ادبي صنفن جي ترقي جو بنيادي دور
هن دؤر کي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي نثر جي ٻهو مکي وڪاس جو دؤر (1865ع –1900ع) سڏيو آهي. هو لکي ٿو ته “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اوسر جي لحاظ کان ڏسجي ته پهريئن دؤر ۾ سنڌي تعليمدانن ۽ اديبن جو گهڻو ڌيان درسي ۽ ادبي ڪتابن تيار ڪرڻ طرف هو. ان ۾ هنن جي سامهون مکيه مسئلو هو سنڌي ٻُوليءَ ۾ نوان نوان ٽيڪنيڪي ۽ اصطلاحي لفظ ڳولڻ يا گهڙڻ، جيئن نون موضوعن ۽ ويچارن جي اظهار لاءِ سنڌي ٻُوليءَ ۾ گهربل قوت پيدا ڪري سگهجي. پر ٻئي دؤر ۾ سنڌي نثر جي ٻولي ۽ عبارت ۾ گهڻي قدر پختائي ۽ نزاڪت پيدا ٿي پئي. پهرئين دؤر ۾ سنڌي نثر ۾ گهڻيون رچنائون ترجما ۽ الٿو هيون، پر ٻئي دؤر ۾ نثر جدا جدا شاخن ۾ ترجمن سان گڏوگڏ اصلوڪين رچنائن جي به شروعات ٿي“.(1)
جڏهن ته هن دؤر لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ؛ “ 1864ع کان وٺي 1910ع واري زماني ۾ سر سيد احمد خان جي تحريڪ جو اثر، برصغير جي ٻين خطن وانگر هو، سنڌ تي به گهڻو ٿيو. ان جي اثر جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا ميدان ۾ آيا. سنڌ ۾ ”انجمن محمدي قائم ٿي، جنهن جي زير اهتمام، 1875ع ۾ ڪراچيءَ مان هفتيوار ”معاون“ اخبار جاري ٿي. 1881ع ۾ ”معين الاسلام“ نالي اخبار ڪڍي. 1882 ع ۾ سنڌ سرڪار به تعليم کاتي طرفان ”سنڌ سڌار“ نالي اخبار شروع ڪئي. مرزا صادق علي بيگ ۽ ساڌو هيرانند ، هن اخبار جا ايڊيٽر مقرر ٿيا. ٻن سالن کان پوءِ يعني 1884ع ۾ اها اخبار ”سنڌ سڀا“ هڪ ادبي جماعت جي حوالي ڪئي ويئي، جنهن جا باني ساڌو هيرا نند ۽ ٻيا صاحب هئا. هن اخبار سنڌي ادب جي گهڻي قدر خدمت ڪئي. نظم توڙي نثر جي اشاعت ۾ هن اخبار وڏو ڪم ڪيو“.(2)
هن دور ۾ نه صرف نثري ڪتاب لکيا ويا پر ٻين ٻولين تان ترجمو بھ ٿيڻ لڳا. دنيا جي بھترين تصنيفن ۽ اعليٰ معيار وارن مصنفن کي سنڌي زبان ۾ترجمو ڪيو. ھنن انگريزي، فرينچ، جرمن، روسي، عربي، فارسي، ترڪي، ھندي، بنگالي، سنسڪرت، گجراتي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل اعليٰ پايي جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. انھن ۾ قرآن شريف، توريت، انجيل، زبور، مھاڀارت، رامائڻ، گيتا جھڙن ديني ڌرمي ۽ مقدس ڪتابن کي سنڌي زبان جو ويس وٺايو، دنيا جي مشھور مفڪرن، اديبن ۽ عالمن ، اديبن، عالمن، فاضلن جا فلسفيانھ خيال ۽ ٻيو مواد سنڌيءَ ۾ آندو ويو. اھڙي طرح پيغمبر اسلام حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم کان وٺي حضرت عيسيٰ عليھ السلام، حضرت موسيٰ عليھ السلام، حضرت ابراھيم عليھ السلام، توڙي ٻين پيغمبرن کان سواءِ خلفاءِ راشدين، امامن، اصحابن، ولين ۽ درويشن جا احوال بھ سنڌي زبان ۾ ڇپجي چڪا آھن.
ھن دؤر ۾ خود انگريز ۽ يورپي اديبن سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ ۽ ٻين شاھھ لطيف ۽ سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جا رسالا شايع ڪرايا. رچرڊ برٽن، سر ھينري ميئرس، اي بي ايسٽوڪ، جان جيڪب،مسٽر ايلس ، جارج اسٽئڪ، ڊڪسن، آرٿر، گولڊ سمڊ وغيره جون خدمتون ساراھھ جوڳيون آھن.
مطلب ته اوڻوهين صدي جديد نثر نويسيءَ جو اهم دؤر هو. جڏهن علم و ادب جي هر صنف سنڌي ادب ۾ ترقي ڪئي. ناول، ڪهاڻي/ آکاڻي، انشاءَ، ناٽڪ، تنقيد، تحقيق، سفرنامو، مضمون نگاري، لغت نويسي،گرامر نويسي، پهاڪا، ديني ۽ مذهبي ادب ۽ ٻيون ادبي صنفون شامل آهن. هن دؤر ۾ڪيترائي اهم نثر نويس پيدا ٿيا، جن ۾ مرزا قليچ بيگ، ننديرام، جهمٽمل نارومل، ڏيارام گدومل، ديوان ڪوڙو مل، امام بخش ”خادم“، شمس الدين ”بلبل“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ڪي نثر نويس هن دؤر ۾ اڃا نوان هئا، سندن علمي خدمتون بعد ۾ سامهون آيو، انهن ۾ ڀيرو مل مهرچند ، لعلچند امرڏنو مل، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، پرمانند ميوارام، ڊاڪٽر عمربن دائود پوٽو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، محمد هاشم مخلص ۽ ٻياڪيترائي عالم ۽ اديب شامل آهن.
لوڪ داستان زباني روايت کان اشاعت تائين
لوڪ ڪهاڻي يا لوڪ داستان، لوڪ ادب جو اهم حصو آهن، جن ۾ انساني گروه جون مجموعي طرح دنيا جي سڀني قومن جي پراڻن آثارن جا دستاويز هوندا آهن. ڇاڪاڻ ته انهن سان انسان ذات جي ڪنهن زماني جي ريتن ، رسمن، ڀرمن ۽ نفسياتي لاڙن جي ذهني ارتقا جي تاريخ جي خبر پوي ٿي. سنڌي داستانن جو پيرو کڻنداسين ته اهو ڏور ڏور تائين سنڌ جي ساحلن کان وٺي ٿاريلي ٿاڪن تائين ڦهليل ملندو، اهي قصا تحريري ثبوت بجاءِ سيني به سيني ۽ نسل در نسل پنڌ ڪندا اسان تائين پهتا آهن. ان وقت سنڌ ۾ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو فن عام هو، ان جو سبب اهو هو جو سنڌ جو علائقو طبعي طور زرخيز ميدانن، ريگستانن ۽ جابلو وادين ۾ پکڙيل آهي. ان کانسواءِ سامونڊي توڙي درياهي بندرگاهن جي گهڻائي ڪري مسافرن جي ريل پيل رهي آهي. ان ڪري سنڌ جي هر علائقي سان منسوب ڪونه ڪو داستان ملي ٿو. سندن مقصد اخلاقيات جي تبليغ ۽ بهادرن جا ڪارناما ۽ عشقيه داستان هوندا آهن“.(3)سنڌي لوڪ ادب عشقيه ، نيم عشقيه ، رزميه ۽ دنيا جي ٻين به لوڪ ڪهاڻين سان به مالا مال آهي. مثال طور تي سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار ، دودو چنيسر ، مومل راڻو، مورڙو ميربحر وغيره.لوڪ داستان يا لوڪ قصا، سنڌ ۾خاص طور تي سومرن جي دؤر کان نثري ادب ۾ زباني طور هلندا پئي آيا. ڪيترائي لوڪ داستان فارسي زبان ۾ به قلمبند ٿي چڪا هئا. سنڌي اساسي شاعريءَ جو اساس آهي ئي ٻڌل لوڪ داستانن تي.
جڏهن اوڻوهين صديءَ جي نثري ادب جي ترقي ڪئي، تڏهن لوڪ داستانن کي نثر ۾ لکڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿي ۽ بيشمار ڪتاب نظم توڙي نثر ۾ شايع ٿيڻ لڳا. لوڪ داستان نه صرف عربي سنڌي رسم الخط ۾ شايع ٿيا، مگر ديوناگري خط ۾به لکيا ويا ۽ ڪتابي صورت ۾ آيا. ساڳن داستانن کي مختلف ليکڪن پنهنجي نقطه نگاهه سان وري وري لکيو. 1881ع ۾ اڌارام ٿانورداس ”ڳالهه دودي چنيسر جي“ لکيو. ساڳي داستان محمد يوسف ديوناگري خط ۾ ”دودو چنيسر“ جي نالي سان 1893ع ۾ شايع ڪرايو. ميجر گولڊ سمڊ مشهور داستان ”سسئي پنهون“ 1863ع ۾ لکيو، جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو. اڌارام ٿانورداس ”راءِ ڏياچ جو قصو“ 1862ع ۾ لکيو، ڄيٺانند ”نئون قصو عمر ماروي“ 1890ع ۾ لکيو. پوڪرداس ڪيترائي داستان لکيا ۽ شايع ڪرايا. اهڙي طرح خوشيرام پڻ ڪيترائي داستان لکيا، جن ۾ ”قصو ڪامسين ڪامروپ“ (1889ع)، ”قصو سوداگر جي پٽ جو“ (1896ع)، ”قصو ملي ۽ مواليءَ جو“ (1889ع)، ”قصو اٺ ۽ گهوڙي جو“ وغيره اهم آهن.
لوڪ داستانن ۾ جتي هندو اديب اڳتي هئا، اتي مسلمانن ليکڪن جو به وڏو تعداد هو. مثال طور محمد يوسف،عبدالڪريم آخوند،عرض محمد، عبدالرحيم محمد وفا، ابراهيم دل، سيد حيدرشاهه، فتح محمد، واحد بخش، احمد خان جلباڻي، امام بخش خادم، پير بخش ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا.مطلب ته هن دور ۾ لوڪ داستان، زباني روايتن کان نڪري ڪتابي دنيا ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿيڻ لڳا.
قصه نويسيءَ جي ترقي
قصو نثر ۾ به لکي سگهجي ٿو ته نظم ۾ به. قصن ۾ انسان پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ بادشاهن، وزيرن، جنن، ديون ۽ پرين جا ڪردار ٺاهي، گڏو گڏ انهن قصن ۾ اصلاحي پهلو به سمايل هوندو آهي. انساني ازلي جنگ: برائي ۽ ڀلائي جي سلسلي ۾ هڪ ڪمزور انسانن جي طاقتور جنن، ڀوتن، ڏائڻين کي شڪست ڏئي ٿو. شهزادا، بادشاهه، ڀلائي جي علامت هوندا آهن ۽ ديو، ڏائڻيون وغيره برائي جون علامت هونديون آهن. قصي جو هيرو ڪنهن اڻ ڏٺل محبوب، شيءِ جي تلاش ۾ نڪري پوي ۽ وڏيون مصيبتون ڪشالا ڪڍي ٿو. پر سندس ارادا مضبوط آهن. نيٺ هو ڪامياب ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخشي خان بلوچ ٿو ته ”ڪهاڻيون آڳاٽي دور ۾ اسريون ۽ ڪافي آڳاٽي دور کان رائج ٿيون. اول جن به شخصيتن تي جيڪي ٿي گذريو سو انهن پنهنجي ساٿين سان بيان ڪيو، پوءِ سورمن جا ڪارناما وڏن ننڍن کي ٻڌايا ۽ انهن پنهنجي اولاد کي سڻايا، جئين وقت وچان پوندو ويو تئين حقيقتن تي حڪايتن جو رنگ چڙهندو ويو، تان جو حقيقي ڪشالا ڪارناما ۽ قصا ۽ ڪهاڻيون بڻجي ويا. سنڌي داستان گهڻو ڪري سڀ زباني روايتون آهن، جن کي سيني به سيني سانڍيو ويو. انهن داستانن جي خوبي اها آهي ته جنهن به ماڻهوءَ کي ڪا به ڪهاڻي ياد آهي ته هو ان کي پنهنجي زبان ۾ بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي ئي لفظن ۾ ادا ڪري ٿو. صرف داستان جو بنيادي خاڪو ساڳيو آهي، باقي اسلوب هر راويءَ جو پنهنجو آهي“.(4)
سنڌي نثر ۾ قصي نويسيءَ جي ابتدا انگريزن جي دور ۾ٿي. مير شفيع احمد علوي لکي ٿوته ” سنڌي نثر ۾ قصي نويسيءَ جو رواج برٽش حڪومت جي اوڻهين صديءَ جي آخر ۾ پيو ، جڏهن ”ونهين ۽ ولهيءَ جي آکاڻي“، .ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“، ” سڌاتوري ۽ڪڌاتوري جي ڳالهه“ لکيا ويا، جي سڀ اخلاقي هئا.پوءِ رومانوي افسانا لکيا ويا، جن ۾ بادشاهن ۽ شهزادن جون ڳالهيون ، ديون ۽ پرين جون ڪهاڻيون ۽ جادوءَ جا ناشداني قصا ڏنل آهن. اهڙن افسانن لکڻ ۾ آخوند لطف الله هالائي ، احمد خان جلباڻي، حاجي امام بخش بدوي ، ماسترعلي بخش ۽ محمد حسين چڱو نالو ڪڍيو “.(5) اوڻوهين صديءَ ۾ به سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ترجمو ٿيل قصا شايع ٿيا ، جن ۾ ”گل خندان“ جو ترجمو آخوند لطف الله اردو جي مشهور قصن جي ڪتاب “تحفئه عجائب” تان ڪيو. ”الف ليليٰ“ کي سڀ کان پهرين 1895ع ۾ امام بخش خادم ترجمو ڪيو. ”داستان امير حمزه“ اصل فارسي ٻوليءَ مان ماستر احمد خان جلباڻيءَ ترجمو ڪيو. ”چار درويش“ اردو ٻوليءَ جو قصو آهي جيڪو سنڌيءَ ۾ امام بخش خادم 1895ع ۾ترجمو ڪري شايع ڪرايو.“طوطي نامو” هنديءَ جومشهور ۽ مقبول قصو آهي، جنهن کي اڌارام سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ”گل بڪاولي“ به فارسيءَ جو قصو آهي، جنهن کي عبدالواحد بڙديءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عبدالرحيم وفا، به ڪيترا ئي قصا سنڌي ادب ۾ شامل ڪيا. مرزا قليچ بيگ جو ”هرڻيءَ جوقصو“ ۽ ”رستم“ پڻ قابل ذڪر آهن.
ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ لکي ٿو ته سن 1885ع ۾ ماستر هري سنگهه سکر مان سن 1886ع ۾ پوڪرداس شڪارپور مان ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. هنن گهڻو ڪري اردو تان داستان ۽ قصا ترجمو ڪري پيش ڪيا، جيڪي هندستان ۾ اڳي ئي ڇپجي چڪا هئا. انهيءَ کان سواءِ ٻيون به طبعزاد ڪهاڻيون، عشقيه ۽ مزاحيه قصا جي هئا ”کچڻي ماني“، ”ڪوئا ٻلي“ ، ”سس نونهن“ ۽ ”ٽوپي پڳ“ انهن قصن سان گڏ ڪيترائي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا به لکيا ويا، جهڙوڪه ”عمر مارئي“، ”دودو چنيسر“ ، ”سهڻي ميهار“، ”مومل مينڌرو“، وغيره. ان کان علاوه ڪيترائي ازغيبي ۽ ڪرامتي قصا ۽ ڪهاڻيون به هن دؤر جي سنڌي ادب جي پيداوار آهن، جن ۾ انساني عشق بازيءَ سان گڏو گڏ جن، ڀوت، ديو، پريون ڪردار طور پيش ڪيل هئا“.(6)
آکاڻي نويسيءَ جي ترقي
”آکاڻي“ جي معنيٰٰٰ آهي”ڳالهه“. آکاڻيءَ کي هندي ٻوليءَ ۾ ”ڪهاني“، عربيءَ ۾ ”قصو“، فارسيءَ ۾ ”داستان“ ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڳالهه“ چوندا آهن. انگريزن جي دور ۾ سنڌي الف - ب جڙي راس ٿيڻ سان ئي ۽ نثر نويسي تمام تيزيءَ سان ترقي ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ادب ۾ نثري ادب ۾ آکاڻي نويسي نه صرف ترقي ڪئي پر افساني لاءِ به راهه هموار ڪئي. سنڌي ڪهاڻي جو سفر جيڪو داستان ۽ آکاڻي نويسي کان شروع ٿيو اهو پنهنجا ارتقائي مرحلا طئي ڪرڻ لڳو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب “سنڌي نثر جي تاريخ” ۾ ڪهاڻي نويسي واري باب ۾ هن دور سنڌي آکاڻيءَ کي ”وندر ۽ سکيا وارين آکاڻين جو دور “ سڏيو آهي.
سنڌي ادب ۾ جيڪي پهريون آکاڻيون ڇاپي هيٺ آيون، انهن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۾ سنڌي ٻولي جي محسن ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جو هٿ هو. هن ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ڪتاب انگريزي - سنڌي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيو، جيڪو 1849ع ۾ شايع ٿيو. اهي آکاڻيون ان کان اڳ زباني طور ته موجود هيون پر لکت ۾ ڪونه آيون هيون.”انهن ڪهاڻين جي اهميت ان ڪري آهي جو هي ڪهاڻيون آڳاٽيون سنڌي آکاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين مان آڳاٽي سماج ۽ ان ۾ درجي به درجي ٿيندڙ تبديلين کي پرکي سگهجي ٿو. اهي لوڪ آکاڻيون اڄ کان اٽڪل هڪ سئو ستر سال اڳ واري زماني جي سگهڙن جي آکاڻين کڻڻ جا سهڻا مثال آهن، ان سان گڏوگڏ هڪ سئو ستر سال آڳاٽي سماج جو مهانڊو انهن آکاڻين ۾ ڏسي سگهجي ٿو“.(7)
پهرين آکاڻي: هن ۾ هڪ ٻار تان جهڳڙو ۽ ٻن عورتن جي دعوى ته ٻار منهنجو آهي، ان آکاڻي جو بنيادي ۽ اهم نڪتو آهي. قاضيءَ جي ذهانت، انصاف جي تقاضا ۽ نفسياتي اثر جي ذريعي ٿيل انصاف ۽ سماجي جوڙ جڪ کي ظاهري ڪري ٿي.
ٻي آکاڻي: ٻه نوجوان پنهنجو ناڻو هڪ ٻڍي زال وٽ امانت طور رکن ٿا، ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ ڄڻو ٻئي کي مئل ڄاڻائي ٻڍي عورت کي امانت طور رکيل ناڻو وٺي وڃي ٿو، ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيو نوجوان اچي ناڻي جي گهر ڪري ٿو، ٻڍي زال کيس ٻڌائي ٿي ته تنهنجو دوست توکي مئل ڄاڻائي سڀ امانت مون کان وٺي ويو آهي، نوجوان کيس ڏوهاري ڪري ٿو. ڳالهه قاضيءَ تائين پهچي ٿي ۽ قاضي ان نوجوان کي چئي ٿو ته ٻيو ساٿي حاضر ڪر، هن عورت جو ڪوبه ڏوهه ڪونهي.
ٽين آکاڻي: هن آکاڻي ۾ طنز ۽ مزاح جو عنصر شامل آهي، هيءَ ڪهاڻي هڪ واقعي تي ٻڌل آهي.
چوٿين آکاڻي: هن آکاڻي جو عنوان “شهزادي امل ماڻڪ ۽ شهزادي حسن پري” آهي. هن ڪهاڻيءَ جو موضوع حسن ۽ عشق آهي، ان سان گڏوگڏ بادشاهي واري دور جي نمائندگي ڪري ٿي.
پنجين آکاڻي: هيءَ آکاڻي “راءِ ڏياچ جي ڪهاڻي” جي عنوان سان ڏنل آهي، هن ۾ سخي ڏاتارن جي سخاوت، ٻن راڄڌانين جو جهيڙو هڪ عورت تان، آڳاٽي سنڌي سماج جي نمائندگي ڪري ٿي.
ليفٽيننٽ ڊبليو ڊي ڊڪسن سنڌي زبان جو هڪ گمنام آکاڻي نويس آهي. هو شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو. هن 1851ع ۾گليڊ ون جي انگريزي ڪتاب “پرشين منشي” (Persian Munshi) جو سنڌيءَ ۾ترجمو ڪيو . هو ڪيپٽن جارج اسٽئڪ کان متاثر هو ۽ خداوادي خط جو حامي هو. هن سنڌي زبان جو خاص امتحان به خداوادي خط ۾ پاس ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ 50 ننڍڙيون آکاڻيون هيون، جيڪي 1852ع ۾“دوساڀائي جا جملا” سان گڏ شايع ٿيون.ان سان ثابت ٿيو ته ڪيپٽن جارج اسٽئڪ کان پوءِ ليفٽيننٽ ڊڪسن ٻيو انگريز عملدار هو، جنهن سنڌي زبان ۾ آکاڻيون ترجمو ڪيون“.(8)
”1890ع ڌاري گرداسمل ڪرپالاڻيءَ مشهور هندي آکاڻين جو ڪتاب ”بيتال پچيس“ (125 آکاڻيون) الف ليلى واري طرز تي لکيل ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپايو هو. 1890ع ڌاري ديوان هيراچند کيمسنگهه جي مهاڀارت تان ورتل آکاڻين ”ساتري“ به پڌري ٿي هئي، جنهن مان هن انگريز عالم جو سنڌيءَ مان به چڱو چاهه ظاهر هو“.(9)”سڀا جو سينگار“ (1894ع) ۾ مشهور آکاڻين جو ڪتاب سوڀراج هاسارام ڏسواڻي قديم هندي جي ڪتاب “پنج تنتر” تان ترجمو ڪيو. 1895ع ۾ ”دلپسند قصا“ نالي سان هڪ وندرائيندڙ ڪهاڻين جو ڪتاب، روچيرام گجومل ڪرپالاڻي جو لکيل پڻ پڌرو ٿيو، جنهن ۾ وڻندڙ آکاڻيون ڏنل هيون. 1895ع ۾ هڪ ٻيو اڪثير ڪهاڻين جو ڪتاب “عجيب نقطا” نڪتو جنهن ۾ روچيرام گجومل جون لکيل اخلاقي آکاڻيون هيون“.(10)
نظرام لوڪومل پنواڻي جو ڪتاب “واندڪائي جي وندر” ڏاڍو مشهور ٿيو. هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ روحاني ۽ ڪرامتي آکاڻيون ڏنل هيون. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته “اهو ڪتاب به ٻالڪپڻ ۾ اهڙي چاهه وچان پڙهندا هئاسون، جو کائڻ پيئڻ وسري ويندو هو“.(11)
شروعاتي آکاڻيون حڪومت جي تعاون سان شايع ٿيون، انهن جو مقصد درسي گهرجون پوريون ڪرڻ هو. انهن آکاڻين ۾ سبق آموز مقصد رکيل هوندو هو، جيئن ٻار خاص طور تي اسڪولي شاگرد انهن مان ڪو سبق پرائي سگهن. اهڙي قسم جي هڪڙي آکاڻي “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” 1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ ترجمو ڪئي. ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۾ زميندار جي ڪردار کي اڀاريو ويو جيڪو جاگرداري نظام جي اهم ڪڙي آهي. انگريز زميندارن ۽ جاگيردارن جي زور تي حڪومت ڪندو رهيو. انهن آکاڻين جو بنيادي نقطو انگريز راڄ ۽ سردار سان سهڪار ڪرڻ هو. ٻي آکاڻي “سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه” 1855 ۾ ميران محمد شاهه ترجمو ڪئي هئي. هن آکاڻيءَ ۾ سٺن لڇڻن واري ٻار ۽ خراب صحبت واري ٻار جي زندگي بيان ڪئي وئي هئي. ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري“ جي ڳالهه ۾ آفيسر شاهي واري ذهنيت جو پرچار ڪرڻ ۽ وقت جي حاڪم جي قوت کي به تسليم ڪرائڻو هو. ديوان ننديرام ۽ بي ايڇ ايلس قديم انگريزي ڪهاڻين جو ترجمو “ايسپ جون اکاڻيون” جي نالي سان ترجمو ڪيو. هي قصا اخلاقي ۽ اصلاحي موضوعن تي هئا. هن ڪتاب ۾ ٻه سئو ٻه (202) مزيدار آکاڻيون آهن. ”ايسپ جون آکاڻيون“ قديم سماج جي حوالي سان ڪهاڻيون آهن جن ۾ عقل ذهانت ۽ نصيحت ملي ٿي. ”سڀا جو سينگار“ جو مرڪزي خيال اهو آهي ته بادشاهي نظام کي ڪيئن قائم رکجي، تنهن لاءِ چوڏهن هدايتن کي قصي جو موضوع بنايو ويو آهي.”طوطي نامو“ (اڌارام) ۽ ”بيتال پچيس“ جنهن مان پهريون سنسڪرت ۽ ٻيون هندي تان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا. هنن ۾ الف ليليٰ جهڙي افسانوي ماحول سان گڏ نيڪي ۽ بدي جي جنگ ۾ ڪشمڪش ڏيکاريل آهي. ”طوطي نامو“ هڪ عورت جو دلچسپ قصو آهي“.(12)
ناٽڪ نويسيءَ جي ترقي
سنڌي ناٽڪ جا اهڃاڻ قديم دؤر کان موجود هئا، پر سنڌي ناٽڪ جو موجوده روپ ۾ انگريزن جي دؤر کان شروع ٿئي ٿو. سنڌ ۾ جيڪي پارسي۽ گجراتي ڪمپنيون پنهنجا ناٽڪ کڻي اينديون هيون انهن ۾”پارسي اوريجنل اوپيرا ڪمپني” ۽ “روز ٽاورز ڪاميڊي ڪمپني” مشهور هيون. الله بخش عقيلي ”سرشار“ لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ جيڪي ٻاهر کان ايندڙ ڪمپنيون ناٽڪ اسٽيج ڪرڻ اينديون هيون سي پاڻ سان گڏ عارضي ۽ ٻيو ناٽڪن جو سامان کڻي اينديون هيون. ٻاهر کان ايندڙ انهن ناٽڪ ڪمپنين ۾ پهرين ڊرئميٽڪ ڪمپني هڪ پارسي سيٺ پسٽنجي فرامجي 1877ع ڌاري بمبئي ۾قائم ڪئي. هن جي مرڻ کان پوءِ اها ڪمپني ٽٽي ٻه ڪمپنيون ٿيون. اصلي ڪمپنيءَ جو نالو ”اوريجنل ٿئيٽريڪل ناٽڪ ڪمپني“ هو، جنهن جي ٽٽڻ تي خورشيد جي بالي والا ”وڪٽوريا ناٽڪ ڪمپني“ ۽ ”ڪائوسجي کٽائو“ ان جي مقابلي ۾ ”الفريد ٿئيٽريڪل ڪمپني“ ڪڍي. ڪراچيءَ ۾انهن ڪمپنين جون شاخون ”جمعدار جي ڪمپني“، ”رازل جي ڪمپني“ ۽ ”جميلا جي ڪمپني“ ڊراما پيش ڪنديون هيون“.(13)
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته “ اوڻوهين صديءَ جي آخر ۾”ڏيتي ليتي“ منڊلي برپا ٿي. حيدرآباد ۾سنڌي شاهي بازار مشهور هئي. تختن واري اسٽيج جو اڃا ڪو رواج ڪونه پيو هو. ڏيتي ليتي منڊليءَ جيڪو ناٽڪ ڪيو سو بازار ۾ مشهور ”ڪڪڙ ڪمپنيءَ“ جي دڪانن جي کُڏَ تي. ان روڳ جي برخلاف وندرائيندڙ چهچٽا ڪري ڏيکاريندا هئا، جي انبوهه ماڻهن جي وچان هيٺان بازار مان ڏسندا هئا سون”. هو وڌيڪ لکي ٿو ته: شروع ۾ ٻاهران ايندڙ ناٽڪ منڊليون اڪثر پسگردائيءَ ۾ ڪنهن کليل ميدان جي هڪ حصي کي کوٽي، منچ لاءِ کڏ ٺاهينديون هيون ۽ نڪتل مٽيءَ کي گڏي سامهون وجهي لاهي ٺاهيندا هئا. ائين منچ هيٺائينءَ تي ۽ ڏسندڙن لاءِ جڳهه مٿڀرو هوندي هئي“.(14)
هنن ناٽڪ منڊلين ۾ رومانوي داستانن ۽ ڌرمي موضوعن تي ناٽڪ ڏيکاريا ويندا هئا. هنن ناٽڪن ۾ آغا حشر ۽ ماسٽر رحمت جا اوپيرا ناٽڪ مشهور هوندا هئا. اهڙن ناٽڪن ۾ ”اندر سڀا“، ”راجا اندر“، ”خدا دوست“، ”خوبصورت بلا“، ”هريش چندر“ ، ”ليلا مجنون“ ، ”شيرين فرهاد“ ۽ ”شڪنتلا“ وغيره اهم هئا. هنن ڪمپنين جي پيش ڪيل ناٽڪن تي تنقيدي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته اهي اڪثر ناٽڪ ڌرمي ۽ ديو مالائي ڪهاڻين يا سنسڪرت ناٽڪ ۾آيل مضمونن جي آڌار تي جوڙيل هئا. البته رومانوي قصن وارا ناٽڪ وڌيڪ پسند ڪيا ويندا هئا. ڌرمي ناٽڪن جي ڪري سنڌي ناٽڪ جو گهڻو شوق پيدا ٿي نه سگهيو، ڇو جو اهي هڪ مذهب جي عڪاسي ڪندڙ ناٽڪ هئا. اڳتي هلي جڏهن سنڌ ۾ ناٽڪ لکجڻ ۽ کيڏجڻ جو رواج پيو ته ناٽڪن ايستائين ترقي نه ڪئي جيستائين انهن کي ڌرمي موضوعن کان آزاد ڪري سماجي موضوعن تي آندو ويو.
سنڌي ناٽڪ جي شروعات جي باري ۾ جنيت ريلواڻيءَ پنهجي ڪتاب ”سنڌ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا“ ۾ نئون اڪشاف ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” سن 1875ع کان اڳ سنڌي ناٽڪ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ان سال مس ميري ڪارپينٽر سنڌ ۾ آئي هئي. حيدرآباد ٽرئينگ ڪاليج جي هيڊ ماستر هڪ ڪهاڻي تان ناٽڪ تيار ڪري شاگردن کان پيش ڪرايو هو پر اهو ڇپيو ڪو نه هو“.(15) ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڪليات خادم“ جي حوالي سان لکيو آهي ته ”خادم صاحب هي ڪتاب حيدرآباد ۾ غالباََ 1879ع ۾لکيو هو، جيڪڏهن اهو سن درست سمجهيو وڃي ته پوءِ سنڌي ادب ۾ پهريون ڊرامو امام بخش ”خادم“ جو ”هير رانجهو“ ئي ٿي سگهي ٿو ۽ نه مرزا قليچ بيگ وارو ”ليليٰ مجنون“ جو 1880ع ۾ لکيو ويو هو“.(16) مير محمد نظاماڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ڊراما ۽ ان جي ارتقاءَ جو نظريو، فن ۽ تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”ٻئي طرف شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جا اوائلي ڊراما ”ليليٰ مجنون“ ۽ ”خورشيد“ اٽڪل هڪ سو سال اڳ شايع ٿيا ۽ ان وقت کان وٺي سنڌي ڊرامي جي تاريخ بلڪه سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نهايت اهم مقام حاصل ڪري چڪا آهن انهيءَ ڪري هي حقيقت آهي ته مرزا قليچ بيگ مرحوم سنڌي ڊرامي جو باني آهي ۽ سندس لکيل ڊراما “ليليٰ مجنون ”۽ “خورشيد” سنڌي زبان جا اوائلي ڊراما آهن“.(17)
مرزا قليچ بيگ جو ناٽڪ ”خورشيد“ لکيو هو جيڪو 1887ع ۾ شايع ٿيو. سال 1888ع ۾ ڪوڙو مل کلناڻيءَ جو ”رتناولي“ ناٽڪ ڇپيو.ساڳي سال ۾ ماستر ڄيٺانند جو ترجمو ٿيل ناٽڪ ”انڌير نگري“ شايع ٿيو. اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ مرزا قليچ بيگ جا لکيل ٽي ناٽڪ به شايع ٿيا، جيڪي آهن ”بڪائولي“ 1894،”نورجهان ۽ جهانگير“ 1896ع ۽ ”نادر شاهه“ 1897ع ۾. مرزا قليچ بيگ ان دؤر ۾ ”ڪاليداس“سنسڪرت ناٽڪ ”شڪنتلا“ 1896ع ۽ شيڪسپيئر جي ٻن ناٽڪن جو به سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيو، جيڪي آهن ”حسنا دلدار “ 1897ع مرچنٽ آف وينس تان ورتل ۽ ”شاهه ايليا“ڪنگ ليئر جو ترجمو هئا.
اوڻوهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ سنسڪرتي ادب جي ڪن ڪهاڻين جي آڌار تي لکيل ناٽڪ به اسٽيج تي ڪاميابيءَ سان پيش ڪيا ويا. ليلا رام وطڻمل جا ”هريش چندر“ 1895ع ۽ ڏيئومل گاگن مل جو لکيل ”رام بنواس“ 1897ع وغيره آهن. انهن کان علاوه هري سنگهه ڊنگومل ”اندر سڀا“ 1890ع ۽”خدا دوست“ 1890ع، پيرومل جا نانڪ ”بلبل بيمار“ 1894ع، “علي بابا چاليهه چور” 1894ع ، ماستر ڄيٺانند جو ناٽڪ ”ستي سهاڳڻ“ (1896ع) اهم ناٽڪ ليکيا وڃن ٿا.
سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊرئميٽڪ ناٽڪ منڊلي، ڪراچي:
”سنڌ جي پهرين ناٽڪ منڊلي، ڪراچيءَ واري ڊي- جي ڪاليج جي انگريز، پرنسپال، ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پارسي وائيس پرنسپال، پادشا جي اُدم ۽ جفاڪشيءَ سان، 1894ع ۾ برپا ٿي، جنهن جو نالو ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج اميچرئر ڊراماٽڪ ڪلب” رکيائون، ۽ ساڳي سال ميٺارام هاسٽل جي اڏاوت به شروع ٿي، جنهن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ سانگي ئي ناٽڪ منڊلي ٺاهي هئائون.هن منڊليءَ جو پهريون هدايتڪار لوڪ سنگ ملڪاڻي ۽ پهريون مکيه ناٽڪ نويس ليلارام وطڻمل هئا“.(18) منڊليءَ ۾ جيڪو پهريون ناٽڪ ڪري ڏيکاريو هو سو هو ”نل دمنتي“.جنهن 1894ع ۾ پهريون ناٽڪ ڄيٺانند کلڻنداس ڀريائي جو لکيل ‘نل دمينتي’ پيش ڪيو. ان ناٽڪ لاءِ سڄي شهر جي معززن کي دعوت ڏني وئي، جڏهن ناٽڪ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ مقرر ٿيل هئي. هن سوسائٽيءَ جيڪي ناٽڪ ڪري ڏيکاريا تن جو مختصر وچور هن ريت آهي:
نمبر عنوان مترجم/ ليک سن
1. نل دمنتي ڄيٺا نند کلڻنداس 1894ع
2. هرشچندر ديوان ليلارام وطڻمل 1895ع
3. لوڀي ۽ ٺوڳي مرزا قليچ بيگ 1895ع
4. مهن تارڪا ديوان ليلارام وطڻمل 1896ع
5. شڪنتلا مرزا قليچ بيگ 1896ع
6. سورجن راڌا ديوان ليلارام وطڻمل 1897ع
7. حسنا دلدار مرزا قليچ بيگ 1897ع
8. رامايڻ ديوان ليلارام وطڻمل 1898ع
9. شاهه ايليا مرزا قليچ بيگ 1900ع
10. شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو مرزا قليچ بيگ 1900ع
”1897ع ۾ ڌرم اپڪار ڊرئيميٽڪ سوسائٽي، شڪارپور برپا ٿيل هن ناٽڪ منڊليءَ جو روح روان ديوان ٺاڪرداس هو. هن منڊليءَ جي ناٽڪن ۾ شڪارپور جا معزز شهري جهڙوڪ وڪيل، ڊاڪٽر، جج ۽ وڏا واپاري سڀئي پارٽ ڪندا هئا. هن منڊلي 1897 ۾ گاگنسنگ آڏواڻيءَ جو ’شڪنتلا ۽ دشينت‘ ناٽڪ پيش ڪيو هو“.(19)
ناول نويسيءَ جي ترقي
ناول جي لغوي معنيٰٰ آهي ”نادر ۽ نئين ڳالهه“. پر ادب جي صنف ۾ هن جي وصف بنيادي زندگيءَ جون حقيقتون بيان ڪرڻ آهي۔ ناول جي جيڪڏهن جامع وصف ڪئي وڃي ته هيئن ٿيندي ناول هڪ نثري قصو آهي جنهن ۾ هڪ مڪمل زندگي بيان ڪئي ويندي آهي۔ناول جا عنصرن ۾ ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردار، مڪالمو، اسلوب ۽ موضوع وغيره شامل آهن. هيءَ صنف به يورپ مان هندستان ۾ آئي ۽ هندستان مان سنڌ پهتي. ناول قصي جي سڌريل صورت هئڻ کان سواءِ ڪافي ٽيڪنڪ ۾ مختلف هو. هڪ نئين شيءِ هئي ۽ عوام ۾ مقبول ٿي. ”سنڌي ادب ۾ ناول نگاري انگريزن جي آشيرواد سان رائج ٿي. انگريزن به هتان جي عوام کي سمجھائڻ لاءِ اهڙا قصا ۽ ناول ترجما ڪرايا جن سان شهنشاهيت جي پرچار ٿئي. ان ڏس ۾ هنن ڪي قصا ترجمو ڪرايا، جن ۾ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ چاهي ته سنڌ وارن تي هنن زوريءَ حڪومت نه آندي آهي، بلڪه قدرت سندن ڀلي لاءِ هنن کي موڪليو آهي. ان ڏس ۾ غلام حسين قريشيءَ جو ترجمو ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ 1854ع ۽ سيد ميران محمد شاهه اول جو ”سڌاتوري ڪڌا توري جي ڳالهه“ 1855ع وغيره ترجما ڪرايا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو خيال آهي ته ”سڌا تورو ۽ ڪڌا توري جي ڪهاڻي انگريزن جي حڪمت عمليءَ جو جيئرو جاڳندو نمونو آهي. هي قصو ڪو ناول ته نه آهي پر سنڌيءَ ۾ جيڪا صورت وٺي بيٺو آهي، تنهن موجب سنڌي ناول جي اوائلي اهڃاڻن ۾ شمار ضرور ٿيندو“.(20)
سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو ڪيو ويو اهو هو ڊاڪٽر سيموئل جانسن (1709-1774ع) جو لکيل ”راسيلاس“ (Rasselass) جنهن جو ترجمو ديوان اڌارام ۽ ساڌو نولراءِ گڏجي 1870ع ۾ ڪيو . هن ناول جي ترجمي نگارن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ويا. هن ناول ذريعي شهنشاهيت جي پرچار ۽ خدائي خوف جو درس ڏنو ويو. ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، ”طلسم“ (Talisman) آهي. هي ناول جڳ مشهور ناول نگار سر والٽر اسڪاٽ (1771-1832ع) جو لکيل هو. هن ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند ترجمو ڪري “سرسوتي” ۾ شايع ڪرايون . بعد ۾ سندس اوچتي ديهانت ڪري، ڀيرو مل مهرچند مڪمل ترجمو ڪري ڇپرايو. ڊاڪٽر چندو لعل پنهنجي ڪتاب “سنڌي ناول جي ارتقاءَ” ۾ ڄاڻايو آهي ته ناول جون شروعاتي قسطون ساڌو هيرانند نه بلڪه بولچند ڪوڏو مل ڪيون هيون. هي ناول عيسائين ۽ مسلمانن جي صليبي جنگين تي ٻڌل هو.
سنڌي ادب ۾ طبعزاد ناول لکڻ جو سهرو مرزا قليچ بيگ ڏانهن وڃي ٿو. هن 1888ع ۾“دلارام” نالي پهريون طبعزاد ناول لکيو. هن ناول تي به داستان جو رنگ غالب آهي، ڇو جو ڪهاڻيءَ جو پلاٽ قديم دؤر جي بادشاهن جي قصي تي مبني آهي ۽ انساني زندگيءَ جي برعڪس مافوق الفطرت ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن. هي ناول دراصل اصلاحي فڪر ۾ ڏنو ويو آهي، سنڌي ادب ۾ داستان کان ناول طرف هي پهريون قدم هو.
مرزا قليچ بيگ جو ٻيو ناول “زينت” 1890ع سنڌي ادب ۾ جديد ناول نگاريءَ جو پهريون مثال آهي. هن ناول جديد ناول جي پوري ٽيڪنڪ استعمال ڪئي ويئي. ناول جي اصل مقصد تحت زندگيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي. هن ناول ۾ مرزا قليچ بيگ انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي روشني وڌي آهي. ٺيٺ سنڌي ماحول پيش ڪندي، رسمن ۽ رواجن جي خامين کي خوب ننديو آهي. 1892ع ۾ ديوان پريتم داس ”عجيب ڀيٽ“ لکيو، جيتوڻيڪه هن ناول ۾ به سماجي حقيقت نگاري موجودآهي پر پوءِ به ناول تي داستاني رنگ پڻ حاوي آهي.ان کان علاوه هريسنگهه ڊنگو مل جو ”عشق تماچا “(1890ع) ، ڪيولرام جو “عجيب الغنچه”، احمد خان جلباڻيءَ جو “نينهن نڀائڻ يا سچي سڪ“ (1891ع)، بولچند ڪوڏومل جو ”واندڪائيءَ جي وندر“ (1895ع)، ليکومل جو ترجمو “فسانه عجيب” وغيره به هن دؤر ۾ لکيا ويا.
مضمون نويسيءَ جي ترقي
اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ننڍا مضمون جيڪي شايع ٿيا، اهي ان دؤر جي اخبارن ۽ مخزنن جي پرچن ۾ شايع ٿيا. ان دؤر جي ننڍن مضمونن جا ڪي به مجموعا ڪتابي صورت ۾ نظر نه آيا آهن، پر ان ۾ شڪ نه آهي ته انهن جا موضوع گهڻو ڪري ان دؤر جا سماجي ۽ سياسي مسئلا هئا. ”ديوان ڪوڙويمل کلناڻيءَ جو ”پڪو پهه“، زناني تعليم جي اهميت تي لکيل وڏو مقالو آهي، جيڪو 1862ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. ان بعد مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل ڪتاب “مقالات الحڪمت” 1877ع نظر اچي ٿو، جيڪو انگريزي ڪتاب بيڪنس ايسيز (Bacon’s Essays) جو ترجمو آهي. مرزا قليچ بيگ، ان صديءَ ۾ جدا جدا موضوعن تي ڪجهه ٽڪنيڪي ڪتاب به لکي ڇپايا. جئين ته “علامات القرآن” (قرآن شريف ۾ تمثيلون) 1888ع، “باغ ۽ باغباني” 1895ع، “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر” 1895ع ۽ ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ 1885ع وغيرهه“.(21) پوءِ صحافتي دؤر شروع ٿيو. اخبارون ڇپجڻ لڳيون. پهرين سنڌي اخبار ”معين الاسلام“ هئي، جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي مضمون ڇپيا. پوءِ ٻين به اخبارن ۾ مضمون ڇپجڻ لڳا. ائين مضمون نويسيءَ جي شروعات ٿي. سنڌ سڌار اخبار جيڪا تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ٿي، ان ۾ مضمون نويسيءَ کي جڳهه ملي ٿي. ”سر سوتي“ رسالو پنهنجي دؤر ۾ سماجي اخلاقي، مذهبي ۽ تعليمي مضمونن ۾ تمام گهڻو مشهور هو. 1891ع ۾ پرڀات، 1896ع ۾ ”جوت“ 1900ع ۾ ”الحق“ جهڙا رسالا ۽ اخبارون ميدان ۾ آيا.ٻئي طرف، ڏيارام گدومل سنڌيءَ ۾هندو ڌرم ۽ سک پنٿ جي متن ۽ فلاسافيءَ تي مضمون لکيا، جن ۾“جپ صاحب” (1891ع) ، “سري ڀڳوت گيتا” 1893ع وغيره اهم آهن. ان دؤر ۾ تاراچند شوقيرام آڏواڻيءَ ۽ ڪوڙو مل کلناڻيءَ سنتن ، درويشن ۽ ڀڳتن جي حياتيءَ بابت به ننڍا ڪتاب ۽ مضمون لکي شايع ڪرايا.
پهاڪا
پهاڪو انگريزي ٻولي Proverb هڪ ننڍو ياد رکڻ جهڙو بياني جملو آهي.پهاڪو اهڙين چوڻين کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ عقل مشاهدو ۽ ڏاهپ سمايل هوندي آهي. سنڌي ادب جي سرموڙ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب جي ديباچي ۾ پهاڪن جي وصف مختصر طور هيئن بيان ڪئي آهي: ”پهاڪو هڪ ننڍڙي چوڻي يا ڪهاوت آهي جنهن ۾ وڏو سچ لڪل ٿو رهي، جو عملي طور ڪمائتو ٿو ٿئي. پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جو چرچو آهي، پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي“.(22) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڄاڻايو آهي ته :”پهاڪو سنسڪرت جو لفظ آهي پٿڪ =پٿ+ آڪو =سٽ سلجهائڻ، سلت، ويچار ڪرڻ“.(23)
پهاڪو پر معنيٰٰٰ هجڻ سان گڏ سلوڻو، وڻندڙ ۽ مزيدار هوندو آهي. سنڌي پهاڪن جي اِها خوبي آهي ته انهن ۾ گهڻي قدر شعريت ۽ ميٺاڄ هوندو آهي ۽ ڪيترن پهاڪن ۾ تڪ بندي ۽ قافيابندي به هوندي آهي، جنهن ڪري وڌيڪ سلوڻا ۽ سهڻا ٿي پوندا آهن، جيئن:
1: اٽو، چي گهوٻاٽو.
2: هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي.
3: ڏاچي هڻي ڏهه، توڏو هڻي تيرنهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو انگريز دور حڪومت ۾ شروع ٿيو، جنهن ۾ مختلف صنفن تي ڪتاب لکيا ويا جن ۾ پهاڪن جا مجموعا پڻ گهڻي اهميت رکن ٿا.
سنڌي ڇپيل پهاڪن جو پهريون ڪتاب، سنڌ جي اوائلي نثرنگار، ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ”سنڌي پهاڪا“ جي نالي سان سنه 1889ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ اٽڪل ٻارنهن سو پهاڪا الف- ب وار ترتيب سان ڏنل آهن، جڏهن ته انهن پهاڪن جي سمجهاڻي ڏنل ناهي.
ڪوڙيمل جي ڪتاب کان پوءِ، سنڌي پهاڪن بابت ٻيو ڪتاب، روچيرام گجومل ڪرپلاڻي جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب (A Hand book of Sindhi Proverbs, with English renderings and equivalent Sayings) جي نالي سان ڪراچي مان سنه 1895ع ۾ شايع ٿيو. ديوان ڪيولرام پڻ پهاڪن جو ڪتاب ”گل شڪر“ جي نالي سان مرتب ڪيو. ڪيولرام سلامتراءِ جو ٻيو ڪتاب ”گل“ به لکيل آهي جنهن ۾ اخلاقي آکاڻيون ڏنل آهن ۽ آخر ۾ سمجهاڻيءَ سميت سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح، ”گل قند“ جي نالي سان ڏنل آهن.
انگريزي ۽ سنڌي لفظن جي معنائن جا چوپڙي ڪتاب
پهاڪن، لغتن کانسواءِ درسي ڪتابن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ انگريزي ۽ سنڌي لفظن جي معنائن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. هي ڪتاب شاگردن جي سهولت خاطر هوندا هئا. اهڙن ڪتابن جا نالا انگريزيءَ ۾ رکيا ويندا هئا. هن قسم جا ڪتاب چتريج لالچند، ڄيٺانند موجسنگهه، مهرچند آڏواڻي، جهمٽراءِ گلراجاڻي، خوشالداس درمداس، تيجومل گجومل ڪرپلاڻي، روچيرام گجومل، وسڻمل ڪشنچند، رامچند ۽ ٻيا ليکڪ شامل هئا.
سنڌي لغت نويسي ۽ گرامر نويسي
هن دور ۾ سنڌ اندر لغت لکڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو. اِهو سلسلو ان لاءِ به شروع ٿيو ته جيئن انگريز عملدارن کي سنڌي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي. اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ’سنڌي – انگريزي‘ ۽ ’انگريزي – سنڌي‘ لغتون لکيون ويون. سڀ کان اول ڪئپٽن جارج اسٽئڪ سنڌي زبان ۾ گرامر ۽ لغت جا ڪتاب لکيا:
1. A Dictionary of English and Sindhi- 1849
2. A Grammar of Sindhi Language- 1849
3. A Dictionary of English and Sindhi- 1855
انهن ڪتابن ۾ سنڌي لفظ ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل آهن. پهريان ٻه ڪتاب، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي حياتيءَ ۾ ئي شايع ٿيا، پر سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ جا اٽڪل ڏيڍ سئو کن صفحا بمبئيءَ ۾ ڇپيا هئا ته اسٽئڪ گذاري ويو. بعد ۾ اها ڊڪشنري سنڌ جي تعليم کاتي طرفان بيرو ايلس ڇپائي پڌري ڪئي.
1857ع ۾ اڌارام ٿانورداس جو انگريزي ٽائيٽل سان سنڌي ڪتاب “گرامر آف دي سنڌي لئنگئيج” شايع ٿيو، جيڪو انتهائي شاندار هو ۽ انگريزي عملدارن جي امتحانن لاءِ ڪورس ۾رکيو ويو . 1868ع ۾ لڪشمڻ وشنو ”پراجپئي ”انگريزي – سنڌي لغت“ مرتب ڪئي، جيڪا بمبئيءَ مان ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ شايع ڪئي. هن ڊڪشنريءَ جون ڪاپيون برٽش لئبرري، آڪسفورڊ يونيورسٽي لئبرري ۽ آسٽريليا جي نئشنل لئبرريءَ ۾ موجود آهن.
اُن لغت جي شايع ٿيڻ جي ڪجهه وقت کانپوءِ، جارج شرٽ ۽ ٻن سنڌي عالمن”منشي اُڌارام ٿانوراس ميرچنداڻي ۽ مرزا صادق علي بيگ گڏجي ”سنڌي – انگريزي لغت“ لکي، جيڪا سنڌ ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ 1879ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪئي. چٽرڀڄ لالچند اوجها ۽ اڌنمل سترامداس سداڻيءَ گڏجي انگريزي- سنڌي مشق جو ڪتابTranslation Exercises Anglo- Sindhi)ڪراچيءَ مان 1883ع ۾ ڇپايو. سال 1883ع ۾ اميد علي ڪريم محمد ۽ علي قلي فريدون بيگ مرزا جو تيار ڪيل مينيول.
(A Manual of Anglo- Vernacular for Sindhi Students, withڪمرشل پريس ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو . هن ۾ مشقن کان علاوه، گرامر پڻ ڏنل آهي. جهمٽمل نارومل واسڻاڻي جو ڪتاب، ”سنڌي ٻوليءَ جو نئون وياڪرڻ“ جي نالي سان ڪراچيءَ مان سال 1892ع ۾ شايع ٿيو. حڪومت هن ڪتاب کي حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ هاءِ اسڪول جي وڏن ڪلاسن لاءِ منظور ڪيو. هن ۾ سنڌي گرامر جا اصول وضاحت سان بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ ۾ مصنف کي پنجن سالن جو عرصو لڳو، جنهن ۾ هن کي مختلف سنسڪرت جي گرامر جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻو پيو.
1860ع ۾ ميان محمد حيدرآباديءَ جو “سنڌي صرف و نحو” شايع ٿيو.ان وقت سنڌي جي محقق ۽ عالم آخوند عبدالرحيم عباسي، سنڌي – فارسي لغت (”جواهر اللغت سنڌي اڪيچار“) مرتب ڪئي پر فارسي ٻوليءَ جي گهٽ استعمال جي ڪري اُها لغت قلمي صورت ۾ رهجي ويئي . اُن لغت کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري 1993ع ۾ شايع ڪيو آهي“.(24)
تنقيد ۽ تحقيق جي ترقي
اڻويهين صدي خاص طور تي آخري چوٿائيءَ ۾سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تنقيد جون صنفون رائج ٿي چڪيون هيون. مضمونن ۽ تحقيقي ڪتابن جو هڪ خاص سلسلو هلي پيو. ڪن عالمن، اديبن، بزرگن جون سوانحون لکيون ته ڪن مشهور شاعرن جا رسالا مرتب ڪري طويل تمهيدون ۽ مقدما لکيا. ديوان ڏيارام گدومل ”جپ صاحب“ ۽ رباعيات عمر خيام جو مهاڳ ۽ ساميءَ جي سلوڪن جو جائزو وغيره شاندار مثال آهن.
خليفي گل محمد ھالائي سنڌي زبان جو پھريون صاحب ديوان شاعر ٿي گذريو آھي. عروضي شاعريءَ ۾ سندس ادبي مقام نمايان آھي. ”ديوان گل“ 1875ع ۾ شايع ٿيو. پنھنجي شايع ٿيل ديوان جي منڍ ۾ پيش لفظ ۾تعارف لکيائين. ھن ديوان جي چٽائيءَ ۾ يارنھن باب شامل آھن ۽ ھر باب کي "واٽ" سڏي ٿو. پھرين واٽ ۾ صورتخطيءَ تي بحث ڇڙيل آھي. سندس خيال موجب صورتخطي ڪاميٽيءَ کان ڪجھھ ڪوتاهيون ٿيون آھن. انھيءَ لاءِ ھن ٻين بابن ۾ دليل ۽ چارٽ بھ ڏنا آھن ۽ پنھنجي ديوان ۾56 اکرن تي ترتيب ڏنو اٿس. ھن پنھنجي طرفان اھا صورتخطي ھينئنءَ تجويز ڪئي آھي:
ا ب ٻ پ ڀ ت ٺ ٽ ٿ ث ج ج هه ڄ
ڃ چ ڇ ح خ د ڊ ڍ ڌ ڏ ذ ر ژهه ڙ ز
س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ
ک گ گ هه ڳ ڱ ل ل هه م ن ن هه ڻ و ھھ ي
ھن جي صورتخطيءَ ۾” ء“ ڪونھي.ھي غزل گو شاعر علم اللسان ۾ ڄاڻ رکندو ھو . ھڪ ھنڌ سنڌي صورتخطيءَ لاءِ ھينئن بيان ڪيو اٿائين :
”منجھ پروڙ اکرن سنڌي ۽ فارسي ۽ عربي جي ته ڪيترا سنڌي آھين ۽ ڪيترا فارسي ۽ ڪيترا عربي ۽ اکر سنڌي ۽ فارسي منجھان ڪھڙن اکرن عربي نڪتا آھين ۽ تفاوت ڪن اکرن جو منجھ سنھائي ۽ ٿلھائي ٻولي جي ۽ اکر عربي ڪھڙا منجھ سنڌي ٺھئو ٿا ۽ ڪھڙا نه ٿا ٺهن ۽ ڪهڙا ساڻ ٻئن اکرمٽجن ٿا ڪهڙا نه مٽجن ساڻ بيان اکرن ۽ انگن ۽ ڳڻتي ليکي ابجد جي مٿي ڳچ جيترن واٽن ۽ چٽن جي“.(25)
هن دور ۾ ٻه ديوان ؛ ”ديوانِ فاضل“ ۽ ”ديوانِ قاسم“ ذڪر لائق آهن. انهن ٻنهي ديوانن کي درسي ڪتابن طور منظور ڪري اسڪولن ۾ رائج ڪيو ويو هو جنهن مان هن دور ۾ غزل جي مقبوليت وڌي وئي هئي تنهن ڪري شاعرن کي عروض، بحر ۽ وزنن جي باريڪين ۽ قاعدن سمجهائڻ جي ضرورت هئي، انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي فاضل شاهه ”ميزان الشعر“ (1882ع) نالي ڪتاب لکيو جنهن ۾ هن عروض جي اصولن کي چڱي ريت سمجهايو “.(26)
”ديوان شاهه عبدالطيف“، (حياتي، مذهب ۽ رسالو) 1890ع. ليلارام وطڻمل، ٻن جلدن (انگريزي) ۾ مرتب ڪيو. مرزا قليچ بيگ ڪيترن قديم شاعرن جي شاعريءَ جو جائزو ورتو. هن دؤر ۾ اهم ڪاوش ارنيسٽ ٽرومپ جو مرتب ڪيل ”شاهه جو رسالو“ آهي، جيڪو جرمنيءَ مان1868ع ۾ شايع ٿيو.شاهه لطيف تي ٻين عالمن به هن دور ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ، ليلارام وطڻمل، تاراچند شوقيرام ، گدومل، مرزا قليچ بيگ اهم آهن. چندن مل ڪوڙيمل، ساميءَ جا سلوڪ 1875ع ۾ شايع ڪرايو. روچيرام گجومل“، ڪبير صاحب سلوڪ” شايع ڪرايو. اهو تنقيدي ۽ تحقيقي رجحان ويهين صديءَ ۾ هڪ تحريڪ طور هليو ۽ ڪيترائي نوان محقق ۽ نقاد پيدا ٿي پيدا ٿيا.
مذهبي ادب جي ترقي
اوڻوهين صديءَ کان اڳ سنڌي نثري ادب اگر ڪي ٿورو يا گهڻو مليو آهي، اهو مذهبي ادب جي حوالي سان مليو آهي. مغليه دؤر کان سنڌي ۾ نثر لکڻ جي شروعات ٿي، جنهن کي نظماڻو نثر چيو ويو، اهو سمورو مذهبي ادب بابت آهي. ڪي نثري فقرا شعرن يا پهاڪن مان کنيا ويا ، اهي پڻ مذهبي ۽ اخلاقي حوالي سان ڏنل هئا. رچرڊ برٽن ان قسم جي ادبي ڪتابن جو تعداد ٻڌائي چڪو آهي. مطلب ته سنڌي ۾ مذهبي ادب نثر جي رو پ ۾قديم دؤر کان موجود هو.اوڻوهين صديءَ جي ٻئي حصي ۾ جيئن الفابيٽ جي منظوري ٿي نه صرف اسلامي حوالن سان ادب تخليق ٿيو، مگر عيسائيت جي پرچار ۽ هندو پنڊتن ۽ مهاپرشن بابت به ڪيترائي نثري ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا.
اوڻوهين صديءَ کان اڳ لکيل قلمي نسخن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ مسلمانن اديبن قرآن شريف جي ترجمي ۽ تفسير کان سواءِ اسلامي عقيدن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا.مثال طور ”ابو الحسن جي سنڌي“، ”نور الابصار“ ، ”بدرالمنير“، ”ترتيب الصلواة“ ، ”غزوات يا شجاعت جو قصو“،”ڪنز العبرت“، ”نور نامو“، ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، اهڙن ڪتابن جي هڪ الڳ تاريخ جڙي سگهي ٿي. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سيرت تي الڳ ڪتاب شايع ٿيا، پيغمبرن سڳورن جا قصا ڪتابي صورت ۾ آيا، اسلامي عقيدن تي ڪتاب نڪتا، روزي، نماز، حج ۽ زڪواة وغيره تي الڳ ڪتاب لکيا ويا. قرآن شريف جي ترجمي کان علاوه تفسير لکيا ويا، ان سلسلي ۾ ميان مير سنڌيءَ جوتفسير “سيپاره تبارڪ” (1873ع) اهم آهن“.(27) ٻين ڪتابن ۾”حڪايات الصالحين“، ولي محمد،1851ع)، ”صحيفـﺔ الڪامله“ (عبادات جو سنڌي ترجمو، 1877ع)، عزيزالله متعلوي جو ”قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو (1877ع)، ”دلائل خيرات“ (ترجمو سنڌي_ محمد ابن سليمان، (1877ع) وغيره اهم آهن. نثر ۽ نظم ۾ خطبا شايع ٿيا. حضرت امام حسين جي شهادت جي قضيي کي ڪتابي صورت ۾ آندو ويو. مطلب ته مذهبي ادب نظم مان نڪري نثري ادب ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. هنن ڪتابن جا ليکڪ مذهبي عالم ۽ استاد هئا، جن پنهنجي علمي قابليت سان ديني ادب جي خدمت ڪئي.
عيسائين جون ڪيتريون ئي جماعتون سنڌ ۾ سرگرم رهيون، جن مذهبي تبليغ جي سلسلي ۾ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا.18 صدي جي خاتمي ۽ 19 هين صدي جي شروعات کان انگريزن جي حڪومت جي پٺڀرائي سان ڪرستان پادرين ملڪي ماڻهن کي ڪرستان بنائڻ لاءِ پنهنجي مذهبي ڪتابن جا ڏيهي ٻولين ۾ ترجما شروع ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ هندستان ۾ سيرامپور جي پادرين سنه 1819ع ۾ بائبل جي باب ’مِتي‘ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” بائبل جي ترجمن کان پوءِ پادرين اڳتي وک وڌائي ملڪي ماڻهن جي مذهبن تي حملا شروع ڪيا، جنهن جا کين هتان جي عالمن جواب ڏنا. هندستان جي عالم محمد هادي سنه 1222هه (1807ع) ۾ ڪرستان پادرين جي اسلام تي ڪيل حملن جي جواب ۾ ’ڪتاب رد نصاريٰ‘ لکيو هو، جنهن کي هالا ڪنڊي (پراڻن هالن) جي عالم قاضي عبدالحڪيم سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو. شروع وارا الفاظ هن طرح آهن:
”هي رسالو منجهه بيان سوالن عيسوي جوابن محمدي جي“. سنڌي نثر ۾ هي ڪتاب سنه 1280هه (شروع 18- جون 1863ع) کان اڳ لکيو ويو“.(28)
اهڙي طرح هندو ڌرم جي باري ۾ به ڪيترائي نثري ادب ۾ ڪتاب شايع ٿيا. هري سنگهه سکر واري ۽ پوڪر داس شڪارپور واري نه صرف ڌرمي ڪتابن کي سهيڙي شايع ڪرايو، مگر هنن ڌرمي ڪتابن کي طمطراق انداز ۾شايع ڪرائڻ ۾ڪردار ادا ڪيو. نولراءِ شوقيرام، ڏيارام گدومل، ڪرشنا جي رگهوناٿ، گرداس مل ٿانورداس، چنراءِ اجومل، ڪوڙو مل چندن مل، تيجو مل، ليکراج ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا، جن هندو ڌرم جي مختلف معاملن تي سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکيا.ان سلسلي ۾ ”گنگا اشنان“(گنگا نديءَ جي ڪهاڻي، گدومل سنتداس، 1890ع)۽”ويترني“ (ويترني نديءَ جي ڳالهه، گدومل سنتداس، ڪراچي 1890ع) اهم آهن.
حوالا
1. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: “اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس” (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 33
2. ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص 13
3. ڊاڪٽر شمس سومرو:”تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا“، شمس سومرو يادگار سٿ، 2006ع ص 142
4. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ : ”سنڌي لوڪ ڪهاڻيون – 1“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1987ع
5. مير شفيع احمد علوي: ”سنڌي ادب ۾جهونا داستان“ ، ماهنامو نئين زندگي، ڪراچي، آڪٽوبر 1961ع
6. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ:”سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1986ع
7. ڊاڪٽر تهمينه مفتي:”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج“، (سي ماهي مهراڻ 3/1996) ص 38، 39
8. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
9. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 43
10. ميمڻ، عبدالغفور سنڌي، “اڻوهين صديءَ جو ادبي جائزو”، ماهوار پيغام، جنوري 1989ع ، 43
11. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 43
12. مختيار احمد ملاح: ” سنڌي ڪهاڻيءَ جي مختصر تاريخ “ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2015ع، ص 83
13. الله بخش عقيلي ”سرشار“: سنڌي ادب ۾ ناٽڪ نويسي“، ماهوار نئين زندگي، اپريل 1954ع
14. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 108
15. جنيت ريلواڻي:”سنڌ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا“، سنڌ ڀارتي پبليڪيشن، راجڪوٽ، 2008ع، ص 387
16. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي نثر جي تاريخ” ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ، ص 87
17. مير محمد نظاماڻي: ”سنڌي ڊراما، ان جي ارتقا، فن ۽ تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1966ع، ص 51
18. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ”، روشني پبلڪيشن، حيدرآباد 1993، ص 111
19. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو: شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 2009ع، ص 498
20. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد ٽيون)، سنڌي لئيگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2000 ع، ص 10
21. مختيار احمد ملاح: “سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ڪاٺياواڙ اسٽور ڪراچي، 2006ع، ص 325
22. مرزا قليچ بيگ: ”پهاڪن جي حڪمت“، حيدرآباد، 1925ع
23. ڊاڪٽر عبدالڪريم: ”پهاڪن جي پاڙ“، انصاف پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، 1976ع
24. ناسف علي شيراز: ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي “، سي ماهي مهراڻ 2 ، 2004ع
25. خليفي گل محمد ھالائي: ”ديوان گل“، مسلم ادبي سوسائٽي، 1933ع
26. اياز قادري:”سنڌي غزل جي واسر“ (2) ،انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1982ع
27. پير حسام الدين راشدي: ”سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب“، ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1953ع
28. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ”، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄامشورو، 1990ع، ص 431