڪن ۾ ڏئي گهرج واريون ٻيون شيون وٺون ٿا“.(155)

سنڌي انگريزي ڊڪشنري
مرزا صادق علي، پادري شرٽ ۽ اڌارام گڏجي سنڌي انگريزي ڊڪشنري جوڙي. هي ڊڪشنري 919 صفحن تي ٻڌل آهي ۽ اها ڪمشنر ڪراچي جي ڇاپخاني طرفان 1879ع ۾ شايع ٿي. اها ڊڪشنري سنڌ جي تعليم کاتي شايع ڪرائي هئي. هن لغت ۾ تقريباً 21 هزار سنڌي لفظن جون معنائون انگريزي ٻوليءَ ۾ ڏنل آهن ۽ جهونن سنڌي لفظن جو وڏو ذخيرو شامل آهي. اُنهيءَ ۾ سرڪاري طور تسليم ٿِيَل ۽ نئين سِر مُقرر ڪيل عربي- سِنڌي صورتخطي ۾ سنڌي لفظن جون هجيئون لِکيَل آهن. ڊڪشنريءَ جا ايڊيٽر مهاڳ ۾ لِکن ٿا ته: ”اَسين معافي گُهرون ٿا ته هِن ڊڪشنريءَ ۾ ڪيترن سِنڌي لفظن جون جدا جدا هجيئون ڏنيون ويون آهِن. چاهي اِهي هجيئن جا فرق گهڻا نظر ايندا هُجن ، پر هِن وقت اِنهن کي ڊڪشنريءَ مان هٽائي ڇڏڻ ممڪن نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته گهڻن ئي لفطن جا اَهڙا علحدا اُچار نه فقط ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۾ پيا اَچن، پر اِهي سڀ لِکيل ٻوليءَ ۾ پڻ داخل ٿي چڪا آهن. ممڪِن آهي ته لفظن جون اِهو سڀ مختلِف هِجيئن مان ڪِن جو استعمال لکت مان جيترو جلد ڪڍي ڇڏجي، اوترو بهتر ٿيندو، پر هِن وقت اسين فقط اَنومان ڪري سگهون ٿا، ته جدا جدا هجيئن مان ڪهڙيون هِجيئون وڃي آخِر ۾ قائم رهنديون ! هيءُ هِڪُ اهِڙو سوال آهي، جنهن کي ’وَرنيڪيولر لِٽريچر ڪاميٽي‘ ۾ بحث جو موضوُع بڻائڻ گهُرِجي؛ ۽ اُن بعد لِکندڙ کي فقط اُنهن هِجيئُن تائين پاڻَ کي محدود ڪرڻ گهُرجي، جيڪي اُنهيءَ ڪاميٽيءَ دُرُست تسليم ڪيون آهن انهيءَ ڊڪشنريءَ ۾ ڪنهن هِڪَ لفظ جي جُدا جُدا هِجيئن جو هِڪُ مِثال هن ريِت آهي:
اِتون، اِتُون، اِتان، اِتَهنُ، اِتهنَ، اِتَهُون، اِتهِين، اِتَئون، اِتئُون، اِٿان، اِٿانئون، اِٿانئُون، اِٿانِئين، اِٿون، اِٿِهوُن، اِتهُون، اِٿَئوُن“.(156)