لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ (1828-1885ع)

ڊاڪٽر ٽرومپ هڪ جرمن اسڪالر هو. هن کي چرچ مشنري سوسائٽيءَ پاران سنڌ ۾ ان لاءِ موڪليو ويو ھو ته ھو سنڌي ٻولي، گرامر ۽ ڊڪشنرين تي ڪم ڪري. ھو اچڻ سان پنهنجي ڪم کي لڳي ويو .ھتي ھن ٿوري عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي مھارت حاصل ڪري ورتي. بي- ايڇ ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙايل عربي سنڌي الفابيٽ کي نامڪمل سمجھندي مٿس سخت تنقيد ڪيائين. نومبر 1854ع ۾ لنڊن ۾ پنهنجي ھيڊ آفيس (The Parent Company of Church Missionary) کي سنڌي الف-ب بابت پنهنجا ويچار ۽ جامع رٿا تيار ڪري موڪلي ڏنائين. جنهن ۾ ايلس تي سخت تنقيد ٿيل ھئي. ان سلسلي ۾ هن لکيو ته ”انهيءَ قسم جي ڪچري (ايلس جي نگراني ۾ ٺهيل الف -ب) کي ٻھارڻ خاطر سنڌي الف - ب تي ھن سان گڏ شامل چوپڙي لکي اٿم. جنهن بابت اھو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان ته بمبئيءَ ۾ موجود مشرقي علوم جي عالمن ۽ سنڌ جي ڪمشنر وٽ ڏاڍي مڃتا ماڻي چڪي آھي. انهن بنيادن تي مسٽر ايلس پاران اسڪولن ۽ آفيسن ۾رائج ڪيل الف-ب کي رد ڪري مون پاران تيار ڪيل الف -ب کي ان جي جاءِ تي نافذ ڪيو ويندو“.(14)

Sindhi Reading Book
1858ع هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هي ڪتاب ديوناگري ۽ عربي اکرن تي آڌاريل هو. هن ڪتاب ۾ تبليغي مواد به ڏنو ويو هو، ڇو جو ٽرومپ عيسائي چرچ جو مشنري (مبلغ) هو. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکيو اٿائين ته ” هن هي ڪتاب سنڌ ۾ ايندڙ عيسائي مبلغن جي مدد لاءِ شايع ڪرڻ لاءِ مذهبي مواد ۽ مذهبي ڪتابن لکڻ ۾ مدد ملندي“.(15)
هن ڪتاب ۾ بائيبل جا ڪجهه جملا به سنڌي ۾ ترجمو ڪيل آهي, جن ۾ Ten Commandment به شامل آهن. ڪجهه مذهبي قسم جا راڳ، دنيا جو وجود ۾ اچڻ حضرت آدم عليھ السلام جو بهشت مان ڪرڻ، انهيءَ کان علاوه تبليغي Text به ڏنل آهي. جنهن ۾ هن ڪي حصا قرآن پاڪ ۽ بائيبل مان ڏئي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ٻئي مذهبي ڪتاب انهيءَ ڳالهه جي پٺڀرائي ٿا ڪن ته حضرت عيسيٰ عليھ السلام خدا جو پٽ هو. انهيءَ ڪتاب ۾ اخلاقي سبق ڏيڻ لاءِ ڪي آکاڻيون به ڏنل آهن. نظم واري حصي ۾ ليليٰ مجنون متعلق شاعري قابل ذڪر آهي، هن ڪتاب ۾ نظم ۽ نثر جو سٺو ميلاپ ڏنل آهي“.(16)
ڊاڪٽر 1858ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جي ڪتاب ۾ ھيٺين چئن ڪتابن جي نسخن جو ذڪر به ڪيو آھي:
1- اڏيرو لعل اڌ سنڌي اڌ پنجابي
2-سورٺ سنڌي
3-سسئي سنڌي
4-ڪاسين ڪام روپ سنڌي
انهن ڪتابن ۾ ڊاڪٽر ٽرومپ، ڪوي ناٿ ۽ مينگھي ڀڳت جا سلوڪ پڻ ڏنا آھن.

شاهه جو رسالو
شاهه جي شاعري پڻ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جي تحقيق جو مرڪز رھي. سندس ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو يعني ديوان عبداللطيف ڀٽائيءَ جو“ هن سلسلي ۾ تمام معياري ڪتاب آهي.ھي پرڏيھي، توڙي ڏيھي اديبن مان پھريون اديب ھو، جنھن شاھه جي شاعريءَ تي سڀ کان پھرين سخت محنت ڪري ھن جي لازوال ادبي سرمائي کي گڏ ڪيو ۽ پهريون دفعو 1866ع ۾ جرمنيءَ جي شھر لپزگ مان هند سرڪار جي مالي سهڪار سان ڇپرائي شاھه جي ڪلام کي محفوظ ڪري ڇڏيو. ھن سنڌي صورتخطي جوڙي ۽ پاڻ سنڌي-عربي فارسي طرز تي الف-ب لاءِ لوھي ٽائيپ رائيٽر جوڙائي ۽ رسالو شايع ڪرايو. سنڌي ٻوليءَ تي ھن تمام اھم کوجنا ڪئي. هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ٽرومپ لکيو آهي ته ” مان قصا، ڪهاڻيون، ڪافيون ، راڳ، ڏوهيڙا ويس ڪٺا ڪندو، انهيءَ مراد سان ته انهن مان سنڌي ٻوليءَ جي پوري کوجنا ڪريا ۽ ٻولي جي ڄاڻ حاصل ڪريان. مان اهي بيت ۽ ڪافيون وغيره فقيرن ،ڀٽن، چارڻن ، سراندين ، مگڻهارن کان ٻڌندو هوس، جي ميلن ، مجلسن، محفلن تي ڳائي ماڻهن کي وندرائيندا هئا. منهجو ويچار هو ته اهو سڀ ڪٺو ڪيل مصالحو ترتيب وار ٺاهي سنڌي عوام لاءِ هڪ قسم جو ادب موجود ڪيان ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيان“.(17)
ڊاڪٽر گربخشاڻي ڊاڪٽر ٽرومپ جي رسالي لاءِ لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر ٽرومپ پهريون شخص هو، جنهن شاهه جي رسالي کي اوندهه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آندو. رسالي جي تياريءَ لاءِ ٽرومپ کي ٻه پراڻا قلمي نسخا هٿ آيا، جن کي هن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ڄاڻوءَ جي مدد سان ڀيٽيو. هن جي ڇاپي ۾ ڪي غلطيون به آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي بقول ”صورتخطي خود بناوتي آهي ۽ اُها اردوءَ- گاڏڙ به آهي“.(18)
ارنيسٽ ٽرومپ هن کي ”رسالو“ توڙي ”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن. رسالي جو هيءُ ڇاپو اڻپورو آهي، جنهن ۾ فقط 26 سر شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرومپ جي چوڻ موجب ضخامت ۽ قيمت وڌي وڃڻ ڪري باقي سُر شامل نه ڪيا ويا. هن ڇاپي ۾ 2529 بيت ۽ 159 وايون شامل آهن. ڊاڪٽر ٽرومپ، هن ڇاپي لاءِ مواد ڪنهن مقامي پڙهيل منشيءَ جي مدد سان ’ٻه سٺا قلمي نسخا‘ (سندس چوڻ مطابق) ڀيٽي، مرتب ڪيو. ٻنهي جي پڙهڻين ۾ جتي به اختلافي صورت پيدا ٿي ته اتي عام فهم پڙهڻيون اختيار ڪيون ويون.

Grammar of Sindhi Language
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ اهو پهريون پرڏيهي عالم ھو جنهن 1872ع ۾ سنڌي تي جامع ڪتاب لکيو، هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان تي ويچار پڻ پيش ڪيا.سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ خوبين توڙي اُن جي ادب جي رنگارنگيءَ ٽرومپ تي چڱو اثر وهاريو، ان ڪري هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو ۽ تفصيل سان سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ بڻ بنياد کان وٺي اُن جي صرفي ۽ نحوي خوبين تي تفصيل سان لکيو. جيئن ته ارنيسٽ ٽرومپ سنسڪرت ۽ پراڪرت جي خاص سکيا ورتي هئي، انهيءَ ڪري هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ عربي اسڪرپٽ جي خلاف هو. سندس چوڻ مطابق عربي اکر پراڪرت زبان کي بيان ڪرڻ لاءِ نهايت ناموافق آهن، جيئن ته سنڌي ٻولي پراڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي، انهيءَ ڪري عربي خط سنڌي ٻولي لاءِ ناموزون آهي.
هن هڪ دلچسپ ڳالهه به ڪئي آهي، جنهن موجب ڪي شڪاري ۽ ڀنگي هن جي پاڙي ۾ رهيا پئي، جن جي ٻولي به سنڌي هئي. ٽرومپ اُنهن جي ٻوليءَ ۽ ريتن رسمن جو گهرو اڀياس ڪيو. گرامر جي ڪتاب ۾ پهريان تعارف (Introduction) ڏنل آهي. جنهن ۾ سنڌي جي سنسڪرت ۽ پراڪرت سان لاڳاپي ۽ سنڌي الفابيٽ تي بحث ڪيو ويو آهي. گرامر واري حصي کي ويهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ آخر ۾ ٻه ضميما (Appendix) به ڏنل آهن.
ٽرومپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ تي پڻ کوجنائون ڪيون، ۽ انهن آوازن جي ڀرپور تشريح ڪئي. ڊاڪٽر ٽرومپ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو، ۽ چيو ته ”اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري“. ان کان سواءِ هن ڪاروبار لاءِ جوڙيل واڻڪي لپيءَ تي پڻ تنقيد ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي پڻ ڊاڪٽر ٽرومپ تحقيق ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مکيه لهجن اترادي، وچولي ۽ لاڙي وغيره تي لکيائين.

English and Sindhi Dictionary
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ انگريزي ۽ سنڌي لغت تي به ڪافي ڪم ڪيو هو، مگر بيماري ۽ پوءِ اوچتو وفات جي ڪري سندس اهو ڪم اڌورو رهجي ويو.مطلب ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرومپ جون لطيفيات، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي گرامر تي ڪيل خدمتون بي مثال ۽ يادگار آهن. سندس ڪيل تحقيقون سنڌي ادب ۾ هميشه ياد رهنديون.