لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)

مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريدون بيگ جو جنم ٽنڊي ٺوڙهي، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ بمبئيءَ جي ايلفسٽن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي رٽائرڊ ڪيائين. شايد ئي ڪا ادب جي صنف هجي، جنهن ۾ مرزا صاحب نه لکيو هجي. سندس ادبي خدمتن جو قدر ڪندي، انگريز سرڪار کيس ”قيصر هند“ جو تمغو ۽ 1905ع ۾ شمس العلماءُ جي لقب سان نوازيو ويو. ”مرزا قليچ بيگ اڻويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جي پيداوار آهي . کيس سنڌي نثر جو ابو چيو وڃي ٿو، بلڪ ان دؤر جو ادب در اصل ”مرزا قليچ بيگ“ جو دؤر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرزا قليچ بيگ هر صنف تي لکيو ۽ هن نون لکندڙن تي پنهنجا اثر ڇڏيا. مرزا قليچ بيگ کان اڳ سنڌي نثر نويسيءَ ۾ يا ته صرف درسي ڪتاب هئا، يا مذهبي ۽ ڌرمي لکتون هيون، سنسڪري ، عربي ۽ فارسي ادب مان ترجما هئا، مگر مرزا قليچ بيگ پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان مغربي ۽ مشرقي ادب جا شاهڪار سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي سنڌي نثري ادب ۾ وسعت آندي. مرزا قليچ بيگ، سنڌي نثري ادب جي صحيح نموني آبياري ڪئي. مرزا قليچ بيگ نثري ادب جي ترقيءَ کي پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو. هن انگريزي، عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جا شاهڪار سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرايا“.(157)سندس ڪتابن ، جو تعداد 450 کان به وڌيڪ آهي. هن جا ناول، ڊراما، مضمون، تاريخ، تحقيق انساني حق، کيتي ٻاڙي، عورتن جا مسئلا، تنقيدي ادب، لسانيات، تاريخ، گرامر، مطلب ته هر موضوع تي ڪتاب لکيا آهن. انهن جي ٻولي لاجواب آهي. اڻويهين صديءَ ۾ هن جا ڪيترائي نثر وارا ڪتاب شايع ٿيا ۽ ڪافي بعد ۾ به شايع ٿيا. مرزا قليچ بيگ جي اوڻوهيندي ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي فهرست هيٺ ڏجي ٿي:
نمبر ڪتاب جو نالو موضوع سال
1. جواهر الانسان چنڊ فارسي نثر 1872
2. هرڻيءَ جو قصو قصو 1878ع
3. مقالات الحڪمت مضمون 1879ع
4. ليلا مجنون ناٽڪ 1880ع
5. هدايت النسوان عورتن بابت 1880ع
6. رستم پهلوان قصو 1880ع
7. ڏاڙهياري جبل جو سير سفرنامو 1885ع
8. خورشيد ناٽڪ 1887ع
9. احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي لطيفيات 1887ع
10. دلارام ناول 1887
11. جاگرافيءَ جا ڪي سبق جاگرافي 1887ع
12. علم الخلاق اخلاقيات 1888ع
13. صحت النساءِ ناول 1888ع
14. علامات القرآن دينيات 1888ع
15. اصول علم دستور المعاش معاشيات 1888ع
16. تاج محمد نبي اڪرم صلم جي حياتي 1888ع
17. قصو ليلى مجنون سنڌي قصو 1889
18. زينت ناول 1890ع
19. لوڀي ۽ ٺوڳي ناٽڪ 1890ع
20. موهني ناٽڪ 1891ع
21. تعليم حڪمت (ٽي ڀاڱا) تعليم بابت 1891ع
1893ع
22. مومل راڻو ناٽڪ 1891ع
23. فقهه جا عجيب مسئلا دينيات 1892ع
24. بڪائولي ناٽڪ 1894ع
25. نانگ وغيره ۽ سرندڙ ٻيا ساهوارا جانور 1895ع
26. باغ ۽ باغباني زراعت 1895ع
27. زمين پوکڻ جو هنر زراعت 1895ع
28. شڪنتلا ناٽڪ 1896ع
29. نيم طبيب خطره جان نيم ملا خطره ايمان ناٽڪ 1896ع
30. عالم آبي (با تصوير) جانور 1897ع
31. ڳوٺ جي وڏيرن يا پٽيلن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ هدايت نامو هدايت نامو 1897ع
32. حسنا دلدار ناٽڪ 1897ع
33. نادر شاهه ناٽڪ 1897ع
34. انڪوائري آفيسر ناٽڪ 1897ع
35. پکي (باتصوير) پکين بابت 1898ع
36. زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر زراعت بابت 1899ع
37. بهرام گور 1961ع ۾ بهرام گور قصو 1900ع
38. عجيب غريب نئون ناول ناول 1900ع
39. نورجهان ۽ جهانگير ناٽڪ 1900ع
40. خودياري اخلاقيات 1900ع
41. شاهه ايليا ناٽڪ 1900ع
42. گلن واري ٽوڪري ناول 1900ع
43. ثابت علي شاهه شاعر جو احوال ۽مرثيو تنقيد ۽ تحقيق 1900ع
44. عجائب غرائب 1900
45. شيخ چلي اڱڻ مسخرو ناٽڪ 1900ع
46. ڪيمائي سعادت 1900ع

احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي
مرزا قليچ بيگ ”شاهه جو رسالو“ به مرتب ڪيو، شاهه جي سلسلي ۾”لغات لطيفي“ به تيار ڪئي ۽ انگريزيءَ ۾هڪ ڪتاب (Life of Shah Abdul Latif Bhitai) به لکيو. مگر سندس اهم ڪتاب“ احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي. 1889ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن شاهه جي زندگي ۽ ڪلام تي روشني وڌي آهي. ڪتاب جي ديپاچي ۾ مرزا صاحب لکي ٿو ته ”جيڪي شاعر سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، تن ۾ اهڙو شاعر، جنهن جو شعر ننڍي وڏي جي وات ۾ هجي، ۽ عام خاص کي وڻندڙ هجي، سو ته شاهه عبداللطيف جهڙو ٻيو ڪونه هوندو. هو رڳو مشهور شاعر نه آهي پر مشهور اولياءَ آهي، ۽ انهيءَ ڪري هن ملڪ جي بزرگن منجهان هن جو سڀ کان وڌيڪ نالو آهي“.(158)

ثابت علي شاهه شاعر جو احوال ۽ مرثيو
سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه سن 1153 هه (1740ع) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. شاهه صاحب فقه، تفسير ۽ علم عروض کان واقف هو. شاعريءَ ۾ سندس پهريون استاد مخدوم نورالحق مشتاقي هو ۽ آخر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ سان هم مڪتب ٿي غلام علي مداح جو شاگرد ٿيو.ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور ۾ خاص طرح سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي آئي ۽ عروضي شاعريءَ جو چالامان وڌيو، ان ڏس ۾ سيد ثابت علي شاهه سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ باقاعدي مرثيي نگاريءَ جو بنياد وڌو. سندس حياتي ۽ مرثيي تي مرزا قليچ بيگ 1900ع ۾ شاندار تنقيدي ۽ تحقيقي ڪتاب لکي سيد ثابت علي شاهه کي هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪيو.

لسانيات ۽ گرامر نويسي
مرزا قليچ بيگ چئن ڀاڱن ۾ ”سنڌي وياڪرڻ“ لکيو. علم صرف ۽ علم نحو ۽ عربي فارسي اصولن موجب تيار ڪيو.گرامر، پهاڪن ۽ لغتن کان علاوه مرزا قليچ بيگ هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ تي (1900ع) تي پڻ لکيو هو. مطلب ته هو پنهنجي دؤر جو هڪ ماهر لسانيات به هو.سندس ڪتاب ”علامات القران“ لسانيات جي زمري ۾ اچي ٿو. هي ڪتاب 1888ع لکيو. هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب قرآن شريف ۾ استعمال ٿيل نشانين، علامتن، ڪردارن جي باري ۾ تحقيقي بحث ڪيو آهي.
مرزا قليچ بيگ جي مضمون نگاري : مرزا قليچ بيگ ڪيترائي مضمونن جا ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ ۾.”مقالات الحڪمت“، ”علم الخلاق“ (1888ع)، ”خودياري“ (1900ع) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

مقالات الحڪمت
مرزا قليچ بيگ فرانسز بيڪن جي ڪتاب ”بيڪنس ايسيز“ (Bacon’s Essays) تان ان کي سنڌيءَ ۾ ”مقالات الحقمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. هيءُ ترجمو 1886ع ۾ جناب ڪمشنر صاحب بھادر سنڌ جي ڇاپخاني ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ھيو. ياد رھي تہ مرزا قليچ بيگ فريدون تنھن وقت اسان جي شھر نصيرآباد جا مختيار ڪار مقرر ھيا. پاڻ ھيءُ ڪتاب سنڌ جي تعليم کاتي لاءِ ترجمو ڪري ٺاھيو سنواريو ھئائون، جنھن کي ”سنڌ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي“ پسند ڪندي سندس سرڪاري ڇپائيءَ لاءِ سفارش ڪئي ھئي.
بيڪنس ايسيز انگريزي ادب جي نالي واري ليکڪ فرانسز بيڪن جو لکيل ڪتاب آهي. ان ۾ تمام گهڻا مضمون آهن، جنهن مان مرزا صاحب ڪجهه چونڊ موضوعن وارا مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. هن ترجمي ڪرڻ وقت مضمونن جي اصل مفهوم کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مختلف مثال ڏيندي هن پنهنجي ماحول کي به پيش ڪيو آهي.
”هن ڪتاب ۾ ڏنل مضمونن جا موضوع حڪمت ۽ فلسفي جي نقطن سان ڀريل آهن . تنهن ڪري اهڙو ترجمو هڪ نهايت ئي ڏکيو ڪم هو. ڇاڪاڻ ته مصنف جي اصل ۽ حقيقي مطلب ۽ مقصد کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي پر مرزا قليچ صاحب اهو ڪم نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏنو آهي. هر ڳالهه دليلن سان ۽ فلسفيانه انداز ۾سمجهايل آهي. انداز بيان نهايت ئي سلجهيل، سادو ۽ منفرد آهي. طرز تحرير ۾ تاثير ۽ رواني آهي. جن موضوعن تي مضمون لکيا ويا آهن، تن جو انساني معاشري سان گهرو تعلق آهي، ائين ٿو لڳي ته مصنف زندگيءَ جي ننڍين ننڍين حقيقتن جو گهرو اڀياس ڪيو آهي، ۽ هر شيءِ کي چڱيءَ طرح پرکيو ۽ پروڙيو آهي ۽ ان کان پوءِ هن پنهجي اڀياس ، مشاهدن ۽ ذاتي سوچ ويچار کان پوءِ اهم ڳالهين بابت پنهنجا منطقي مشورا ڏنا آهن ۽ پڙهندڙن کي صحيح زندگي گذارڻ لاءِ صلاحون پيش ڪيون آهن. جيتوڻيڪ مضمونن ۾ فلسفو ۽ فڪر وڌيڪ آهي، تڏهن به خيال منجهيل ۽ الهجيل ڪونهن. فڪر جي لحاظ کان مضمون وڏي اهميت وارا آهن“.(159)
”مقالات الحڪمت“ ڪتاب ۾ پهريون مضمون ”سچ“ تي آهي. ”سچ“ بابت مختلف ماڻهن جا رايا ڏيئي ”سچ“ جي اهميت ذهن نشين ڪرائي ويئي آهي. زندگيءَ جي حقيقتن مان پهرئين حقيقت ”سچ“ آهي ۽ مصنف هن موضوع کي ڪتاب جي شروعات ۾ آڻي پنهنجي دانشمنديءَ جو ثبوت ڏنو آهي. ڪنهن به ڳالهه جي اهميت تڏهن ظاهر ٿئي ٿي جڏهن ان جو ضد به بيان ڪيو وڃي.هن مضمون ۾ ”سچ “ جو ضد ”ڪوڙ“ بيان ڪيو ويو آهي، جنهن کي اوندهه ۽ تاريڪي ڏيکاريو ويو آهي. سچ بابت مرزا صاحب لکي ٿو ته ”سچ“ پنهنجو قدر پاڻ ٿو ڄاڻي، يعني ”سچ“ کي رڳو سچيءَ دل سان سڃاڻي سگهبو ، نه ڪنهن ٻيءَ طرح سان، تنهنڪري انسان جي لاءِ تمام وڏي چڱائي اها آهي ته هو هميشه ”سچ“ جي ڳولا ۾ رهي، هميشه سچ کي سڃاڻي ۽ ڄاڻي جنهن مان معلوم ٿيندو ته هو پاڻ سچو آهي ۽ هميشه سچ تي ڀروسو ڪري ٿو“.(160)
”موت“ واري مضمون ۾ لکيل آهي ته .فطري موت هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات آهي ۽ موت کان پوءِ انسان فوتيءَ جون خاميون بيان نه ڪندو آهي، ان ڪري سندس خيال آهي ته موت نيڪي ۽ ناموس جو درجو کولي ٿو.”دوستيءَ“ واري مضمون ۾ مثالن ۽ دليلن سان سچي دوستيءَ جافائدا بيان ڪيا ويا آهن.”پڙهڻ يا اڀياس ڪرڻ“ واري مضمون ۾مطالعي ڪرڻ جي اهميت بيان ڪئي ويئي آهي ۽ اهو سمجهايو ويو آهي ته ڪهڙن ڪتابن جو مطالعو ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي. ”خرچ“ بابت پڻ هڪ مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ٻڌايو ويو آهي ته دولت ڪيئن خرچ ڪجي، جو ان جو مصرف عوام لاءِ فائدي مند ٿئي. مطلب ته اهڙن موضوعن تي مضمون لکيل آهن، جن جو اسان جي روزمره جي زندگيءَ سان گهرو لاڳاپو آهي. مثلن ”شڪ“ ، ”تندرستي“ ، ”وياج“ وغيره جهڙن موضوعن تي نهايت ئي سهڻي انداز ۾لکيو ويو آهي.
مطلب ته سڄو ڪتاب فڪر ۽ فلسفي جي مضمونن سان ڀريل آهي. هن ڪتاب جي ذريعي مرزا قليچ بيگ سنڌي سماج کي حڪمت ڀرين ڳالهين سان روشناس ڪرايو آهي.

جواهر النسان
هي ڪتاب مرزا قليچ بيگ 1872ع ۾ لکيو، ۽ اڄ تائين شايد شايع نه ٿيو آهي. هي ڪتاب فارسي زبان جي مشهور نثري ڪتابن تان ترجمو ڪيو ويو آهي.

خودياوري
خودياوري“ (1900) جو Smile’s Self- Help تان ترجمو ڪيل هو، پر اُهو ڪتاب هڪڙيئي مسئلي تي لنبو چوڙو مقالو هو. هن ڪتاب بابت مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ” اهو ڪتاب پهرين سال 1859ع ۾ ڇپيو هو. مصنف پنهنجي ديباچي ۾ لکي ٿو ته پهرين هو ڪن ٻهراڙيءَ جي جوان ماڻهن جي درخواست تي، جيڪا مجلس هنن پنهنجي سڌاري جي لاءِ قائم ڪئي هئي تنهن ۾ تقريرون ڏيندو هو: انهن ۾ سڌريل ۽ همت وارن ماڻهن جا مثال آڻيندو هو، ۽ نصيحتون ڏيندو هو. انهن جوانن مان گهڻا، فائدو حاصل ڪري، چڱيءَ حالت ۽ درجي کي پهتا. اُنهن مان ڪن جي مرضيءَ جي پٺيان، هن اهي تقريرون وري نئين سر سڌاري، ڪتاب جي صورت ۾ وڌيون. انهيءَ ڪتاب جي جوڙڻ مان مصنف جي ڪهڙي مدعا هئي، سا خود سندس لفظن ۾ هيٺ ڏجي ٿي:
”هن ڪتاب مان هيءُ مطلب آهي ته جوانن کي هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ڏجي ته حياتيءَ کي سک ۽ آرام سان گذارڻ لاءِ محنت ڪرڻ هڪڙو تمام ضروري ڪم آهي، ۽ محنت ۽ ڪوشش کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿي نٿو سگهي. مصيبتن ۽ ڏکن کان ڊڄڻ نه گهرجي، بلڪ محڪم مزاجيءَ جي وسيلي انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کپي؛ ۽ سڀ کان وڏي هيءَ ڳالهه آهي ته چڱيءَ هلت وارو ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو انهيءَ کانسواءِ ٻي لياقت بلڪل بيڪار، ۽ دنيائي ڪاميابي محض اجائي ۽ بيسود آهي“.(161)

تعليم حڪمت
مرزا قليچ بيگ اوڻوهين صديءَ جي چند انهن عالمن مان هو، جنهن هڪ تحريڪ جي روپ م عورت توڙي مردن جي تعليم لاءِ لکيو. مرزا صاحب ٻين سڀني کان منفرد لکيو. پاڻ ان سلسلي ۾ ناول، ناٽڪ، مضمون ۽ ٻيا ڪتاب لکيائون. اوڻوهين صديءَ ۾ خاص طور تي عورتن لاءِ ”هدايت انسوان“، ”تعليم حڪمت“ ۽ صحت النساءِ“ بهترين مثال آهن. ان کان علاوه سندس ڪتاب ”تعليم حڪمت“ اهم آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ 1890ع ۽ 1891ع ۾ ترجمو ڪيا. هن ڪتابن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي صحت ۽ تعليم بابت معلومات ڏنل آهي.

معاشي سائنس
مرزا قليچ بيگ زراعت کان سواءِ علم معاشيات تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا. مرزا قليچ بيگ ، مسز فاسيٽ(Fauset) جي انگريزي ڪتاب کي “اصول علم دستور المعاش” جو ترجمو ، 1888ع ۾ ڪيو، جنهن تي کيس تعليم کاتي پاران 558 روپيا انعام مليو. هي ڪتاب Natural Econmy جو ترجمو آهي . هن قسم جو هي پهريون ڪتاب سنڌي ۾ هو، جنهن ۾ پاڻ نوان اصطلاح جوڙي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪيو آهي.

پکي
مرزا صاحب هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر مرڊاڪ جي لکيل انگريزي ڪتابن تان مدد وٺي لکيو ويو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1898ع ۾ شايع ٿيو، هن ڪتاب جو موضوع ٽن حصن تي مشتمل آهي: هڪ ’عام پکي‘، جيڪو ڪتاب جو مرڪزي مواد آهي، ٻيا ’ولايتي پکي‘ ۽ ٽيان اُهي پکي، جيڪي سنڌ ۾ ڏٺا وڃن ٿا. اُن ڳالهه طرف اشارو ڪندي مرزا صاحب لکي ٿو ته ”پهرين اُنهن مان رڳو ڪن مکيه ۽ مشهور پکين جو مختصر بيان ڏينداسين ۽ پوءِ ڪن ٻين ولايتي پکين جو ذڪر ڪنداسين. پڇاڙيءَ ۾ جي پکي سنڌ ۾ اچن ٿا، تن جا نالا ڏينداسين.“ ولايت کان سنڌ ۾ ايندڙ پکين جي ذڪر ڪرڻ سان گڏ اُنهن کي عادتن جي حوالي سان ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.سنڌ ۾ ٻاهران آيل پکين کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا ٻاهران آيل/ آندل اهڙا پکي، جيڪي مقامي ماحول ۾ هري مري وڃن ٿا ۽ ٻيا اهڙا پکي، جن کي موسمياتي يا لاڏائو پکي چئي سگهجي ٿو.

مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ نويسي
مرزا قليچ بيگ کي سنڌي ناٽڪ جو علمبردار ۽ سنڌي ناٽڪ جو شيڪسپيئر چيو وڃي ٿو. جڏهن مرزا صاحب 1880ع ۾ پهريون ناٽڪ “ ليلا مجنون” لکيو هو ته ان وقت سنڌ ۾ ڪا به ناٽڪ منڊلي موجود ڪانه هئي، پر اها مرزا صاحب جي تخليقي عمل جي قوت هئي، جو اوڻوهين صديءَ ۾ ئي سنڌي ناٽڪ بي انتها ترقي ڪئي. مرزا صاحب هڪ طرف طبعزاد ناٽڪ لکيا، ٻئي طرف دنيا جي شاهڪارن ، خاص طور وليم شيڪسپيئر (1594-1616ع) جي ناٽڪن جا ترجما ڪيا ته ٽئين طرف هن نون اڀرندڙ ڊراما نگارن جي ڀرپور همت افزائي ڪئي. ”مرزاصاحب جا سڀئي ناٽڪ اصلاحي، تدريسي ۽ سماجي آهن. هن ناٽڪ وسيلي معاشري جي براين تي سخت چوٽون ڪيون آهن. ان ڪري کيس حقيقت نگار ناٽڪ نويس به چيو ويندو آهي. مرزا صاحب جي ناٽڪن جي ٻي خوبي اها آهي ته هن الٿو ڪري ناٽڪن کي سنڌي ماحول ۾پيش ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس شيڪسپيئر جي ناٽڪن جا ترجما وڏي اهميت رکن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو کيس “سنڌي ناٽڪن جو شيڪسپيئر” چيو وڃي ٿو. مرزا قليچ جي مزاحيه ناٽڪن جي اهم خوبي هيءَ آهي ته سندس مزاحيه ، طنزيه ۽ سماجي تنقيد سان ڀرپور آهن ۽ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هو کل ۽ ڀوڳ ۾ ماڻهن کي ڪڙو سچ پياري ٿو . ان سلسلي ۾سندس ناٽڪ ”انڪوائري آفيسر“ ، ”لوڀي ۽ ٺوڳي“ ، ۽ ”شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو“ وڏي اهميت رکن ٿا“.(162)

ليليٰ مجنون
مرزا صاحب سڀ کان پهريائين هڪ منظوم اوپيرا ناٽڪ “ ليليٰ مجنون ” لکيو جو، هندستاني زبان ۾ هو، مرزا صاحب پنهنجي ناٽڪ جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته“ گهڻن ڏينهن کان مونکي دل ۾هئي ته سنڌي زبان ۾ڪو ناٽڪ جو ڪتاب لکجي، جو سنڌ جي ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪتاب ڪونه ڏسڻ ۾ آيو آهي. اگرچه ٿورا ڏينهن ٿيندا جو “ليليٰ مجنون” جو قصو انهيءَ ڊول تي جوڙيو هو ۽ دوستن کي پيش ڪيو هو، پر اهو سڄو ئي شعر ۽ راڳ تي ٻڌل آهي، تنهنڪري جن ماڻهن کي راڳ جي خبر هئي انهن کي وڻندو، ٻين کي مزو نه ڏيندو، انهيءَ سبب اهو پور دل ۾ پيم ته نثر ۾ ڪو اهڙو ڪتاب لکجي“.(163)
مرزا قليچ بيگ صاحب جو هي ناٽڪ سنڌي زبان جو پهريون منظوم اوپيرا آهي، جيڪو سال 1880ع ۾ لکيو ويو. هن منظوم ناٽڪ کي مرزا صاحب ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ايڪٽ ۽ سين جي بجاءِ بابن ۽ پردن ۾ ورهايو آهي. پوري ناٽڪ جي ٻولي ۽ نثري لکت نهايت ئي وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي.
خورشيد
مرزا قليچ بيگ صاحب جو سنڌي نثر ۾ پهريون ناٽڪ ”خورشيد“ آهي ، جيڪو مرزا صاحب سنه 1887ع ۾ لکيو ۽ ساڳي سال ۾ ڇپيو. جيتوڻيڪ “ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايمچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي، ڪراچي” سال 1894ع ۾ وجود ۾ اچي چڪي هئي، تنهن هوندي به اوائلي.ڊرامي کي پهريون ڀيرو سال1905ع ۾ حيدرآباد پليڊرس ڪلب طرفان اسٽيج تي ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو ويو. هن ناٽڪ نسبت مرزا صاحب ديپاچي ۾ لکيو هو: ”منهنجو مطلب هو ته پڙهندڙن يا ٻڌندڙن کي، حورن ۽ پرين ۽ جنن ۽ ملائڪن ۽ جادوءَ جي ڏيکن ۽ ٻين ناشدنيءَ جهڙين ڳالهين سان واهپو نه رکارايان، پر اهڙي ڪا ڳالهه سندن هٿن ۾ ڏيان، جنهن ۾ دنيا جو وهنوار ۽ ٻي عام رواجي هلي چلي چڱيءَ طرح ڏيکاريل هجي.... اگرچ هي قصو، اڳوڻڻ بادشاهن ۽ قديم زماني جي رواج بابت رٿيل آهي ۽ تنهن ڪري ڳالهائڻ يا هلڻ چلڻ جي طرز به اڳوڻي ڏيکارڻ جي ضرورت هئي، پر تڏهن به ڪوشش ڪري، اهڙي تجويز ڪئي ويئي آهي، جو سڀ ڳالهيون، گهڻو ڪري، هاڻوڪي وقت سان به لاڳو ٿي سگهن“.(164)
مرزا صاحب پنهنجي هن ناٽڪ کي به“ ائڪٽ” ۽ “سين” جي بجاءِ بابن ۽ پردن ۾ تقسيم ڪيو آهي . هن ناٽڪ ۾ ڪل پنج باب آهن ۽ هر هڪ باب ۾ اٽڪل پنج پردا آهن. ناٽڪ جي ٻولي نهايت وڻندڙ آهي ۽ مڪالما پڻ موزون آهن. مثال مثال طور ”خورشيد“ جو خود ڪلاميءَ وارو هي مڪالمو پيش ڪجي ٿو : خورشيد : اي آسمان جا خوفناڪ چرخ ! دنيا جي زالن مان رلائي خراب ڪرڻ لاءِ توکي مون کان سواءِ ٻي نه ٿي ملي ڇا، جو تون مونکي ورائي ورائي پيو ستائين ۽ عذاب ڏين؟ جبل جهڙو پهلوان مڙس به تنهنجي هنن حادثن جي آفتن جي سٽ نه جهلي سگهي ٿو، تڏهن آءٌ نازڪ بدن شهزادي، حرمخانن ۾ پليل ڪهڙي طرح هي ڏک جو بار سر تي کڻي سگهندي. منهنجي عجب قسمت آهي، جڏهن مٿا مونا هڻي اڃا ڪنهن خوشيءَ کي ويجهي ٿي اچان، ته قسمت جو سخت واءُ مونکي ڌڪيو وري وڃيو عذابن ۾ وجهي. خدا کي خبر ، ته نيٺ منهنجي نصيب ۾ ڇا لکيل آهي. (اتي آسمان تي گوڙ ۽ کنوڻ ٿئي ٿي) اڄ آئون رلندي رلندي ڪٿي اچي بيٺي آهيان. سانوڻ جي جهڙ به مٿان چڱي اچي ڇانو ڪئي آهي، هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟ چوڌاري اوندهه ٿي ويئي آهي رستي جي به ته خبر ڪانه ٿي پوي. (گوڙ ۽ کنوڻ ذري ذري پئي ٿئي) “.(165)

بڪائولي
هي به مرزا قليچ جو هڪ سنگيت ناٽڪ آهي، جيڪو هن مولوي الاهي بخش جي لکيل هندي ناٽڪ تان 1894ع ۾ ترجمو ڪيو. هي ناٽڪ گل بڪاوليءَ جي مشهور قصي تي آڌاريل آهي. هن ناٽڪ کي به مرزا صاحب سنڌي ماحول ۾ آڻي پيش ڪيو. هن ڪتاب ۾ مرزا صاحب ماحول مطابق تصويرون به ڏنيون. هن ڊرامي جي ڪردارن ۾ آدمزاد سان گڏ پريزادن يعني پرين، ديون توڙي طلسماتي معجزن کي آڻي سنڌيءَ ۾معجزاتي ۽ پراسرار ناٽڪن جي ابتدا پڻ ڪئي.

شڪنتلا
هي ناٽڪ جڳ مشهور ناٽڪ نويس ڪاليداس جي مشهور ناٽڪ“شڪنتلا” تان سال 1896ع ۾ مرزا صاحب ترجمو ڪيو. “شڪنتلا” جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ترجما ڪيا ويا آهن. مرزا قليچ بيگ کان علاوه ٻين به هن ناٽڪ کي سنڌيءَ ۾ترجمو ڪيو، مگر مرزا قليچ بيگ جو هي ترجمو سڀني کان اعليٰ آهي. هن ناٽڪ لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته”هن ناٽڪن جي دؤر جو آخرين کيل هو ڪاليداس جو جڳ- پر سڌ شاهڪار ”شڪنتلا“، جنهن جي صرف اصلوڪي رٿا قائم رکي، مرزا قليچ بيگ 1896ع اُن کي سنڌي لباس ڍڪائي نئين سر لکيو هو، ۽ ساڳئي سال ڪاليج سوسائٽيءَ ڪري ڏيکاريو هو. هن هندڪي ناٽڪ ۾، هن مسلم عالم، اهڙا ته سرل هندي لفط ۽ اصطلاح ڪم آندا هئا، جو ناٽڪ نويسيءَ جو اهم اصول ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ناٽڪ جي پاترن واتان ٻولي اها ڳالهارائڻ کپي جا اهي سڀاويڪ طرح پنهنجي جيوت ۾ ڳالهائڻ تي هريل هجن، ۽ نه اها جنهن ۾ خود لکندڙ کي قابليت حاصل هجي. هن ناٽڪ ۾ به شڪنتلا، راجا دشينت وٽان مليل منڊي، هڪ ڪروڌي رشيءَ جي سراپ ڏيڻ ڪري وڃائي ٿي وهي، جنهن ڪارڻ ئي کيس تقدير جي چپيٽ لڳي ٿي ۽ ڏک ڏولاوا سهڻا ٿا پون. هيءَ ناٽڪ ڪافي ڪامياب ٿيو هو جنهن ۾ خوشيرام ساڌواڻيءَ مينڪا اَپڇرا جو پارٽ هو بهو زباني آواز ۽ نزاڪت سان ڪيو هو، ۽ شڪنتلا جو پارٽ هڪ نئين ڳڀروءَ موتي ڪرپالاڻيءَ ڪيو هو، جو پوءِ نائڪن جا پارٽ ڪندو هو“.(166)

حسنا دلدار
هيءُ شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ “Merchant of Venice” جو ترجمو آهي ، جنهن کي مرزا قليچ سال 1897ع ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان ناٽڪ کي، جنهن کي سنڌ ڪاليج ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو.هي ناٽڪ سيرت جي موضوع تي آهي. ناٽڪ ۾سنڌي ماحول کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪردار، مقصديت پڻ سنڌي ماحول جي جهلڪ کي ظاهر ڪن ٿا. هن ناٽڪ ۾سيرت جومسئلو اهو ڏيکارو ويو آهي ته وياج خور جي پيسي جي پوڄا سندس تباهي ٿي آڻي ۽ عاشق دلدار جي ادار دلي کيس سياڻي ۽ بردبار معشوقه حسنا سان ميلاپ ٿي ڪرائي.
مرزا صاحب جي هن ناٽڪ جي باري ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ”قليچ بيگ هن ناٽڪ جو ڏيهي زندگيءَ ۾ الٿو اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ڪيو هو جو بنهه اصلي پئي لڳو. هي ناٽڪ جڏهن پهريون ڀيرو اسٽيج تي آيو هو، تڏهن ڪيترن هندو بزرگن کي ڏاڍي ٽامڻي لڳي هئي انهيءَ جو ڪارڻ هو ته Shylock وياج خور کي مرزا صاحب يهوديءَ مان ڦيرائي هريداس مارواڙي بڻائي ڇڏيو هو ۽ ڪرستان واپاريءَ Antonio کي لالا منسک لعل بڻائي اهڙيءَ ريت پيش ڪيو هئائين جو هو هندو رڳو نالي ۾ٿي لڳو، سندس دوستي مسلمان دلدار (Bassanio) سان هئي ۽ هن جو اٿڻ ويهڻ مسلمان سان ٿي ٿيو. انهيءَ سمي جي ڪٽر هندن واري ڇوت ڇات منجهس هئي ڪانه. اهڙي طرح سان مرزا صاحب هن رومانوي ناٽڪ مان هندو-مسلم ميلاپ جو ترقي پسند مطلب ڪڍي ورتو ۽ يهودي- عيسائي نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي ڇڏيائين“.(167)

نيم حڪيم خطره جان، نيم ملان خطره ايمان
مرزا صاحب پنهنجي هن اصلوڪي ننڍي ناٽڪ کي سال 1896ع ۾ لکيو. هيءُ هڪ مزاحيه ناٽڪ آهي، جنهن کي ڪيترائي ڀيرا ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ۽ هر دفعي پسند ڪيو ويو. هن ناٽڪ ۾ مرزا قليچ بيگ معاشري جي اوڻاين تي طنز ڪيو آهي، خاص طور تي عطائي ڊاڪٽرن يا حڪيمن جي ڪرتوت ظاهر ڪيا آهن، جيڪي بغير ڪنهن ڄاڻ جي اٻوهجن ماڻهن کي ڦريندا رهن ٿا ۽ سندن زندگين سان کيڏندا رهن ٿا. هن ناٽڪ ۾ هڪ هنڌ اچي ٿو ته “بيمار جي نبض ڏسي ٿو ۽ وات پٽائي ڏسيس ٿو، ٻاهران ڳوڙهي کي هٿ لائي ڏسي ٿو ۽ پڇي ٿو کاڌو ڇا اٿس؟
ٻڍو: سائين ويچارو ڇا ٿو کائي. اسين هاري ماڻهو ، ڀلا ڇا کائينداسين جوار جي مانيءَ جو هيترو ڳڀو ۽ لسيءَ چڪو.
طبيب: ائين ناهي، هن وليون چريون آهن، سو نڙيءَ ۾ڪو پتو اٽڪي پيو اٿس“.(168)

شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو
هيءُ مرزا قليچ جو اصلوڪو مزاحيه ننڍو ناٽڪ آهي، جنهن کي سال 1900ع ۾ هري سنگهه سکر واري شايع ڪيو. هيءُ ننڍو ناٽڪ ڪيترائي ڀيرا ڪاميابيءَ سان اسٽيج تي پيش ڪيو ويو. مرزا قليچ بيگ جو هي ناٽڪ سنڌي فارس جهڙو نقل آهي. هن ناٽڪ ۾ معاشري جي ڪن اوڻاين ۽ اڍنگين ڳالهين جي نه صرف نشاندهي ڪئي وئي آهي، مگر انهن جا حل به ٻڌايا ويا آهن. اهڙي طرح ڪجهه ڪردارن به تنقيد ڪئي وئي آهي. مان هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
(نواب صاحب جي ڪچهري)
نواب صاحب ويٺو آهي . پاسي کان ٻه ٽي امير واڄا آهن .اڱڻ مسخرو به سامهون ويٺو آهي .
پري نواب صاحب جا نوڪر به ويٺ آهن)
نواب صاحب : ڪئين اڱڻ ڪهڙي خيال ۾ ويٺو آهي.؟
اڱڻ مسخرو: قبلا شعر ٿو چاهيان.
نواب صاحب : ڪهڙي مضمون تي؟
اڱڻ مسخرو: قبلا اڃا مضمون ڪو نه رٿو اٿم“.(169)

نادر شاهه
هيءُ اصلوڪو تاريخي ناٽڪ ، مرزا قليچ 1897ع ۾لکيو جنهن کي هريسنگهه سکر واري شايع ڪيو. هن ڪتاب جي باري ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ” هندستان جي تاريخ ۾ نادرشاهه ايران جي بادشاهه جي دهلي تي ڪاهه ڪرڻ جو مفصل بيان ڏنل آهي . نادر شاهه جي حياتي جو احوال يا سوانح عمري ڌار پارسي ۽ اردو زبان ۾ ڏنل آهي . انهيءَ ساڳئي تاريخي مضمون تي هڪڙو اردو قصو به ڏسڻ ۾ آيو. اهو مضمون گهڻن ڳالهن ڪري دلچسپي جهڙو هو تنهڪري مون انهن مان بنائي هي ناٽڪ لکيو. انهيءَ جي لکڻ ۾ منکي خاص پوئين ڏيکاريل ڪتاب مان گهڻي مدد ملي. ڏسڻ ۾ ايندو ته گهڻو ڪري سڀ احوال سچو آهي . ماڻهن جا نالا به اڪثر سچا ڏنا ويا آهن نه رڳو انهيءَ وقت جي مشهور درٻاري ڪڄري نور ٻائي کي به وساري نه ڇڏيو آهي. هندن جا راڳ به داخل ڪيا ويا آهن. اهو هندستان ۽ ايران جي ماڻهن جي ميلاپ جو زمانو هو تنهنڪري ضرور ڄاڻي ڪي پارسي ۽ اڙدو غزل ۽ بيت به ڪم آندا ويا آهن. اميد ته هن ناٽڪ جي پڙهڻ مان انهيءَ وقت جي هلت چلت ۽ قومي حالت جي چڱي طرح معلوم ٿيندي ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي انهي مان گهڻي خوشي حاصل ٿيندي“.(170)

انڪوائري آفيسر
مرزا قليچ بيگ صاحب هي ناٽڪ روسي زبان جي مشهور ڊراما نگار گوگول (1809-1852ع) جي مزاحيه ڊرامي (The Government Inspector) جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هي ناٽڪ پهريان انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو هو جتان مرزا صاحب ان کي سنڌي زبان ۾الٿو ڪيو . مرزا صاحب پنهنجي روايتي ترڪيب مطابق هن ناٽڪ کي مقامي رنگ ڏنو آهي. روسي نالن ، ماڳن ۽ مسئلن کي سنڌي سماج مطابق پيش ڪيو آهي. ڪردارن کان مڪالما ائين چورايا اٿس ڄڻ اهي سنڌي ماڻهن لاءِ گوگول لکيا هئا.”هن ناٽڪ ۾ غلط فهمي جي بنياد تي ٻهراڙيءَ جي سرڪاري ڪامورن ۽ هڪ اخباري خاطيءَ جي وچ ۾ ٿي گذريل واقعات ، جيڪي هونئن غير متوقع ڏيکاريل آهن. ڪامورا اخباري خاطيءَ کي سرڪار جو مخفي “انڪوائري آفيسر” سمجهي هراسجي وڃن ٿا ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ پنهنجي پنهنجي ظلمن ۽ غلط ڪمن ڪارين جو اقرار ڪن ٿا ۽ ڪوشش ڪن ٿا ته ”انڪوائري آفيسر“ کي ڏيکاريو وڃي ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي ۽ انتظام ۾ڪٿي ڪا به خرابي نه آهي.”انڪوائري آفيسر“ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ ڦرائي ويهن ٿا. آخر ۾ مٿن صحيح حقيقت ظاهر ٿئي ٿي، آيل همراه ڪامورو نه هو تڏهن کين پشيماني ٿئي ٿي“.(171)

شاهه ايليا
وليم شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ ”ڪنگ ليئر“ (King Lear) جو الٿو مرزا قليچ بيگ “شاهه ايليا”جي عنوان سان 1900ع ۾ ڪيو. هن ناٽڪ ۾سيرت جي هيڻائيءَ جي موضوع کي کنيو ويو آهي. هن ناٽڪ جو مضمون ڏکن ڏاکڙن سان ڀريل آهي. شاهه ايليا جي خوشامند پسند طبيعت سندس زوال جو سبب بڻجي ٿي. اهڙي دردناڪ ناٽڪ کي مرزا صاحب سنڌي ماحول ۾ آڻي سندس نثر جي سونهن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. بدنصيب بادشاهه شاهه ايليا وڏي عمر ۾ پهچڻ باوجود هڪ صحتمند زندگي گذاري ٿو. هو بنيادي طرح خوشامد پسند سوچ جو مالڪ آهي. هو پوڙهي ٿيڻ کان پوءِ چاهي ٿو ته پنهنجي حڪومت پنهنجي ڌيئرن ۾ ورهائي ڇڏي. هو پنهنجو راڄ ڌيئرن ۾ اهڙي طرح ورهائڻ چاهي ٿو جيترو پيار سندس ڌيئر هن سان ڪن ٿيون، ان حساب سان هو حڪومت جو حصو انهن ۽ سندن مڙسن کي ورهائي ڏيندو.سندس سڀ ڌيئر هن جي بي انتها خوشامد ڪن ٿيون ۽ هن لاءِ وڏي محبت ڏيکارين ٿيون. سندس ننڍي ڌيءَ شهزادي صوفيه جيڪا ٻين جي ڀيٽ ۾ خوبصورت ۽ ذهين آهي، اها روايتي خوشامد نه ٿي ڏيکاري. مثلاً ائڪٽ پهرين جي پردي پهرين ۾ صوفيا پنهنجي پيءُ شاهه ايليا کي چوي ٿي ته:
”منهنجي زبان، سڻڀي نه آهي ۽ مون کي خوشامد ڪرڻ جو هنر نه ٿو اچي، جو دل ۾ هڪڙي رکان ۽ وات سان ٻي چوان. اهڙي ڪوڙي زبان ۽ اهڙي طمع واري اک مون کي جيئن نه هجي تيئن چڱي. اگرچ ان ڪري مون کي دنيائي نقصان ۽ اوهان جي ڪاوڙ سهڻي پوي ٿي“.(172)
اهڙي طرح عاليشان پر ضعيف طبيعت بادشاهه پنهنجي ٻچاپڙين ڌيئرن جي خوشامد تي ڀلجي پنهنجي سموري ملڪيت سندن لوڀي مڙسن کي ڏئي ڇڏي ٿو پر اندر جي سچار ۽ سچ چئي ڏيندڙ ڌيءَ صوفيه کي ڪاري ڪوڏي به نه ڏني ۽ کيس فرانس جي بادشاهه سان شادي ڪرائي ڪڍي ڇڏي ٿو، جيڪو صوفيه جي سندس اخلاق ۽ ڪردار جي ڪري گهڻي عزت ڪري ٿو. سندس وڏيون ڌيئرون اهو فيصلو ڪنديون آهن ته هو والد کي واري واري سان هڪ مهينو پوري شان سان رهائينديون، مگر اڳتي هلي پيءُ کي گهران ڪڍي ڇڏين ٿيون، جنهن تي بادشاهه کي صوفيه جي سچي محبت جو قدر ٿئي ٿو. آخر ڪار صوفيه جو مڙس سندس پيءُ جي ملڪ تي ڪاهه ڪري ٿو ۽ دغاباز ڌيئرن کان نجات ڏياري ٿو. سندس ننڍي ڌيءَ صوفيه کيس سهارو ڏئي ٿي. هوءَ پيءُ جي خدمت ڪندي تڪليفون سهي گذاري وڃي ٿي ۽ بادشاهه پڻ بري حالت ۾ مري وڃي ٿو“.(173)
هي ناٽڪ انساني طبيعت جي ڪمزوريءَ جي موضوع تي ٻڌل آهي. هي ناٽڪ شيسڪپيئر جي بهترين ناٽڪن ۾شمار ڪيو ويندو آهي. هن ناٽڪ جو ترجمو مرزا قليچ اهڙو ته اکري پابنديءَ وارو ڪيو آهي جو ڪردارن ۽ شهرن جا نالا ڦيرائي مڪاني رکيا آهن. بادشاهه جون دردناڪ زبانيون، چريائپ جي حالت ۽ وفادار ڌيءَ جي لاش واري منظر کي اصلوڪو ڪري ڏيکاريو آهي. مرزا قليچ سليس ٻولي استعمال ڪري ان ناٽڪ ۾ اهڙيون خوبيون بيان ڪيون آهن ڄڻ اهو اصلي معلوم ٿئي ٿو. ڪردار نگاري توڙي مڪالمن جي لحاظ کان هي ناٽڪ سنڌي ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.

آکاڻي ، قصا ۽ ناول نويس
مرزا قليچ بيگ ٻاراڻي ادب، خاص طور تي آکاڻين جي سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. خاص طور تي اڻوهين صديءَ ۾ ”دل پسند قصا“ اهم آهي. ان کان علاوه مرزا صاحب ڪيترائي قصا به لکيا. مرزا صاحب نه رڳو اصلوڪا ناول لکيا پر هن ڪيترن ناولن جو ترجمو به ڪيو. سندس سڀ ناول سماجي ۽ اصلاحي آهن. هن جي ترجمو ٿيل ناولن جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته انهن ۾ سنڌي ماحول جي پيشڪش ڪئي ويندي هئي.

دلپسند قصا
”دلپسند قصا“(Tales from Shakespeare) جيڪو مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل هو. انگريزي ۾ اهو ڪتاب چارلس ۽ ميئري لئمب (Chales and Mary Lamb) (19 صديءَ جي مشهور ليکڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ) لکيو هو ۽ هاڻ اهو ڪتاب انگريزي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ يادگار ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. 1890 ۾ مرزا قليچ بيگ، ٻن ڀاڱن ۾ ڇڀايو هو. هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ اٺ قصا ڏنل آهن ۽ اٺ قصا ٻئي ڀاڱي ۾ ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
هو ٽڪر جي هڪڙيءَ غار ۾ رهندا هئا. انهيءَ غار ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون هيون، جن مان هڪڙي خلاصي ”پراسپرو“ جي لکڻ پڙهڻ جي ڪم جي هئي. اتي هن پنهنجا ڪتاب رکيا ، جي خاص جادوءَ جي علم بابت هئا. انهيءَ علم جو انهن ڏينهن ۾ سڀني پڙهيل ماڻهن کي ڏاڍو شوق هوندو هو . هن کي ته اهو علم تمام ڪمائتو هو، ڇا لاءِ جو اهو ٻيٽ جنهن تي هي اتفاق سان اچي پيو هو، تنهن کي ”اسئڪورئڪس“ نالي هڪڙيءَ ڏائڻ جادوءَ سان منڊي ڇڏيو هو. اها ڏائڻ پاڻ ”پراسپرو“ جي اچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳڀرو مري ويئي هئي، تنهنڪري ڪيترائي چڱا جِنّ ۽ ڀُوت، جن کي انهيءَ ڏائڻ سندس ظلمي حڪمن نه مڃڻ ڪري وڏن وڏن وڻن جي ٿــُڙن ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، تن کي ”پراسپرو“ پنهنجي هنر جي زور سان آزاد ڪيو. اهي جنّ انهيءَ وقت کان وٺي ”پراسپرو“ جي فرمانبرداريءَ ۾ رهندا هئا. انهن مان مکيه ”ايريل“ نالي هڪڙو ننڍڙو جنُ هو“.(174)

هرڻيءَ جو قصو
هي هڪ مشهور قصو آهي. جنهن ۾ هرڻي ۽ شڪاري جي ڪهاڻي آهي. هرڻي شڪايت کڻي نبي سائين وٽ اچي ٿي ۽ انصاف جي گهر ڪري ٿي. هي قصو مرزا صاحب 1878ع ۾ لکيو، جيڪو مرزا اعجاز بيگ وٽ قلمي صورت ۾ پيو آهي. هن قصي ۾ جانورن لاءِ رحم جو سبق ملي ٿو.
رستم
هي قصصي ناول مرزا قليچ 1880ع ۾”رستم“ جي نالي سان لکيو، جو قديم ايران جي تاريخي ڪتاب تان ورتل هو. ”هن ۾ڪيترائي قصا فردوسيءَ جي شاهنامي تان اکر به اکر ترجمو ٿيل هئا. جيتوڻيڪ رستم پهلوان فردوسيءَ جي شاهنامي تان ورتل هو، ليڪن ان جي نثر ۾ ترجمو نهايت ڪاريگريءَ سان ڪيل هو. رستم جا ڪارناما، پنهنجي پٽ سهراب هٿان افسوسناڪ شڪست ۽ خوفناڪ موت ۽ هن جي زندگيءَ جا ٻيا واقعا، هڪ ٻئي سان ائين جڙيل آهن، جو هڪ جاندار ڪهاڻيءَ جو روپ حاصل ڪن ٿا، جيڪي نه فقط انهن پڙهندڙن جون آکاڻيون پڙهڻ تي هريل هئا، بلڪ انهن پڙهندڙن کي به ڪشش ڪن ٿا، جيڪي اهڙن قصن ڪهاڻين کان منهن موڙين ٿا“.(175)

دلارام
مرزا قليچ بيگ پهريون طبعزاد ناول ”دلارام“ 1887ع ۾ لکيو. هي هڪ ننڍڙو ناول آهي، جيڪو قديم ڪهاڻين ۽ قصن تي مبني آهي. هن ناول جي وضاحت ڪندي مرزا صاحب لکيو آهي ته پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض ته هي هڪڙو نئون قصو خيالي سٽيل آهي، پنهنجي دلئون جوڙيل آهي، ڪنهن ٻئي ڪتاب تان ورتل ناهي. هن ۾ڪا ڪوڙي آکاڻي يا نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه پيل ناهي، نڪو منجهس ديو، نڪا پري آهي، رواجي اتفاقن ۽ دنيائي وهنوار ۽ هلت چلت جو منجهس ذڪر اچي ٿو ۽ نيڪي بدي ڪرڻ سان جي نتيجا نڪرن ٿا، سي چڱي طرح منجهس ڏيکاريل آهن“.(176)
ناول ۾ ڏنل قصو بادشاهن جي دؤر ۽ انهن جي مسئلن سان واسطو رکي ٿو. هن ناول ۾ اصل مقصد نيڪيءَ جي جيت ۽ بديءَ جي هار آهي. شاهه عادل کي هڪ عدل ۽ انصاف وارو بادشاهه ڏيکاريو ويو آهي ۽ جڏهن ته شاهه شجاع کي ظالم ، کوٽو ۽ لالچي ڏيکاريو ويو آهي . ناول جي پلاٽ تي داستان گوئيءَ جو رنگ غالب آهي، مافوق الفطرت ڪردار، ازغيبي امداد، بادشاهن جا قصا وغيره هن ناول جو حصو آهن. مرزا صاحب هيءُ قصو نهايت ئي سليس عبارت ۽ عام اصطلاحن سان لکيو آهي. هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هڪڙي ننڍي نصيحت به ڏني وئي آهي.

زينت
سنڌ جي اديب، عالم، ترجمي نگار ۽ ناول نگار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد ناول آهي، جنهن ۾ مسلم گھراڻي جي گهريلو زندگي، رهڻي ڪهڻي، زماني جي حالات جو بيان ۽ ناول جي سورمي زينت جي سيرت کي نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هِن ناول ۾ ڪيترن ئي سنڌي اصطلاحن ۽ پهاڪن جو به استعمال ڪيو ويو آهي. هي مرزا قليچ جو ٻيو طبعزاد ناول آهي، جيڪو هن 37 سالن جي عمر ۾ 1890ع ڌاري لکيو. هيءُ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ناول آهي.
هي ناول معاشري جي تصوير به آهي ۽ تنقيد به. هي ءُ ناول وقت جي اهم ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو. اها فقط مرزا صاحب جي ذاتي راءِ نه هئي، بلڪه هڪ چڱي خاصي طبقي جي ترجماني هئي. مرزا قليچ بيگ “زينت” ۾ جنهن مسئلي کي واضح طور تي بيان ڪيو آهي، سو عورت ۽ عورت جي عظمت سان تعلق رکي ٿو. مرزا صاحب شدت سان محسو س ڪيو ته معاشري ۾ عورت جي اصلاح کان سواءِ ترقي ممڪن نه آهي.
”هن ناول ۾مرزا صاحب شاديءَ جي مسئلي کي به کنيو آهي. ڏي وٺ واري شادي ءَ کي هو نا پسند ڪري ٿو. سندس خيال آهي ته اها شادي ڪامياب آهي جتي زال ۽ مڙس ۾ ذهني هم آهنگي هجي. ان کان علاوه هن ناول ۾ ٻين به ڪيترن ئي معاشرتي ۽ گهرو زندگيءَ سان واسطو رکندڙ شين کي پنهنجي بحث ۾آندو آهي. مثال طور سڱا بنديءَ جي ڏي وٺ، ڏک سک ، خيال خطرا ، اجايا جذبا ۽ ارادا نهايت صفائيءَ سان بيان ڪيل آهن. ان کان سواءِ اجايون ريتون رسمون ۽ رواج، جي اسان جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، تن جو پڻ بيان ڪيل آهي ۽ انهن کي دؤر ڪرڻ لاءِ به ڪي ضروري ۽ مؤثر ڳالهيون ۽ اپاءَ ٻڌايا ويا آهن. مطلب ته زينت جي روپ ۾ مرزا صاحب هڪ آدرشي عورت ۽ هڪ آدرشي گهرو زندگيءَ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“زينت ” ناول مرزا قليچ بيگ جي نثر جو بهترين نمونو آهي“.(177)سولا ۽ نج سنڌي لفظ، ننڍا ننڍا سولا جملا، هرو ڀرو فقرن جي منجهيل گهڙت کان ڪناري ڪشي، لفطن جي اثردار ترتيب ، لفظن ۽ جملن ۾ معنيٰٰٰ ڀريو ربط، زينت جي نثر جون خوبيون آهن. هيٺ “زينت” مان مثال لاءِ هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو :
“وري جيئي شل منهنجو حامد به ويٺو آهي، جوان اچي ٿيو آهي، تنهنجو به نيٺ بلو ڪرڻو اٿم. اڄ ته مائٽ به چون ٿا ته اٽي تي اٽو ، کارو نه کٽو، هڪڙي هٿ ۾ ڏيو ته ٻئي هٿ ۾ وٺو.” سو جي آءٌ کڻي اهڙو پير توسان ڀريان ته مائٽن کان مور ويندس ۽ منهنجو ڇوڪر به رهجي ويندو“.(178)
ائين گهڙت ۾ هن مثالي ٽڪري ۾ به وڏا جملا آهن، پر اهي گهڻي ڀاڱي ننڍن ثاني جملن (منهنجو حامد ويٺو آهي/جوان اچي ٿيو آهي/تنهن (حامد) جو نيٺ بلو ڪرڻو اٿم) مان رچيل آهن. ان ڪري سڄو جملو وڏو هوندي به وڏو نٿو ڀاسي. اهڙيءَ طرح ڏسجي ته اوڻوهين صدي سنڌي ادبي نثر جي جيڪا راهه قليچ بيگ جوڙي ، ان جو تاريخ ۾ وڏو حصو آهي.

صحت النساءِ
جڏهن مرزا صاحب جو ناول “زينت” شايع ٿيو، تڏهن اهو تاثر ڏنو ويو ته هي“ صحت النساءِ” نالي هڪ ناول جو ترجمو آهي، پر مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي “سائو پن ۽ ڪارو پنو” ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي، اڳتي هلي “صحت النساءِ” هڪ الڳ ناول جي روپ ۾ شايع ٿيو. هي ناول 1899ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ هڪ طرف مسلم سماج ۽ ان ۾هلندڙ ريتن رسمن جو عمدو نقش چٽيل آهي ته ٻئي طرف عورتن جي صحت جي مسئلن ۽ مونجهارن کي به کولي سمجهايو ويو آهي.
مرزا قليچ سوين ڪتاب ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري، جهڙو سنڌي ساهت کي مالامال ڪيو تهڙو ٻئي ڪنهن لکندڙ ڪونه ڪيو. مڙئي ڪتابن ۾ سندس عبارت سلاست ڀري ۽ عام فهم واري هئي ۽ عربي فارسيءَ جي ڀرمار کان آجي هئي.