لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

اڻويهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثر نويسيءَ جا اهڃاڻ

”نثر جي لغوي معنيٰ آهي، ”ٽڙيل پکڙيل لفظ“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪو اديب يا ليکڪ جدا جدا لفظن کي ملائي جملن جي شڪل ۾ ٻين جي اڳيان پيش ڪري. مطلب ته نثر اهو بياني فقرو آهي، جنهن ۾ ڪنهن ڏنل نظاري يا واقعي يا حقيقت کي لفظن جي ذريعي جملن جي شڪل ۾ آڻي ۽ منجهن زنجير جي ڪڙين وانگر سلسلو پيدا ڪري، ماڻهو اڳيان تقرير (زباني) يا تحرير (لکت) جي صورت ۾ پيش ڪيو وڃي.ٻين لفظن ۾ نثري ادب اهو هوندو آهي، جيڪو شاعري ۾ نه هجي. اسان جي گفتگو هميشه نثر ۾ هوندي آهي.جڏهن دل جي امنگن جو اثر ٻين تائين پهچي ته ادب جي ان حصي کي ”نظم“ چئبو آهي، پر جڏهن دماغ جي خيالن جو اثر ٻين تائين پهچي ته اهڙي ادب کي نثر چئبو آهي.نثر جي وڏي خاصيت اها آهي ته ان ۾ هر ڪنهن قسم جو مضمون آڻي سگهجي ٿو، جهڙوڪ، سائنس، حڪمت، سماجي اڀياس، افسانا، آکاڻيون، ناٽڪ، روزمره جون ڳالهيون ۽ بحث مباحثا، ڪورٽن جا فيصلا، حڪومت جا قاعدا قانون وغيره وغيره“. (1)
دنيا جي سڀني ٻولين جي ادبي تاريخن کي جانچڻ سان خبر پوي ٿي ته تن سڀني ٻولين جي ادب جي ابتدا اڪثر ڪري نظم سان ٿي آهي ۽ نثر گهڻو پوءِ وجود ۾آيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ لکيو آهي ته ”ڀارت – پاڪ اپکنڊ ۾هاڻوڪي دؤر ۾ جيڪي به مکيه ادبي ٻوليون (جيئن ته هندي، اردو، سنڌي، پنجابي، گجراتي، مراٺي، بنگلا، آسامي، اڙيسا، تامل، تيلگو، مليالم، ڪنڙ وغيره) جدا جدا ايراضين ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، جيڪڏهن انهن جي ساهت جو اتهاس جاچبو ته معلوم ٿيندو ته انهن سڀني ۾ گهڻو ڪري نثر جو ٻهو مکي وڪاس، اڻويهين صدي عيسويءَ کان وٺي ٿيو آهي. انهيءَ جو مکيه سبب آهي مغربي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ جي اثر ڪري انهن علائقن جي سياسي ، سماجي ۽ سانسڪرتڪ حالتن ۾تبديلي اچڻ. ان ڪري نئين زماني جي ماحول ۽ ضرورتن مطابق، تحريري ساهت ۾ جدا جدا روپن ۽ ادبي روايتن جو وڪاس ٿيو“. (2)
سنڌي ادب جي تاريخن لکندڙن ، پنهنجي ڪتابن ۾ خاص طور نثري ادب کي محدود ڪري پيش ڪيو آهي، هنن ڄاڻايو آهي ته سنڌ ۾ باقاعده لکت جو نظام ۽ نثري ادب جي شروعات انگريزن جي دؤر ۾ٿي. جڏهن سنڌي زبان سنڌ جي قديم زبان آهي، ان ۾ شعر سان گڏو گڏ نثر ڇو ڪو نه لکيو ويو هوندو؟ مگر جيئن ته سنڌ حمله آورن جي نشاني رهندي آئي ، ان ڪري سنڌ جا ڪتاب ۽ قلمي نسخا چوري ٿيا، يا وري جلايا ويا. ان کان علاوه ،سنڌ جو علمي ذخيرو مختلف رسم الخطن ۾ لکيو ويندو هو، ان ڪري ان ۾منظم ادبي ذخيرو گڏ ٿي نه سگهيو. اهڙي طرح اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي حڪمرانن هميشه سنڌي زبان کي نظر انداز ڪيو ۽ هر حڪمران پنهنجي زبان سنڌي عوام مٿان مڙهيندو رهيو، ان ڪري سنڌ جو نثري ادب ترقي ڪري نه سگهيو، جڏهن ته شاعري سينه به سينه محفوظ رهندي آئي. سنڌ جي قديم دؤر جو تاريخي احوال گهڻي ڀاڱي زباني روايتن ۽ ڏند ڪٿائن جي صورت ۾ملي ٿو ۽ ڪو به مستند احوال نه ٿو ملي.
وادي سنڌ جي تھذيب، دنيا جي چند قديم ترين تھذيبن مان ھڪ آھي، جڏھن 1925ع ۾ سر جان مارشل موھن جي دڙي جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪرايو تھ کوٽائيءَ مان هٿ آيل مھرن ۽ انھن تي اڪريل لکت دنيا جي ماھر لسانيات کي حيران ڪري وڌو. ان لکت، تحقيق لاءِ نوان دروازا کوليا، جنھن ۾خود لکت جي تاريخ، تھذيب ۽ تمدن بھ اچي وڃن ٿا. موھن جي دڙي مان لڌل مھرن مان سنڌ جي قديم ترين رسم الخط جا دروازا کليا. ھنن مھرن مان خبر پئي تھ ھتان جا رھندڙ ماڻھو جيڪا ٻولي ڳالھائيندا ھئا، اھا لکي بھ سگھندا ھئا. موھن جي دڙي جي تھذيب ۽ لکت کي ظاھر ٿئي اڄ 90 سال کان مٿي گذري چڪا آھن ، پر ڪو بھ ڏيھي يا پر ڏيھي عالم ان لکت کي پڙھي نھ سگھيو آھي ۽ اھو بھ نھ ٻڌائي سگھيو آھي تھ موجوده سنڌ ۽ سنڌي زبان سان تھذيب، قوم يا رسم الخط سان ڪھڙو رشتو ھو. بهرحال، اهي لکتون، سنڌي نثر جا ابتدائي نمونا چئي سگهجن ٿا.
”آرين جي دؤر ۾سنسڪرت هن پوري خطي جي ڌرمي زبان هئي ۽ براهمي خط ۾ لکت پڙهت ٿيندي هئي. حاڪمن جي ٻولي هئڻ ڪري سنڌ جي ماڻهن تي تمام گهڻو اثر پيو هوندو. ”رگويد“ ۾ ڪيترن ئي جاين تي سنڌو درياهه جي ساراهه آئي آهي، رامائڻ ۽ مهاڀارت واري زماني ۾ به هند ۽ سنڌ جا ويجها لاڳاپا هئا“.(3) ان دؤر ۾ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ ”سانکيه شاستر“، پتنجليءَ جو ”سئوگه شاستر“، ”پورو ميما“، ”ستاءِ اتر ميماتسا“، ”سوتر“، ”منو شاستر“ ۽ ”پراڻ“ وغيره اچي وڃن ٿا. هن دؤر جي نثري ادب لاءِ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر لکيو آهي ته:”هن دؤر جي ادب ۾ سڀ کان پهريائين ڊرامي جو تصور اچي ٿو. عام طرح يونان کي ناٽڪي فن جو استاد چيو ويندو آهي، پر هي ملڪ (سنڌ) انهيءَ ۾ پوئتي نه هو“.(4)
”رامائڻ ۽ مهاڀارت جي دؤرن کان پوءِ سنڌ ۾طاقت جو محور هڪ دفعو ٻيهر بدليو. سنڌ تي ايرانين ڪاهون ڪيون، سڪندر ۽ ٻيا قبيلا سنڌ تي حمله آور ٿيا. سنڌ ۾ يوناني دؤر کان پوءِ موريا گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. هن خاندان 370ع کان 450ع تائين حڪومت قائم رکي. چندر گپت جي زماني ۾سنڌ جا ڪيترائي جوتشي، شاعر ۽ اديب سندس درٻار ۾ رهندا هئا. سنڌ ۾ هي دؤر ٻڌ ڌرم جي عروج جو دؤر هو“.(5) گوتم ٻڌ جي قولن کي اشوڪ جي زماني بعد مغربي لهجن يعني ”شواسيني“ ۾آندو ويو. اهڙي حالتن ۾ جڏهن ڪو متن هڪ لهجي مان ٻئي لهجي ۾ آندو ويندو هو ته تڏهن پهرين لهجي جا اثرات پڻ پوئين لهجي ۾شامل ٿي ويندا هئا. انهن لهجن ۾ گوتم ٻڌ جا قول ترجمو ڪري سنڌ ۾ پڻ آندا ويا، جن کي ”پاليءَ“ رستي لکبو ۽ پڙهبو هو. پالي ان زماني ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو حاصل ڪري چڪي هئي. ان ڏس ۾جيرامداس لکيو آهي ته: “موهن جي دڙي جي مٿين تهن مان ٺڪر جا پنج ٿانءَ لڌا اٿن، جي پاڻي پيئڻ جي ڪم ايندا هئا. هرهڪ ٿانءَ تي اڪريل لکت پالي ٻولي ۽ براهمي لپيءَ ۾ آهي“.(6)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪنشڪ دؤر جي پالي عبارت ۾ لکيل هڪ ڪتبي جو نمونو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ ڏنو آهي، جيڪو ٽامي جي ٿالهيءَ تي اڪريل آهي. اها ٿالهي بهاولپور کان سورنهن ميل ڏکڻ –اولهه طرف ٻڌ ڌرم جي جهوني مندر ”سئي وهار“ جي کنڊرن مان هٿ آئي هئي. هن ڪتبي کي بختي پاليءَ جو ڪتبو تسليم ڪيو ويو آهي“.(7)
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ابو الحسن عليءَ جي ترجمو ڪيل عربي ڪتاب ”مجمل التواريخ“ کي سنيتي ڪمار چئٽرجي ۽ جيرام داس جي بيانن جي حوالي سان سنڌي زبان جو پهريون نثري ڪتاب مڃي ٿو. هو لکي ٿو ته: “پاليءَ کانپوءِ سنسڪرت مان نڪتل ٻئي شاخ پراڪرت، عيسوي سن جي 3 يا 4 صديون اڳ هندستان سان گڏ سنڌ ۾ چالو ٿي، جا به ديوناگريءَ ۾ لکي ويندي هئي. انهيءَ سنڌي پراڪرت ۾ جهوني ۾ جهونو پستڪ راجا روال جي منتري جي سير جو لکيل ”راجائن جي سکيا“ ڏسڻ ۾اچي ٿو، جو عيسوي سن کان اٽڪل ٽي صديون اڳ جو جوڙيل هو ۽ منجھس مهاڀارت جي لڙائيءَ کان آڳاٽي سنڌ جي تاريخ تي روشني وڌل هئي ۽ پانڊون جي راڄ کانپوءِ ڪن هندو راجائن جون ڪهاڻيون به ڏنل هيون. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي کوجنا موجب اهو پهريون سنڌ ۾ لکيل پراڪرت نثر جو ڪتاب هو“.(8)
تاريخ جو جامع ڪتاب “مجمل التواريخ” جنهن ۾ سنڌ جي جتن ۽ ميدن جو ذڪر آيل آهي. اهو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب آهي. چيو وڃي ٿو ته اهو اصل ۾سنسڪرت ۾لکيل هو، جنهن جو عربي ترجمو ابوالحسن عليءَ ڪيو هو. سر ايڇ ايم ايليٽ لکي ٿو ته: “مذڪوره تاريخ جو ايم رينارڊ طرفان ڇاپيل باب جنهن تي اسان هاڻي ڳالهائي رهيا آهيون سو ”مجمل التواريخ“ جي مصنف جو پنهنجو لکيل ڪو نه آهي، ان بابت سندس بيان هن ريت آهي ”مون هندن جو اهو ڪتاب ڏٺو. جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ ابو صالح بن شعيب بن جاميءَ عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو اصلي سنسڪرت ۾ لکيل هو. هن 417 هه/ 1026ع ۾هن ڪتاب جو جان لائبريريءَ جي مهتمم ابوالحسن علي بن محمد الجليلي فارسيءَ ۾ترجمو ڪيو هو“.(9) هو وڌيڪ لکي ٿو ته:”عربيءَ جي اصلي ترجمي تي ڪا تاريخ نظر نٿي اچي اهو به چئي نٿو سگهجي ته اهو ترجمو بلاذريءَ جي تصنيف کان اڳ جو آهي يا پوءِ جو. اقتباس تمام آڳاٽي دؤر سان واسطو رکن ٿا. خاص طور تي سنڌ سان لاڳاپيل آهن ۽ قوي امڪان آهي ته اهي تاريخن جي لکڻ واري دؤر جي شروعات ۾ هتي آيا هجن. ان جو فارسي ترجمو ان زماني ۾ڪيو ويو هجي“.(10)
سنڌي سماج ۾ تبديلي راءِ دؤر کان گهڻو اڳ شروع ٿي چڪي هئي. تعليم رڳو شهرن تائين محدود نه هئي بلڪه ڳوٺن ۾ به تعليم جو بندوبست ڪيو ويندو هو. تعليم، ايترو ته عام هئي جو لکت جو پورو سرشتو پوري ملڪ ۾ رائج هو. پالي، پراڪرت ۾ سنڌيءَ جا ڪيترائي ودوان ۽ عالم سنڌ ۾ نالو رکندا هئا. نالي وارو محقق پرم ابيچنداڻيءَ لکيو آهي ته: “برهم گپت عيسوي سن 595ع ۾ سنڌ جي ڀلمل ڳوٺ ۾ ڄائو هو. هو سنسڪرت ۽ سنڌيءَ جو مشهور ودوان ٿي گذريو آهي ۽ ساڳي وقت هو ڳڻت وديا ۽ جوتش سڌانت (Astronomy) ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن ڪي پستڪ به لکيا. هو هڪ “براهمٿوڪ سڌانت” يعني سنسار سنٻنڌي جي اگھٽ جو ويچار جيڪو هن عيسوي سن 628ع ۾ سنڌ ۾ ڇپ ونس جي راجا ويکهر مک جي سرپرستيءَ ۾ لکيو ۽ ٻيو هو “کنڊ کايڪ” يعني گامڻ گور پدارٿ، جيڪو هن اجين ۾ عيسوي سن 665ع ۾ لکيو“.(11)
راءِ گهراڻي کانپوءِ سنڌ جون واڳون برهمڻن جي هٿ آيون، هن دؤر ۾ سنڌي نثر جا اهڃاڻ ديوناگري لکت ۾ملن ٿا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ لکيو آهي ته: ”راءِ گهراڻي (450-632ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (632-712ع) وارن راجائن جي راڄ ۾ پراڪرت، سنڌي، اپڀرنش سنڌي لکت ۽ نرالي مڪاني سنڌي لپين جو واهپو سنڌ ۾ هلندڙ هو. سنڌ ۾ جدا جدا حصن ۾ مروج انهن لکاوٽن جو وڪاس براهمي لپيءَ مان ٿيو هو. انهن سڀني مڪاني نمونن کي گڏي اسين سنڌي لپي يعني سنڌ ۾ مروج مڪاني نرالي لپيءَ جو نالو ڏئي سگهون ٿا“.(12) برهمڻ آباد مان مشهور آرڪيالاجسٽ بلئسز ڪي سڪا ڳولي لڌا ، جن تي ديو ناگري جهڙا اکر لکيل هئا. هينري ڪزنس، عربن جي دؤر کان اڳ جا سڪا لڌا، جن تي ديوناگري لکت چٽيل هئي. ڀنڀور مان لڌل ٺڪر جي ٿانون تي ديوناگريءَ ۾ لکيل فقرا، پڻ سنڌي نثر جي اهڃاڻن کي ظاهر ڪن ٿا.
712ع ۾ عربن سنڌ کي فتح ڪيو. فتح وقت سنڌ جي عوام جي اڪثريت ٻڌ ڌرم سان وابسته هئي، جڏهن ته حڪمران هندو ڌرم سان منسلڪ هئا. عربن جي فتح سان سنڌ جي ٻولي ، ادب ، ثقافت، سماج ۾ يڪسر تبديلي اچي ويئي. سنڌي زبان تمام تيزيءَ سان عربيءَ جو اثر قبول ڪيو. ملڪ جي سرڪاري زبان عربيءَ کي بڻايو ويو. سنڌي زبان هاڻي ديوناگريءَ کان علاوه عربي حرفن سان لکجڻ لڳي.عربن جي دؤر سان وابسته ڪيترن ڪتابن، رسم الخط ۽ ٻوليءَ جي استعمال جي لحاظ کان عربن مؤرخن پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي. ابن نديم ايترو به لکيو هي ته عربن انگن جو علم سنڌين کان سکيو.
“ عرب و ہند کے تعلقات“ جو ليکڪ مولانا سيد سليمان ندوي، جاحظ جي ڪتاب تان حوالو کڻي لکي ٿو ته “سنڌين کي حساب ۽ صرافي ڪم جي پوري ڄاڻ آهي. اهي علم نجومت ۾ ماهر آهن. طبابت جي ڪيترن ڀيدن ۽ رازن کان واقف آهن، شطرنج راند ۾ هوشيار آهن، ڪيترين بيمارين جي علاج جا ڄاڻو آهن، زهر مارڻ ۽ درد کي دؤر ڪرڻ جا منتر ڄاڻن، زبردست موسيقار آهن، هنن وٽ شاعريءَ جو ذخيرو آهي، وڏا فيلسوف ۽ عقلمند آهن، هنن وٽان ڪيترائي ڪتاب اسان وٽ آيا آهن“.(13) جاحظ جي مٿئين بيان مان واضح ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌ ۾:
1. سنڌين وٽ شاعريءَ ۽ نثري ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو.
2. هو زبردست موسيقار هئا.
3. هو طب ۾ ماهر هوندا هئا.
4. هو علم نجوم ۾ ماهر هئا.
5. هو شطرنج راند ۾ هوشيار هئا.
تاريخ جي مستند ڪتابن ۾ اچي ٿو ته عرب جي دؤر ۾قرآن شريف جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ٿيو هو. ان سلسلي ۾ بزرگ بن شهريار پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب الھند“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ”الور جي هڪ هندو راجا، منصوره جي حاڪم عبدالله بن هباريءَ ڏي لکي موڪليو ته قرآن پاڪ ۽ مذهبي عقيدن کي سنڌي زبان ۾ ڪتاب ڏانهنس موڪلي. عبدالله بن هباري هڪ عراقي نسل جي سنڌي عالم کان ڪلام پاڪ جو ترجمو ۽ اسلامي عقائد ۽ تعليم تي ٻه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪليا“.(14) ديوان گنگارام سمراٽ پنھنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو تھ ”راجا انھيءَ عالم کي گھرائي پنھنجي درٻار ۾ رکيو ۽ کانئس قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو ڪرايائين، جنھن جو راجا تي تمام گھڻو اثر پيو“.(15) اهو حوالو سنڌ جي تاريخ، ادب جي حوالي سان مختلف زاوين کان اهميت ۽ فخر جو مقام رکي ٿو. اهو سنڌي نثر جوهڪ وڏو مثال به چئي سگهجي ٿو. مگر افسوس جو ان جو ڪو به قلمي نسخو موجود نه آهي.
ان کان علاوه اسان کي چچ نامي مان پڻ پروڙ پوي ٿي تھ راجا ڏاھر پنھنجي عملدارن، دوستن، فوجي آفيسرن ۽ تعلقدارن ڏانھن خط لکيا آھن. ظاھر آھي تھ، اھي خط سندس مادري ۽ وطني ٻوليءَ ۾ ھوندا.انھيءَ مان اسان کي ڀليءَ ڀت پتو پوي ٿو تھ سنڌي نثر تمام آڳاٽي دؤر کان لکيو ۽ پڙھيو وڃي رھيو آھي، پر ھن وقت تائين اسان کي ان جي ڪابھ خطي صورت نھ ملي سگھي آھي.
سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب ”عرب و ہند کے تعلقات“ ۾ اهڙن بيشمار سنڌي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي عرب پنهنجي ملڪن ڏانهن کڻائي ويا ۽ انهن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ويو. اهو ثابت ڪري ٿو ته عربن کان اڳ سنڌي زبان ۾ نظم سان گڏ نثري ادب پنهنجي عروج تي پهتل هو. سنڌ جي ڪجهه عالمن ته ايترو به لکيو آهي ته عربن سنڌي ادب کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان سلسلي ۾ ڀڳوان تولاڻي (سنڌي هتيا ڪانڊ)، غلام حيدر گبول (ادب سنڌ) ۽ ڪن ٻين جا ڪتاب ۽ مضمون اچي وڃن ٿا. عربن جي دؤر ۾سنڌ جي تاريخ تي مشهور ڪتاب “فتح نامه سنڌ” لکيو ويو اهو ساڳيو ڪتاب اڳتي هلي فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو، ان جي باوجود ان ۾ اڄ به سنڌي زبان جاڪيترائي نالا، حوالا، شهر وغيره موجوده سنڌي ءَ مطابق لکيل آهن.
عربن جي طويل دؤر کان پوءِ سنڌ جي هيٺين حصي تي سومرن جي حاڪميت آئي. هيءَ مقامي ماڻهن جي حڪومت هئي. علم و ادب ڪافي ترقي ڪري چڪو هو ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي مڪتب ۽ مدرسا هلندڙ هئا. سومرن جي دؤر سان وابسته ڪيترن ئي عالمن ۽ سندن مدرسن جي معلومات ملي ٿي ، مگر انهن جو لکيل ڪو به سنڌي زبان ۾ ڪتاب ميسر ٿي نه سگهيو آهي. البته عربي، فارسي، خوجڪي خطن ۾ لکيل فقرا، قول ۽ ڪتاب ، سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ چئي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌي نثر جي شروعات سومرن جي دؤر کان ڄاڻائي آهي. سومرن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ هڪ لپي ايجاد ٿي، جنهن ۾ اسماعيلي خوجن جو مذهبي ادب لکيو ويو. اها لپي پير صدر الدين ايجاد ڪئي، يا ان ۾ اصلاح ڪئي، جنهن کي ”چاليهه اکري“ يا پير صدرالدين جي سنڌي يا خوجڪي سنڌي به چيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ڪيترائي نثري پهاڪا، چوڻيون ۽ دعائون ملن ٿيون. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا اسماعيلي بزرگن جي دعائن جا نمونا پنهنجي ڪتاب “سنڌ نثر جي تاريخ” ۾ ڏنا آهن. هڪ دعا هيٺ ڏجي ٿي:
“يا شاه ! حق تون، پاڪ تون، دانا تون، بينا تون، اول تون، آخر تون، ظاهر تون، باطن تون ، ڀيد تون پنهان تون......... الخ“
اهڙي طرح سومرن جي دؤر ۾ نثر جو هڪ اهڙو پهاڪو به هٿ آيو آهي جنهن نثر جي تاريخ ۾ نئون باب کوليو آهي. اهو پهاڪو آهي:
“يا شيخ لوقا، دين دنيا جا ڏونڪا“.(16)
هي پهاڪو سيد شهاب الدين بلق لوقه ڏانهن منسوب آهي. اهڙي طرح هڪ اهڙو ئي نثري پهاڪو شيخ جيو ڏانهن منسوب آهي ته ”شيخ جيو، جو مڪليءَ جو ڏيو“.
سومرن جو دؤر، سنڌي شاعريءَ جي لحاظ کان ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جو دؤر سڏيو وڃي ٿو. هن دؤر جا ڀٽ ۽ ڀان لکت لاءِ ”ڀانڪي رسم الخط“ استعمال ڪندا هئا، جنهن کي ”لاڙي موڙا“ به چيو ويندو آهي. انهيءَ رسم الخط جو استعمال انتهائي محدود هو، جنهن ۾ ان دور جا درٻاري، ليکڪ، شاعر، دان حاصل ڪرڻ لاءِ سومرن ، سمن ، راجپوتن ۽ ٻين سردارن جا ڪارناما ۽ نسب ناما وغيره نثر ۾لکندا هئا. مگر افسوس جو سنڌي محققن انهن جي لکڻين کي اڃا موجوده روپ ۾ آڻي شايع نه ڪرايو آهي.
هندو ڌرم جي اهم ڪتابن جا ترجما سومرن جي دؤر ۾ سنڌي زبان ۾ٿيا. ان سلسلي ۾ ناميارو محقق ايم. ايڇ .پنهور لکي ٿو ته ”عربي ذريعن مان خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻولي گهڻو اڳي 850ع ڌاري ڳالهائبي ۽ لکبي هئي. مها ڀارت ۽ رامائڻ ڏهين ۽ يارهين صدين ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا هئا.“ هو ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ڪجهه سنڌي ڏاهن سنڌ کان ٻاهر حديث ۽ قرآن شريف جا تفسير لکيا، انهن مان محمد عابد سنڌي، امام اعظم کان صدر الدين موسيٰ (وفات 1552ع) ذريعي پهتل حديثون ترتيب ڏنيون. ابوبڪر اسحاق البڪري المهاني عرف ابن تاج (وفات 1335ع) قرآن شريف جو تفسير لکيو“.(17)
سومرن کان پوءِ سما ڄام حڪمران بڻيا. سمن جي دؤر جي ادب تي شاعري غالب آهي مگر ڪيترائي نثري اهڃاڻ شاعريءَ ۾ يا وري فارسي ڪتابن مان ملن ٿا. سنڌي ٻوليءَ لاءِ خوجڪي، ديوناگري ۽ عربي رسم الخطن ۾لکت ڪئي ويندي هئي.
هن دؤر جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جي معلومات ملي ٿي، جن عربي ۽ فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ پنهنجو علم و ادب لکيو. مولانا علاءُ الدين منگلوريءَ جو ”الزبده“ نالي درسي ڪتاب ”شمه في الميزان“ تي آسان شرح لکي. حاجي حسن صفائي پنهنجي مرشد پير مراد شيرازيءَ جي بابت ڪتاب “تذڪره المراد” لکيو . ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، پير مراد علي شيرازيءَ جي واتان چيل هڪ دعائيه فقري کي سنڌي نثر جو اهڃاڻ سڏيو آهي:
”اوڀاتي، ڏيئي وڏي ڄمارا“.(18)
يعني اسان جي گهر ۾ آيل نوا ڀاتي ....الله سائين توکي وڏي ڄمار ڏئي.
هن دؤر جي ٻين عالمن ۾مخدوم محمد عباس پاٽائي ۽ مخدوم رڪن الدين به ڪيترن ئي ڪتابن جا ليکڪ هئا. بابا فتح محمد سنڌي به وڏو عالم هو، جنهن “ مفتاح الصلواة” نالي ڪتاب لکيو. سيد عبد القادر بن سيد محمد هاشم پنهنجو ڪتاب ”حديقه الاولياءَ“ اٽڪل 1607ع ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ سومرن ۽ سمن جي دؤرن جي ڪيترن عالمن ۽ سندن نثري ادب جو احوال ملي ٿو. انهن عالمن ۾ مخدوم نوح، مخدوم بلاول، اسحاق آهنگر، شيخ ڀرڪيو، شيخ حماد جمالي، شيخ جيو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سمن جي دؤر ۾ مخدوم بلاول هڪ وڏو عالم ليکيو وڃي ٿو. عوامي روايتن مان مخدوم صاحب جاڪجھه قول به ملن ٿا، جي مان ڪي هن ريت آهن :
1- زماني جي سڌن کي ترڪ ڪرڻ، ڄڻ روح جي راحت خريد ڪرڻ برابر آهي.
2- والدين ۽ وڏن جي عزت پنهنجي لاءِ تحفو آهي.
3- حق جي راه ۾ سچ چوڻ جهاد آهي.
4- موت اڻ- ٽر آهي ۽ حياتي فاني آهي . انسان ، مهمان جي حيثيت ۾ هن جهان ۾ آيو آهي. جسم ، تندرستي، دولت ۽ عزت عارضي آهن. اصل نعمت عملن سان حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪا آخرت ۾ ڪم ايندي.
5- خدا جي ڪلام (قرآن مجيد) جي حفاظت اسان جو ايمان آهي “.(19)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ, سمن جي دؤر جو هڪ سنڌي نثر جي جنگي نعري جي تاريخ ڏني آهي، جنهن ۾ نثري اهڃاڻ ڏنل آهي. اهو نعرو سلطان فيروز جڏهن ٺٽي تي چڙهائي ڪئي ته سنڌ جي ماڻهن هي نعرو هنيو هو :
“بابرڪت پير پٺو، هڪ مئو هڪ ٽٺو “.(20)
هن نعري مان خبر پوي ٿي ته هندستان جي حڪمران محمد تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي مگر 1351 ع ۾ پير پٺي جي دعا سان مري ويو. جڏهن فيروز شاهه ڪاهه ڪئي ته سندس لشڪر ۾ بيماري پئي ۽ هو سنڌ ڇڏي ڀڄي ويو. اهڙي طرح ڄام تماچي جي قيد مان هائيءَ لاءِ مشهور بزرگ نوح هوٿياڻي هي دعائيه جملو چيو :
“جوڻو وڃي جهوري ماريو، ڄام تماچي شهرين چاڙهيو “.(21)
سمن جي دؤر ۾ قاضي قادن جھڙو عالم، شاعر ۽ مفتي، ان وقت جو قاضي القضات (Chief Justice) ھو.هن ڪيتريون ئي فتوائون سنڌي زبان ۾ لکيون هيون، جيڪي هن وقت اڻلڀ اهن. البته ”برہانپور کے سندھی اولیا٫“ جي ليکڪ سيد محمد مطيع الله ”برهانپوري“ هن سان ڪي ڪتاب منسوب ڪيا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ آيل فقه جي ڪتابن جهڙوڪ “ڪنز، قدؤري قافيا” تي جهڙي نموني ذڪر ۽ تنقيد ڪئي ڪئي، ان مان واضح آهي ته سندس ڪيترائي نثري ڪتاب لکيل هوندا.
سمن جي دؤر جي هڪ ٻئي عالم مخدوم محمد الياس (وفات 1528ع) جي باري ۾ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي معلومات پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز ۾ ڏني آهي. هو لکي ٿو ته: ”مخدوم جا ڪجهه مقولات سنڌي نثر جي نشاندهي ڪن ٿا، جيڪي سندس ملفوظات ۾درج آهن:
1- قرآن کي روزگار نه بنايو.
2- خدائي ذڪر سان دل کي روشن ڪر.
3- هيءَ دنيا روئڻ جي جاءِ آ، نه کلڻ جي.
4- عبادت اها ڪر، جنهن مان خدا کي ڏسين.
5- ٻين جو هڏ ڏوکي ٿيڻ ۾ خدائي قرب آهي“.(22)
سنڌ ۾ جڏهن ارغونن ۽ ترخانن جون هڪٻئي پويان حڪمرانيون قائم ٿيون ، تڏهن فارسيءَ جو اثر پنهنجي عروج تي پهتل هو. سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. سنڌ جي تاريخ تي فارسيءَ ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. سنڌ جي لوڪ داستانن کي فارسيءَ ۾ قلمبند ڪيو ويو. سنڌ جا فارسي حڪمران نه صرف فارسيءَ جا شاعر هئا، مگر هو فارسي علم و اب جي سرپرستي ڪندا هئا. ان جي باوجود سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي زبان جا عالم ۽ اديب موجود هئا، جن جا خطبا، فتوائون ۽ علم و ادب نثر ۾ چيل ۽ لکيل هئا.
هن دؤر ۾ نثر نويسيءَ جو مثال قاضي قادن جا خطبا ۽ خط آهن . هو هڪ شرعي عالم هو گهڻن علمن هئڻ سان گڏ هن مخلف وقتن تي ڪيتريون ئي فتوائون به ڏنيون هيون، جيڪي اڄ ناپيد آهن. قدرت قاضي قادن کي خط نويسيءَ سان به نوازيو هو، هن جا جذباتي ۽ احساساتي خط ڪٺور انسانيت جون دليون ميڻ وانگر رجائي ڇڏيندا هئا. شاهه بيگ ارغون جي تباهه خيزي ۽ قتل عام روڪرائڻ لاءِ هن کيس خط لکيو هو، جنهن ۾ غريب ماڻهن جي حالت جو به ذڪر اهڙي نموني ڪيائين جو هن ڦرلٽ بند ڪرائي.
ترخانن جي دور ۾ سنڌي شاعريءَ جو ”وهائو تارو“ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ٿي گذريو آهي. هو عالم به هو ته رهبر به هو. هو پنهنجن مريدن کي سمجهائڻ خاطر شعر به چوندو هو ته قول ۽ خطبا به ٻڌائيندو هو. سندس شاعري ءَ ۾ ڪيترائي نثري پهاڪا ۽ چوڻيون سمايل آهن. مثال طور:
(1) پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن.
(2) نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون.
هن جي وفات کانپوءِ سندس مريد سيد محمد رضا سندس شعرن، قولن ۽ خطن کي فارسي زبان ۾ هڪ ڪتاب”بيان العارفين في تنبيهه الغافلين“ ۾گڏ ڪيو. ان ڪتاب مان شاهه ڪريم جا ڪي خط ۽ خطبا ۽ قول مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب “رساله ڪريمي” ۾ ڏنا آهن. مثال طور:
1. هر ڪو پساهه هڪڙو قاصد آهي، جو گويا رب تائين نياپو ٿو رسائي. تنهنڪري جي ڪنهن پساهه نفس فوت ڪيو، تنهن ڄڻ ته خدا جو هڪڙو پيغام وڃايو.
2. نياز ڪندڙ ماڻهو، ميويدار وڻ وانگي آهي، جو ميوو به ڏئي ۽ ڇانو به ڪري. ۽ مغرور متڪبر ماڻهو کجيءَ وانگي آهي، جا سڀني وڻن مان قد ۾ ڊگي آهي، مگر جيترو قد اٿس اوترو نڪو ميوو ڏئي، نڪو ڇانوَ ڪري“.(23)
سنڌي ادب جي تاريخ کي جاچڻ سان خبر پوي ٿي تھ سنڌ ۾ جڏھن بھ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ ڪا تحريڪ شروع ٿي تڏھن نھ صرف نين ادبي صنفن جنم ورتو پر نثر نويسيءَ به ترقي ڪئي. ترخانن جي دور ۾ سنڌي سماج تي فارسيءَ جي جيڪا علمي، ادبي، لساني ۽ ثقافتي يلغار ٿي ھئي اھا ايتري تھ عروج تي پھتي جو ان جو رد عمل مغلن جي دؤر ۾ شروع ٿي چڪو ھو. اھا تحريڪ دراصل مخدوم جعفر بوبڪائي کان شروع ٿئي ٿي، جنھن پنھنجي عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾ عام پڙھندڙن لاءِ سنڌي فقرا استعمال ڪيا. پوءِ تعليم گاھن ۾ بيشمار اھڙا ڪتاب لکيا ويا، جن ۾ عربي-فارسي حرفن کي ردو بدل ڪري سنڌي لفظ ٺاھيا ويا.
مخدوم محمد جعفر بوبڪائي (وفات 1594ع ڌاري ) ارغونن ۽ ترخانن جي دؤر ۾ ٿي گذريو آھي. ھو پنھنجي دؤر جو عالم، اديب، شرعي ماھر ۽ تعليم دان ھو. مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان اڪثر زماني جي انقلابن سبب ضايع ٿي ويا.سندن تصنيفن ۾ ”حاصل الھنج“ اهم آھي، جنھن ۾ تعليمي تربيت تي بحث ٿيل آھي. انگريزيءَ ۾ ان ڪتاب جو مطلب (Methods of Education) ٿيندو.ھن صاحب پنھنجي عربي ۽ فارسي ڪتابن ۾ ڪيترائي سنڌي لفظ استعمال ڪيا. اوائلي دؤر ۾ اھي فقرا سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي نثر جو اھڃاڻ آھن. ان سلسلي ۾ سندس اھم مثال ھن جي ڪتاب ”حل العقود في الطلاق السنود“ (سنڌين جي طلاق نامي جي مسئلن جو حل) ۾ ملي ٿو. ھن ۾ سنڌي اصطلاحن ”ڇڏي“ ۽ ”ڇڏيم“ جي وضاحت ڪئي ۽ ھيٺين طور پنھنجي طرفان شرعي فيصلو عربيءَ ۾ لکيو، جنھن ۾ اھي سنڌي الفاظ ۽ اصطلاح آندائين:
” اِنˆ قال لِمَوˆ طوئتهِ "چھڏي ، چھڏي، چھڏي، او چھڏيم، ثلات مرات و اراد بالتڪرير التاسيس دون التاڪيد لايقع الاً الواحده“
يعني تھ جيڪڏھن ڪنھن مڙس پنھنجي زال لاءِ چيو تھ (مون ھي) ڇڏي، ڇڏي، ڇڏي يا ٽي ڀيرا ڇڏيم، ڇڏيم، ڇڏيم چيائين) مگر ائين ورائي ورائي چوڻ سان جيڪڏھن سندس مقصد پنھنجي گفتي تي زور ڏيڻ ۽ چٽي ڪرڻ جو (تاسيس) ھو، ۽ نھ (طلاق ڏيڻ خاطر) ارادي کي پڪو ڪرڻ (تائيد) تھ ان حالت ۾ اھو ھڪ طلاق (جي اعلان جي برابر) ٿيندو“.(24)
سندس ان تحرير مان معلوم ٿئي ٿو تھ ھن ”ڏ“ لاءِ موجوده صورتخطيءَ وانگر ”ڏ“ ئي استعمال ڪيو آھي. البتھ ھڪ ٻي ھنڌ ”ڇ“ لاءِ ”ڇھھ“ مرڪب حرف جوڙيو آھي.
مخدوم جعفر پنھنجي ٻئي رسالي ”استفتاء في ماتعارف قوم الطلاق“ ۾ پڻ مڙس پاران زال کي طلاق ڏيڻ بابت ھي جملا لکيا آھن:
”جي اون توسين کھاريان تھ توکي طلاق آھن- تھ مون طلاقن، ترن طلاقن اتي سنوه“.(25)
(جي آءٌ توسان گھاريان تھ توکي طلاقون آھن- تھ مونکي طلاقن – ٽن طلاقن جو اٿي سونھن/ قسم)
علامھ بوبڪائي پنھنجي ٽئين ڪتاب ”الحجة القوية“ ۾ بھ اھڙي ئي ھڪ مسئلي بابت لکيو آھي تھ:
”مون توکي طلاقون ڏنيون“ (مون توکي طلاقون ڏنيون) “.(26)
”طلاق اتي سنوه جين ھيو کم کندس نکندس – جين ھيو کم کريان – نکريان“
(طلاقن جو اٿئي قسم جي ھي ڪم ڪندس نڪندس، جي ھي ڪم ڪريان نھ ڪريان) “.(26)
(ب) وڌيڪ شرعي فتوائون ۽ سنڌي فقرا
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تھ مخدوم جعفر کان پوءِ سنڌ جي ٻين عالمن پڻ پنھنجي تحريرن، فتوائن، ۽ بياضن ۾سنڌي لفظن، اصطلاحن ۽ عبارتن تي لغت ۽ معنيٰٰٰ توڙي شرعي حڪم جي لحاظ سان بحث ڪيو آھي:
مخدوم حامد پنھنجي ھڪ رسالي (ڪتاب) ۽ ٻين تحريرن ۾ ھيٺيان سنڌي الفاظ ۽ جملا زير بحث آندا. جيڪڏھن ڪاوڙ مان ڪنھن پنھنجي پٽ کي چيو تھ :
”تڪر ماڻھ کي طلاق آھي.“
اصل صورتخطي: ] تکر مانھ کي طلاق آھي.[

مخدوم رحمت الله ٺٽوي
ڪنھن شخص زال سان جھيڙي وقت ڪاوڙ ۾ اچي ٽي دفعا چيو تھ:
توکي ڇڏيم توکي ڇڏيم توکي ڇڏيم.
اصل صورتخطي:] توکي چھڏئم توکي چھڏئم توکي چھڏئم [“.(28)
اھڙي طرح هن دور جي ٻين بھ ڪيترن عالمن جا ان قسم جا نثري فقرا ملن ٿا، جن ۾ عربي-فارسي- سنڌي صورتخطي استعمال ٿيل آھي.
مغلن جي دؤر ۾ سنڌي زبان مختلف رسم الخطن ۾ لکي ويندي هئي. عربي، فارسي، خطن سان گڏ سنڌي ديوناگري خط لکي ويندي هئي، انهن جا دستاويزي ثبوت موجود آهن. محترم سراج صاحب پنھنجي مضمون سنڌيءَ جو آڳاٽو ادب ۾ مغليھ دؤر جو ھڪ ڪاٻاڙو ڏنو آھي، جيڪو عيسوي سال 1640 کان 1650 جي زماني جو ٿئي ٿو. ڪاٻاڙي جو نقل ھيٺ ڏجي ٿو:
سنبت 1710: ورک ناريءَ (نھريءَ) چنڊ، گروار (خميس)ڏھاڙيءَ اکر ڪيا: ننگر ساموئيءَ ڀيتري ڏنڪ نامي: لھاڻي سور جيءَ پرئياڻيءَ لھڻا: اڌاراڻڪ نامي ڀاٽيي رامل تورسياڻيءَ ڪني رپيا 101 انگين اکرين سو ايڪوترا: پورا: کرا: آڪڙا: حالي ڇڪي (سڪي) جا: شاھجائي: وھاج (وياج) سان: وياج ماس پريت (در مھيني) ايڪ ايڪوترا ورتي ڏيندو: ڏيندي ھر ھج (حجت) ڪانه ڪندو: ناڙي ني (ڏسي ڪري) ڪاٻاڙو لکيو: ديس پرديس سھي (صحيح) : جڏھين سورجي پرئياڻي گھرندو تڏھين رامل تورسياڻي ڀري جباب (جواب) ڪندو: اجر (عذر) ۽ مالو (دير) نھ ڪندو: پيرو ماسڌ ھي ڪاٻاڙو انگي اڌارو نيائين: سھي (صحيح): ٻيو اجر(عذر) ڪونھ ڪندو:
مت: رامل تورسياڻي جما (جمع) ٿيا: اکر سھي: رپئين ايڪوتر سو: وھاج (وياج) پڻ ايڪوتر“.(29)
فارسي نستعليق جي لحاظ کان اگر ڏسجي ته سڄو مڪليءَ جو قبرستان خط نستعليق سان نثر توڙي نظم ۾ ڀريو پيو آهي.فارسي تاريخون انهن عالمن ۽ اديبن جون لکيل آهن، جيڪي ارغون، ترخان، مغليه ۽ پوءِ وارن دورن ۾ سرڪاري درٻارن سان وابسته هئا. سندن تاريخن ۾ قصه گوئي وڌيڪ آهي. عام ماڻهن جي حالت زار جي معلومات گهٽ آهي. فارسي زبان جي حيثيت سنڌ ۾ رياستي ٻولي جي هئي. حڪمران فارسي دان هئا.سنڌ جا مڪتب، مدرسا، وديالا، علمي و ادبي ڪتاب ، شعر و شاعري، تاريخ، منطق، مطلب تھ ھر شيءِ تي فارسيءَ جو غلبو ھو. سنڌ جا لوڪ قصا ۽ داستان فارسيءَ ۾ لکيا ويا.سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ جي باري ۾ ڪيترائي ڪتاب فارسي زبان ۾ تحرير ڪيا ويا.ان ڏس ۾ هي ڪتاب خاص ذڪر جوگا آهن: سيد محمد بن بايزيد پوراني ”نصرت نامهء ترخان (سن “968هه/1560ع) ، مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي بکري“ (سن 1009هه/ 1600)، سيد عبدالقادر ٺٽوي ”حديقتھ الاولياءَ“ (1016هه/ 1607)، ادارڪي بيگلاري ”بيگلار نامه“ (سن 1017هه/ 1608)، سيد محمد طاھر نسياني ”تاريخ طاھري“(سن 1030هه/1620)، ميرڪ يوسف ”تاريخ مظھر شاھجھاني“ (سن1044هه/ 1634) ۽ سيد ميران محمد ”ترخان نامھ“ (سن 1065هه / 1654ع) وغيره. صوفين جاملفوضات به هن دور ۾ لکيا آهن. مثال طور ٺٽي ميان محمد رضا ”بيان العارفين في التنبيهه الغافلين“ (سن 1038هه/1628ع) ۾ لکيو، جنهن ۾ پنهنجي مرشد شاهه ڪريم (بلڙي وارو) ، جا شعر ۽ گفتگو فارسيءَ ۾ لکي محفوظ ڪيائين. ڌارين حاڪمن سنڌ جي ثقافت کي سمجهڻ لاءِ ، هتان جي عشقيه داستانن بابت فارسي نثر ۽ نظم ۾ ڪتاب تيار ڪرايا، جن ۾ ادارڪي بيگلاري جو ”چنيسر نامھ“ ”حسن و عشق“،مير محمد معصوم جو ”ناز و نياز“ اهم آھن.
مغل دور جي نثر نويسي جي سلسلي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي ڪتاب ”مقالا قاسمي“ ۾ آيل هڪ مضمون ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ مغل دؤر ۽ ان کان اڳ وارن دؤرن سان وابسته سنڌي نثر جا نمونا ڏنا آهن.هو لکي ٿو ته ”اسان کي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان به گهڻو اڳ جا سنڌي نثر جا نمونا ۽ عبارتون هٿ آيون آهن، جيڪي هڪ فقهي فتاويٰ ”بياض“ ۾ آيل آهن. اهو سنڌي نثر وارو مجموعو ان فقهي بياض جو هڪ الڳ باب ۽ عنوان آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري اڍائي سؤ سال اڳ جا ڪتب آندل سنڌي نثر جا جملا ۽ عبارتون آيل آهن، جيڪي هتي سنڌ جي هندو رهاڪن ۽ رعايا کان ٻڌا ويا ۽ انهن تي ان دور ۾ قاضين ۽ مفتين پنهنجا فيصلا ۽ فتوائون صادر ڪيون ۽ انهن جي تقريظ ۽ تصديق، وقت جي ٻين وڏن شرعي عالمن ڪئي ۽ مُهرون لڳايون. سنڌي نثر جي نمونن جي فيصلن ۽ فتوائن سان لڳاپا رکندڙ ماڻهن جي نالن، تاريخ ۽ سن کي هتي بيان ڪيو آهي:
(1) هن بياض جي ورق 428 تي هڪ واقعو 13 صفر سن1100هه جو بيان ٿيل آهي ته نالي موسيٰ پٽ حاجي خضر جي چانديءَ جي منڊي هڪ هندو وٽ ڳهه رکي. اڳتي هلي ٻنهي جو وياج تي جهڳڙو ٿيو، ان تي ان هندو هي جملا زبان مان اچاريا:
”شرع محمد جي مُن مڃي قبول، شرع محمد جي مُن مڃي“
(2) ورق 434 تي هڪ عربي عبارت:
”قال رسول الله صلي الله عليہ وسلم کذا وکذا“
(3) ورق 437 تي هڪ هندو نالي ٻالجند جو هي جملو اچاريل آندو ويو آهي:
”آءٌ وَانِيُو نَاهيان“
(4) ورق 425 هتي هڪ هندو عورت جو مسلمان کي خطاب
”ادا محمد صالح“ آيل آهي.
(5) ورق 428 تي هڪ هندو جي واتان هي جملو اچاريل آهي:
”هَلُ آءٌ تو جِهَرُو آهِيَان“
(6) ورق 437 تي اچي ٿو ته 14 شعبان مهيني جي 1155هه تي سومهڻي جي نماز کان پوءِ جو واقعو آهي ته چيٽو پٽ مسمات جِتان جو ٺٽي ۾ مڪلي دروازي تي بيٺو هو، جو سنڌيءَ ۾ هي اکر اچاريائين:
”آنکهي نَبِيَّ جو کَهَتُن آهي جي پِرَ تي نه هَلندا.“
(7) 438 تي اچي ٿو ته هڪ هندو عورت، هڪ مسلمان نالي احمد ڪينيگران جي گهر آئي، ان سان ڳالهائيندي چيائين ته تون بي ايمان آهين
”اَسِ ايمان تَها رکڻو“
(8) ورق 439 تي اچي ٿو ڪن مسلمانن هڪ غير مسلم کان پنهنجي حق جي گهر ڪئي. هو ان جي ڏيڻ ۾ سستي کان ڪم وٺي رهيو هو. تنهن تي هڪ مسلمان ان هندو کي چيو ته:
”تُن اَساس ستَم، تو کري شَرعَ مُحَمَّد جي مَڃيء ڪِ نَه“
هندو ان کي ورندي ڏيندي چيو:
”شَرعُ مُحَمَّد جِي مَڃيِم پَرَ آهِجِي شَرعِي قَاضِي گذرُو.“
ان طرح سنڌي نثر جا اهي اٺ نمونا هن سلسلي جي هڪ نئين کوجنا ۽ تحقيق آهي“.(30)
مغليھ دؤر جي علمي ۽ ادبي تحريڪ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ پنھنجي عروج تي پھتل ھئي. سڀ کان اول عزت بن سليمان نالي هڪ ڪاتب سنڌي عالمن جي لکتن تي “منظوميا” جي عنوان سان ڪتاب ۾ گڏ ڪيو. اهي سڀ ”منظوميا“ نظمي نثر ۾ هئا ۽ ان ۾ ڪيترن عالمن جو مذهبي ادب لکيل هو. اهو اوائلي نثري نظم بهترين ثبوت هو. ان ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شايع ڪرايو. پر ان تحريڪ جو اڳواڻ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ کي چئبو. مخدوم ابوالحسن ٺٽوي(وفات 1703ع ڌاري) جي خانداني درسگاھھ ٺٽي ۾ ھوندي ھئي، جتي پاڻ تعليم و تربيت ڏيندا ھئا. مخدوم صاحب بنيادي طور تي معلم ھو پر ٻوليءَ جو بھ وڏو ڄاڻو ھو .ھن سان 1703ع ۾ ھن طويل نثري نظم ۾”مقدمتھ الصلواة“ تحرير ڪيو. جيڪا الف-ب جوڙي، ان کي ”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“ ڪري سڏيو وڃي ٿو“.(32) ھن ڪتاب جو مقصد بيان ڪندي مخدوم صاحب لکيو آھي تھ:
”ڪارڻ طلب طالبين، رسالو لکيوم. مقدمتھ الصلواة سندي نالو تنھن رکيوم“
ھن ڪتاب ۾ اسلامي شرعي اصولن جون سمجھاڻيون ھيون.مثال طور روزي، نماز، زڪوات، حج، ثواب، گناھھ، شرڪ ،ايمان وغيره جو بيان واضح ٿيل آھي.هن قسم جي ڪتابن ۾ هٿرادو قافيو هڻي، نثرکي زوري نظم بڻايو ويندو هو. هن ڪتاب ۾ ڪي صاف نثري فقرا پڻ آهن. مثال طور :
“ڍلا ڪڍ ڀلن جي رڙهي راهه پون ”.
ڪلهوڙن جو دؤر (1717ع – 1782ع) جي دؤر ۾ ملڪ جي مشهور درسگاهن توڙي عام مڪتبن ۾ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جو سرشتو پختن بنيادن تي قائم ٿي چڪو هو. وقت جا جيد عالم ۽ قابل استاد ان تحريڪ سان شامل ٿي چڪا هئا. سنڌي نثر جي هڪ خاص قسم جي تشڪيل به ان دؤر ۾ ٿي هئي .
مخدوم ضياءُ الدين (1767ع- 1758ع) جوڻ نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. مخدوم عنايت الله کان ۽ مخدوم محمد معين کان علم پرايائين. ھن با ڪمال بزرگ عالم ٺٽي ۾ پنھنجو مدرسو قائم ڪيو. درس و تدريس وٺندي وٽائنس ڪيترائي عالم ۽ فاضل پڙھي پختا ٿيا، ھن پنھنجي ٺاھيل سنڌيءَ ۾ ڪتاب ۽ ”مخدوم ضياءُ الدين سنڌي“ نالي ڪتاب لکيو ۽ ان ۾ مخدوم ابوالحسن جي ڪتاب کان ڪجھھ وڌيڪ ديني مسئلا بيان ڪيا. ڪتاب جي منڍ ۾ ڪتاب تيار ڪرڻ جو سبب ڏيکاريندي لکي ٿو تھ:

مسائل جي دين جا، سي گھڻا ۽ گھاٽا
سڀني ڪتابن جي عالمن لکيا ۽ چيا
تنھنجي منجھان ڪيترا مون سنڌيءَ ۾ لکيا
تھ سنڌي سکھي سڀڪو، پڙھي سھج منجھان


مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي (1690-1761ع) جو جنم تعلقي مير پور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو. سندس شمار دنيا جي انھن عظيم الشان علماءِ دين ۾ ٿئي ٿو، سندس تصنيفن جو تعداد 150 کان مٿي آھي. سندس ڪتابن مان 40 کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن. انھن مان 8 سنڌي زبان ۾، 12 فارسي زبان ۾ ۽ 20 ڪتاب عربي زبان ۾ آھن. سندس سنڌي ڪتاب نثري نظم (Poetic Prose) ۾ لکيل آھن. ھينئر سندس ڪيترا ئي ڪتاب صاف نثر ۾ بھ شايع ٿي چڪا آھن. هن پنهنجي فارسي ڪتابن ۾ به سنڌي لفظ ۽ فقرا استعمال ڪيا آهن. سندس سنڌي ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن :
(1) اصلاح مقدمتھ الصلواة :-ھي ڪتاب مخدوم ابوالحسن جي ”مقدمتھ الصلوات“ جي اصلاح خاطر لکياين. مخدوم صاحب پنھنجي علمي ڄاڻ مطابق ابو الحسن ٺٽوي جي ڪتاب ۾ اضافا ۽ اصلاح ڪئي آھي. ھي ڪتاب بھ ساڳي نموني نظمي نثر ۾ لکيل آھي.
(2) بناءِ الاسلام :-اسلامي عقيدن جي بيان لاءِ 1143 ھجريءَ ۾ مخدوم صاحب جو سنڌي نظمي نثر ۾ ڪتاب لکيل آھي. ھن ڪتاب ۾ خدا جي وحدانيت جو ذڪر آھي،
(3) تفسير ھاشمي پاره عم:-سنڌي نظمي نثر ۾ سال 1162 ھجريءَ ۾ مخدوم صاحب جي جوڙيل پاره عم (سورة النبياءَ کان وٺي سورة الناس) جي تفسير تي ھي ڪتاب مشتمل آھي.
(4) تنبيهه نامون:هي ڪتاب بي نمازين ۽ عاشورن بابت آهي.
(5) راحتھ المؤمنين:-ذبح ۽ شڪار، حلال ۽ حرام جانورن بابت تفصيل سان 1130 ھجريءَ ۾ سنڌي نظمي نثر ۾ ھي ڪتاب جوڙيل آھي.
(6) زاد الفقير: ھي ڪتاب، مخدوم صاحب 1125 ھجريءَ ۾نظمي نثر ۾لکيو. هي ڪتاب روزي ۽ اعتڪاف جي مسئلن بابت آهي.
(7) فرائض الاسلام:ھن ڪتاب ۾ اھي سڀ مسئلا سمجھايا ويا آھن، جيڪي ھر مسلمان کي پنھنجي زندگيءَ ۾ بجا آڻڻا هوندا آھن.
(8) قوت العاشقين : ھي ڪتاب حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جن جي معجزن بابت لکيل آھي. ھن ڪتاب کي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ صاف نثر ۾ آڻي ”قوت العاشقين مٺي مرسل جا معجزا“ جي نالي سان شايع ڪرايو آھي. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ ھيٺيون جواز پيش ڪيو اٿن:
عربي اڄاڻن کي گھڻو ڏھلي ھوءِ، مھکي ڪريان سنڌي، جيئن پڙھي سڀڪوءِ
مخدوم عبدالله نرئي (1737-1821ع) ولد ميان عبدالقادر جو جنم ڳوٺ مانڌر ضلعي بدين ۾ ٿيو. مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ھو. ٺٽي مان تعليم حاصل ڪري”نريي“ ۾ رھڻ لڳو. ان حساب سان ”نرئي“ سڏائيندو ھو. مخدوم عبدالله ھڪ باشريعت انسان ھو ۽ معلم ھو. ڪيترائي نظمي نثر ۾سنڌي ڪتاب لکيائين. سندس سنڌي ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن :
”قمر المنير “ ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم جن جي سيرت بابت آهي.
”بدر المنير“ ڪتاب بھ سيرت جو ڪتاب آھي.”سڱ نامو“ ۾ مسلمانن جي معاشرت تي لاڳاپن سان ڪن خاص شرعي احڪامن جو تفصيل ڏنل آھي. مخدوم صاحب پنھنجو مشھور ڪتاب ”ڪنزالعبرت“ 1762ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ ان جي لاءِ لکيائين تھ:
تحقيق جڏھن ھي تمام ٿيو نسخو سنڌي واءُ، تڏھن "ڪنزالعبرت" سنڌي رکيم تنھنجو ناءُ
ڪتاب ”نور الابصار“ ۾ فرض نمازن ۽ روزن کانسواءِ ٻين نمازن متعلق شرعي مسائل ۽ ٻيا شرعي مسئلا جمع ڪيل آهن. ھي ڪتاب 1779ع ۾ لکي پورو ڪيو.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1778-1739ع) لاءِ مشھور آھي تھ ھو ساماري تعلقي جي ھڪ ڳوٺ گرھوڙ شريف ۾ ڄائو ۽ ذات جو مڱريو ھو. ھڪ ٻي روايت اھا بھ آھي تھ ھو راڻي پور (ضلعي خيرپور ميرس) جي ڀرسان مڱرين جي ڳوٺ جو ھو ۽ بعد ۾ اتان گرھوڙ، ضلعي سانگھڙ ڏانھن ھليو ويو.
مخدوم صاحب پنھنجي دؤر جي عالمن وانگر سنڌي لفظن کي عربيءَ وانگر استعمال ڪيو آھي. مخدوم صاحب پنھنجي دؤر جي رواج موجب نظمي نثر ۾ ڪتاب لکيا. مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جا نثر ۾ گفتا موجود آهن، جن مان گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته خبر پوي ٿي ته ورهيه اڳي هڪ بزرگ جا نثري مقولا قلمبند ڪيا ويا هئا. هيٺ سندس قول، جي سنڌي نثر جي هڪ آڳاٽي نشاني آهن، انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ٽڪ ڏنگڙي هلي، کڙا ياسڻي جهلي.
(2) راڻي راو سان رُچي، ابو ڀائن ري اچي.
(3) ڪافر ڪفر کان اڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اجار.
(4) ملون بهشت ڏي هلاءِ، چَتوُن پڙهي پروجاءِ.
(5) ملون ڪيئن بهشت ۾ اچي، ڪوئي سير سون سين نچي.
(6) ٻه پهياڄون پرچاءِ، ٿلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ.
(7) رزق ڪنهن پر اچي؟ جيئن مينهڙو وسي.
(8) ماسي مانڙي پچاءِ، امان کٽڙي وڇاءِ، ابا مِهتڙي اڏاءِ.
(9) حاجون سي ڪجن، جيائين ڪاڄڙا سڄن.
(10) ڳالهڙيون تيئن ڪجن، جئين مڇڙيون کاڄن.
(11) ڪوئو سڀ پڇ سين نهي، ڪنهن پر ٻر ۾ پهي.
(12) اونداهي ۾ سوجهرو نيشاني نبي، تارا يار رسول جا سکي ڪج قوي.
(13) ڏيڻ انهيءَ جو ڪم، بندو ڪڄاڙو ڏيندو، بندو سگهوئي ورچي.
(14) چڱائي ڪجي، ڪنهن جي نه وڃائجي.
(15) جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ نه پڇجي..(32)

مولوي عبدالخالق ٺٽي جو رھواسي ھو ۽ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي جو شاگرد ۽ مريد ھو. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ مخدوم محمد ھاشم جي درسگاھھ ۾ معلم مقرر ٿيو.سندس ھڪ ڪتاب”مطلوب المؤمنين“ آهي . ھن ڪتاب ۾ مصنف ھر ھڪ عمل ۽ اخلاق جي بيان ۾ قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون شاھدي طور پڻ ڪتب آنديون آھن. نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
ڪارڻ طلب طالبين ھي رسالو لکيوم، ”مطلوب المؤمنين“ سنڌي نالو تنھن رکيوم.
ھن دؤر ۾ سڀ لکيل ڪتاب الف اشباع واري نظم ۾ آھن. جن کي هاڻي نظمي نثر (Poetic Prose) به چيو وڃي ٿو. ھاڻي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو تھ ”سنڌيون“ يا ”الف اشباع“ جا ڪتاب نثر آھن يا نظم؟ ان بحث تي سنڌي عالمن ۾ اختلاف آهن. بهرحال، ان مسئلي جو آسان جواب ھي آھي تھ ”اھي سنڌي نثر جا ابتدائي اھڃاڻ آھن“، ڇو جو:
(1) ڪلھوڙن جي دؤر ۾سنڌي شعر ترقي ۽ ڪماليت تي پھتل ھو.ان دؤر ۾شاعراڻو ذوق وڌيل ھو اھو ئي سبب آھي تھ خالص تعليم ۽ مذھبي ڪتابن تي شاعراڻو رنگ چڙھيل ھو. ڇا ڪاڻ جو انھن ۾ ھٿرادو قافيي کان سواءِ ڪو بھ شاعراڻو رنگ نھ آھي، جنھن جي ڪري اھو نثر پر تڪلف ۽ مصنوعي بڻجي پيو آھي.
(2) جيئن تھ اھو دؤر شاعريءَ جو دؤر ھو ان ڪري نثر تي بھ نظم جو اثر غالب ھو.
اھو حال صرف سنڌي ادب جو نھ آھي، اگر اسان انگريزي ادب ۾ ”ايلزبيٿ دؤر“ (1500-1600ع) کي ڏسون تھ ساڳيو ورجاءُ ملندو. ھن دؤر جي ڊرامن کي بغير قافيي واري نظم (Blank Verse) ۾ لکيو ويندو ھو. شيڪسپيئر ۽ ڪرسٽوفر مارلو جا سڀيئي ڊراما نثر جي بجاءِ بغير قافيي واري نظم ۾ آھن. اھڙي طرح ان دؤر ۾ سر فلپ سڊني جي لکيل داستان ”آرڪيڊيا“ (Arcadia) پڻ نثري نظم يا پر تڪلف تحرير (Euphism) ۾ آھي.
(3)ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي ڳالھھ وڏو وزن رکي ٿي تھ ”سنڌي اد ب جي تاريخ لکندڙن کان ھڪ وڏي غلطي ٿي آھي جو ھنن مذھبي ادب جي جملي ڪتابن کي شعر جي دفعي ۾ داخل ڪرايو آھي، ليڪن ڏٺو وڃي تھ انھن ۾ سواءِ ھٿرادو قافيي جي ٻي ڪا بھ شاعراڻي خاصيت ڪانھ آھي.شعر ۾ تخيل کي واقعي تي ترجيح ڏني ويندي آھي، جيتوڻيڪ شعر ۾ زندگيءَ جي ٺوس حقيقتن کي بھ بيان ڪيو ويندو آھي ليڪن اھو شاعراڻي پيرايي ۾ ڪيو ويندو آھي. جنھن ۾ لطافت، رنگيني، احساس ۽ جذبي جو دخل ھوندو آھي. انھن ڪتابن ۾ ڪو بھ شاعراڻو خيال سمايل نھ آھي. سڀيئي ڪتاب، شعر ۽ فقھي مسئلن تي لکيا ويا آھن، جنھن ڪري ان کي قافيي وارو نثر يا شاعراڻو نثر چوڻ مناسب ٿيندو“.(32)
(4) ان ڏس ۾ ھڪ دليل اھو بھ ڏئي سگھجي ٿو تھ مخدوم ھاشم ٺٽوي ۽ ڪجهه ٻين عالمن جي ڪيترن ئي ڪتابن کي ھاڻي صاف نثر ۾ بھ شايع ڪرايو پيو وڃي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ لکيل صاف نثر جي ڪتاب ”جنت الفردوس“ جي نسخي جي باري ۾ پروفيسر قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو تھ "جنت الفردوس جو ھي نسخو دستياب ٿيل نسخن ۾ سڀ کان آڳاٽو آھي. ھن ڪتاب جي ڪتابت سن 1155 ھجريءَ ۾ موٿيار جن جي ھڪ مشھور ميان ابراھيم بن ڇٽھ جي ڪيل آھي. ڪتاب جو مصنف مولانا محمد عرف نصير الدين ڪنيت ابو سراج بن سلطان لانگاھھ آھي. ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تھ پاڻ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو معاصر ھو ۽ کانئس متاثر ٿي ھي ڪتاب تصنيف ڪيائين. ڪتاب جو مضمون گھڻي ڀاڱي مقدمتھ الصلواة جھڙو معلوم ٿئي ٿو. ھي سنڌيءَ ۾سڀ کان قديم ڪلاسيڪل نثر آھي. مثلاً؛ جنت الفردوس جي عبارت :
شرط ايمان جا عالم انئي جون، عاقل بالغ جي تياءِ آءٌ ڪلمو جون
حکم سڀ حکيم جا ثابت متي تن شرط ايمان سين جو باني جا بانن
جا دين اسلام ايمان جو آءُ جا حقيقت جي کن فرمايو .....الخ“.(33)
”دعاءِ ڪيميائي سعادت“ جو قلمي نسخو قاضي ميان عبدالحڪيم جي تصنيف ڪيل آھي. ھن قلمي نسخي کي بھ پروفيسر قريشي حامد علي خانائي، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ متعارف ڪرايو . ھو لکي ٿو تھ ڪتاب جي منڍ ۾شاھھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سنڌ جي ٻين شاعرن جي ڪلام مان چند بيتن جو انتخاب ڏنل آھي. ان کانپوءِ وري قرآن ڪريم جي سوره ياسين جو منظوم ترجمو ۽ تفسير بيان ڪيل آھي.آخرين رسالي ۾ دعائي ڪيميائي سعادت نالي ھڪ ننڍڙو رسالو تصنيف ڪيل آھي. سمورو ڪتاب سعادت سان ڀريل آھي.دعائي ڪيميائي سعادت جي عبارت:
”پَھريمُُ ايت شھد الله سنيئيءِ ٻريءَ تان سلامءٌ سنئيءُ
منجھ ٻي رکعتمِ سوره الضحيَ جڏه پري فارغ ٿيي
تڏه پاره پرکا ھي دعا کيما سعادة پري تان
تري ڏيه غلامن جي دعا قبول ٿينيءِ “.(34)
ٽالپرن جي دؤر ۾ سنڌي تعليم ايتري قدر تھ ترقي ڪري چڪي ھئي جو ان دؤر جو عالم آخوند عزيز الله، قرآن شريف جو سنڌي ٻوليءَ ۾ترجمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھي ترجمو پراڻي عربي آئيويٽا ۾ آھي، پر عربي-سنڌي رسم الخط جي لحاظ کان بنيادي حيثيت رکي ٿو. نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
خبر ڏي مؤمنن کي جن عمل ڪئا صالح تحقيق اُن لاءِ بھشت اٰھين جاري ھوندا ڪنا ھيٺ انھيءَ چشمان جڏھه کيندا ڪنا ان ميون طعام کے چوندا ھئي طعام کاڌو سون اڳي جھرو ۽ ھوندو رنڱر ۽ چاشنيءَ مين مشابهه ۽ مؤمنن لاءِ منجھه ان حورون پاڪيزيون ھونديون ۽ اوءِ منجھه ان ھميشاھه ھوندا“.(35)
”آخوند فتح محمد (1791-1903ع) بن شيخ محمد اڪرم روهڙي شهر ۾ نئين قائم ڪيل سنڌي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر ڪري رکيو ويو ۽ آخر ۾ پاڻ انهيءَ عهدي تان پينشن تي لٿو.آخوند ميان فيض محمد شعر و شاعريءَ سان گڏ، نثر نويسيءَ ۾ به يگانه روزگار عالم هو. کيس سنڌي خواه فارسي نثر تي استادانه دسترس حاصل هئي. هن فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. آخوند صاحب جو اهو سمورو علمي ۽ ادبي پورهيو، زماني جي حادثن جو شڪار ٿي چڪو آهي. هن وقت سندس فارسي نثر ۾ لکيل سوانح حيات ”ناله راز“، سنڌيءَ ۾ منظوم”ڪريما سعدي“، چند فارسي غزل، سنڌي ۽ سرائڪي ڪافين کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو ملي“.(36)

”مخدوم عبدالواحد متعلوي ٽالپرن جي دور مٽيارين جو عالم هو هن پهريون دفعو عربي ۽ فارسيءَ جي جاءِ تي سنڌي زبان ۾ فتوائون لکڻ شروع ڪيون. ان دور جي نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو، جنهن ۾ مخدوم عثمان طلاق جي مسئلي کي هيٺين عبارت ۾ کولي سجهايو آهي:
جيکو چوء ته جي فلانو ڪم ڪئم ته منکي مصحف چکندو ڪه منتي ڪه منپٺيا مصحف ڪه الحمد ڪه کلمو آه ته ڪرن سان ان ڪمجي قسم نه پوندو پر سببا نه تعظيم ڏين مصحف ڪ الحمد ڪ کلميجي کنهکار ٿيندو تنهنکري آگيا الله تعاليٰ جي سچ سان توبهء استغفار کري 12- ميان عبدالواحد متعلوي“
ميان عبدالواحد جي ڏنل هي فتويٰ، اڏيري لعل جي مشهور عالم سيد علي محمد شاهه پنهنجي هٿ لکيل ’بياض سيدي‘ ۾ائين نقل ڪئي آهي. چئي نٿو سگهجي ته اصلوڪي عبارت جي صورتخطي ائين هئي يا سيد علي محمد شاهه ائين ڪري لکي“.(37)
اهڙي طرح پيرمحمد بقا، پير محمد شاهه راشد ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن جا ملفوظات، قرآن شريف جا تفسير ۽ ترجما ۽ ڪاتبن جا نسخا موجود اهن. خاص طور تي ان دور سان وابسته پير محمد بقا راشديءَ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن شريف جو تفسير هڪ اعليٰ مثال آهي. هن دؤر ۾ خليفي محمود نظاماڻي )وفات 1851ع)جو نالو اچي ٿو. پاڻ مخدوم هاشم ٺٽوي جو مريد ۽ پهريون خليفو هو. ڪيترائي شاعري ۽ نثر جا ڪتاب لکيائين، جن ۾”مجمع الفيوضات“ (فارسي 1832)، ”محبوبيته المحموديه“ ،”گلشن اوليا“ (فارسي 1242)، ”مڪتوبات شريف“ (خط)۽ ٻه ملفوظات شامل آهن. خليفي محمود نظاماڻي جي فارسي ڪتابن ۾ سنڌي جا ڪيترائي فقرا ۽ جملا ملن ٿا.سندس تصنيف ”مجمع الفيوضات“ ۾ پنهنجي مرشد روضي ڌڻي جي ملفوظات کي گڏ ڪيو اٿن“.(38) هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر جا اوائلي نمونو ملن ٿا.مثال طور :
”ڏ ڏو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، هو نه ڀڄي ته پاڻ اٿي ڀڄي“
ٽالپرن جي دؤر جون ڪي نامعلوم ليکڪن جون لکتون ملن ٿيون ، جيڪي صاف نثر ۾ لکيل آهن. مثال طور هڪ هنڌ دعا جو متن اچي ٿو ته:
” جي ڪجا ڪئم
جيڪي پڌرا ڪئم
تن سڀن کناهنون آءُ توبه
تو ڪريان اڪه
ٻن مسلمان آهيا
مان“.(39)
ٽالپور اميرن واري دور م سنڌي نثر ۾ ٻيا ڪي ڪتاب لکيا ويا، پر انگريزي دور ۾ انهن ڏانهن بي توجهي سببا اهي ضايع ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته ” ميرن جي صاحبي جا نثر ۾ جڙيل ٻه ٽي ڪتاب ٻڌجن پيا، پر اڄ تائين ڇپجي پڌرا ڪونه ٿيا آهن“.(40)


حوالا
1. مختيار احمد ملاح: ”ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ،2015ع، ص 339،340
2. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس“ (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر،ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 29، 30
3. مختيار احمد ملاح:”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 76
4. محمد جمن ٽالپر:”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“، سنڌي ساهت گهر، حيدآباد، 2007ع
5. مختيار احمد ملاح:”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“،سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 76
6. جيرام داس:”سنڌي ٻوليءَ لپيءَ جو اتهاس“،سنڌي لئنگئنيج اٿارٽي، حيدرآباد ، 20ع، ص 36
7. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص20
8. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌ هندستان جو دروازو”، سه ماهي مهراڻ ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، نمبر 3/1962ع
9. ايڇ. ايم.ايليٽ: ”سنڌ جي تاريخ” (ترجمو عطا محمد ڀنڀرو)، نيشنل بڪ فائونڊيشن ، اسلام آباد. 2000ع ص 129
10. ساڳيو حوالو ، ص130
11. پرم اپيچنداڻي:”ست سار“،پوجا پبليڪيشن دهلي،1980ع، ص 75-76
12. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽون“، اکل ڀارتيه، سنڌي ساهتيه، دهلي، 1999ع، ص 97
13. علامه سيد سليمان ندوي:“عرب و ہند کے تعلقات“ ڪريم سنز جمشيد روڊڊ، ڪراچي 1976ع
14. پير حسام الدين راشدي : “منصوره جي تاريخ جو هڪ باب” سه ماهي مهراڻ ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، نمبر 1962/1
15. ديوان گنگارام سمراٽ: ”سنڌ جا قديم شاعر ۽ عالم“،ماهوار نئين زندگي، 1954ع
16. ڊاڪٽر غلام علي الانا:”سنڌي نثر جي تاريخ“، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص4
17. ايم ايڇ پنهور :“تصوير سنڌ” (ترجمو عمر سومرو)، سنگم پبليڪيشن، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران 2006ع ص 231
18. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2002ع، ص 45
19. ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي: ”مخدوم بلاول“،سه ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع
20. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1999ع، ص 189
21. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ نيو ڪاٺيواڙ بڪ اسٽور، ڪراچي، 2006ع، ص 69
22. پروفيسر ڊاڪٽر حامد علي خانائي:”ساهتي جا قديم علمي مرڪز. (پي . ايڇ ڊي ٿيسز، قلمي)، 1985ع، ص 534، 535
23. مرزا قليچ بيگ : “رساله ڪريمي” قيصريه پريس، حيدرآباد، 1914ع ص 32
24. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 254-255
25. مخدوم جعفر بوبڪائي: ”البيان المبرم في قول السنود“ (قلمي)، ص- 23، موجود قاسميھ لائبريري ڪنڊيارو
26. مخدوم جعفر بوبڪائي: ”اِستفتاءُ في ما تعارف قوم القوم الطلاق“ (قلمي)، ص- 66، موجود قاسميھ لائبريري، ڪنڊيارو
27. مخدوم جعفر بوبڪائي: ”الحجة القوية جواب الرسالة الحلفيه“ (قلمي)، ص-3/ب، 5/پ، 6/ب، موجود قاسميھ لائبريري، ڪنڊيارو.
28. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 256 ، 257
29. سراج :”سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل “، سراج انسٽيٽوٽ آف سنڌ اسٽديز، ڪراچي، 2016ع، ص 370
30. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي:”مقالات قاسمي“، نظير احمد قاسمي، 2000ع
31. مختيار احمد ملاح:”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 126
32. علامه عمر بن دائود پوٽو: ”مضمون ۽ مقالا“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي، حيدرآباد، 1978ع
33. شمس الدين عرساڻي:”سنڌي نثر جي شروعات“ (نئين زندگي آڪٽوبر 1964ع
34. قريشي حامد علي خانائي:”سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ“ (مهراڻ 1971ع)
35. ساڳيو حوالو
36. قريشي حامد علي خانائي : ”مقالات خانائي“،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع، ص 193
37. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 262، 263
38. عبدالرحيم نظاماڻي :”ٻري جن ٻاري“، سيرت ۽ سوانح حضرت خليفو محمود نظاماڻي“ (انٽرنيٽ تان کنيل)
39. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“، سنڌي لئنگئينج اٿارٽي، حيدرآباد، 1992ع، ص 144
40. ڀيرومل مهرچند: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“،سنڌي ادبي بورڊ ، ڄامشورو، 1972ع، ص 105