لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

ڏيارام گدومل شهاڻي (1927-1857ع)

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته “ڏيارام شهاڻيءَ جي جيون چرتر جو جيڪڏهن باريڪيءَ سان مطالعو ڪجي ته معلوم ٿيندو ته هن سرڪاري ملازم هئڻ جي ڪري پاڻ پردي پٺيان رهي، سنڌ ۾ سماجي سڌارن، نئين سجاڳيءَ جي لهر ڦهلائڻ ۽ سنڌ ۾ تعليم جي ڦهلاءَ جي کيتر ۾ تمام اهميت ڀريو رول ادا ڪيو. سندس ڪوششن سان 1887ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج“ (D.J Sindh College) برپا ٿيو. هن جي ادم سان ئي 1882ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ سڀا“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي سجاڳي آڻڻ سان گڏوگڏ تعليم ۽ ساهت جي اوسر ۾ به گهڻو اهم ڪم ڪيو“.(193)
ديوان صاحب بي اي ، ايل ايل بي پاس ڪري ، ڪراچيءَ جي جڊيشل ڪمشنر جو رجسٽرار مقرر ٿيو. ٿوري ئي عرصي ۾ پهنجي قابليت ۽ علميت سبب ڊسٽرڪٽ جج مقرر ٿيو. هن خيرجي ڪمن لاءِ ڪيتريون ئي منڊليون برپا ڪيون. دکئي جو دک لهڻ، بکئي جي بک ميٽڻ ۽ محتاج کي مدد ڪرڻ سندس سڀاءُ هو. سنڌ جي تعليم جي واڌاري لاءِ هن صاحب گهڻيون ڪوششون ڪيون. ساڌو هيرانند کي ائڪيڊمي اسڪول (حيدرآباد) برپا ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪيائين.
ڏيارام گدو مل ڪيترائي سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”هوميوپيٿي“ (1902ع) ”سري يوگ درشن“ (1900ع)، ”رباعيات عمر خيام“ جي سنڌي ترجمي جو مهاڳ، “گيتا جو سار” ، “ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج”، ”جپ صاحب“ مسٽر بهرامجي ملباري ۽ مسٽر هيرانند جو “جيون چرتر” (1905ع) ، “لوڀ جو ماتم” (عورتن جي سڌاري لاءِ 1923ع)، “ست سهيليون” (عورتن جي سڌاري لاءِ 1925ع) “ڌاري چابڪ” (1900) ۽ رهاڻ (ڊائري ست ڀاڱا 1925ع ڌاري) ۽ ”نل ۽ دمينتي“ (1929). وغيره اهم آهن. ان کان علاوه ڪيترائي انگريزي ڪتاب به لکيائين.مرزا قليچ بيگ جي ترجمو ڪيل انگريزي ڪتاب “چچ نامه” (The Chachnamah) جي ڀرپور محنت سان اصلاح ڪيائين ۽ ان جو ”منڍ“ (Introduction) لکيائين. ڏيارام گدومل سنڌي نثر جي اوائلي دؤر جو نه رڳو هڪ ٿنڀو آهي پر هن دؤر جو بهتر نثر نويس آهي. “من جا چابڪ” عنوان هيٺ جدا جدا مضمونن تي لکڻ کان سواءِ هن صاحب جون ٻيون مشهور لکتون آهن.

جپ صاحب
هيءَ سکن جي پوتر ڪتاب گرنٿ صاحب جي ابتدائي ٻاڻي آهي، جنهن کي ’جپ نشان‘ به چوندا آهن ۽ اڪثر سک هن کي گرونانڪ جو بيان ڪيل سمجهندا آهن ۽ هن جو پاٺ ڪرڻ سندن روزمره جي زندگي ۾ شامل آهي. سک ودوانن ۾ اختلاف آهي ته هن ٻاڻيءَ کي ’جپ صاحب‘ جو نالو ڪهڙي طرح مليو. گرنٿ صاحب جي ٻاڻين جا نالا گهڻو ڪري ٻاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن مان ئي ورتا ويا آهن. هن ڪتاب لاءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته ” ”جپ صاحب“ 1891 ۾ ڪڍيائين، جنهن ۾ ارٿ سان گڏوگڏ مڙني ڏکين لفظن جون معنائون ۽ سٽ سٽ جو مطلب سمجهايائين. هن پستڪ جا پنج ڇاپا نڪتا، جن مان ٻئين ۾ جپ صاحب سان ڀيٽ ڪرڻ لاءِ ڪي ساميءَ جا سلوڪ ڏنائين، چوٿين ۾ ڪبير جا سلوڪ ۽ پنجين ۾ رومي جي شعر مان ساڳئي مضمون وارا مثال پيش ڪيائين، جنهن مان هن صاحب جي سنسڪرت توڙي فارسيءَ جي اٿاهه اڀياس جي پروڙ پوي ٿي“.(194)

ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج
1885ع ۾ ديوان ڪوڙيمل ساميءَ جي سلوڪن کي ترتيب ڏنو.ڪوڙيمل جي چوڻ تي ديوان گدومل ”ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج“مهاڳ طور لکيو.هي تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون سندس ادبي شاهڪار آهي. هن ۾ سندس ٻولي ۽ لفظن جو استعمال به شاندار آهي. هيٺ مثال طور ڏيارام جي نثر جو نمونو ڏجي؛
دشمنن کي ناس ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، دوست هٿ ڪرڻ ٻي. ساڌ سنگت ڪرڻ هڪڙي ڳالهه آهي، ساڌو ٿيڻ ٻي ڳالهه. ساڌ سنگت ڪري من جا ڀوت ڪڍي سگهجن ٿا، پر ساڌو ٿيڻ کان سواءِ سائين نٿو ملي، ڪي ائين پيا سمجهن ته ساڌو اُهي آهن جن جهان کي ڇڏي فقيريءَ جي جهولي پاتي آهي. پر جهان جي کڏن کوٻن، چڪُن ۽ ترڪڻين جي جنهن کي آزمائش نه هوندي، تنهن کي سچي لنؤ ڪَڏهين نه لڳندي. جو لهرن جو لحاظ ڪندو سو ترڻ مور نه سکندو. جو دنيا جي هَوَسن سان نه لڙندو، تنهن کي سورمو ڪير چوندو؟ جو ڏکن ڏاکڙن کان گيدي ٿي ڀڄندو، تنهن کي آسماني واهر جي ڪهڙي خبر پوندي. سڀ ڪنهن جي آتما تي ڳرو قرض آهي ۽ اهو قرض لاهڻ مٿس فرض آهي“.(195)

ماءُ ۽ ڌيءُ
ديوان ديارام جو ڪتابڙي ”ماءُ ۽ ڌيءُ“ 1891ع ۾ شايع ٿي. ظاهري طرح توڻي هڪ آکاڻي پي لڳي، پر حقيقت منجهس ويهه اخلاقي سبق ڏنل هئا جي هڪ فهميندي ماءُ پنهنجي ننڍڙيءَ ڌيءَ کي سيکاري ٿي ته دنيا ۾سکي ڪيئن گذارجي. ”ماءُ ڌيءُ“ مان ديوان صاحب جي سهج پر رنگين لکڻي جو نمونو ملي سگهي ٿو:
”پهريون سبق ڌيئڙي جيڪو مون کي مليو، سو آهي مٿي نهارڻ جو. اڃا سج ڪين اُڀريو آهي، اڃا اوندهه آهي، پر مٿي نهار ته ڪيترا نه تارا پيا چلڪن. جي مٿي نهاريندينءَ ته اهي تارا توکي گهڻيون ڳالهيون ٻڌائيندا. هو وڏوسڀني کان وڌيڪ چلڪندڙ تارو ڏس ته ڇا ٿو چوي. ائين پيو نهاري، جو ڄڻ ته ڪا ڳالهه دل ۾ اٿس، منهه ڏسينس ته ڪهڙو نه مٺو اٿس، نيڻ ڏسينس ته ڪهڙا نه نماڻا اٿس. تون اڳڙو ڀريندي آهين، ۽ ستارون مون کان وٺي جڙيندي آهين، تڏهن اڳڙو پيو چلڪندو آهي. پر هيءَ مٿي ته ڏس ته ڪهڙو نه اڳڙو ڀريل آهي. هاڻي اڄ جڏهن تون اڳڙو ويهي ڀرين ۽ ستارون ويهي جڙين، تڏهن هيءَ اڳڙو نه وسارج، ۽ سڀاڻي سوير اُٿج“.(196)



گيتا جو سار
1893 ۾ ”سري ڀڳوت گيتا“ ڪڍيائين، جنهن ۾ ان مول ويدانتڪ پستڪ جي سليس سمجهاڻي ڏنائين ۽ هر هڪ سلوڪ جي ٽيڪاٽپڻي پڻ ڪيائين. هيٺ ان ڪتاب مان مثال طور ڏيارام جي نثر جو نمونو ڏجي:
هي انت روپ! هي وشو روپ! سوين سهسين تنهنجا ورن ۽ آڪار ڏسان ٿو. مان جيڏي نهاريان ٿو، تيڏي توکي ڏسان ٿو، تنهنجون اکيون سڀني پاسي آهن ۽ سج ۽ چنڊ جهڙيون آهن.تنهنجا مک سڀني پاسي آهن ۽ اگنيءَ جهڙا پرديپ آهن. سڀ ديوتائون ۽ سڀ جيو تو منجهه ڪٺا اچي ٿيا آهن ۽ ساري جڳت انيڪ ريت ورهايل تو ۾ اچي پيئي آهي“.(197)
ڏيارام جي نثر ۾ موضوع موافق لفظن جي چونڊ ۽ استعمال آهي.“گيتا جي سار” ۾ استعمال ٿيل سنسڪرت جا لفظ ان جو ثبوت آهن. ڏيارام جي عبارت ۾عام طرح سان سولا ۽ روزمرهه جي استعمال وارا لفظ استعمال ٿيل آهن.

ست سهيليون
هي چؤنپڙي ”ست سهيليون“ 1895ع جو لکيل هو پر 1925 ۾ ڇپائي ويئي، تنهنجو روپ وري ننڍي ناٽڪ جهڙو هو، پر ان ۾ صرف سوال جواب جي معرفت هڪ تعليم يافتي ڪنواري ڇوڪري پنهنجن ڇهن پرڻيل سهيلين کي نيتي ۽ ڌرمي سکيائون ڏيئي رهي آهي.

Something about Sindh
ديوان ڏيارام گدو مل ’سنڌ بابت ڪي ڳالهيون‘ بليوٽسڪي پريس، حيدرآباد سنڌ، سنه 1882 انگريزي ۾ هڪ مختصر ڪتابڙو لکيو، جنهن ۾ جملي صفحن مان چاليهن صفحن ۾ شاهه صاحب جي سوانح لکيائين. پاڻ پنهنجن معلومات جي بناء تي سوانح مرتب ڪئي . ان کان علاوه هن ننڍڙي ڪتاب ۾ سنڌ جي شهرن، نظارن، شاعرن ۽ اوليائن جا سهڻا بيان ڏنل هئا، جنهن مان شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ وارا باب اوچ درجي جا هئا.