تعليم کاتي جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ ڪردار
اسڪول کليا، استاد مقرر ٿيا، استادن لاءِ ٽريننگ ڪاليج قائم ٿيا، تعليم جو ڦهلاءُ ٿيو ، وڏي پيماني تي استاد پيدا ٿي پيا، اهي فقط استاد نه هئا، اهي پنهنجي ڳوٺن ، شهرن ۽ محلن جا پڙهيل ڳڙهيل فرد هئا ۽ رول ماڊل به هوندا هئا. اهي تعليم سان گڏ تاديب به ڪندا هئا ته تربيت به. اهي عالم به هئا ته اديب به هئا. ان سلسلي ۾ مسلمان استاد اديب به هئا ته هندو استاد اديب به هئا.
مطلب ته اسڪولن جي استادن سان اڻويهين صديءَ جي پوئين حصي ۾ نثري ادب پروان چڙهيو. ٻئي طرف سرڪاري آفيسن جا منشي ۽ ترجما نگار هئا، جيڪي سرڪاري عملدارن جي مدد به ڪندا هئا ته سرڪاري معاملن ۾سندن معاونت به ڪندا هئا. اهي منشي انگريز حڪمرانن جي سنڌيءَ جي لازمي امتحان ۾ ممتحن به هوندا هئا.
اهي منشي سرڪاري ڪاميٽين جو به حصو هوندا هئا. سنڌي الف- ب واري ڪاميٽيءَ ۾ به گهڻا منشي شامل هئا. منشي فارسي، سنڌي ۽ ٿوري گهڻي انگريزيءَ جا به ڄاڻو هوندا هئا.انهن منشين جو به سنڌ جي تعليم، ۽ نثري ادب جي ترقي ۾ وڏو ڪردار آهي. استادن ۽ منشين نه صرف سنڌي الف-ب جوڙي، مگر اڪثر درسي ڪتاب به انهن لکيا. سندن ٻولي، علم ۽ ادب پنهنجو مٽ پاڻ هئا. انهن کي تعليم کاتي جي سرپرستي حاصل هئي.
”شروع واري زماني ۾ تعيلم کاتي کي پنهنجو ڇاپخانو نه هوندو هو، ان زماني ۾ تعليم کاتي جا ڪتاب بمبئي ۽ ٻين پريسن مان شايع ٿيندا هئا. سن 1858ع ۾ تعليم وارن هڪ الڳ ليٿو مشين ورتي. هن مشين مان موجوده الف-ب ۽ خداوادي ۽ گجراتي لپين ۾ ڪيترائي سنڌي ڪتاب شايع ٿيا“.(2)
سنڌي نثري ادب خاص ڪري درسي ڪتابن جي تياري ۽ ڇپائيءَ جي ڪم کي هٿي ڏيڻ لاءِ سن 1868ع ۾ تعليم کاتي جي زير نگراني ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. سنڌ صوبي جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي هٿ هيٺ، پريزيڊنٽ سان گڏ ڪميٽيءَ جا 8 ميمبر هئا. ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو هيڊماستر ڪميٽيءَ جو پريزيڊنٽ هوندو هو. مذڪوره ڪميٽيءَ جون هيٺيون ذميداريون هيون:
• سنڌي ٻوليءَ جي عربي ۽ هندو-سنڌي (ناگري) لپين جي هڪجهڙائي صورتخطي مقرر ڪرڻ،
• اشاعت لاءِ مليل درسي ڪتابن جا مسودا منظور ڪرڻ،
• ليکڪن ، مترجمن ۽ سهيڙيندڙن جي اجرت جا نرخ مقرر ڪرڻ،
• درسي ڪتابن جي نظر ثاني ڪرڻ
• ادبي انعامن لاءِ ليکڪن جي نالن جي سفارش ڪرڻ“.(3)
ڪتابن جي ليکڪن ۽ مترجمن کي خاص معاوضا ڏنا ويندا هئا. اصلوڪي ڪم جو اعزازيو الڳ هو ته ترجمي جو الڳ . ڪجهه خاص ڪمن لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيا ويندا هئا ۽ غير سنڌي ليکڪن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون هيون. خاص ڪتابن ۽ ترجمن لاءِ انعام ڏنا ويندا هئا. 1853ع ۾ بي ايڇ ايلس هڪ اشتهار ڏنو، جنهن جو متن هيٺ ڏجي ٿو:
”هڪڙي”تاريخ معصومي“ جنهن کان سنڌ جي ماڻهن کي گهڻو فائدو رسندو ۽ اهو ڪتاب فارسي عبارت ڪري سليس ۽ مربوط آهي جو شخص تهه ڪتاب جو سنڌي وائي ۾ پسند ڪيل ترجمو ڪندو اهو ڏيڍ سا روپيا مهيني خانگي ۽ سرڪاري انعام جي جوڳو ٿيندو “.(4)
شروعاتي سالن ۾ ڪتابن جي جاچ پڙتال ۽ انعامن لاءِ هيٺيان ميمبر هوندا هئا:
1. ڪيپٽن ڊسنٽر ول ، سربراهه
2. ليفٽينٽ هربرٽ آرٿر، ميمبر
3. ليفٽينٽ هارگارڊسن، ميمبر
4. ليفٽينٽ اسٽئڪ ، ميمبر“.(5)
اهڙي قسم جا انعام وقتاََ فوقتاََ ترجمن ۽ اصلي ڪتاب لکڻ جي عيوض ملندا رهيا.گذريل صديءَ ۾ اهرن خوش نصيب سنڌي ليکڪن ۾ هيٺيان شامل هئا:
1. ننديرام ميراڻي ”تواريخ سنڌ“ جو ترجمو، 1854(ٻه سو رپيه )
2. ديوان واڌو مل چنديرام، ”منتخب تاريخ انگلستان“، 1862ع (هڪ سو روپيا)
3. نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ اڌارام ٿانورداس ”راسيلاس“جو ترجمو، 1872ع (گڏيل ٽي سو روپيا مليا)
4. مرزا قليچ بيگ ، مسز فاسيٽ جي انگريزي ڪتاب کي “اصول علم دستور المعاش” جو ترجمو ، 1889ع (558 روپيا)
5. بولچند ڪوڏومل جڳتياڻي، فلپ جي تاريخ انگلنڊ با تصوير انگريزي مان ترجمو، 1890ع (1200 روپيه )
تعليم کاتي جي مٿي ذڪر ڪيل سرگرمين وسيلي سنڌ ۾ سنڌي طباعت ۽ اشاعت جي پيڙهه و پٿر رکي چڪو هو. سن 1859ع تائين سنڌ ۾ ڪتابن لکڻ جي محنتاڻي جا اگهه مقرر نه ڪيا ويا هئا. ڪجهه روڪ رقم جي عيوض ليکڪ پنهنجا حق ۽ واسطا تعليم کاتي کي هميشه لاءِ وڪڻي ڏيندو هو. ان سلسلي جو هڪ مثال ان دؤر ۾ ليکڪن کي ڪتابن لکڻ جي معاوضي جي نشاندهي ڪري ٿو. سن 1855ع ۾ منشي ميران محمد شاهه کي 61 صفحن جي درسي ڪتاب “آڪاسي نروار” سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو معاوضو 60 روپيا مليو. سن 1859ع ۾ بوڪ ڊيپو قائم ٿيڻ سان ڪتابن لکڻ جو معاوضو مقرر ٿيو، جيڪو هن ريت هو؛ اصلي ڪم في صفحو 2 روپيا ۽ ترجمو في صفحو هڪ روپيو. اهڙيءَ ريت ڪتابن جو اتارو ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي تيار ڪرڻ تي تعليم کاتو الڳ معاوضو ڏيندو هو، جيڪو ٻه آنا في صفحي جي لڳ ڀڳ هو“.(6)
مطلب ته تعليم کاتي جو سنڌي نثر ۾ تمام وڏو ڪردار رهيو، ڇو جو استاد شاگرد، ڪتاب ، عملدار ۽ ٻيا سڀ تعليم کاتي جي ئي پيداوار هئا.
حوالا
1. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
2. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “سنڌ جا قديم ڇاپخانا “، ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ
3. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
4. ننديرام ميراڻي: “تواريخ سنڌ“،مفرح القلوب ڇاپخانو، ڪراچي، 1861ع
5. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، (انگريزيءَ ۾)سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
6. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995