لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

نولراءِ شوقيرام (1848-1893ع)

نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ جو حيدرآباد جي آڏواڻيءَ سان تعلق هو. ”بمبئيءَ مان ميٽرڪ امتحان ڏيئي موٽڻ بعد، نولراءِ 1863ع تي حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. ماستريءَ مان کيس مزو نه آيو، ماستري ڇڏي روينيو کاتي ۾ گهڙيو. هن روينيو کاتي جي قاعدن ۽ قانون جو ڇڱو اڀياس ڪري، خاصي ڄاڻ حاصل ڪئي. وڪالت جاڪتاب به پڙهڻ لڳو، جيئن قاعدي جي ڄاڻ کيس ملي سگهي.
1868ع ۾ ڪمشنر جي آفيس ۾، سنڌي ترجمان مقرر ٿيو. سنڌ جي ڪورٽن ۾ وڪالت ڪرڻ به ويندو هو. اهڙيءَ ريت قاعدن ۽ قانونن جي خاصي ڄاڻ ۽ مهارت حاصل ڪري سگهيو. ترجمان جي حيثيت ۾، انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ترجمو ڪرڻ ۽ سنڌيءَ ۾لکڻ جو خاصو ڏانو اچي ويس. قاعدن ۽ قانونن جا ڪي انگريزي ڪتاب، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين“.(183)
انهيءَ ڏس ۾ پهريائين مسلمانن جي قاعدن جا اصول، ”شرع محمدي“ (1867ع) نالي سان لکي تيار ڪيائين. 1869ع ۾ ”ڌرم شاستر“ لکيائين. ان ۾ هندن جي قاعدن جا اصول ڄاڻايائين وڪالت جي امتحان ڏيندڙن جي سهوليت خاطر ،”وڪالت جا سوال جواب“ (1867ع) نالي سان ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. انهن کان علاوه ”جڊيشل سرڪيولر نمبر -1“ (1867ع)،”جوڊيشل سرڪيولر نمبر-2“ (1868ع)، ”سنڌي انڊيڪس ٽو ايڪٽس“ (1868ع)، ”فوجداري قانون هلائڻ جو قاعدو“ (1868ع) به سندس لکيل آهن. منشي اڌارام مير چنداڻي سان گڏ ” دنيا جي تاريخ جو مختصر بيان“ 1873ع ۽ راسيلاس (ناول) ترجمو ڪيائين.

راسيلاس
”سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو اهو هو ڊاڪٽر سيموئل جانسن جو لکيل “راسيلاس” (Rasselass) جنهن جو ترجمو ديوان اڌارام ۽ساڌو نولراءِ گڏجي 1872ع ۾ ڪيو . راسيلاس ترجمو ڪرڻ تي نولراءِ شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ اڌارام ٿانورداس کي گڏيل ٽي سو روپيا مليا“.(184)ادبي ڪتاب اکر با اکر ترجمو ٿيڻ مشڪل آهن. انهيءَ تي ”راسيلاس“ ناول جا مترجم اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي ۽ نولراءِ شوقيرام آڏواڻي ڄاڻائين ٿا ته: ”هيءُ ڪتاب اصل مشڪل انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، جي حرف به حرف ترجمو ڪجي ها ته جيڪر سمجهه ۾ ڪين اچي ها تنهنڪري جيترو ٿي سگهيو آهي اوترو صاف سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو آهي“.(185)

دنيا جي تاريخ جو مختصر بيان
هي ڪتاب ديوان اڌارام 1873ع ۾ نولراءِ شوقيرام سان گڏ انگريزي ڪتاب تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي . ”هن ڪتاب ۾ دنيا جي قومن جو بنياد وچ ايشيا کان شمار ڪيو ويو آهي. اول ايرين ۽ سميٽيڪ ٻه مکيه قومون هيون، ايرين قوم مان ايراني، آريه، انگريز، جرمن، يوناني ۽ رومي قومون پيدا ٿيون، سميٽيڪ قوم مان يهودي، عرب، مصر جا ماڻهو وغيره پيدا ٿيا ۽ ٽيوري مين خانه بدوش قومون هيون، جن مان ڪيتريون ئي شاخون جدا جدا ملڪن ۾ پکڙجي ويون.هي ڪتاب جيتوڻيڪ وڏن ڪلاسن ۾ تعليم وٺندڙ جي مطالع لاءِ هو، ته به ڪن ضروري لفظن جي صحيح تلفظ خاطر انهن تي زير، زبر ۽ پيش ڪم آندل آهن“.(186)