لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

اڻويهين صديءَ ۾ تعليمي ادارن جو سنڌي نثر نويسيءَ جي ترقي ۾ حصو

ڊاڪٽر برنس 1828ع ۾ جڏهن سنڌ جو دورو ڪيو هو ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ ۾ تعليم جي شعبي ۾ اهم ترقي ٿي آهي ۽ ٽالپر هن لاءِ ساليانو وڏي رقم خرچ ڪندا آهن“.(1) ٽالپرن جي دؤر اقتدار ۾ رچرڊ برٽن سنڌ ۾برٽش ريزيڊنٽ ٿي آيو، هن ملڪ جي درس ۽ تدريس جي نظام تي روشني وجهندي ان وقت جي مڪتبن ۾ عام طرح رائج ٿيل “سنڌي تعليمي نصاب” جي فهرست Sindhi Curricula ڄاڻائي آهي. جنهن ۾ هيٺيان نثر ۽ نظم جا ڪتاب شامل آهن:
1- سيف الملوڪ
2- ليليٰ مجنون
3- حڪايات الصالحين (عربيءَ مان ترجمو ) مؤلف ملا عبدالحڪيم.
4- لاڏاڻو (عربيءَ مان ترجمو) مؤلف ميان عبدالله.
5- معراج نامو (عربيءَ مان ترجمو) مؤلف اسماعيل
6- سئو مسئلا (عربيءَ مان ترجمو)
رچرڊ برٽن لکي ٿو ته “شاگردن کي ابتدائي تعليم مادري زبان (سنڌيءَ) ۾ ڏني ويندي آهي. جنهن جي تڪميل هنن کي تيرهن سالن جي عمر تائين ڪرڻي پوندي آهي. ان بعد هو فارسي تعليم ڏانهن رجوع ڪندا آهن“.(2) ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انگريزن کان اڳ ۾ سنڌي زبان کي ملڪ جي تعليمي نظام ۾خاص درجو حاصل هو ۽ ان ۾ نظم ۽ نثر جو ڪافي ذخيرو گڏ ٿي چڪو هو.
سنڌ جي ڌرتيءَ تي پهريون انگلش اسڪول 1841ع ۾ ڇانوڻي (هاڻوڪي صدر) واري علائقي ۾ چاليهن ريجمينٽ جي انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ پهرئين سال 50 شاگرد داخل ٿيا هئا. هي اسڪول صرف انگريز فوجين جي ٻارن لاءِ هو“.(3)
1843ع ۾ جڏهن سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو ۽1847ع ۾ سنڌ ۾هنن ڪمشنري نظام هيٺ حڪومت شروع ٿي ۽ مسٽر پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. هن 1847ع ۾ سنڌ ۾تعليم جي صورتحال جاچڻ لاءِ پنهنجي ماتحت آفيسرن کان رپورٽون طلب ڪيون. سڀني جو جواب لڳ ڀڳ هڪڙوئي هو ته سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ ڪو به اسڪول هلندڙ نه آهي، البته ڪجهه انفرادي ڪوششن سان مدرسا ۽ مڪتب مختلف حصن ۾ هلندڙآهن . ٻيو ته هنن پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته سنڌي زبان ۾شايع ٿيل هڪڙو به ڪتاب موجود نه آهي، البته ڪٿي ڪٿي قلمي پستڪ موجود آهن“.(4) اهي رپورٽون پڙهي مايوسي ٿئي ٿي ته سنڌ جا اڳوڻا حڪمران تعليم ۽ علم و ادب جي معاملي ۾ ڪيترا ته غافل هئا. هنن وٽ شايع ٿيل ڪو به ڪتاب نه هو، البته تاريخي حوالن مان خبر پوي ٿي ته انگريز عملدارن اوڻوهين صديءَ جي شروعات ۾ پنهنجي خاص غرض سان سنڌي زبان ۾ ڪي ڪتاب لکيا يا سنڌ جي مختلف معاملن تي رپورٽون تيار ڪيون. بهر حال، اوڻوهين صديءَ کان اڳ سنڌي زبان ۾ نثري ادب جا مڪمل ڪتاب نه ٿا ملن.
اوڻوهين صديءَ جي پوئين حصي ۾سنڌي الف-ب جي جڙڻ، تعليمي ادارن جي قائم ٿيڻ، تعليم جي ڦهلاءَ سبب سنڌي نثر جي تحريڪ پنهنجي عروج تي پهتل هئي، ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ انڌي کي اکيون ملي ويون هجن. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪرڻ سان آفيسرن ۽ ٻين عملدارن کي سنڌي پڙھڻ جي واسطي، سڄي سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جو پروگرام شروع ٿيو. خاص طور مسٽر فريئر ۽ سندس معاون مسٽر ايلس پاران سنڌ ۾ سنڌي تعليم لاءِ خاص بجيٽ رکرائي وئي.
هن دور ۾ مختلف رياستن ۾ انگريزي ميڊيم اسڪول کولڻ جو رجحان عام ٿي چڪو هو. مختلف آفيسر پنهنجن ڪوششن سان مختلف شهرن ۾ اسڪول کولرائي رهيا هئا ته جيئن انگريزن جا ٻار يا مقامي ماڻهن جا ٻار تعليم حاصل ڪري سگهن. حيدرآباد جي ڪليڪٽر راٿبورن مٿئين سرڪار وٽ اثر رسوخ هئڻ ڪري حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ سرڪار کان بجيٽ به منظور ڪرائي ورتي پر استادن جي اڻ هوند ۽ ٻين ٽيڪنيڪل بنيادن تي سندن رٿا ڪامياب ٿي نه سگهي“.(5)
1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي نافذ ڪرڻ کان سواءِ تعليم جي ڦهلاءَ ۽ اسڪولن کولڻ لاءِ ڏهه هزار روپيا منظور ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ 1853ع ۾ هڪ سرڪاري خط نمبر 33 آف 1853 بتاريخ 15 ڊسمبر 1853ع ذريعي ڪليڪٽر آفيس، ڪراچي پيسن جي منظوري ڏني. هن صاحب واضح ڪيو ته اها رقم ڪورٽ آف ڊائريڪٽرز جي منظوريءَ سان ڏني وڃي ٿي.بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هلندڙ سرشتي مطابق سنڌ ۾ شروعاتي تعليم ستين درجي تائين سنڌيءَ ذريعي ۽ تنهن کانپوءِ مٿين درجن ۾ انگريزي ميڊيم ذريعي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سيٺ نائون مل ”ميمائرس ۾ لکيو آھي تھ”سن 1853ع ۾ ڪراچيءَ ۾ انگريزي اسڪول کوليو ويو. مون کي استدعاڪئي ويئي ته مان پنهنجي ڪٽنب جي ٻارن کي ان ۾ تعليم لاءِ موڪلي ڏيان. مون پنهنجي پوٽي آلومل کي خاندان جي ٻين ڏهن ٻارن سان گڏ، اناسڪول ۾ داخل ڪيو، جلد ئي ڪافي شاگرد اسڪول ۾ داخل ٿي ويا“.(6)
فري اسڪول
1846ع ۾ ڪراچي جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي پنهنجي خرچ تي پنهنجي ڪچهري ڪمپائونڊ ۾ ڪراچي فري اسڪول قائم ڪيو. اسڪول جي انتظاميا هلائڻ لاءِ ڪئپٽن پريڊي پنهنجي گهر واريءَ سميت هڪ ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ انگريزي تعليم سان گڏوگڏ مفت ۾ عيسائي مذهب جي تعليم لازمي قرار ڏنو ويو. اهو اسڪول 1846ع کان 1852ع تائين ان ڪاميٽيءَ حوالي رهيو. بعد ۾ 1853ع ۾ اسڪول کي ساڳين شرطن تي سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر چرچ مشن سوسائٽي جي حوالي ڪيو ته اها عيسائين جي بائبل جي تعليم جاري رکندي. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماسٽر مسٽر مادو سلان هو. 1854ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ مسٽر جيمز شيلڊن هن جو پهريون پرنسپال مقرر هيو. هي انگريزي ميڊيم اسڪول هو، پر هن ۾ سنڌي هڪ مضمون طور ٻارن کي پڙهايو ويندو هو“.(7) مسٽر جيمز شيلڊن سنڌي زبان ۾ مشنري موضوعن تي ڪيترائي نثري ڪتاب لکيا. هن اسڪول ۾ ارنيسٽ ٽرومپ به پرنسپال رهيو، جنهن سنڌي زبان بابت تمام وڏو ڪم ڪيو.
سنڌي ٻولي جي سرڪاري طور نافذ ٿيڻ کان اڳ ئي ڪراچيءَ ۾”سينٽ پيٽرڪس“ ۽ ”سينٽ جوزف“ اسڪول قائم ھئا.1847ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو. مرڪزي سرڪار سنڌ اندر مقامي يعني سنڌي زبان کي تعليم اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو .
نارائڻ جڳن ناٿ وئديه اسڪول
هيءُ اسڪول 1854ع ۾ قائم ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيڻ وارو چوٿون اسڪول هو. شروع ۾ هن جو نالو ”ورنيڪيولر ميڊيم انگلش اسڪول“ هو، جنهن جو مقصد آباديءَ کي سنڌي زبان جي ذريعي -انگريزي- زبان سان واقف ڪرڻو هو. ھن اسڪول کي بعد ۾ ايجوڪيشن انسپيڪٽر نارائڻ جڳن ناٿ وئديه (NJV) جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. هي سنڌي ميڊيم اسڪول اڳوڻي بندر روڊ ۽ هاڻوڪي محمد علي جناح روڊ تي واقع آهي ۽ اڄ به ڪراچيءَ جي شاندار عمارتن ۾ هن اسڪول جو شمار ٿئي ٿو. هن اسڪول جو علم و ادب جي ڦهلاءَ ۾ وڏو ڪردار آهي. سڀ کان پهرين هي اسڪول سول اسپتال ۾واقع ۽ جنهن کي بعد ۾ اسپتال جي حوالي ڪيو ويو. هيءُ اسڪول 1947ع ۾ پنهنجي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو“.(8)
هن اسڪول سنڌي نثر ۾ وڏيون خدمتون آهن. پهرين پهرين ادبي جماعت 1885ع ۾، “ميڪس ڊينوهال لٽرري سوسائٽيءَ” جي نالي سان شروع ٿي. جماعت جو پهريون آنرري سيڪريٽري اين جي وي هاءِ اسڪول جوتڏهوڪو هيڊ ماستر جيمسٽجي آرديٽر هو. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر مهاديو شاستريءَ ڪيترائي درسي ڪتاب ترجمو ڪيا. آلومل ٽيڪمداس هن اسڪول جو ڪيترائي سال هيڊ ماستر رهيو. هن صاحب سنڌي نثر جا ڪيترائي ڪتاب لکيا . ديوان ڪرم چند ھنڱوراڻي، ھيڊ ماستر به نالي وارو عالم ۽ استاد هو. روچيرام گنگارام سڏاڻي وڏو ناول نگار هو. موجوده دور جا ته بيشمار اديب هن ادري سان تعلق رکن ٿا،جن ۾ امرجليل، سوڀو گيانچنداڻي، تنوير عباسي ۽ ڪيترائي شامل آهن.
ٻين شهرن ۾ اسڪول
1853ع ۾ڪئپٽن گولڊ اسمٿ جي ڪوشش سان شڪارپور ۾ انگريزي پرائمري اسڪول قائم ڪيو ويو. اهڙي طرح ٻين ننڍن ڳوٺن ۾ سنڌي اسڪولن جي عمارتن ٺهڻ لاءِ سرڪاري منظوري ڏني. انهيءَ ڪم لاءِ سرڪار لوڪل فنڊ کان مدد ورتي ۽ ڪيترين ئي سنڌ واسين پئسي جي مدد ڪئي. 1855ع ۾ حيدرآباد ۾ پھريون ھاءِ اسڪول قائم ٿيو، جيڪو بعد ۾ مسلم ايجوڪيشن نالي سان مشھور ٿيو.1858ع ۾سکر ميونسپالٽي مڊل اسڪول قائم ٿيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ميونسپالٽي 1876ع ۾ مڊل اسڪول کوليو ويو.
ڊي جي (DJ) سنڌ ڪاليج
1887ع ۾ڊي جي (DJ) سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قائم ٿيو، جنھن سان مٿين ڪلاسن ۾ ذريعھ تعليم سنڌي ٻوليءَ کي مليو. ھي ڪاليج اڳتي ھلي بي-اي (BA) تائين پھتو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ سان منسوب ٿيو. هي ڪاليج سنڌ جي نالي وارن ڪاليجن مان هڪ آهي، جنهن عظيم سائنسدان، سياستدان، ماهر تعليم ، اديب ۽ عالم پيدا ڪيا آهن. ڪاليج ڏيارام ڄيٺمل جي نالي سان منسوب آهي ۽ اڄ به بهترين بناوٽ ۽ تعليمي معيار ۾ اڳتي آهي.
”ڊي جي ڪاليج سنڌ ۾ علم سان گڏ ادب ۽ ثقافت جي واڌاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊليءَ وسيلي جڏهن سنڌي ناٽڪ اسٽيج ٿيڻ شروع ٿيا ته سنڌي ناٽڪ نويسيءَ ترقي ڪئي، ان ناٽڪ منڊليءَ سنڌي ناٽڪ جي فن کي عروج ڏنو. اهو سلسلو اڳتي به جاري رهيو ۽ ڪاليج جي شاگردن کي علم سان گڏ ادبي اظهار لاءِ به سازگار ماحول مهيا ڪيو ويو. ڪاليج جي شاگردن ۽ استادن جون ادبي لکڻيون شايع ڪرڻ لاءِ ڪاليج جو مخزن ‘سنڌ ڪاليج مسلني’ جي نالي سان1907ع ۾ شروع ڪيو ويو. جنهن جو پهريون ايڊيٽر ننڍي کنڊ جو ڏاهو ساڌو ٽي ايل واسواڻي هو. سنڌ ڪاليج مسيلني ورهاڱي تائين سنڌي ادب جي واڌري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ڪاليج مسلنيءَ ۾ تنهن دؤر جا وڏا سنڌي اديب ۽ محقق هئا“.(9)
ٽيچر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
سنڌ ۾ جئين جئين اسڪول کلندا ويا تئين تئين استادن جي سکيا جي ضرورت محسوس ٿي. سنڌ ۾ پرائمري استادن جي تربيت لاءِ 1854ع ۾ ڪراچي ۾ نارمل اسڪول قائم ڪيو ويو. ڏهن سالن کان پوءِ 1864ع ۾ ان اسڪول کي حيدرآباد ۾ آندو ويو ۽ ان جو نالو حيدرآباد ٽيچر ٽريننگ اسڪول رکو ويو، بعد ۾ اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. هن ڪاليج جو اوڻوهين صدي جي نثرنويسي ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ڪاليج ۾ سنڌي الف ب تيار ٿي، درسي ڪتاب لکيا ويا. چوهڙ ڪندنمل، ميان محمد حيدرآبادي، ديوان ڪوڙومل، ديوان تاراچند، ديوان پريمچند اوترءِ، محمد صديق ميمڻ ، محمد صديق مسافر ۽ ٻيا ڪيترائي نثرنويسن هن اداري سان وابسطه هئا. عبدالجبار مغل ”ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو سنڌي ادب ۾ حصو“ جي عنوان سان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
سنڌ مدرسته الاسلام
1885ع ۾ڪراچي شهر ۾ سنڌ مدرسته الاسلام قائم ٿيو.هن اسڪول جو بنياد وجهندڙ حسن علي آفندي هو. هن اسڪول تمام عظيم شخصيتون پيدا ڪيون آهن. پاڪستان جي باني قائد اعطم پنهنجي شروعاتي تعليم هن اسڪول مان حاصل ڪئي. سنڌ مدرسته الاسلام جي تاريخ جي سلسلي ۾ هي هڪ اهم ۽ ناياب دستاويز آهي، جنهن کي وڏي تاريخي حيثيت حاصل آهي. هي اسڪول اڄ يونيورسٽي جي درجي تي پهتو آهي. هن اسڪول جو سنڌي ادب جي ترقي ۾ وڏو ڪردار آهي، جنهن تي سيد ممتاز شاهه جي پي ايڇ ڊي ٿيل آهي.”هي دور تعليمي سماجي سڌاري جو دور هو. مسلمانن خواهه هندن مان گهڻيئي محن ميدان ۾ آيا، جن قوم ۽ ديس جي خاصي خدمت ڪئي آهي. انهن ۾: خانبهادر حسن علي آفندي، شيخ بابو سليمان مرحوم قادر داد پٺاڻ، سردار محمد يعقوب ، شيخ صادق علي ، سيد الھندو شاهه ، سيٺ هرچند راءِ ، ديوان ڏيارام گدومل، ديوان ڏايارام ڄيٺمل ، ديوان ڪوڙومل کلناڻي ، ديوان نولراءِ ، ساڌو هيراند ۽ ڪي ٻيا شامل هئا.

حوالا

1. برنس، جيمس: ”ميرن جي درٻار“، (ڪتاب جو مهاڳ) (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
2. رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌي ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“ (مترجم: محمد حنيف صديقي)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1971ع، ص 126
3. گل حسن ڪلمتي: ” ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي، 2007ع
4. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“(انگريزيءَ ۾)، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
5. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 194
6. نائونمل (مترجم: محمد حنيف صديقي) : ” يادگيريون“ ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1967ع، ص 208
7. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 198
8. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي،حيدرآباد، 2013ع، ص 263، 264
9. ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر: ”سنڌ ۾ تعليم ۽ ادب جي واڌاري ۾ ڊي جي ڪاليج جو ڪردار“، ڪلاچي، شاهه عبدالطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي