شمس الدين “بلبل“ (1857-1919ع)
“بلبل” ، طنز، ظرافت ۽ نثر جي انوکي عبارت ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو. ”هن جي نثر کي مختلف حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . مثال طور ؛ نثر عاري ، نثر مقفيآ ، ظرافتي نثر، تبليغي نثر ، سياسي نثر ۽ علمي نثر “.(199) هن جون گهڻيون لکڻيون ويهين عيسوي صديءَ جي شروعاتي دؤر ۾ لکيل آهن. اڻويهين صدي عيسوي ءَ ۾سندس شايع ٿيل ڪجهه لکڻيون آهن : ”ميلو قلندر لعل شهباز“ (1893ع)، ”تيرهن ڄار مڪرن جا مار“ (1896ع)، ”بهار عشق“ (1899) اهم آهن. پاڻ پختي عقيدي وارو انسان هو ۽ هميشه روشن خيال ۽ اعتدال پسند رهيو. فرسوده ڳالهيون، بي جاءِ خوشامد ۽ ٻاهريون ڏيک ويک ۽ منافقانه هلت چلت کان سخت نفرت هيس.
قلندري ميلو
شمس الدين بلبل جو ڪتاب ”قلندر ي ميلو“ ، 1893ع ۾ شايع ٿيو. ”هن ڪتاب ۾ مخدوم قلندر لعل شهباز عليه سيوهڻ واري جي شاهي ميلي بابت مقفيِ عبارت ۾ لکيل آهي. ڪتاب ۾ مصنف هر هڪ تماشي جي بيان جو فوٽو اهڙي طرح ڇڪيو آهي ، جو ڄڻ ته سڄو تماشو اصلي معلوم ٿو ٿئي“.(200) زبان جي پختگي ۽ حسن ادائگيءَ لاءِ هيٺيون مثال ڪافي آهي :
“هر سال فزح فال، شعبان شهر، ميمنت بحر سيوستان، اشڪ بستان، عالم آشڪار، شهره آفاق ميلو حضرت مخدوم قلندر بادشاهه لعل شهباز ، بلند پرواز، عليه الرحمته جو، مقرر ميعاد، فرصت سواد، ارڙهين تاريخ کان مثلث نوبتن جي بدولت، نهايت هجوم، نهايت ڌوم سان وقوع ۾ اچي ٿو، جتي بيشمار ، هزار اشخاص، عام ۽ خاص، هر اطراف ، همرا ڪناف ۽ مڙئي اوصاف عالم جا موجود بلڪ شاهد ۽ مشهود ٿين ٿا“.(201)
تيرهن ڄار مڪرن جا مار
سال 1896ع ۾ سندس ڪتاب ”تيرنهن ڄار مڪرن جا مار“ جي نالي سان ظرافت آميز تيار ڪيائين، طنز و مزاح جي سلسلي ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. سمورو ڪتاب سماجي اوڻاين جي نشاندهي ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ لکي ٿو ته ” هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ لکيل ته ظرافتي رنگ ۾ آهي مگر ان جو سڄو مقصد اصلاح آهي. ان ۾ پوليس ، مئجسٽريٽ، وڪيل، مختيارڪار ، عريضي نويس ، واڻيو،حڪيم، سوداگر ، ڪيماگر، پير فقير، رنگيلا يار انهن جا ڄار ۽ لچايون ڏيکاريون اٿس“.(202)سندس نثر مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو :” پير فقير، امير نواب، چڱا مٺا، غريب بي حساب، ذرڙا زميندار، چور چڪار، ڪڙا ڪامورا، رئيس سردار، بازيگر رانديگر، نامي ملهه، جوڳي ٺوڳي، دلبائي دل، لنگها ڏوم، ڀٽ ڌمال، کدڙا پانڊي، ڪهريون قوال، ٽاٽر ٽوٽر، آڪڙ باز، ڳنڍي ڇوڙ، جواساز، غرض ته هر ملڪ جا انسان هر سوداگر، هر سامان ، هر جنس، هر حيوان، هار ساز، هرباز، هر حسين هر ساز اچي گڏ ٿين ٿا“.(203)
سال 1899ع ۾ “بهار عشق” نالي خطن جو هڪ مجموعو به مرتب ڪيائين، جنهن ۾ انشا جا نادر نموناڏنل آهن. شروعات ۾ خط نثر ۾ ڏنا اٿس ۽ باقي چار خط نظم ۾ آهن. نثر مقفع عبارت ۾ آهي.
شمس الدين بلبل اهو سنڌي زبان جو نثر نويس هو، جنهن نثر کي فارسي زبان مان آزاد ڪرايو. سليس سنڌي نثر کي پنهنجين اخبارن جي ذريعي عام ڪيو. سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جو عڪس نظر اچي ٿو. سندس اخبارون ”آفتاب“ سکر، ”الحق“ سکر ۽ ”معاون“ ڪراچي مشهور رهيون، جن ۾ سليس نثر نويسيءَ جا ڪمال هئا ۽ انهن اخبارن ۾ مضمون نويسيءَ سٺي ترقي ڪئي. بلبل جا فسلفيانه مضمون سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيا.زبان جي رواني، قلم جي پختگي ۽ سهڻو سڀاءُ سندس تحرير جون خصوصيتون آهن، جيتوڻيڪ ٻولي قافيه دار آهي، تاهم سلاست کان خالي نه آهي.