سيد ميران محمد شاهه - اول (1829 - 1892ع)
سنڌي لکاوٽ کي مقرر روپ ڏيڻ واري ڪاميٽي جو ميمبر
”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخدانن کان هڪ وڏي غلطي اها ٿي ته هنن ميران محمد شاهه جي اهم خدمتن کي نظر انداز ڪيو ڇڏيو. ميران محمدشاهه، تڏهو ڪي اسسٽنٽ ڪمشنر بي-ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ڪم ڪندڙ سنڌي الف-ب ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. سنڌي ٻوليءَ جي الف ب جي تشڪيل ۾ سندس وڏو حصو هو. هن جي جاءِ تي مرزا صادق بيگ جو نالو ڏنو ويو، جنهن تي مرليڌر جيٽلي سميت ڪيترن ئي عالمن بحث ڪيو آهي ته هو 1845ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1853ع وقت سندس عمر فقط ست سال هئي. هو ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪونه هو. ڪجهه ٻين عالمن جو خيال هو ته مرزا صادق بيگ جي جاءِ تي مرزا محمد صادق ولد مرزا مخلص علي ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو. پر حقيقت هيءَ آهي ته ان ڪاميٽيءَ ۾ سيد ميران محمد شاهه نه فقط ميمبر هو پر، هن جو ان ڪاميٽيءَ ۾ اهم ڪردار به هو. ان موضوع تي مان پنهنجي انگريزي ڪتاب “انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقيءَ ”۾ تفصيل سان بحث ڪري چڪو آهيان“.(86)سيد ميران محمد شاهه جو نالو اوائلي نثر نويسن ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.
سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه
”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۾ نهايت سهڻو نثري قصو آهي، جنهن جي ڏسڻ سان سنڌي زبان جي پراڻي ۽ عام طرز بيان ۽ اسلوب تحرير سان گڏ صرف ۽ نحو جي پراڻي سنڌي قاعدي جي خبر پوي. ان سان گڏ، پراڻي رسم الخط ۽ ان جي اِنشاء اِملاء جو پڻ پتو پوي ٿو. هي ڪتاب اصل هندي ٻوليءَ ۾ پنڊت بنسي ڌر “سبودي ڪبودي” جي نالي سان لکيو هو. نڊت بنسي ڌرچرنجي لعل، 19هين صدي ۾ هندستان جو وڏو ليکڪ هو. هو سرڪاري نوڪريءَ تي فائز هو. ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان ڪيترن جا سنڌي ۾ ترجمو ٿيا. مثال طور: سنساري نرور (ننديرام)، ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ (غلام حسين قريشي)، ”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ (ميران محمد شاهه)، آڪاسي نروار (ميران محمد شاهه) وغيره اهم آهن.هن جي انهن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن هر قسم جا ڪتاب لکيا هئا. سيد ميران محمد شاهه سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. 1855ع ۾ هي قصو لـِٿو ۾ عربي سنڌي لپيءَ ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب لاءِ چوڻ ۾ ائين اچي ٿو ته شاهه صاحب، سربارٽل فريئر جي نياڻيءَ جي وندر لاءِ هيءُ قصو سليس ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ جوڙيو هو“.(87)
هن آکاڻي ۾ ٻن ڪردارن کي چٽيو ويو آهي. مگر ماڻهن جا نالا سنڌ جا ڪم آيل آهن. هي ڪتاب شروعات وارن ڏينهن ۾ ابتدائي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب طور ڪم ايندو هو.
هن قصي جي ٻن اهم ڪردارن ۾ سڌاتورو اسڪول وڃي، ٿورڙن ڏينهن ۾، بابنامو پڙهي ۽ ٻيا ڪتاب ڏسي، پاڻيهي سُرت وارو ٿي وڄي ٿو. آخوند ۽ ٻين ماڻهن چيو ته هيءُ ڇوڪر ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ لکپڙهه ۾ ڀَڙُ ٿي ويندو. هوشيارپ جي ڪري تپيداري جي نوڪري مليس ٿي. محنت ۽ ايمانداري جي ڪري نامور مختيار ٿئي ٿو. ٻئي طرف ڪڌاتورو به گهڻا ڌڪا کائي پڙهي منشي بڻجي ٿو. مگر بي ايمان ۽ رشوت خور ٿئي ٿو. هڪ دفعي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿئي ٿو ۽ سخت پورهي سان ٽيپ کائي ٿو. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”آرکَڻَ چڱائيءَ جا پهريائين پڌرا ٿا ٿين، ته هيءَ ڇوڪر پنهنجي راڄ ۾ چڱو مڙس ٿيندو- جيئن ته سَلو سِرڄندي ئي سمجهجي ته هيءَ وڻ وڏو ٿيندو؛ ۽ هيءٌ پَهڪو (پهاڪو) پڌرو آهي ته ’بَڙَ جا پَنَ اُڀرندي ئي سَڻڀا“.(88)
آڪاسي نروار
هندي ٻوليءَ ۾ نظام شمسي نالي هڪڙو ڪتاب پنڊت بنسي ڌر جو جوڙيل هو. سيد ميران محمد شاهه سنڌي ۾ان جو ترجمو ”آڪاسي نروار“ جي نالي سان 1856ع ۾ ڪيو. ”آڪاسي نروار“ يعني خلاصه نظام شمسي (نظام شمسيءَ جو خاص بيان). ”هي ڪتاب وڏن شاگردن لاءِ درسي ڪتاب هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ علم هيئت بابت هي پهريون پهريون ڪتاب ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڌرتي، سج، چنڊ، سيارن (گرهن)، ثوابت (نکترن يعني بيٺل تارن) پڇر تارن، ڪسوف (سج گرهڻ) ۽ خشوف (چنڊ گرهڻ) بابت ماڻهن جا جيڪي اڻڄاڻائيءَ جهڙا خيال ۽ عقيدا هئا، تن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آهي“.(89)ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو؛
”هن ڳالهه جي ڌيان ڪرڻ کان ته اسين ڌرتي سوڌا جنهن تي رهندا آهيون، توف جي گونري کان پڻ هيڪوسو ويهوڻو تڪڙو هوا تي اڏامندا وڃون. ڪهڙا ڪهڙا اچرج پڌرا ٿين ٿا ۽ ڌڻي جو ڊپ ۽ ان جي ٻانپ ۽ چئي ۾ رهڻ ڪيترو اسان تي جوڳو ٿئي ٿو“.(90)
مفيد الصبيان
سندس آکاڻين جو ٻيو ڪتاب هو ”مفيد الصبيان“ آهي.اهو به هنديءَ تان ورتل، ٻارن لاءِ فائديمند آکاڻين جو مجموعو هو. هن مجموعي ۾ ٻارن جي وندر لاءِ ڪيتريون ئي آکاڻيون ڏنيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ شيڪسپئير جي ڪن ناٽڪن جون به آکاڻيون ڏنل آهن، جيڪي چارلس لئمب تان ورتل هيون. هي درسي ڪتاب 1861ع ۾ ليٿوءَ ۾ پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي ٻولي به نهايت دلڪش ۽ خالص سنڌي آهي. ڪتاب جي منڍ (Preface) ۾ هيءَ حقيقت بيان ڪيل آهي: ”اصل ڪتاب هنديءَ ۾ لکيل هو، جنهن تان سيد ميران محمد شاهه پٽ سيد محمد شاهه، مٽارن جي ويٺل، مسٽر اسٽوئرٽ صاحب بهادر، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي رٿ سان ترجمو ڪيو“.(91)ڪتاب جي آکاڻي “فارس جو شهزادو” مان هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”بادشاه جي محلي جي پاسي ۾ هيڪو موچي ڪميڻو بڇڙو رهندو هو. بادشاهزادو سدا انجي گهر ايند ويندو راند ڪندو هو، ۽ انسين ڏاڍو پيار رکيائين. وزير چيو، ڏيهه ڌڻي ٻارن کي ڪميڻن جي سنگت ۾ ڇڏڻ ڦٽاڻي آهي. ٿورن ڏينهن ۾ انهن جا آرکڻ ٻار وٺندا آهن. ماڻهوءَ کي جهڙي سنگت هوندي اهڙا آرکڻ سکندو. گهرجي ته شهزادو موچي وٽ نه وڃي. بادشاه چيو ته او بار اٻوجهه آهي ۽ موچيءَ سين پيار ٿي ويو آهيس. جيڪڏهين ان سنگت کان جهلبو ته ڏکو ٿبو ۽ متان ان ڏک ۾ اگهو ٿي پوي . ڪي ڏينهن کاند ڪجي ، جڏهن وڏو ٿيندو تڏهن نصحيت ڪري موچيءَ جي سنگت ڇڏائبيس“.(92)
”سندس هڪ ٻيو فارسيءَ ۾ طب تي لکيل ڪتاب ”مفيد الطالبين“ جو مسودو به موجود آهي“.(93)
سنڌي–انگريزي لغت
”سيد ميران محمد شاهه جو ٻيو اهم ڪم “سنڌي–انگريزي لغت” جو هو. ڊسمبر 1853ع ۾ ڪيپٽن جارج اسٽئڪ وفات ڪري ويو. ان وقت انگريز سرڪار، اسٽئيڪ جي خواهش جي بر عڪس عربي- سنڌي الف-ب نافذ ڪري چڪي هئي. جڏهن ته اسٽئڪ پنهنجون ٻئي ڊڪشنريون ۽ گرامر جا ڪتاب ”ديوناگري خط“ ۾ لکيا هئا. سندس وفات کان پوءِ مسٽر ايلس ۽ ڪراچيءَ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيپٽن ڊسٽنر ول ، جنهن جو تعليم کاتي ۾ اهم ڪردار هو، هنن فيصلو ڪيو ته اسٽئڪ جون ٻئي ڊڪشنريون عربي- سنڌي خط ۾ شايع ڪرايون وڃن، ان سلسلي ۾ ديوناگري خط کان عربي-سنڌي خط ۾تبديليءَ جي ذميواري منشي ميران محمد شاهه کي ڏني وئي“.(94)
ميران محمد شاهه ”سنڌي- انگريزي لغت“ جو ڪم تمام جلد پورو ڪري سرڪار جي حوالي ڪيو، ان لاءِ کيس اجورو پڻ ڏنو ويو. جڏهن ته ”انگريزي-سنڌي لغت“ تي ڪم اڃان هلندڙ هو. بمبئي حڪومت فيصلو ڪيو ته اسٽئيڪ جون ڊڪشنريون ان خط ۾ ئي شايع ڪيون وڃن، جنهن ۾هن پاڻ لکيون آهن“.(95) بهرحال ميران محمد شاهه جو ڪيل ڪم برطانوي انڊين ميوزيم لائبريريءَ ۾ موجود هوندو ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل سرڪاري لکت پڙهت منهنجي مٿئين ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ شامل آهي.