ڪوڙومل کلناڻي (1844-1916ع)
درسي ڪتابن لکت ۽ اصلاح
”سنڌي نثر جو واڌارو، اسڪولي ۽ درسي ڪتابن سان ئي ٿي سگهڻو هو. درسي ڪتابن ۾ جي سبق هئا، تن مان گهڻا، انگريزيءَ درسي ڪتابن جا ترجما، ڪي بلڪل ٿورا سبق، اصلي ۽ نوان لکيل هئا. درسي ڪتابن جا مکيه ۽ برک سبق ڪوڙيمل جي قلم مان هئا. ترجمو ڪيل سبقن ۾، سنڌي چوڻيون، نج سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح، سٺ ۽ سهڻي ڍنگ ۾ٺاهوڪي ۽ پوريءَ جاءِ تي آندل هئا، جو ترجمن تي اصليت جو رنگ لڳي ٿي ويو. ڪوڙيمل سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خاص خدمت ڪئي“.(133) درسي ڪتابن ۾خدمت سان گڏ، هن، ڪيترائي ڪتاب لکيا.سندس ڪتابن جو تعداد ستر کان به مٿي آهي. ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ترجمو ڪري، سنڌي ادب جو خزانو ڀريائين. ڪوڙيمل ڪيترائي درسي ڪتاب لکيا، جن مان اوڻوهين صدي مان ڪجهه هي هئا:
نمبر ڪتاب جو نالو موضوع سال
1. تحرير اقليدس (1) درسي 1863ع
2. ڪولمبس جي تاريخ تاريخ 1863ع
3. علم ڪيميا درسي 1864ع
4. تحرير اقليدس (2) درسي 1865ع
5. تحرير اقليدس (3) درسي 1867ع
6. اصول علم طبعي درسي 1868ع
7. املهه علم ڪيما درسي 1868ع
8. وهنواري رواج وهنواري رواج 1870ع
9. چندر مکي ناول 1870ع
10. اپديسي پوٿي (گرمکي) ناٽڪ 1871ع
11. سنڌي ڇهون ڪتاب درسي 1872ع
12. ساميءَ جا سلوڪ تحقيق 1873ع
13. سنڌي پنجون ڪتاب درسي 1874ع
14. پڪوپهه ناري سکيا 1874ع
15. سنڌي چوٿون ڪتاب ( ديوناگري) درسي 1876ع
16. هندستان جي تواريخ تاريخ 1876ع
17. کيتيءَ جو ڪتاب زراعت 1879ع
18. سينٽري پرائمري درسي 1880ع
19. سنڌي ڳجهارتون لوڪ ادب 1888ع
20. اخلاقي آواز عرف پهاڪا لوڪ ادب 1890ع
21. ٻاراڻيو آکاڻيون آکاڻيون 1891ع
22. پراڻي شاستر ڌرمي 1892ع
23. ڀڄن مالا ڌرمي 1894ع
24. سنتها ڌرمي 1894ع
25. نئون سنتها ڌرمي 1894ع
26. جاميٽريءَ جو پهريون ڪتاب درسي 1897ع
27. “سنگ جو پرسنگ ناٽڪ 1898ع
28. قول مالا ڌرمي 1898ع
29. پريم مالا ڌرمي 1900ع
30. پڌارت سکيا سکيا 1900ع
31. ساوتري ناول 1900ع
32. ڪوريئڙو ۽ مک قصا 1900ع
33. سنڌي ٽئين ڪتاب جي اکرن جي معنيٰٰ درسي 1900ع
34. پريم مالا ڌرمي 1900ع
ڪولمبس جي تاريخ
ديوان ڪوڙيمل 1862ع ۾ ”ڪولمبس جي تاريخ“ اردو تان ترجمو ڪيائين. هن ڪتاب ۾ اٽليءَ جي مشهور سياح ۽ جهازرانيءَ جي ماهر ڪرسٽوفرڪولمبس جي تاريخ لکيل آهي، جنهن آمريڪا کي ڳولهي لڌو. ڪولمبس انهيءَ اميد ۾ هو ته دنيا جي چوڌاري مغرب طرف جهاز وٺي وڃڻ جي ذريعي مشرق تائين وڃي پهچندو. سندس تجزيو درست هو. انتهائي آسان لفظن ۾ ڪولمبس جي ڪارنامن ۽ حياتيءَ جي احوال کي شاگردن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ لکيائين.
سنڌي چوٿون ڪتاب
1862ع کان ديوان ڪوڙيمل درسي ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. هن کان اڳ ديوان اڌا رام ۽ پرڀداس سنڌي درسي ڪتاب لکيا. بعد ۾ انهن سڀني کي ديوان ڪوڙيمل سڌاري ٻيهر شايع ڪرايو. ان کان علاوه هن مٿين ڪتابن جي درسي ڪتاب پنهنجي سر لکڻ شروع ڪيا. ان سلسلي سندس ڪتاب سنڌي چوٿون ڪتاب 1867ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ شاعري ۽ نثر ٻئي شامل هئا. سندس نثر ساهتي پرڳڻي جي ساک ڀري ٿو.
سنڌي پنجون ڪتاب
سنڌي پنجون ڪتاب 1874ع ۾ جوڙيائين. هن ڪتاب ۾ اوڌن مل سترامداس سڌاڻي ساڻنس شامل هو. سنڌي پنجون ڪتاب هڪ درسي ڪتاب هو، جيڪو پنجين درجي شاگردن لاءِ لکيل هو. ڪتاب ۾ شاعريءَ سان گڏ نثر جا 42 سبق ڏنل آهن، ۽ ڪتاب 238 صفحن تي مبني آهي. ڪتاب جي ٻولي ٻارن جي عمر ۽ ڏانءَ وٽان ڏنل آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:”هن اشتهار نامي جي وسيلي سان ظاهر ٿا ڪريون ۽ خبر ٿا ڏيون ته مٿي لکيل صلاح ۽ منطوريءَ سان مٿين حڪومت جي ڪاروبار اسان پنهنجي هٿ ۾ رکي آهي.اسين مٿئين ملڪ ۾ پنهنجي رعيت کي فرمايون ٿا ته اسان سان اسانجي وارثن ۽ جاءِ نشينن سان، توهين ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان هلجو ۽ فرمانبرداريءَ ۾ رهجو ۽ هن کان پوءِ اڳتي مٿئين ملڪ جي حڪومت ۽ ڪاروبار اسان جي نالي تي هلائڻ واسطي، وقت بوقت جي حاڪم اسين مقرر ڪريون تن جو توهين حڪم مڃيندا رهجو“.(134)
ڪتاب ڇهون
”هيءُ ڪتاب ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي سنڌ جي ايجوڪيشنل ڊپارٽمينٽ جي ٽرانسليٽر ڇاپيو هو، جنهن ڪتاب جي ڳالهه ڪجي ٿي، هي ان جو ڇاپو چوٿون 5000 جلد وارو آهي. ان جي شايع ٿيڻ جو سال 1896ع آهي. سن 1867ع ۾ هند سرڪار جي ائڪٽ نمبر 25 موجب رجسٽرڊ ڪيو ويو هو. ڪتاب 249 صفحن تي مشتمل آهي.نثر جي سبقن کان پوءِ نظم جو حصو آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف رحه جي رسالي جا بيت ۽ ساميءَ جا سلوڪ آيل آهن“.(135)ڪتاب ۾ آيل نثري سبق وندر ، سکيا ۽ معلومات جي لحاظ کان به شاندار آهن. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”مٿي جيڪي ڪفايت ۽ سانگ صرفي بابت لکيل آهي، تنهنجو مطلب اهو نه آهي ته ڪنجوسيءَ ڪري پيسا ميڙڻ گهرجن، ڪنجوسي اهڙي برائي آهي، جنهن مان جهان ۾ به بدنامي ٿي ٿئي ۽ پنهنجي دل به ڪڏهن راضي نٿي رهي ۽ اها ماڻهوءَ کي انسانيت کان ئي ڀلائي ٿي ڇڏي“.(136)
تحرير اقليدس
ديوان ڪوڙيمل چندن مل رياضي ۽ جاميٽريءَ تي پڻ سنڌي زبان ۾ ڪتاب لکيا. “تحرير اقليدس” سندس پرائمري اسڪولن جي جاميٽريءَ بابت ڪتاب آهن، جيڪي ٽن جلدن ۾ 1863ع، 1865 ۽ 1867ع ۾ترجمو ڪري سنڌ جي تعليم کاتي واري پريس مان شايع ٿيا. هنن ڪتابن ۾ انتهائي آسان نموني جاميٽريءَ جا قاعدا ڏنل ۽ نيون شڪليون ڏنل هيون. هن ڪتاب جي اندرئي صفحي تي هي لکيل آهي:
سنڌ جي ڏيهي اسڪولن جي ڪم لاءِ هي پهريان ٻه ڪتاب تحرير اقليدس جا جي 1863ع م پهريون ڀيرو ڇپيا هوا سي وري مسٽر ڪوڙيمل چندنمل هيڊ ماستر نارمل اسڪول حيدرآباد سنڌي جي جنهن جا اصلي انگريزي تان ترجمون ڪيل هوا تنهن وري سڌاري تيار ڪيا“. هن ڪتابن لاءِ محمد صديق ميمڻ لکيو آهي ته ” انهيءَ وقت هن کي سنڌي ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ۽ تحرير اقليدس (جاميٽري) ۽ ٻيا سنڌي درسي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين. جاميٽريءَ ۾ جيڪي سنڌي لفظ هن وقت موجود آهن سي ڪوڙي مل جا ايجاد ڪيل آهن. مستطيل، متبدل ڪنڊون وغيره. هن پارسي ڪتابن مان ڪڍي سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا جهڙيءَ طرح مرزا غلام رضا سنڌيءَ ۾ منطق جو ڪتاب لکي منطقي لفظ سنڌيءَ ۾ رائج ڪيا يا خانصاحب مرزا صادق علي بيگ علم معاشرتي جو ڪتاب لکي پوليٽيڪل ايڪاناميءَ جا عربي لفظ سنڌي ڪتاب ۾ ڪم آندا تئن مسٽر ڪوڙي مل به ساڳي خدمت تحرير اقليدس جي لکڻ سان ادا ڪئي“.(137)
کيتيءَ جو ڪتاب
ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي، انهن اوئلي ليکڪن مان هڪ آهي، جن سنڌ جي زراعت تي ڪتاب لکيا. 1879ع ۾ٻن ڀاڱن ”کيتي“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين.هي ڪتاب روچيرام ۽ رام نٿورام جي ڪتاب جو ترجمو آهن. هن ڪتاب جي ٻولي سولي ۽ عام فهم آهي، تنهنجو مثال سندس هن ڪتاب مان هيٺ ڏجي ٿو: ”نيبا هو هڪڙو زميندار هو، تنهن کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو هو جيئندو. هو ڇوڪر مڪتب ۾ پڙهڻ ويندو هو. هن جا مٽ مائٽ جيڪي پڙهيا هئا سي وڃي سرڪاري نوڪر ٿيا پر نيباهوءَ جومطلب هو ته ڪچيءَ کان هن ۾ کيتي جي ڪم جو چاه پيدا ٿئي، ته هو لکڻ پڙهڻ سکي هوشيار ٿي پنهنجي پيءُ ڏاڏي جي ڌنڌي کي لڳي وڃي. تڏهن انهي ڪري جڏهن ڪو وجهه لڳندو هوس، تڏهن سمجهائيندو هوس ته اتم کيتي، مديم واپار ۽ نيچ نوڪري جا چئي اٿن سان انهيءَ ڪري ته کيتي جو ڪم آبروءَ جو ڌنڌو آهي“.(138)
ساميءَ جا سلوڪ
سنڌي ادب جي ڏس ۾ هڪ بلڪل وڏو ۽ لاثاني ڪم، جو ڪوڙيمل ڪيو. هن ساميءَ جي سلوڪن کي گمناميءَ مان ڪڍي، سهڻي نموني سنواري ۽ سڌاري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو. هن ساميءَ جي سلوڪن تي تحقيقي ۽ تنقيدي انداز ۾ پنهنجا ويچار به لکيا. سامي سنڌي شاعري جي ٽمورتي شاهه، سچل کان پوءِ وڏي اهميت رکي ٿو. ڀائي چين راءِ بچو مل ”سامي“ شڪارپور جوويٺل هو. سندس پيءُ واپاري هو، مگر هن جي دل ساڌ - سنگت ڏانهن مائل هئي. رياست بهاولپور جو هڪ ساڌو مينگهراج سامي، هاٿي در جي ڀرسان اچي رهيو، جنهن کي پنهنجو گرو ڪري ورتائين. ان کانپوءِ سندس دل جي دري کلي پئي ۽ شعر چوڻ لڳو. سندس ڪلام ويدانت جي اصولن تي ٻڌل آهي.”سامي صاحب پنهنجا سلوڪ ڪنهن ڪتاب ۾ ڪونه لکندو ويندو هو، پر ڪاغذن جي ٽڪرين تي شلوڪ لکي هڪڙي مٽ ۾ وجهند ويندو هو. سندس پٽ گهنشام داس اُهي شلوڪ گڏ ڪري گرمکي اکرن ۾ لکايا، جتان پوءِ راءِ بهادر ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي 1873ع ۾ وري عربي سنڌي صورتخطيءَ ۾ لکايا ۽ تعليم کاتي ٽن جلدن ۾ ڇپايا“.(139)
مضمونن جو پهريون ڪتاب- پڪو پهه
ديوان ڪوڙيمل کلناڻيءَ جو هي ڪتاب، سال 1862ع ۾ شايع ٿيو. سمورو ڪتاب ناري سکيا بابت آهي. منجهس زناني تعليم بابت اخلاقي، پنگتي ۽ ڌرمي مضمون وزنائتي انداز ۾، نهايت دليلن سان سمجهايل آهن. عبارت عمدي ۽ سليس ٻولي استعمال ٿيل آهي، البت نثر ۾ قديم زماني جي رواج مطابق، ڊگها جملا لکيا اٿس، جن ۾ بيهڪ جي نشانين جي سلسلي ۾ “وڏي دم (.) بدران ليڪ (-) ڏنل آهي. مثلاََ:
“ٻيو نقصان زالن جي جاهليءَ ۽ بي علميت مان هيءُ آهي- ننڍڙا ٻار جهڙي گفتگو يا هلت چلت پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڏسندا آهن اهڙي پاڻ به وٺندا آهن- هن ملڪ ۾ ڪنهن جي گهر ۾ وڃي ڏسبو آهي ته ٻار مٽيءَ ۽ ڪن ۾ پيا ليٽندا آهن بد سخن ۽ گاريون سکندا آهن ڇا ڪاڻ ته انهن جي مائٽن کي جي بي علم آهن ڪهڙي خبر ته ادب ڇاکي چئجي ۽ اخلاق ڇا کي چئجي ۽ جيڪڏهن بد سخن ۽ خراب لفظ زبان کان ڪڍبو ته ٻار جي دل تي انهيءَ جو ڪهڙو اثر ٿيندو ۽ پوءِ انجو نتيجو ڇا نڪرندو- اهڙا خيال سڌريل ۽ پڙهيل ماڻهو جي دل ۾ ايندا آهن......تنهن لاءِ جن سببن ڪري مردن کي علم سيکارڻ ضروري چئجي ٿو انهن ساڳين بلڪ زياده مضبوط سببن ڪري زالن کي علم سيکارڻ ضروري آهي- سڀڪنهن ڏيهه جو بگاڙو ۽ سڌارو يا واڌارو ۽ گهاٽو زالن جي سڃاڻپ ۽ نادانيءَ تي آهي“.(140)
پهاڪا
ديوان ڪوڙومل چند نمل کلناڻي“پھريون سنڌي تعليمدان ۽ نثر نويس ھو، جنھن پنھنجي مادري زبان جا پھاڪا گڏ ڪري ھڪ ننڍو ڪتاب ”سنڌي پھاڪا“ نالي سان سن ١٨٨٩ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ۾ اٽڪل ٻارھن سؤ سنڌي پھاڪا الف-بي وار ڏنل آھن. انھن جي سمجھاڻي ڏنل نھ آھي ڪتاب جي مھاڳ ۾ پاڻ ان لاءِ سبب ڄاڻايو اٿس تھ ”اصل ھر ھڪ پھاڪو ڪيئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪيئن ڪم آڻجي، انھن جي بيان ڏيڻ جو ارادو ھوم..... پر ائين ڪجي ھا تھ غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي ڪين سگھي ھا.“ ظاھر آھي تھ ڪتاب جي وڌي وڃڻ جي ڊپ کان ھن پھاڪن جي معنيٰٰٰ نھ سمجھائي آھي. ٻيو تھ منجھس ڪجھھ پھاڪا اڌورا ڏنل آھن. مثال طور،
”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن“
ان جو سڄو روپ ھن ريت آھي.
”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن،
ويٺا ڪن رورنھن، ڏڄڻ ڏوران ئي ڏري“.(141)
آکاڻيون
هو سٺو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ۽ ڊراما نويس ۽ محقق هو. هو پهريون اديب هو جنهن بنگالي جاڳرتا جو اثر قبول ڪيو.” هن نه صرف ٻارن لاءِ اصلوڪيون آکاڻيون لکيون پر بينڪم چئٽرجي جي ناولن ۽ ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجما به ڪيائين. ان سلسلي ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته “19 صديءَ جي آخر ۾ ساڌو هيرانند سان گڏ، ديوان ڪوڙومل به بنگالي سماجڪ ۽ ساهتڪ جاڳرتا جي اثر هيٺ آيو“.(142) 1891ع ۾ سندس پهريون اصلوڪيون ڪهاڻيون ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ شايع ٿيون. هنن ۾ سندس طبعزاد آکاڻيون ڏنل هيون، جن مان سندس ٻاراڻي ٻوليءَ کڻڻ جو ڍنگ نظر اچي ٿو، هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو:
“هڪڙو هو جهنگ، انهيءَ جهنگ ۾ هيون ٻه هرڻيون. هڪڙي هئي وڏي ٻي هئي ننڍڙي. وڏي هرڻي هئي ننڍڙي هرڻيءَ جي ماءُ. هڪڙي ڏينهن اُڀ ۾ گهڻا ڪڪر ٿيا ۽ واءُ لڳو. وڏي هرڻيءَ چيو ننڍڙي کي “اڄ مان جهنگ کان ٻاهر ڪين وينديس اڄ ڏينهن آهي ٿڌو، سو ماڻهو بندوقون کڻي ايندا شڪار ڪرڻ ۽ هرڻي ڏسندا ته بندوق هڻي ماري وجهندا. تون به اڄ ٻاهر متان نڪرين! پر ننڍڙي هرڻي ماءُ جو چيو ڪين ڪيو“.(143)
ناٽڪ نويس
ديوان ڪوڙيمل ان دؤر ۾ سنڌي ناٽڪ جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو جڏهن هي فن سنڌي ادب ۾ اڃان نئون نئون پنهنجو وجود قائم ڪري رهيو هو. سندس ناٽڪ پنهنجي دؤر جا ڪامياب ناٽڪ هئا.
رتنا ولي
ديوان ڪوڙيمل چندن مل سنه 1888ع ۾ سنسڪرت زبان جي مشهور ناٽڪ نويس راجا هريش ديو جي مشهور ناٽڪ ”رتناولي“ جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي هريسنگهه سکر واري طرفان ساڳي سال ليٿو ۾ شايع ڪيو. هي سنڌي زبان جو ٽيون نمبر اوائلي ناٽڪ آهي. ديوان ڪوڙو مل هن ناٽڪ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “ناٽڪ جو ڪتاب اڳي سنڌيءَ ۾ڪونهي ۽ انهيءَ قسم جا ڪتاب اڳي جنهن نه پڙهيا هوندا تنهن کي ان جي سمجهڻ ۾ البت اوکائي ٿيندي، تنهن لاءِ هن ناٽڪ جو مختصر مطلب پڙهندڙ جي سولائيءَ ڪارڻ هيٺ لکجي ٿو“.(144)
”رتناولي“ ۾ لنڪا جي راجڪماري ۽ ڀارت جي هڪ راجا جي پريم ڪهاڻيءَ جو رومانوي ڍنگ ۾ ورنن ڪيل هو. هيءُ هڪ بهترين ترجمو آهي، جنهن جي ٻولي پڪي ۽ پختي ۽ مڪالما نهايت ئي اثرائتا آهن، مگر منجهس سنسڪرت جا ثقيل لفظ ڪثرت سان استعمال ٿيل آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن ناٽڪ کي ڪڏهن به اسٽيج تي پيش نه ڪيو ويو. مثال طور يوگنڌ رايڻ جي هڪ مڪالمي مان هيءُ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، سوآئون ڄاڻان ٿو ته ڪامديو جي اتشب ڪري ، پرجا جو آنند ۽ خوشي ٿي ڪري، تن جي ڏسڻ ڪاڻ مهاراجا به پنهنجي راڄ مندر مان پڌاريو آهي. اڙي هائو! مهاراجا ڪچهريءَ ۾ به اچي سهڙيو آهي. جڌ جي ورتائن کان ڪڪ ٿي ۽ پرجا جي دل وٺڻ ۾پنهنجو جس ڄاڻي، پنهنجي پريتم بسنتڪ سان آنند ڏسڻ ڪاڻ، ڪامديو وانگيان اچي ويٺو آهي. هيءُ ڪارج ڀلي ڀانت سڌ ٿئي، تنهن جي اپاءَ جو آءٌ گهر وڃي ٿو ويچار ڪريان“.(145)
سنگ جو پرسنگ
هن صاحب سنڌي ناٽڪ جي هن دؤر ۾ هڪ ننڍو اصلوڪو ”سنگ جو پرسنگ“ جي نالي سان سال 1899ع ۾ لکيو، جنهن کي ساڳي سال ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ايميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان شايع ڪيو ويو. ”هي ناٽڪ اسڪولي شاگردن لاءِ نصيحت آميز، سٺي سنگت رکڻ لاءِ لکيو ويو هو. هن ناٽڪ ۾ قرض جي مرض ۽ ڪسنگ جي خرابين تي مزاحيه انداز ۾ طنز ڪيل آهي.ڪاڪو پرسرام اوطاق ۾ ويٺو آهي ۽ ٿڌا شوڪارا ڀري چوي ٿو:
”سمو ڏاڍو ڀاري لڳو آهي، ننڍ وڏائيءَ جو سنڌو سيڙهو رهيو ئي ڪونهي. سڀڪو آپي خان آهي. ڇوڪرا جي هاڻي آني مان ڦٽا آهن تن جي آڪڙ ڪنهن جي کڻڻ جي نه آهي. گهر ۾ غرقي نه ٺهي، دم ٺوڙهيءَ جو ، مائٽ ويچارا مٿا مونا هڻي جيئن تيئن پيا ڀن ڀرين، ڇورن کي نه اڌيءَ جي نه کٽيءَ جي“.(146)
هندستان جي تواريخ
” هندستان جي تاريخ“ ڪوڙومل چندنمل کلڻاڻي 1876ع ۾ ترجمو ڪيو هو مگر هي ڪتاب گهڻو پوءِ برٽش انڊيا پريس 1905ع ۾ شايع ڪيو.هي ڪتاب وڏن اسڪولن جي شاگردن لاءِ لکيل آهي. هن ڪتاب جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن؛ هڪ ته هن ڪتاب ۾ قديم هندستان جي جامع تاريخ ڏنل آهي، ٻيو ته اها تاريخ هندستان ۾ انگريزن جي راڃ تائين وڌايو آهي. ڪتاب جي تئين خوبي اها آهي ته تاريخ کي باتصوير بيان ڪيو ويو آهي. ڪتاب کي تاريخي ترتيب جي لحاظ کان مختلف دورن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب مان نثر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
”بلڪل آڳاٽي وقت ۾ هندستان هڪ جهنگلي ملڪ هو ۽ شاهي ٻيلن سان ڇانيو پيو هو. ٻيلن ۾ جهنگلي جانور ڇوٽ پيا گهمندا هوا ۽ وڻن تان شاهي نانگ پيا ڦوڪون ڏيندا هوا. اُنهي وقت نڪي هوا شهر، نڪي ڳوٺ نڪي گهَرَ. ڪٿي ڪٿي ٿورا جهنگلي ماڻهو رڇن جيان غارُنِ ۾ رهندا ها، يا باندرن جيان وڻن تي سمهندا ها. قد جا ڇوٽا، ڪارا، بدشڪل، ننگا ۽ غليظ هوندا ها. جهنگلي ميون، ٻيرن، وڻن جي نرم بارن يا سوُئر ۽ هرڻ جي گوشت تي گذران ڪندا هئا. ڪپ ڪئنچي جو ته نالو به ڪين هو، سو وڍڻ لاءِ تکا چهنبدار سخت پٿر ڪم آڻيندا ها. ڪاٺيون گهي باهه ٻارڻ جي ترتيب ڳولي ڪڍي هوائون. اِنهن ماڻهن کي جيڪر اسين پٿر جي سمي جا ماڻهو ڪري ڪوٺيون“.(147)
پدارٿ سکيا
ديوان ڪوڙيمل جو ڪتاب ”پدارٿ سکيا“ 1900ع ۾ قيصريه پريس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڄاڻ جي سلسلي ۾ جن شين جي ضرورت آهي، انهن جي سکيا ڏني وئي آهي. هي پنهنجي نوعيت منفرد ڪتاب آهي، جنهن ۾ آسان لفظن ۾ سکيا جا طريقا سيکاريا ويا آهن.
ديوان ڪوڙيمل پنهنجن سنڌي ڪتابن ۾ ساهتيءَ جو لهجو استعمال ڪيو آهي. سندس سنڌي عبارت معياري آهي. ان ڏس ۾ منوهر داس کيس ”سنڌي نثر جو ابو“ ڪري سڏيو آهي. ديوان صاحب جو نثر اڻويهين صديءَ جي خاص خوبين سان سينگاريل آهي. ديوان ڪوڙيمل سنڌي اديب جي گهڻي خدمت ڪئي آهي، جا هميشه سنڌي ادب ۾ يادگار رهندي.