لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي تاريخ

هن ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي سٺ کان مٿي نثرنويسن جي مختصر حياتي ۽ سندن ادبي خدمتن ۽ نثر جي اسلوب ۽ ٻوليءَ سميت پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن جون تصويرون ۽ سندن ڪتابن جا عڪس بہ ڏنا ويا آهن. ساڳي وقت نثري ادب ۾ جاگرافي، سائنس، ايڪنامڪس، رياضي، جاميٽري ۽ اسڪولن جي ڪورس جا ڪتاب لکيا ويا اھي پڻ شامل ڪيل آھن. ناول، ناٽڪ، آکاڻي، قصہ نويسي، تحقيق ۽ تنقيد، مضمون، سفرنامي، لطيفيات، اخبار نويسي، لغت نويسي وغيرہ جيڪا اڻوييين صديءَ ۾ ارتقا ٿي ۽ ان ڪھڙي مرحلي مان گذري ترقي ڪئي، ان جو جائزو ورتو ويو آهي. سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ جتي مقامي عالمن ۽ استادن جوحصو آهي، اتي مغربي عالمن جون خدمتون بہ ساراھ جوڳيون آهن. هندستان جي ڪن مرهٽن جو سنڌ جي تعليم ۽ درسي ادب ۾ ڪم هو، هن ڪتاب ۾ انھن کي خصوصي ۽ الڳ حوالن سان پيش ڪيو ويو آهي 

Title Cover of book اڻويهين صديءَ جي سنڌي نثر جي  تاريخ

انگريز اهلڪارن جي رپورٽن ۽ ڪتابن جو دور

18۽ 19 صدين جي سنڌ جي اقتصادي اهميت کي سمجهندي، برطانيا پنهنجا آفيسر موڪلي، سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، اقتصادي ۽ تاريخي حالتن تي تحقيق شروع ڪئي. ڪڏهن جاسوسيءَ جي بهاني ميرن جا مهمان ٿيندا هئا، ڪڏهن سرڪاري سفارتي وفدن ۾ شامل ٿي ۽ ڪڏهن ميرن سان معاهدي جي بهاني سنڌ ۾ ايندا رهندا هئا. انگريز فوجي آفيسرن جي تربيت ۾ تحقيق ڪرڻ جي سکيا خاص طور شامل هوندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو اڪثر فوجي آفيسر سنڌ جي مختلف پهلوئن تي عملي طور تحقيق ڪندا هئا ۽ رپورٽن جي صورت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ برطانيا جي حڪومت کي پيش ڪندا هئا. انگريزن جي فتح جو هڪ راز اهو به هو ته هو انهن رياستن جي مقامي ماڻهن جون ٻوليون سکندا هئا ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي جي معلومات وٺندا هئا. اڄ به پوري هندستان ۾ معياري ۽ مستند تاريخ جا حوالا انهن فوجي آفيسرن جي تحقيق مان کنيا ويندا آهن. اها به عجب جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا اوائلي گرامر به انگريزن لکيا، سنڌي ٻولي جون اوائلي لغتون به انگريزن تيار ڪيون. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت اوائلي نظريا به انگريزن ڏنا. سنڌي کي سڀ کان پهريون رياستي ٻوليءَ جو درجو به انگريزن ڏنو، سنڌي رسم الخط تي ڪم به هنن ڪيو.

سنڌي ءَ ۾ پهريون شايع ٿيل نثري ڪتاب
ان دؤر جي نثر نويسيءَ لاءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ لکيو آهي ته؛ “اڻويهين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ حصي ۾ به سنڌي نثر جي ڪا خاص ترقي ڪانه ٿي، اسلام جي ريتن رسمن سان واسطو رکندڙ ڪتاب ٻيا به چڱا ئي لکيا ويا. هن دؤر ۾ سنڌ ۾ عيسائي مذهب جو به چڱو پرچار شروع ٿي ويو. ڪلڪتي ڀرسان سيرامپور جي عيسائي مشن، ڀارت جي گهڻين ئي ٻولين ۾ بائيبل جي ڪجهه حصن جا ترجما ڇپائي پڌرا ڪيا ۽ ان سلسلي ۾ اتان “متي“ نالي سان بائيبل مان “سينٽ مئٿيوز” جو سنڌي ٻوليءَ ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ ترجمو 1819ع ۾ شايع ٿي. انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءُ پهريون ترجمو ٿو نظر اچي“.(1) انهيءَ ڪتاب لاءِ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ لکي ٿو ته 274 صفحن تي مشتمل ديوناگري لپيءَ ۾ هي ڪتاب ٽائيپ جي ڇاپخاني مان ڇپجي ظاهر ٿيو. هن ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڇپيل ڪتاب هئڻ جو شرف حاصل آهي. هن ڪتاب جي هڪ ڪاپي جڳ مشهور ميوزيم(هاڻي برٽش لائبريري)، لنڊن جي اسٽور اسٽريٽ ۾ قائم مشرقي علوم واري عظيم الشان ذخيري جي زينت بڻيل آهي“.(2)

لغتن ۽ گرامر جي اشاعت
لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي ڊڪشنرين جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”ٽالپري دور ۾ لکيل سنڌي فارسي ۽ فارسي سنڌي لغتون قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهن. اِهي قلمي لغتون اُن وقت جي مکيه عملدارن ڪورٽن جي لکپڙهه ۽ پنهنجي سهولتن جي لاءِ لکيون، جيڪي عام طرح گرمکي ۽ فارسي خط ۾ لکيل آهن“.(3) خوبچنداڻي صاحب اِنهن لغتن جو فقط ذڪر ڪيو آهي، پر ڪنهن به لغت جو نالو ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪو تفصيل ڏنو اٿس ته اِهي ڪهڙيون لغتون آهن، ڪنهن جون لکيل آهن ۽ ڪٿي رکيل آهن .
وليم ارڪسائين (William Erksine) 1796ع کان 1810ع دوران انگريز آفيسرن جا دستاويز جمع ڪيا، جن ۾ هندستان جي مختلف ٻولين (مرهٽي، سنڌي، ڪشميري، پشتو، افغاني، چيني وغيره) جا مختصر ذخيرا ۽ الف – ب موجود آهن“.(4) اِهي دستاويز انگريز عملدار ليفٽيننٽ ايف. اِروائين(F.Irvine) ۽ ٻين گورن آفيسرن جا لکيل ذاتي خط آهن. اُنهن دستاويزن ۾ ٻين ٻولين سان گڏ ”سنڌي“ لفظڻ جا مختصر ذخيرا پڻ موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽن لفظڻ جا اِهي ذخيرا برٽش لئبرريءَ جي قلمي نسخن جي آن لائين ڪيٽلاگ ۾ نمبر (26605) تي موجود آهن“.(5)
هينري ايڊمنسٽون بوئيلي - برطانوي حڪومت طرفان پوري هندستان ۾ ٽرگنا ميٽرڪ سروي مهم شروع ٿي، هن پنهنجي سير و سفر لاءِ جيڪا رپورٽ تيار ڪري انڊين گورنمينٽ کي پيش ڪئي، اها سندس هن ڪتاب ۾ شايع ٿي:
Personal Narrative of a tour through the western states of Rajwar, in 1835
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي لفظن جي ذخيري جي باري ۾ ناسف علي شيراز لکي ٿو ته ”هن جي نالي سان سن 1873ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ڪرايو. هن ڪتاب ۾ سنڌي لفظن جي مختصر لسٽ ڏني آهي. ڪل سنڌي لفظن جو تعداد سئو کن آهي، ٽن صفحن تي مشتمل هيءَ مختصر ووڪيبلري ٽن ڪالمن ۾ رچيل آهي، جنهن ۾ پهرين ڪالم ۾ سنڌي لفظ ڏنل آهن ۽ ٻئي ڪالم ۾ انهن جي انگريزي ۾ معنيٰٰٰ ۽ آخري ڪالم ۾ هندستاني معنيٰٰٰ ڏني آهي. سنڌي لفظ رومن خط ۾ لکيل آهن“.(6)
وليم هينري واٿين (1802-1866ع) جو جنم وينچيسٽر ۾ ٿيو. پنهنجي ذاتي شوق سبب خوب محنت ڪري سول سروسز جو امتحان پاس ڪيائين. هندستان ۾ صرف نوڪري نه ڪيائين، بلڪه هندستاني ٻولين سان خاص لڳاءُ به رکيائين. هن هندستان جي قديم رسم الخطن تي پڻ تحقيق ڪئي.”هينري واٿين کي مشرقي ٻولين جي ڄاڻ هئڻ سبب 1822ع ۾ بمبئي حڪومت جو فارسي زبان لاءِ ترجمان Translator) ) به مقرر ڪيو ويو هو. 1835ع ۾ کيس بمبئي حڪومت جي جنرل ڊپارٽمينٽ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هينري واٿين سنڌي ٻوليءَ جو گرامر A Grammar of Sindhi Language)) انگريزي زبان ۾ لکيو. هينري واٿين جو ڪتاب سال 1836ع ۾ ڇپيو. هي اهو دور هو جڏهن انگريزن اڃا سنڌ کي فتح نه ڪيو هو. ”هي هڪ ننڍڙو ڪتاب هو، جنهن جون چار وڏيون خوبيون هيون، هڪ ته هن ۾ سنڌي ٻوليءَ تي مختصر نموني تاريخي جائزو ورتو ويو آهي ۽ ٻيو ته هن ۾ سنڌي گرامر جا چند قاعدا بيان ڪيا ويا آهن جنهن ۾ گرامر جا ڪجهه اصطلاح به ڏنل آهن ۽ سنڌي گرامر جا ڪي قاعدا ۽ ڳالهائڻ جا لفظ مثالن سان ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽي خوبي اها به آهي ته هن ۾ سنڌي لفظن جون انگريزي ۽ سنڌي معنائون، الف-ب جي ترتيب سان ڏنل آهن. ان سلسلي ۾ سنڌي-انگريزي ۽ انگريزي-سنڌي لفظن جون لسٽون لغت واري انداز ۾ ڏنل آهن، جيڪا اٽڪل ٽن هزار لفظن تي مشتمل آهن. ڪتاب جي چوٿين خوبي اها به آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت بحث ڪيو آهي. سندس خيال ۾سنڌي هڪ آريائي زبان آهي“.(7)
جيمس پرنسيپ (1799-1840ع) اينگلو انڊين اسڪالر هو. هندستان جي ٻولين، رسم الخطن، قديم آثارن تي پڻ ڪافي ڪم ڪيائين. 1832ع ۾ جيمس پرنسيپ کي ايشياٽڪ سوسائٽيءَ (Asiatic Society) جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پرنسيپ ٽالپرن واري آخري دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجو اڀياس شروع ڪيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد تي ۽ سنڌي رسم الخط بابت راءِ ڏني. هن سنڌي زبان جي گرامر تي تبصرو ڪندي مقالو لکيو، جيڪو”دي جنرل آف دي ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال“ ۾ مئي 1837ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو. اهو مقالو ان ڪري به اهم آهي ته هن مسٽر واٿين جي سنڌي گرامر بابت ڪتاب جي حوالي سان لکيو جنهن ۾ هن مسٽر واٿين جي اوائلي ڪوششن کي پڻ ساراهيو“. (8)جيمس پرنسيپ پنهنجي مقالي ۾ سنڌي گرامر جا مختلف قاعدا ۽ گردان به ڏنا.
رابرٽ ليچ هندستان جي حڪومت لاءِ هندستان جي ستن ٻولين ۾ لفظن جي هڪ لغت لکي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي پڻ شامل هئي. اِها لغت 1838ع ۾ بمبئي مان شايع ٿي.1848ع ۾ اسسٽنٽ سرجن جي اي اسٽاڪس سنڌ جي دوائن تي هڪ رپورٽ تيار ڪئي؛
Practical Remarks on the Plants of Sind
ان رپورٽ ۾ سنڌ جي جڙي ٻوٽين جا انگريزي نالا ۽ سنڌي نالا ڏنا ويا آهن. سنڌي نالا عربي سنڌي اکرن سان ڏنا ويا آهن.
ڪئپٽن ايڊورڊ ايسٽوڪ (1814-1883ع) جو جنم اينگلو انڊين خاندان ۾ ٿيو.علائقائي ٻولين ۾ دلچسپي کي ڏسندي کيس هندستان ۾ پوليٽيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو. هن هندستان ۾ رهندي فارسي، عربي، سنسڪرت، سنڌي، بروهڪي ۽ پنجابي ٻوليون سکيون. ڪئپٽن ايسٽوڪ جون سنڌ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ بي بها خدمتون آهن. هن سنڌ متعلق چار ڪتاب لکيا، سنڌ جي ماڻهن جي سادگيءَ جي تعريف ڪئي آهي، سندس ڪتاب سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جي حوالي سان اهميت رکن ٿا.
سنڌي متعلق سندس ڪتاب A Vocabulary of Sindhi Language آهي، جيڪو بمبئي گورنمينٽ ليٿو گراف تي 1843ع ۾ڇپايو ويو. ”هيءُ ڪتاب مجموعي طور تي 75 صفحن تي مبني آهي، هن ڪتاب ۾ اندازن 5 هزار لفظن کي شامل ڪيو ويو آهي، هيءَ لغت ان زماني ۾ وڏي اهميت واري هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان جي لفظن جو ذخيرو ڪتابي صورت ۾ انگريزي ۾ ڪو نه هو، ان کان علاوه اهڙو تحقيقي ڪم خاص طور تي سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ انگريز آفيسرن لاءِ ڪيو ويو هو، جيڪي سنڌ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪم يا مهم تي مقرر هئا“. (9)
ڪئپٽن ايسٽوڪ جو ڪتابHand book of the Punjab, Western Rajputana, Kashmir and upper Sind به وڏي اهميت رکي ٿو، هي ڪتاب هن ۾ سنڌ جي همعصر حالتن سان گڏوگڏ سنڌي رسم الخط تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي. هو لکي ٿو ته ”سنڌي ٻوليءَ جي پهرين لغت سن 1840ع ۾ شايع ٿي، جيڪا خداوادي اکرن ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ايسٽوڪ انگريزي-سنڌي لفظن جون ”معنائون ۽ مڪالما“ جي نالي سان هڪ باب آندو آهي، هن ڪتاب ۾ ڏنل سنڌي ووڪيبلري ٽيڪنيڪل لفظن تي مبني آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ جسم جي عضون جا نالا، مختلف بيمارين جا نالا، ڏينهن، مهينن جا نالا، طرف ۽ جانور، جيتن جا نالا، مڇين، ڪيڙن ماڪوڙن جا نالا، پوشاڪ، خوراڪ جا نالا، قانون جا اصطلاح، زراعت جا اصطلاح، اسڪول، ڪاليج ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن وغيره جا اٽڪل 1500 (پندرهن سئو) لفظ ڏنا آهن“. (10)
انگريزن جي دور ۾ سنڌ اندر لغت لکڻ جي رجحان ۾ اضافو ٿيو. اِهو سلسلو ان لاءِ به شروع ٿيو ته جيئن انگريز عملدارن کي سنڌي ٻولي سکڻ ۾ سولائي ٿئي. اِن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ’سنڌي – انگريزي‘ ۽ ’انگريزي – سنڌي‘ لغتون لکيون ويون. سڀ کان پهريائين حيدرآباد جي اُن وقت ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ قدم کنيو ۽ ”انگريزي – سنڌي لغت“ لکي، جيڪا بمبئيءَ مان 1849ع ۾ شايع ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو لکيل ٻيوڪتاب ”سنڌي گرامر“ به 1849ع ۾ بمبئي مان شايع ٿيو. اُن کانپوءِ سندس ”سنڌي – انگريزي لغت“ سندس وفات کانپوءِ 1855ع ۾ بمبئي مان شايع ڪئي. اِنهن ٻنهي لغتن ۾ اکر ديوناگري خط ۾ لکيل آهن. 1873ع ارنيسٽ ٽرومپ جو مشهور ڪتاب “گرامر آف سنڌي لئنگئيج” منظر تي آيو. هي ڪتاب اڄ سوڌو رفرنس بڪ طور استعمال ٿيندو آهي. هن دور ۾ هڪ يورپي عالم ايٿرنگٽن (Etherington)، زراعت متعلق مختصر لفظن جي فهرست (Vocabulary of Sindhi Agriculture Terms: Herbs and Drugs) تيار ڪئي. هيءَ فهرست جرمنيءَ مان 1855ع ۾ شايع ٿي . 1866ع ۾ هڪ انگريز مِشنري عالم جارج شرٽ ”اکر ڌاتو“ جي نالي سان مختصر لفظن جي هڪ لغت لکي، جنهن ۾ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل سنڌي لفظن جا ڌاتو ۽ اُنهن جون معنائون ڏنل آهن.
ايل- وليم سيمور لينڊ روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ سپريٽينڊنٽ هو. هو نه صرف پنهنجي سرڪاري ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، بلڪه ادب ۽ ٻوليءَ جي معاملن ۾ به ڪافي دلچسپي رکندڙ هو.. مسٽر سيمور جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامرA Grammar of Sindhi Language) ) انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو. هي ڪتاب 1884ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچي مان شايع ٿيو. هن ۾ سنڌي لفظن لاءِ عربي ۽ رومن خط استعمال ڪيل آهي. هي ڪتاب 203 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب مختلف بابن ۽ عنوانن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت انگريز عالمن جي تحقيق جي روشني ۾ رايا به ڏنل آهن. اهڙي طرح سنڌي گرامر جا قاعدا ۽ قانون انگريزي ۾ سمجهايا ويا آهن. گرامر جي سلسلي ۾ ڳالهائڻ جا اٺئي لفظ (Parts of Speech) مثالن ۽ انهن جي مختلف قسمن سان تفصيل سان سمجهايل آهن. گرامر جي قاعدن کي سمجهائڻ لاءِ چارٽ ۽ مشقون به ڏنل آهن“.(11)
پنجاب حڪومت جي هڪ انگريز عملدار ايڊورڊ اوبرائن (Edward O’Brien)، ”ملتاني – پنجابي – سنڌي“ لفظن جي فهرست (گلوسري) لکي، جيڪا پنجاب حڪومت 1881ع ۾ لاهور مان ڇپائي پڌري ڪئي“.(12)

مشنري ادبي سرگرميون
متيءَ“ Gospel of St. Matthew جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سيرامپور جي پادرين 1819ع ۾ ڪيو هو. 1846 ع ۾ سرڪاري عملدارن سنڌ ۾ سرڪاري اسڪول برپا ڪرڻ سان گڏ عيسائي مذھب جي ڦھلاءَ جي ڪوشش ڪئي وئي. انھيءَ دؤر ۾ ڪئپٽن پريڊي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ھڪ انگريز مشنري اسڪول کولڻ جو پروگرام رٿيو تھ جيئن انگريزن جا ٻار بھ تعليم وٺي سگھن ۽ عيسائيت کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪم ڪري سگھن.1846ع کان 1852ع تائين ھن اسڪول جو انتظام مقامي ڪاميٽيءَ جي ھٿ رھيو پر 1853ع ھن اسڪول جو انتظام چرچ مشنري سوسائٽيءَ جي ھٿ ۾ ان شرط تي ڏنو ويو تھ انجيل جي تعليم ڏني ويندي. ٻئي پاسي انگريزن جا مشنري ڪم ڪندڙ مبلغ، پنهنجيءَ تبليغ ۾ مشغول رهيا. ”سر بارٽل فريئر جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌي ڪتاب جي ڇپائيءَ جو ٻيو وڏو ڪم عيسائي پادرين ڪيو. فريئر جي اچڻ کان اڳ سن 1850ع ۾ چرچ مشنري سوسائٽيءَ وارن سنڌ ۾ پنهنجي شاخ کولي. سندن آفيسون ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ هيون، جتي سندن الڳ الڳ اسڪول جاري هئا. کين ، سندن مذهب جي واڌاري لاءِ ڏيهي ٻولي سنڌيءَ ۾ ڪتاب درڪار هئا ان ڏس ۾ اهي صاحب سرڪاري ڪامورن کان به ٻه قدم اڳتي رهيا. ڪراچيءَ ۾ پنهنجو ليٿو جو ڇاپخانو قائم ڪيائون. سنڌ جي مسلمانن ، هندن ۽ سکن لاءِ عربي، ديوناگري ۽ گرمکي لپين ۾ ڪتاب لکي ڇاپيائون ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تقسيم ڪيائون“.(13)
”عيسائي مذهب جا ڪتاب، ”برٽش ۽ فارين بائبل سوسائٽي، لنڊن“ جي خرچ تي ڇپجي پڌرا ٿيا. ڪراچيءَ واري مشن اسڪول کلڻ کان گهڻو پوءِ حيدرآباد ۽ سکر ۾ مشن اسڪول کليا. انهن ۾ هندو توڙي مسلمان شاگرد ڪلاسن ۾ وڃڻ کان اڳ وچين وڏي صفي (هال) ۾ گڏ ٿيندا هئا. اسڪول جو پادري اول بائبل مان ڪجهه ٽڪر پڙهي ٻڌائيندو هو. پوءِ پادري توڙي ماستر ۽ شاگرد سڀئي گڏجي ڌڻيءَ کان دعا گهرندا هئا:
”اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ هجي وغيره“.
انهيءَ دعا گهرڻ کان پوءِ شاگرد ڪلاسن ۾ ويندا هئا“.(14) بائيبل جو نئون سنئون ترجمو ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ڪيو، جو ديوناگري اکرن ۾ سنه 1850ع ۾ ڇپيو. انهيءَ کان پوءِ ”يوحان“ Gospel of St. John جو ترجمو برنس صاحب سنه 1852ع ۾ عربي- سنڌي اکرن ۾ ڪيو. مسٽر “برنس” 1853ع ۾ عربي – سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪيو. مذڪوره بائيبل ۾ ڪم آندل نثر جي عبارت جا ڪي مثال هيٺينءَ ريت آهن:
ڇا کا تهه خداءِ جهان کي اهڙو پيار ڪيو پنهنجو هڪڙو ئي چٿئل پث ڏناءِ جيڪو ڪو تهه تي ويساهه،آتي سو چث نه ٿئي ويتر هميشه جنته لهي“.(15)
1859ع ۾ ’يوحنا جو باب‘ گرمکي اکرن ۾، لنڊن ۾ ڇاپيو ويو، ان کان پوءِ به مسلسل هر سال مذهبي ڪتاب ڇپبا رهيا. 1870ع ۾ سينٽ ميٿوز جي بائيبل جو ديوناگريءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. 1890ع ۾ لنڊن ۾ بائيبل جو نئون ڇاپو ڇپيو، ان جو نمونو هي آهي :
بابل ۾ لڏي وڃڻ کان پوءِ يڪنا کان سلٿيئل ڄائو ۽ بابل کان زرو بابل ڄائو. زرو بابل کان ڄائو ۽ ابئود ڄائو ۽ ابئود کان ايلياقم ڄائو.
هاڻي يسوع مسيح جو ڄمڻ هئڙي طرح ٿيو ته جڏهه هن جي ماءُ مريم جو مگڻو يوسف سان ٿيو هو، پر اڃان پاڻ ۾ گڏ نه ٿيا هئا ته پڌرو ٿيو جو هيءَ روح القدس مان پيٽ سان ٿي آهي“.(16)
ٻئي سال اهو گرمکي اکرن ۾ به ڇپيو- اُهي خرچ، بمبئيءَ جي ”آگزيليئري بائبل سوسائٽيءَ“ (Bible Society Bombay Auxiliary) ڪيا هئا“.(17)
پهرين ادبي جماعت 1885ع ۾، ”ميڪس ڊينوهال لٽرري سوسائٽيءَ“ جي نالي سان شروع ٿي. هي جماعت پادري بمرج قائم ڪئي، ۽ اهوئي سندس پهريون صدر هو. جماعت جو پهريون آنرري سيڪريٽري اين جي وي هاءِ اسڪول جوتڏهوڪو هيڊ ماستر جيمسٽجي آرديٽر هو. سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي ناميارن عالمن، اديبن ۽ دانشورن هن جماعت ۾ شرڪت ڪئي. هن ادبي جماعت جون هفتيوار گڏجاڻيون هر اربع ڏينهن تي شام جو ساڍي ڇهين وڳي، ڊينسوهال ۾ ٿينديون هيون. جن ۾ ڏيهي توڙي پر ڏيهي ميمبر مشهور معروف ڪتابن مان ٽڪرا پڙهي ٻڌائيندا هئا، ۽ دماغي توڙي اخلاقي موضوعن تي بحث مباحثا ۽ تقريرون ڪندا هئا“.(18)
مشنري اهم ڪتابن ۾ 1880ع۾ ”پراڻي ٻولي“،ليٿو ڪراچي، ”سچو واپار“،واپار ۾ سچائي رکڻ لاءِ هدايتون تي 1881ع ۾ شايع ٿيو. انهن ڪتابن مان سواءِ، انجيل وغيره جا به ڪيترا نسخا ڇاپيا ويا ان سلسلي ۾ اي – برن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”گاسپل آف جان“ (1859ع)، ”خداوند يسوع مسيح تنهن جو انجيل ٺاهيل رسولن جا ڪم“ (1870ع)، ”خداوند يسوع مسيح جو انجيل تنهن جو هي پولس رسول جو رومين ڏي خط“ (1874ع) اهم آهن. اهڙي طرح جيمس شيلڊن جا ڪتاب ”سچي ساهمي“ (1878ع)، ”پراڻي ٻولي“ (1880ع)، ۽ ريڊمئن جي جو ” راڳ سنڌي ڪاپي بوڪ“ (1887ع) وغيره اهم آهن.

سرڪاري آفيسرن جو سنڌي امتحان ۾ نثر نويسي
اپريل 1848ع ۾ بمبئي جي گورنر جارج ڪلرڪ اعلان ڪيو تھ سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي، ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي تھ ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. سرڪاري نوڪري ۽ ترقي سندن سنڌيءَ جي ڪامياب امتحان سان لاڳو هئي. الف- ب“ جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ فريئر رٿ ڏني ته آئيندي سرڪاري نوڪري ۾ ترقي تڏهن ملي سگهندي، جڏهن سرڪاري ملازم کي سنڌي زبان لکڻ ۽ پڙهڻ ايندي. انگريز آفيسرن کي سنڌي زبان سان شناسا ڪرڻ لاءِ بي ايڇ ايلس، ڪئپٽن اسٽئڪ جي نامڪمل گرامر ۽ لغت جي تڪميل جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ ان کانسواءِ، هن گورنمينٽ جي طرفان، هڪ سئو رپين جو انعام، انهن آفيسرن لاءِ مخصوص ڪيو، جي سنڌي زبان جي تحريري امتحان ۾ ڪاميابي اصل ڪري سگهندا. هن رٿ جو وڏو اثر پيو ۽ سنڌ جي پنجويهن انگريز آفيسرن ٿوري وقت ۾ سنڌي زبان جو تحريري امتحان پاس ڪري ورتو. سر بارٽل فريئر پنجيتاليهه امتحاني مرڪز کولڻ جو حڪم ڏنو، جتي سال ۾ ٻه ڀيرا سنڌيءَ جو امتحان ورتو ويندو هو، ۽ هر مرڪزتان پهريان ٽي نمبر حاصل ڪندڙ کي وظيفا ۽ سرڪاري ملازمت جي آڇ ڏني ويندي هئي.نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي زبان کي ڪجهه سالن اندر هيٺين انتظامي سطح تي انگريزي ٻولي استعمال ۾ آئي. پنجيتاليهه امتحاني مرڪزن مان پاس ٿيندڙ ۽ اسڪالر شپ حاصل ڪندڙ، انگريزي تعليم طرف وڌيا ۽ ڪلرڪ يا ٻيا ننڍا سرڪاري عهدا حاصل ڪرڻ لڳا.
امتحاني ڪورس ۾ سنڌي پهاڪا ۽ سنڌي جملن جو انگريزي ۾ ترجمو ۽ انگريزي جملن جو سنڌي ۾ترجمو شامل هوندو هو. مضمون لکڻ لاءِ کين اجازت هوندي هئي ته هو ڪهڙو به خط استعمال ڪن“.(19)

ناٽڪ نويسيءَ جي ابتدا
سنڌي ناٽڪ جا اهڃاڻ قديم دؤر کان موجود هئا، پر سنڌي ناٽڪ جو موجوده روپ انگريزن جي حڪمرانن آندو. خاص طور تي سنڌ ۾ رهندڙ انگريز اهلڪارن پنهنجي ذاتي وندر لاءِ ناٽڪ منڊليون قائم ڪيون. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرمحمد يوسف پنهور مطابق ”رائل ٿئيٽر برپا ٿيڻ کانپوءِ جيئن جيئن ناٽڪ ڏسڻ جو رجحان وڌيو ته پوءِ چاهه پٽاندڙ آهستي آهستي ڊرئميٽڪ سوسائٽيون پڻ قائم ٿيڻ لڳيون هيون، جهڙوڪ ”دي ڪراچي فرينڊ ان نيڊ سوسائٽي“ (1882)، ”پيني ريڊنگس اينڊ ڊرئيميٽڪ سوسائٽي“ (1884)، ”ڊرئيميٽڪ ڪلب آف گولسٽر رجمينٽ“ (1884) ۽ ”فرسٽ بٽالين ڊبليو آر ڊرئميٽڪ ڪلب“ (1885). ڊراما هنن ناٽڪ منڊلين جا لکيل هوندا هئا ۽ انهن جا اداڪار گهڻو ڪري انگريز فوجي آفيسر هوندا هئا“.(20)

ناول نويسي ۽ آکاڻي نويسي جي سرڪاري سرپرستي
سنڌي ادب ۾ ناول نگاري ۽ آکاڻي نويسي انگريزن جي آشيرواد سان رائج ٿي. حاڪم قومون هميشه محڪوم قومن کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ته شهنشاهت سندن مٿان خدا طرفان مقرر ٿيل آهي. انگريزن به هتان جي عوام کي سمجھائڻ لاءِ اهڙو ادب تخليق ڪرايو، جنهن سان شهنشاهت جي پرچار ٿئي. ان ڏس ۾ هنن ڪي قصا ترجمو ڪرايا، جن ۾ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ چاهي ته سنڌ وارن تي هنن زوريءَ حڪومت نه آندي آهي. “سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري” جي ڳالهه ۾ آفيسر شاهي واري ذهنيت جو پرچار ڪرڻ ۽ وقت جي حاڪم جي قوت کي به تسليم ڪرائڻو هو. “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” ۾ زميندار جي ڪردار کي اڀاريو ويو جيڪو جاگيرداري نظام جي اهم ڪڙي آهي. انگريز زميندارن ۽ جاگيردارن جي زور تي حڪومت ڪندو رهيو. انهن ڪهاڻين جو بنيادي نقطو انگريز راڄ ۽ سردار سان سهڪار ڪرڻ هو.”ايسپ جون آکاڻيون“ قديم سماج جي حوالي سان ڪهاڻيون آهن جن ۾ عقل ذهانت ۽ نصيحت ملي ٿي. “سڀا جو سينگار” جو مرڪزي خيال اهو آهي ته بادشاهي نظام کي ڪيئن قائم رکجي، تنهن لاءِ چوڏهن هدايتن کي قصي جو موضوع بنايو ويو آهي. سڀ کان پهرين ناول جو سنڌي ترجمو “راسيلاس ڪيو ويو. هن ناول ذريعي شهنشاهيت جي پرچار ۽ خدائي خوف جو درس ڏنو ويو.ترجمن جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم ناول ، “طلسم” آهي. هي ناول عيسائين ۽ مسلمانن جي صليبي جنگين تي ٻڌل هو.

حوالا

1. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي: ”اڻويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي نثر جو وڪاس“ (برطانوي دؤر ۾ سنڌي نثر) ڊپارٽمنٽ آف سنڌي، يونيورسٽي آف بمبئي 2003ع ، ص 33
2. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “181ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 1 ،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1995ع
3. لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي: حوالو ،ناسف علي شيراز، ”سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي“، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2004ع
4. ناسف علي شيراز: سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، ،سنڌي ادبي بورڊ 2004ع
5. ساڳيو حوالو
6. ناسف علي شيراز: ”سنڌي ٻوليءَ جون نام مالاهون“(سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، مارچ 2011ع، ص 22
7. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“ ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 217
8. ساڳيو حوالو، ص220
9. ساڳيو حوالو، ص 227
10. شيراز ناسف علي: ”سنڌي ٻوليءَ جون نام مالهائون“سنڌي ٻولي- (تحقيقي جرنل) سنڌي لئنگويج اٿارٽي، مارچ 2011
11. مختيار احمد ملاح: ” مغربي سنڌ شناس“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2013ع، ص 307، 308
12. ناسف علي شيراز: سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليوگرافي ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، ،سنڌي ادبي بورڊ 2004ع
13. ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ: “1819ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو“ ، سي ماهي مهراڻ نمبر 2 ، سنڌي ادبي برڊ، ڄامشورو، 1995ع
14. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1972ع، ص 257
15. ڊاڪٽر غلام علي الانا : “سنڌي نثر جي تاريخ” ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد 1976ع ص 11
16. ساڳيو حوالو، ص 11
17. پير حسام الدين راشدي: ”سنڌي زبان جا قديم ڇاپي ڪتاب“، ماهوار نئين زندگي، آڪٽوبر 1953ع
18. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ :”ڪراچي ضلعي جو سنڌي ادب جي ترقيءَ ۾حصو“ (پي ، ايڇ. ڊي ٿيسز، قلمي)، ص 445
19. مختيار احمد ملاح: ”انگريزي جي اوائلي دور سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط جي ترقي“، (انگريزيءَ ۾)سنڌي لئنگئيج اٿارٽي،حيدرآباد، 2017ع
20. ڊاڪٽرمحمد يوسف پنهور: ”سنڌي ناٽڪ جي تاريخ“، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، 1992ع، ص 18