لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

درسي ڪتابن ۾ نثري ادب جو ڪلاسيڪل دؤر

1853ع ۾ انگريزن جي ئي ڪوششن سان موجوده سنڌي عربي لپيءَ جو روپ جڙي راس ٿيو. ان ڪري ڪن عالمن ۽ اديبن سنڌي اوائلي نثر جون حد بنديون به ڪيون آهن. مثال طور “لالسنگهه اجواڻيءَ شايد اڌ صديءَ جو خيال رکي 1853کان 1907ع جي عرصي کي سنڌي نثر جو اوائلي دؤر ڪري ٿو ليکي“.(1) مرليڌر جيٽليءَ جي چوڻ موجب 1914ع ۾ “سنڌي ساهت سوسائٽيءَ” جو بنياد پيو. ان سوسائٽيءَ جو سنڌي ادب ، خاص ڪري پوءِ جي سنڌي نثر جي اوسر تي ڪافي گهڻو اثر پيو. ان ڪري سنڌي نثر جو اوائلي دؤر 1914ع تائين مڃڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ نثر جو ٻيو دؤر ليکڻ گهرجي“.(2) مگر اسان پنهنجي حد 1900ع تائين قائم رکون ٿا.
”سر بارٽل فريئر پنهنجي ايامڪاريءَ جي نون سالن ۾ درسي نوعيت جا ڪتاب، آکاڻيون، گرامر، رياضي ، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا 26 آڳاٽا ۽ بنيادي ڪتاب ڏئي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب ڇپجڻ جو مضبوط بنياد رکيو. هن صاحب ليکڪن ۽ پريس جي مالڪن کي محنتاڻي جي سٺي اجرت ڏني. ڪتاب لکڻ تي روڪ انعام به ڏنائين. اهو سندس ئي محنت جو نتيجو هو جو پهرين ٻن ڏهاڪن (1851ع کان 1870ع) دؤران تعليم کاتي پاران تعليم ۽ ٻوليءَ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ 98 سنڌي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. اهو سنڌي ليٿو گرافيءَ جو سونهري دؤر ليکجڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترن مشهور ڪتابن جي هڪ ايڊيشن جون 3000 ڪاپيون به ڇپيون“.(3)
1851ع ۾ هڪ قديم مخطوطو “حڪايت الصالحين” سرڪاري خرچ تي ڇاپي پڌرو ٿيو. 1852ع ۾ ٻيو ڪتاب “دوسا ڀائي جا جملا” چئن زبانن ۽ چئن ڪالمن ۾ ڇاپي عوام آڏو آندائين. ٽئين ڇپائي سنڌي الفابيٽ جي ھئي، جولاءِ 1853ع ۾ ايلس واري ڪميٽيءَ طرفان مقرر ڪيل الف-ب ۾ چند اکرن جي ردو بدل سان جيڪا پٽي شايع ٿي، ان کي پھريون دفعو مشن ھائوس جي طرفان چارٽ ذريعي عام ڪيو ويو.
هن دور جي نثري ادب جي ترقي لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته؛ ”حڪومت طرفان سنڌي ادب کي وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ واري تحريڪ، سنڌي مصنفن ۾ فطري طور پنهنجي ادب کي اجاگر ڪرڻ جو چاهه جاڳيو. انهن ۾ ديوان ننديرام، اڌارام، پرڀداس، قاضي غلام علي، سيد ميران محمد شاهه اول، آخوند عبدالرحيم، مرزا علي رضا، مرزا صادق علي بيگ ۽ ديوان ڪيولرام خاص طور برک هئا. ديوان ننديرام جو قدم انهن سڀني ۾ اڳيان اڳيان هو. انهن بزرگن هر موضوع تي خاص طور تاريخ، وياڪرڻ، حساب، جاگرافي، آلجبرا، علم بدن ۽ منطق تي ڪتاب تيار ڪيا“.(4) ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکيو آهي ته؛ ”اوائلي دؤر جي نثر نويسن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو مختلف علمن لاءِ سنڌيءَ ۾ جوڙيل علمي اصطلاحن (Technical Terms) جو هڪ وڏو ذخيرو آهي، جو سنڌي علم ۽ ادب تي سندن دائمي احسان وانگر آهي. سنڌيءَ ۾ تعليمي ضرورتن کي نباهڻ لاءِ جڏهن پهريون ڀيرو مختلف علمن جهڙوڪه تاريخ، جاگرافي، حساب، جاميٽري، آلجبرا وغيره جا ڪتاب جوڙيا ويا، تڏهن سڀ کان دقيق مسئلو انهن نون علمن جي اصطلاحن بنائڻ جو هو، ڇاڪاڻ جو سنڌيءَ ۾ڪڏهن به ان قسم جا علمي ڪتاب اڳي نه لکيا ويا هئا. مثال طور اڳي رياضيءَ جي علم متعلق اصطلاح جهڙوڪ اڻپور، ڏهائي ، مور، وياج، راس، پاڇي، ونڊ، جوڙ ، ڪٽ، وڏو عام پورو ونڊيندڙ، ننڍي عام ڀڃ اپت وغيرهه“.(5)
مطلب ته درسي ڪتابن جو دؤر سنڌي نثر جو بنيادي ۽ ڪلاسيڪل دؤرآهي. هن دؤر ۾ سنڌي زبان سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي لفظن جو سنڌي زبان ۾ استعمال ٿيو ۽ نوان سنڌي لفظ پڻ جڙيا. جيتوڻيڪ ليکڪن جي صورتخطيءَ ۾فرق آهي، مگر هنن ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. ان سان گڏوگڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي لفظن جا متبادل لفظ سنڌي نثر ۾ر ائج ڪيا.

سائنسي علمن جا ڪتاب
اوڻوهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ انگريزن سنڌ ۾اسڪول قائم ڪيا، استاد ڀرتي ڪيا ۽ درسي ڪتابن جي اشاعت جو هڪ سلسلو شروع ٿيو . هن دؤر جي نثري ادب ۾ پهريون دفعو سنڌي زبان ۾ سائنسي علمن کي باقاعده هر اسڪول ۾ پڙهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هر سائنسي علم جا ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. ان سلسلي ۾ فطري سائنس، سماجي سائنس، معاشي سائنس ، آرٽ وغيره سنڌي زبان ۾ لکجڻ شروع ٿيا. شروعاتي ڪوششون تعليم کاتي جون هيون، جنهن جي سرپرستيءَ ۾ رياضي، جاميٽري، علم ڪيميا، نباتات، حياتيات، کيتيءَ جو هنر، صحت ۽ صفائي، ڊرائنگ، جاگرافي، تصوير ٺاهڻ جو هنر، فلڪيات، سماجيات، سياسات، اقتصاديات، قانون وغيره جا ڪتاب پهريون دفعو سنڌي زبان ۾شايع ٿيا. رياضيءَ جي سلسلي ۾ ڪوڙيمل جو ”تحرير اقليدس“ (1863ع) جاميٽريءَ جي سلسلي ۾ مرزا صادق عليءَ جو ”استعمالي جاميٽري“ (1888ع) اهم آهن. جڏهن ته ڪوڙيمل جو ”علم ڪيميا“ (1892ع) ۽ مرزا صادق جو ”آغاز علم نباتات“ 1894ع) به قابل ذڪر آهن. ٻين ڪتابن ۾منشي ننديرام جو”چٽ جي پاڙ“ (1852ع) جو ميران محمد شاهه جو ”آڪاسي نروار“ (1856ع)، ننديرام جو ”سکائتو نروار“ (1860ع) وغيره اهم آهن“.(6)
اھڙي طرح رياضيءَ جا ڪتاب پڻ شايع ٿيا، جن ۾ پھريون ڪتاب 1750 روپين جي لاڳت سان شايع ٿيو. ھڪ ٻيو ڪتاب آلجبرا جو پڌرو ڪيو ويو. اھو 60 صفحن جو ننڍڙو ڪتابڙو ھو. ان جون 1300 ڪاپيون ڇپيون اھو ڪتاب ڇھھ آنا في ڪاپي وڪرو ٿيو. ان کان علاوه هي ڪتاب اهم آهن؛ ”ضبطي ڪتاب“ (1854ع)، ”پئماشي ڪتاب“(1855ع)،”ليکي جو ڪتاب“، ”نقشه خروار“(پرمانند حيدرآبادي، 1856ع)،”ڪتاب جبر و مقابله“(وشواناٿ نارائڻ ۽ ننديرام، 1850ع)، ”کوڙن جو ڪتاب“(1877ع)،”دل جي يا زباني حسابن جي واٽن جو ڪتاب“ (1877ع) اهم آهن.
ٽيڪمداس ايسرداس جواهري جو اڻويهين صديءَ جي اوائلي نثر نويسن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.سنڌي زبان ۾ پهريون ڪتاب “هنر تصوير” (The Art of Photography) جي نالي سان 1872ع ۾ پڌرو ڪيائين. تصوير تيار ڪرڻ جا سمورا مرحلا نهايت سهڻي نموني ۾بيان ڪيا اٿس. سمجهاڻيءَ خاطر شڪلين جو سهارو به ورتو اٿس، جنهن ڪري ڪتاب زياده ملهائتو بڻجي پيو آهي. ڪتاب، ارڙهن فصلن ۾ ورهايل آهي ۽ هر فصل ۾ وري ننڍا ننڍا عنوان آهن. نثر جو نمونو ڪتاب جو ديباچي مان هيٺ ڏجي ٿو
“گهڻن ڏينهن کان هن قسم جي ڪتاب جي گهرج هوڻ ڪري هي ڪتاب لکيو ويو آهي. انهيءَ مطلب تي ته جن صاحبن کي تصوير سکڻ جو شوق و فائدو يا خوشيءَ لاءِ هجي سي صاحب هن ڪتاب کي ڪم ۾آڻي فائدو وٺن، هن ڪتاب ڏيڻ ۾ ائي نٿو چئجي ته ڪو هي ڪتاب ڪماليت تي پهچايو ويو آهي پر هن مطلب کي هي ڪتاب ٺاهيو ويوآهي سو مطلب اميد آهي ته پورو ڪندو. لکندڙ جي مراد اها آهي ته ڪتاب اهڙي قسم جو ڏجي جنهه مان جي صاحب انگريزيءَ مان واقف نه آهن سي هن ڪتاب جي وسيلي سان بنا استاد تصوير ڪڍڻ جو ڪم سکي سهگن ٿا. تهنلاءِ ڪيتريءٌ ئي شڪليءٌ ڏنيءٌ وييءٌ آهن .جي گهڻو مددگار ٿينديءٌ ۽ چڱيءَ طرح سان ڏيکارينديءٌ ته تصوير ڪڍڻ جو ڪم ڪهڙيءَ طرح سان ڪجي“.(7)
1899ع ۾ سنڌ ۾ هڪ ٻيو منفرد ڪتاب پريم چند اوتراءِ جهانگياڻي جو ”ڊوميسٽڪ اڪنامي ۽ سئنٽري سائنس“ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ گهرو انتظام ۽ تندرستي بابت اهم معلومات ڏنل هئي. اھڙن درسي ڪتابن سان گڏوگڏ گرامر، لغت، ٻوليءَ جي ٻين شاخن جي طرف به ڌيان وڌيو ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ لڳا. اخبارون، رسالا، ماھوار ۽ ھفتيوار ۽ روزانھ جي بنياد تي جاري ٿيڻ لڳا.

جاگرافيءَ جي علم جي ترقي
”انگريزن جي اوائلي دور سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جي اهميت ۽ ڪتابن جي لحاظ کان عروج جو دور هو. هن دور ۾ سنڌي ۽ انگريزي ۾ جاگرافي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. هن دور ۾ سنڌي زبان ۾ جيڪي به جاگرافيءَ جا ڪتاب لکيا ويا، انهن مان اڪثر تعليمي مقصدن خاطر لکيا ويا، جن جا ليکڪ اسڪولن جا استاد هئا. جيڪڏهن انهن کي موضوع وار الڳ ڪجي ته، انهن کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
(1) دنيا جي جاگرافي
(2) مختلف کنڊن جي جاگرافي
(3) هندستان جي جاگرافي (جنهن ۾ بمبئي کاتي جي جاگرافي به شامل آهي)
(4) سنڌ جي جاگرافي (جنهن ۾ ائٽلس جاگرافي به شامل آهي)
(5) سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن جي جاگرافي
1854ع ۾ ننديرام ميراڻي ”ڌرتي نروار“ لکيو، جنهن ۾ هن بنيادي ڄاڻ مهيا ڪئي. هن مختلف ڪلاسن لاءِ جاگرافيءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”دنيا جي مختصر جاگرافي“ (مهاديو شاستري سان گڏ)، ”سيکائنو نروار“ (1861ع) ۽ ”جغرافيه جديد“ (مهاديو شاستري سان گڏ 1861ع) شامل آهن. 1856ع ۾ سيد ميران محمد شاهه (اول)”آڪاسي نروار“ لکيو. هن ڪتاب ۾ خاص طور شمسي نظام جي معلومات ڏني وئي. 1856ع ۾ مشهور ماهرِ تعليم ڪوڙيمل چندن مل ”املهه علم طبعي“ لکيو، جنهن ۾ هن خاص طور طبعي جاگرافيءَ جي معلومات مهيا ڪئي آهي. عام معلوماتي جاگرافيءَ جي لحاظ کان تارا چند شوقيرام جو ”فزيڪل جاگرافي“ (1885ع)، واحد بخش جو ”ٽي جلدي علم طبعي“ (1874ع) اهميت وارا آهن.
جيڪڏهن مختلف کنڊن جي جاگرافيءَ جي ڪتابن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ اهم نالو هري سنگهه جو ملندو. هن جي ڪتابن ۾ ”ٽي جلدي جهان جي جاگرافي“ (1888ع)، ”ٻه کنڊي جاگرافي يعني ايشيا ۽ يورپ جو مختصر نروار“(1884ع)،”انگلينڊ ۽ آمريڪا جي مختصر جاگرافي (1884ع)، ”جاگرافي يورپ آمريڪا ۽ آفريقا“ (1884ع)، ”آفريقا ۽ آمريڪا جي جاگرافي“ (1884ع)، ”هندستان جي مختصر جاگرافي“ (1885ع) ۽ ”سنڌ جي تمام مختصر جاگرافي“ (1900ع) وغيره اهم آهن. ان سلسلي ۾ ٻيو اهم نالو تارا چند شوقيرام جو آهي. سندس جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ”دنيا جي جنرل جاگرافي“ (1886ع)،”فزيڪل جاگرافي سوالن جوابن ۾“ (1885ع)، ”يورپ کنڊ جي جنرل جاگرافي“ (1885ع)، ”يورپ کنڊ جي تفصيلوار جاگرافي“ (1886ع)، ”ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي“ (1885ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هڪ ٻئي جاگرافيءَ جي استاد بگومل تلسيداس سڃان سنگهاڻيءَ به ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”آفريڪا، آمريڪا ۽ ايشيا جي جاگرافي (1893ع)، ”يورپ کنڊ جي جاگرافي“ (1893ع)، ”ايشيا کنڊ جي جاگرافي“ (1893ع) ۽ ”هندستان جي جاگرافي“ (1894ع) وغيره اهم آهن. جڏهن ته ٻين ڪتابن ۾ واحد بخش جو ”ٻه کنڊي جاگرافيءَ “ (1893ع)، محمد يوسف جو ”جاگرافي ايشيا ۽ يورپ جي جاگرافي“ (1897)، عبدالحق جو ”ايشيا کنڊ جي جاگرافي“ (1888ع)، جمال الدين جو ”ايشيا کنڊ جي جاگرافي“ (1898ع) وغيره اهم آهن. دنيا ۽ مختلف کنڊن کان علاوه گڏيل هندستان ۽ ان وقت جي بمبئي حڪومت هيٺ هلندڙ رياستن جي گڏيل جاگرافيءَ جا ڪتاب پڻ لکيا ويا. اهڙن ڪتابن ۾ سنڌ جي جاگرافي به شامل هوندي هئي. ان سلسلي ۾ اتمچند تارا چند جو ”هندستان جي جاگرافي“ (1875ع)، محمد رمضان آخوندجو ”هندستان جو مختصر نروار“ (1882ع)، عبدالحق جو ”هندستان جي مختصر جاگرافي“ (1888ع)، کيمچند شوقيرام جو ”هندستان جي مختصر جاگرافي“ (1893ع)، ساڳي نالي سان فقير محمد به 1893ع ڪتاب لکيو. بمبئي کاتي جون مختصر جاگرافيءَ جا ڪتاب هريسنگ به ڪافي لکيا“.(8)
سنڌ بابت مڪمل جاگرافيءَ جو ڪتاب 1865ع ۾ نارائڻ داس جڳناٿ وئديه ”سنڌ جو نروار“ نالي سان لکيو. هي هڪ مختصر ڪتاب آهي، پر اهو ڪيترن ئي سالن تائين سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪورس طور رهيو. سنڌ جي جاگرافيءَ تي گهڻا ڪتاب محمد يوسف لکيا. سندس ڪتابن ۾ ”جاگرافي ايشيا ۽ يورپ“ (1898)، ”بمبئي کاتي جي جاگرافي“ (1896) وغيره اهم آهن. شيخ عبدالحق جاگرافيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا. جڏهن ته محمد رمضان آخوند جو ”سنڌ جو مختصر نروار“ (1876)، بولچند ڪوڏومل جو ”سنڌ جو ڌرتي نروار“ (1865)، فقير محمد جو ”سنڌ جي مختصر جاگرافي“ (1898)وغيره اهم ڪتاب آهن“.(9)

سنڌي زبان ۾ تاريخ نويسي
قديم دور کان وٺي سنڌ علم ۽ دانش جو مرڪز رهي آهي. سنڌ، برصغير جو اهو خطو آهي، جنهن تي صدين کان ڪاهون ٿيون. سنڌ جي تاريخ جا اوائلي داستان به غير سنڌي مؤرخن جي ڪتابن ۾ ملن ٿا. عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ سنڌ شناسي تي بي شمار ڪتاب موجود آهن.عربن سنڌ بابت جيڪي به ڪتاب لکيا آهن يا حوالا ڏنا آهن، انهن ۾ اڪثر ڪري جاگرافي، ملڪي تاريخ، علم ۽ ادب، سماجي حالتون ۽ اسلامي فتحن جو ذڪر آهي. اهي ڪتاب گهڻو ڪري سفرنامن تي منبي آهن.
سنڌ ۾ فارسي زبان جي هڪ وڏي تاريخ آهي. فارسي ڪيتريون ئي صديون سنڌ جي سرڪاري زبان رهي آهي. سنڌي اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ تعليم فارسي زبان ۾ ڏني ويندي هئي. سنڌ جي اوائلي علم وَ ادب جو گھڻو ذخيرو فارسي زبان ۾ آهي. سنڌ جون تاريخون گھڻو ڪري فارسي زبان ۾ لکيل آهن. سنڌ ۾ نه فقط ٻاهران آيل فارسيدانن جا ڪتاب لکيل آهن پر خود سنڌي عالمن، اديبن جون تحريرون ۽ ڪلام فارسي زبان ۾ جَجھي انگ ۾ موجود آهن.
اوڻوهين صديءَ ۾نثري ادب ترقيءَ سبب سنڌ جي تاريخ بابت ڪتاب نه فقط سنڌيءَ ۾لکيا ويا، مگر دنيا جي ٻين ملڪن جون تاريخون به سنڌي زبان ۾لکيون ويون. تاريخ جي ڪتابن لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ واسطي انعام رکيا ويا. ان سلسلي ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا، انهن کي هيٺين ريت ورهائي سگهجي ٿو:
• دنيا جي تاريخ
• انگلينڊ جي تاريخ
• هندستان جي تاريخ
• سنڌ جي تاريخ
ان سلسلي ۾ اڌارام ٿانورداس جي ”دنيا جي مختصر تواريخ“ (1873ع) ، ڪوڙيمل جي ”ڪولمبس جي تواريخ“ (1862ع) به اهم آهن. انگريز سرڪار انعام اڪرام ڏئي انگلينڊ ۽ هندستان جون تاريخون به جام لکرايون. انگلينڊ جي تاريخ جي سلسلي ۾ واڌو مل چنديرام جي ”منتخب تواريخ انگلينڊ“ (1862ع) ، پرڀداس آنند رام جي ”انگلينڊ جي تواريخ“ (1868ع)، تارا چند شوقيرام آڏواڻيءَ جي ”انگلينڊ جي تواريخ“ (1868ع) ۽ بولچند ڪوڏومل جو ڪتاب ”انگلينڊ جي تواريخ“ (1892ع) اهم ڪوششون آهن.
اهڙي طرح هندستان جي تاريخ بابت به ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ غلام علي قاضيءَ جو ”هندستان جي تواريخ“ (1854ع)، پرڀداس قسمتراءَ جو ”هندستان جي تواريخ“ (1863ع)، گل محمد جو ”هندستان جي مختصر تواريخ“ (1880ع)، واحد بخش جو ”نوٽ بڪ تواريخ هند“ (1892ع) اهم آهن. هري سنگهه ڊنگو مل ۽ پرتاب راءِ ٽيڪمداس جون به تاريخون شايع ٿيون.
هي سڀئي تاريخون اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ لکيل هيون ۽ انهن مان گهڻيون تاريخون خود انگريز سرڪار پنهنجي ناما چاريءَ ۽ پنهنجي مشهوريءَ لاءِ شايع ڪرايون.
اوڻوهين صديءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جابه ڪيترائي ڪتب منظرعام تي آيا. سڀ کان مشهور ڪتاب ننديرام ميراڻيءَ جو “سنڌ جي تاريخ” (معصومي) 1855ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب تي مترجم کي تمام گهڻا انعام ۽ اڪرام ڏناويا. ٻين ڪتابن ۾آلومل ٽيڪمداس جو ”سنڌ جي مختصر تواريخ“ (1868ع) محمد رمضان آخوند جو ”سنڌ جي تواريخ“ (1876ع)، عبدالحق جو ”سنڌ جي سهنجي مختصر تواريخ“ (1888ع)، محمد اسلم جو ڪتاب ”سنڌ جي تمام مختصر تواريخ“ (1891ع) وغيره اهم آهن.
اوڻوهين صديءَ ۾ سنڌ جي تاريخ کانسواءِ ٽالپرن جي دور حڪومت جي تاريخ به لکي وئي. اوائلي تاريخ نويسن ۾ منشي اوتراءِ صاحبراءِ ملڪاڻي جو نالو به اهم آهي. هو ميرن جي درٻار سان وابسطه هو . سن 1896ع ۾ ڪجهه دوستن جي اصرار تي ”ميرن جي پوين ڏيهن جو احوال“ لکيائين. جيمس برنس جي ڪتاب جو ترجمو بولچند ڏيارام’سنڌ جي تاريخ‘ (ميرن جي درٻار)جي عنوان سان 1899ع ۾ ڪيو.
ان وقت سنڌي اسڪون ۽ ڪاليجن ۾ تاريخ جي مضمون کي خاص اهميت حاصل هوندي هئي. شاگردن کي ملڪي ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جي تاريخن سان روشناس ڪرايو ويندو هو.


حوالا

1. لالسنگهه اجواڻي :”سنڌي ادب جي تاريخ“، (سنڌيڪار هيرو شيوڪاڻي)،سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع، ص 234
2. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 33
3. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
4. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي نثر جي تاريخ” ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص 12
5. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي:”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد، 2009ع، ص 385
6. پير حسام الدين راشدي: ”سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب“، ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1953ع
7. ٽيڪمداس ايسرداس جواهري: ”هنر تصوير“،1872ع
8. مختيار احمد ملاح: ”سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جي مضمون جو ماضي، حال ۽ مستقبل“، روزانه ڪاوش ، 2004ع