نظام لغاري – اورچ انسان
فضل الله قُريشي
نوڪريءَ سانگي سن 1966ع کان 1974ع تائين مهينـي ماس اسلام آباد اچڻ پيو ٿيندو هو. شروع واري عرصي ۾ سنڌي خال خال نظر ايندا هئا. پر ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي حڪومت يعني پيپلز پارٽي جي پهرين دور جي شروع کان ئي سن 1972-73ع کان آهستـي آهستـي سنڌي اسلام آباد ۾ نوڪري سانگي اچڻ ۽ رهڻ شروع ٿيا. خاص طور تعليم واري وزارت ۽ ان جي ڪيترن ئي ماتحت ادارن، بشمول نيشنل بڪ فائونڊيشن وغيره ۾ عبدالحفيظ پيرزادي صاحب ۽ ان کان پوءِ سائين غلام مصطفيٰ شاهـ جي عرصي ۾ ڪافي سنڌي اسلام آباد آيا.
سنـ 1974-75ع ۾ جڏهن ڀٽي صاحب آفيسرن لاءِ گريڊ 19 ۽ 20 ۾ سڌي ڀرتي يعني Lateral Entry اسڪيم آندي تـ سنڌ جي مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري شعبن مان سنڌي آفيسر اچڻ لڳا ۽ پنهنجي لياقت آهر سٺيون نوڪريون حاصل ڪيائون. انهي عرصي دوران بنگالي آفيسرن جي وڃڻ بعد سرڪاري گهر خالي ٿيا. جيڪي سنڌين کي سولائي سان ملندا هئا. بعد ۾ پيپلز پارٽي سنڌين ۽ بلوچن کي اوليت جي بنياد تي گهرن جي الاٽمينٽ جي ڪا پاليسي ٺاهي نـ سگهي. ان ڪري ڪيترائي “تن آسان” سنڌي نوڪريون ڇڏي واپس سنڌ ويندا رهيا، يا وري سنڌ بدلي ڪرائڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا. ان وقت پرائيويٽ هاسٽلون، (مردن توڙي عورتن لاءِ ) ڪو نـ هونديون هيون. ان ڪري اسلام آباد ۾ رهائش هڪ ڏکيو مسئلو هو. ڪجهـ دوستن “سَنتَ نگر” (ون يونٽ جي زماني ۾ لاهور ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي جنهن علائقي ۾ رهندا هئا ان جو نالو) لاهور ماڊل طور پنهنجن الاٽ شدهـ گهرن ۾ ٻين سنڌين سان گڏ رهڻ شروع ڪيو. ان ڪري ڪمپني بـ ٿيندي هئي ۽ خرچ بـ بچندو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي تـ ستر جي شروع واري ڏهاڪي ۾ هتي اسلام آباد ۾ لال مسجد جي ڀرسان G-6 سيڪٽر ۾ هڪ طرف اسلم سنجراڻي ۽ سليم گل وارا رهندا هئا (ٻئي ماشاالله فيڊرل سيڪريٽري ٿيا) تـ ٻئي پاسي مڱريا ڀائرن (نجم الدين ۽ شمس الدين) وٽ تـ “ مولو مسافر خانو” هوندو هو. اُتي هڪ ئي وقت ۾ ڊزنن جي تعداد ۾ دوست پڪا، توڙي ڪچا گڏجي رهندا هئا. ڀائپي واري ماحول ۾ سنڌين اسلام آباد ۾ پير ڄمائڻ شروع ڪيا. اڳتي هلي MNA هاسٽل ۾ ڪمرا هٿ ڪيا ويا. جتي گُهرج آهر، سينئر توڙي جونيئر هڪ ٻئي کي ڪشادي دل سان جايون ڏيندا هئا. جڏهن سن 1975ع ۾ منهنجي پهرين پڪي پوسٽنگ اسلام آباد ۾ ٿي تـ آئون بـ بدر شيخ (اصل شڪارپور هاڻي امريڪا) وٽ اچي لٿس. ان وقت MNA هاسٽل ۾ اسان ميس کولي هئي. سجاد علي شاهـ جوائنٽ سيڪريٽري ( چيف جسٽس آف پاڪستان) منظور شيخ صاحب (ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ميمبر پلاننگ ڪميشن) آصف شيخ جوائنٽ سيڪريٽري، ميمبر هئاسون. ان کان سواءِ MNA هاسٽل ۾ فضل مغل، مشتاق قاضي ۽ علي نواز ڪلهوڙو وغيره گڏ رهندا هئا.
بعد ۾ 1975ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) اسلام آباد جو بنياد پيو تـ هڪ مرڪز ملي ويو. انهي دوران الاهي بخش سومرو صاحب هائوسنگ ۽ ورڪس جو وزير ٿيو تـ، سِگا اسلام آباد برانچ جي ڪوشش سان ڪافي گهر سنڌين کي الاٽ ٿيا. سِگا طرفان انهن گهرن کي اسلام آباد ۾ نوڪريءَ جي تلاش ۾ ايندڙ نوجوانن جي لاءِ Youth Hostel طور استعمال ڪيو ويو. ڀٽي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ خاص ڪري ضياءُ الحق جي دور ۾ Lateral Entry تحت نوڪريون حاصل ڪندڙ آفيسرن خلاف ۽ ان سان گڏ ڀٽي صاحب جي دورٰ حڪومت دوران، آيل سنڌي آفيسرن خلاف پڻ ڪات ڪهاڙا کنيا ويا، نتيجي طور ڪجهـ ڇڏي ويا، ڪجهـ ڪڍيا ويا. مطلب تـ ڪافي Set Back ٿيو. ان کان سواءِ سنڌين جي نئين ڀرتي بـ نـ هئڻ جي برابر تي وڃي پهتي. بس FPSC معرفت آفيسرن جي اسلام آباد ۾ هلڪي ڦُلڪي ڀرتي ٿيندي رهي. انهن مان ڪجهـ اسلام آباد ايندا هئا تـ ڪجهـ نـ ايندا هئا. ڇاڪاڻ جو اسلام آباد مهانگو شهر تصور ڪيو ويندو آهي. ان وقت ٽرانسپورٽ (پبلڪ) ۽ رهائش جا بـ مسئلا هئا. اهڙي نامناسب ماحول ۽ حالات ۾ سن 1986ع ۾ نظام الدين لغاريFPSC جي معرفت فنانس منسٽري ۾ بطور ريسرچ آفيسر اچي ٿو، تـ اها خود هڪ همت ۽ ڪاميابي واري ڳالهـ هئي. سندس سرڪاري ڪارڪردگيءَ بابت لکڻ کان اڳ ۾ اچو تـ سندس ڪتاب ۾ جهاتي پايون.
جيئن پاڻ ٽائٽل پيج تي لکيو اٿائون تـ هي ڪتاب صرف آتم ڪٿا نـ آهي پر خطن، خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو پڻ آهي. ان ڪري انهيءَ نظر سان ڪتاب کي پرکيو ۽ پڙهيو وڃي. نظام جو تعلق لاڙ سنڌ سان آهي. آئون اترادي آهيان، گهڻي ڀاڱي رهائش ۽ پڙهائيءَ اتر سنڌ ۾ ٿي. ها البت پڙهائيءَ جو ڪجهـ حصو حيدر آباد ۽ ڄامشوري ۾ پڻ پورو ٿيو. ان ڪري لاڙ بابت سندس احوال اسان کي ڪافي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو. نوڪريءَ واري زماني ۽ ان کان پوءِ بـ آئون بدين ۽ ٺٽي ويندو رهيو آهيان. جڏهن تـ 90 ۽ ان کان پوءِ وارن ڏهاڪن ۾ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جڏهن ٺٽي، بدين ۽ ڊگهڙي ۾ شروع ڪيو ويو تـ سال ۾ ٻـ ٽي دفعـا وڃڻ ٿيندو هو ۽ ڪميونٽي سان گڏجاڻيون پڻ ٿينديون هيون. پر سنـ 50 ۽ 60 واري ڏهاڪي ۾ ان علائقـي يعني لاڙ جي سماجي ۽ معاشي جوڙ جڪ، ريتون رسمون، اٿڻ ويهڻ، ڪانڀ ڪچهريون، جنهن نموني نظام بيان ڪيون آهن سي اسان جي تصور کان گهڻيون مختلف آهن. اڳتي هلي پنهنجي نرالي انداز بيان سان، سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان، ان وقت جي حالتن، لٽي، لباس،ماڻهن جي روزمرهـ جو وهنوار، عادتون، کاڌو پيتو، هڪ نرالي ڪلچر جي ڏيک ڏئي ٿو. پنهنجي پسماندگي، غربت ۽ بي وسيءَ جو بيان هن ضرورت کان وڌيڪ سچائيءَ سان ڪيو آهي. هونئن ماڻهو زماني خاطر چوندا آهن تـ “ڍڪي ڀلي” . پر آئون سمجهان ٿو نظام جذبات ۾ اچي گهڻو سچ لکي ويو آهي. اها سندس سادگيءَ يا سچائيءَ آهي، سو پڙهندڙ پاڻ پروڙي سگهن ٿا.
والد جي دڪان ۾ نقصان ۽ جلدي وفات نظام کي بي وس ۽ لاچار ڪري ڇڏيو. پر سندس والده محترمـا جي همت ۽ والد جي دوستن ۽ معاشري جي چڱن مڙسن (جن ۾ چاچا،ماما بـ اچي وڃن ٿا) جي شفقت نظام کي اڪيلو نـ ڇڏيو ۽ سڀني جي جدوجهد سان هن تعليم سان جند جان سلهاڙي رکي. بقول سندس لکڻ جي تـ هو تعليم ۾ بـ گهڻو هوشيار نـ هو تـ بـ ماءُ جي همت ۽ پنهنجي اورچ طبعيت ڪري پڙهائي نـ ڇڏيائين ۽ مئٽرڪ ننڍي عمر ۾ ڪري نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ۾ رهيو. ننڍي عمر هئڻ سبب انهي ۾ ناڪام ٿو ٿئي. پر گهرو حالات کيس “ چڻن وڪڻڻ” جي حد تائين کڻي ٿا وڃن ۽ اهي ڳالهيون لکندي آئون سمجهان ٿو تـ هو فخر محسوس ڪري ٿو. جيڪو حق بجانب آهي. “پورهئي ۾ ڪوئي عيب ڪونهي” . اتي اهو بـ لکي ٿو تـ سندس رنگ صاف هوندو هو ۽ شوقين ماڻهو کيس ڳڀرو ( ڀورل) هئڻ ڪري چڻا هرو ڀرو هن کان اچي وٺندا هئا. يار نظام ڏاهو ٿي اهڙيون سچيون ڪتاب ۾ نـ ڪبيون آهن. پر شايد هو سڀ راز ٻڌائڻ تي بضد آهي. ان سان گڏ گهرو حالات ٻڌائيندي لکي ٿو تـ “پنج سال گهر ۾ ٻوڙ نـ کاڌو. پاڙي مان آيل لسيءَ لپ تي صبح شام گذارو ٿيندو هو. اصل نـ سلڻ جهڙيون ڳالهيون آهن پر“ جتي باهـ ٻري اها جاءِ جلي”.
مٺياڻي ۾ ٽيچرس ٽرينگ دوران نيون دوستيون ۽ علم جي تلاش نظام جي اندر “ علم جي اڃايل وجود جو ڏس ڏين ٿيون”، جيڪو علم ۽ ڄاڻ لاءِ پياسو آهي. اُهو علم چاهي ڪتابن مان ملي، دوستن ۽ استادن وٽان ملي يا ڪچهرين وسيلي، ان سلسلـي ۾ هُو هر حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي. نوڪري جي نون نون تجربن سان بشمول “بالغن لاءِ نابالغ استاد” بـ نـ وسرندڙ آهي. پاڻ اڳتي هلي ڪيترن “رڄ چڱن مڙسن ” سخي ماڻهن بشمول رئيس ٻڍو خان ٿيٻو، راشد مورائي، ۽ سائين محبوب علي چنـي جو ذڪر بـ ڪن ٿا ۽ انهن جو ذڪر بار بار آيل آهي. راشد مورائيءَ سان منهنجو عام تعارف هو، البتا چنـي صاحب سان 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ منهنجا بـ قريبي ۽ قرب وارا رستا رهيا. تفصيل لاءِ گنجائش ڪونهي البتـا نظام جي ڪتاب لاءِ آئون چنـي صاحب جو مون ڏي لکيل ڪيترن ئي خطن مان صرف هڪ خط ضميمـي_1 طور رکڻ جي گذارش ڪندس. ڇاڪاڻ جو ڪتاب ۾ چنـي صاحب جو ڪو بـ خط يا لکڻي شامل نـ آهي. نظام لغاري ڪتاب ۾ گهڻن ئي محبتن جو ذڪر بي ريائي سان ڪيو آهي. اهو بس سندس ئي انداز آهي. آئون انهي تي وڌيڪ روشني نـ وجهندس.
نظام هڪ مايوس ڪُن ماحول مان FPSC جي معرفت ايڪانامسٽ ۽ پلانر گروپ ۾ 17 گريڊ ۾ چونڊ جي اچي ٿو. اها فخر جهڙي ڳالهـ آهي. اهو گروپ سن1975 ع ۾ وجود ۾ آيو ۽ آئون انهن پهرين آفيسرن جي گروپ ۾ هوس، جيڪي انهيءَ گروپ ۾ شامل ٿياسين. ان ۾ ڪيترائي 17 کان 22 گريڊ تائين جا آفيسر بـ شامل ٿيا هئا ۽ ٿيندا رهن ٿا ۽ اڄ بـ مختلف وزارتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. گروپ جو ڪنٽرول (مقرري، پروموشن ۽ بدليون) پلانگ ڊويزن وٽ هوندو آهي. ڪامرس، فنانس، ايگريڪلچر، ايڪنامڪ افيئرس ۾ خصوصي طور هِن ئي گروپ جا آفيسر مقرر ٿيندا آهن. ان کان علاوهـ ڊيپوٽيشن تي CSS گروپن وانگر ٻين وزارتن ۽ ٻاهرين ملڪن جي نوڪرين Foreign Affairs ۾ پڻ هن گروپ جا آفيسر وڃي سگهن ٿا ۽ ويندا رهيا آهن.
جنهن زماني ۾ نظام اسلام آباد ۾ اچي ٿو. آئون بـ اُتي ئي هيس. پر آئون پلاننگ ڊويزن ۾ هوندو هوس ۽ جلدي سنڌ ۾ بطور ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ٿي ڪراچي هليو آيس. ان دوران سِگا جي گڏجاڻين ۾ ڪافي سنڌين سان تعارف ٿيندو رهيو ۽ نظام سان بـ واسطو رهيو. مون انهن گڏجاڻين ۾ بـ نظام کي ڪجهـ مختلف ڏٺو. ضرورت کان وڌيڪ بيباڪ ۽ سچ منهن تي چوڻ واري جيڪا هن ۾ هڪ خوبي آهي. پر اڄ ڪلهـ ”مصلحت ڪلچر“ ۾ اهڙا ماڻهو گهٽ پسند ڪيا ويندا آهن. ساڻس سرڪاري واسطو بطور سيڪريٽري ۽ اسسٽنٽ چيف نوي واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪجهـ وقت رهيو. ڇاڪاڻ جو آئون بعد ۾ سيڪريٽري شماريات ڊويزن ۽ چئرمين نيشنل ٽيرف ڪميشن ٿي ويس.
نظام جلدي پلانگ گروپ ڇڏي سڌي ڀرتي رستي 19 گريڊ ۾ وڃي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جوائن ڪيائين ۽ 20 گريڊ ۾ بطور ڊائريڪٽر جنرل، پاڪستان پبلڪ ايدمنسٽريشن ريسرچ سينٽر ٿيو ۽ اتان ئي رٽائر ڪيائين. پنهنجي انهي اهم سرڪاري اداري جو سربراهـ رهيو. بدين کان آيل هڪ سنڌي نوجوان لاءِ ايتري عرصي ۾ اهڙي اهم پوسٽ تي رسڻ ڪا گهٽ ڳالهـ نـ هئي. نظام جيئن لکيو آهي تـ بطور ڊائريڪٽر جنرل DG (PPARC) هن اِن ڏس ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ نواڻ آندائين ۽ سندس اٺن سالن واري زماني ۾ 30 کان 35 جي وچ ۾ ريسرچ رپوٽون آيون ۽ ان کان اڳ وارن سالن ۾ ايتريون رپوٽون ڪو نـ آيون هيون. هُن صفحي 262 تي جيڪي نوڪرين جو تفصيل ڏنو آهي . ان سلسلي ۾ مون بـ هڪ وضاحتي نوٽ لکيو آهي جيڪو هن ڪتاب ۾ ضميمـي_2 طور شامل آهي. هاڻي نظام جي رٽائرمينٽ کانپوءِ ٻن سالن ۾ ڪا بـ رپورٽ ڪو نـ آئي آهي ۽ آئون اهو پڻ چوڻ تي مجبور آهيان تـ اسان وٽ ادارا مفلوج ٿي ويا آهن ۽ ڪي فرد ئي آهن، جيڪي سسٽم کي انڌو منڊو هلائي رهيا آهن. اهائي حالت حڪومت جي آهي. بشمول يونيورسٽين جي، جتي ريسرچ ۽ علم کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهـ هلي ٿو.
نظام پنهنجن اسلام آباد جي دوستن ۾ ابراهيم نظاماڻي(مرحوم) عبدالحق شاهـ (مرحوم) ۽ علي مراد چاچڙ جو ذڪر ۽ فڪر ڪيو آهي. آئون انهن ٽنهي دوستن کي نظام کان اڳ سڃاڻندو هوس، ڇاڪاڻ جو هو بنيادي طور پلاننگ ڊويزن جا آفيسر هئا، منهنجو اڻ سڌي طرح پلانگ ڊويزن سان سن 1974ع کان واسطو رهندو آيو آهي. ان کان پوءِ 1984ع کان آئون انهيءَ ڊويزن ۾ ڳپل عرصو رهيس. اهي ٽئي دوست تمام ايماندار ۽ محنتي آفيسر هئا. هڪ ڳالهـ البت عام هُئن، تـ Flexibility گهٽ هئن ۽ پنهنجي دنيا ۾ مگن رهندا هئا. مون کين اسلام آباد ڪلب ۾ يا Jagging ٽريڪ تي گهٽ ڏٺو. قدرت کين وقت ڏئي ها (محمد ابراهيم نظاماڻي ۽ سيد عبدالحق شاهـ) تـ هو بـ آساني سان 20 گريڊ ۾ رٽائرٿين ها. رٽائرمينٽ بعد اسان جو نظام لغاري سان سِگا جي ڪري ۽ هونئن بـ وڌيڪ رستو گهرو ٿيو. ڇاڪاڻ جو مون کي ريسرچ ۽ آتم ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪافي شين جي ضرورت پوندي هئي. ان ڪري نظام جي نوڪريءَ جا پويان 15 سال اسان وڌيڪ قريب رهياسين.
هُن پنهنجي ڪتاب ۾ سِگا بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي . هو سِگا سان 30 سالن کان وٺي لاڳاپيل رهيو آهي تـ آئون 40 سالن کان . سِگا بابت منهنجا تجربا بـ ڪي سٺا نـ رهيا آهن. پر اوهان ادارن کان گهرڻ يا وٺڻ بدران ڏسو تـ اوهان ادارن کي ڇا ٿا ڏيو. فردن جي اڻبڻت بـ ٿيندي آهي. سِگا بـ فردن جو مجموعو آهي. وقت بوقت ان ۾ هر قسم جي عُهدن ۽ ذاتين جا عهديدار ايندا رهندا آهن. پر سڀ ووٽ ۽ هڪ آئين تحت ٿيندو آهي. پر جهموريت جي خرابي اها آهي تـ اُتي ماڻهو ڳڻيا ويندا آهن. ان جو عقل، علم يا لياقت سان ڪو بـ واسطو نـ آهي. ان ڪري انهن اليڪشنن ۾ بـ سڌي يا اڻ سڌي طرح Manipulation يا گروه بندي ٿيندي آهي ۽ هيڪر گروپ جڙيو وڃن تـ پوءِ هڪ قسم جي هڪ هٽي بـ ٿي سگهي ٿي. پر اهو سڀ ڪجهـ جڙندو ٽٽندو رهندو آهي ڪنهن گروپ يا گروه اليڪشن کٽڻ بعد ڪا پابندي نـ هنئي آهي تـ هارايل گروپ جا ماڻهو سِگا ۾ شريڪ نـ ٿين يا ڪم نـ ڪن. هي سڀ ڪجهـ رضاڪارانـ بنياد تي ٿيندو آهي، نـ پگهار نـ گاڏي، نـ پٽرول يا پئسـا پوءِ جهيڙو ڇا تي؟ ها اسين سنڌي ضرورت کان وڌيڪ بطور فرد باغيرت ۽ اناپرست آهيون ۽ برداشت جي بـ اسان ۾ ڪمي آهي. ڪمزور سهپ جا رويا بـ ذرا زياده ئي آهن. اجتماعي حيثيت کان وڌيڪ انفراديت پسند آهيون. جڏهن اوهان ڪنهن سبب جي ڪري اليڪشن هارايو ٿا تـ اداري کان دوري اختيار ڪريو ٿا . اها ڳالهـ صحيح نـ آهي، هارائڻ باوجود اوهان اداري ۾ ويهو، ميٽينگن ۾ حصو وٺو، فلاحي ڪم جا پروپوزل آڻيو ۽ ڪوئي سبب نـ آهي تـ اوهان کي موٽ نـ ملندي. اسلام آباد ۾ گهٽ ۾ گهٽ مختلف مرحلن ۾ 1000 کن سِگا جا ميمبر ٿيا هوندا. پر انهن مان گهڻي ڀاڱي ڇڏي ويا. باقي صحيح نموني سڌي يا اڻ سڌي طرح رفائي ڪم سان دلچسپي گهٽ ٿا رکن. بطور رضاڪار، ڪا جوابداري سنڀالڻ لاءِ تيار ڪو نـ آهن. سِگا اسلام آباد برانچ کي مرڪز توڙي اسلام آباد ۾ جڏهن ڪا وڌيڪ شناخت ملي ۽ اثاثا ٺهيا تـ ماڻهن جون اميدون غير ضروري طور وڌي ويون. هڪ ڳالهـ واضع ڪندو هلان تـ اسان وٽ 90 سيڪڙو اثاثـا سرڪاري امداد تي ٺهيا آهن، جنهن ۾ گهڻو تڻو سنڌ سرڪار جو حصو هو، جنهن جو ذڪر (ڄام صادق علي بابت) نظام بـ ڪيو آهي. ان بعد اسلام آباد ۾ (سالڪ) Shah Abdul Latif Community Center لاءِ محمد ميان سومرو بطور گورنر سنڌ، وزير اعظم ۽ چيئرمين سينٽ جي حيثيت ۾ ڪافي ساري مالي امداد ڏني. ان امداد مان ٻـ ڪميونيٽي هال عام گڏجاڻين جي لاءِ، لائبريري ۽ 50 سنڌي نوجوانن جي رهڻ لاءِ هاسٽل ٺهرائي وئي آهي. ان کان اڳ 450 سيٽن وارو مڪمل سينگاريل، سنواريل، ايئرڪنديشنڊ آڊيٽوريم ۽ هڪ وڏو لان، عام گڏجاڻين لاءِ موجود آهي . اصل مسئلو شين کي سنڀالڻ ۽ انهن کي هلائڻ جو آهي. انهيءَ لاءِ هڪ فل ٽائيم منتظم پگهار دار ضروري آهي ۽ گڏو گڏ مالي وسيلا بـ پيدا ڪرڻا هوندا آهن. انهن سڀني شين کي هلائڻ لاءِ ايماندار ۽ اورچ ٽيم گهرجي. پنهنجي آمدنيءَ کان علاوه اسان کي سِگا مرڪز طرفان ڪجهـ امداد ساليانـي بنياد تي ملندي رهندي آهي. جتي ٿورو گهڻو پئسو هجي ٿو ۽ ان جي پرگهور يا ڪا اڪائونٽبلٽي نـ ٿي ٿئي تـ پوءِ هر قسم جون ڳالهيون ٻڌڻيون پون ٿيون. اسان جي سنڌي ماحول ۾ ٽنگون ڇڪڻ ۽ اڻ سهپ روز جو معمول بڻيل آهي، اتي پاند بچائي هلڻ ”پل صراط“ تي هلڻ برابر آهي.
برابر سِگا اسلام آباد ۾ بـ ٻين جمهوري ادارن وانگر گروپ آهن. آئون ڪوشش ڪري اڻ ڌريو رهڻ پسند ڪندو آهيان، ڇاڪاڻ جو عمر ۽ سينارٽي (سِگا ۾) جي اها تقاضا آهي. نظام جي ناراضگي اداري سان آهي، موجوده چونڊيل سٿ سان آهي يا ڪنهن فرد سان، اهو سڀ هن واضع نـ ڪيو آهي. بهر حال هو ڪالهـ بـ سِگا جو ساٿي هو ۽ اڄ بـ اسان سان گڏ آهي. اهڙيون ناراضگيون کوڙ سنگت کي آهن. جن مان ڪن وڃي ٻيا ادارا ۽ سنگتون ٺاهيون. پر سِگا جا دروازا ۽ سالڪ سڀني لاءِ کليل آهن. جڏهن بـ ڪنهن ان جي مالڪي جِتائي ۽ هڪ هٽي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تـ سنگت سان گڏ منهن ڏبو. باقي آئون هرو ڀرو ڪنهن جي محنت يا ڪم ڪرڻ ۽ هن مانڊاڻ جو انتظام هلائڻ وارن تي اعتراض ڪرڻ کان پرهيز ڪندس.
تقريبن گذريل 30 سالن کان اسلام آباد ۾ فيڊرل گورنمينٽ هر رٽائر ملازم کي عمر ۽ گريڊ آهر وڏا ننڍا پلاٽ هائوسنگ فائونڊيشن طرفان سرڪاري رعايتي اگهـن تي ملندا رهيا آهن. جيئن تـ نظام دير سان رٽائر ڪيو ان ڪري کيس تازو پلاٽ مليو آهي. پر هن شخص پنهنجي ميڙي چونڊي جنهن ۾ مختلف فنڊس ۽ پينشن جا پئسـا اچي وڃن ٿا. انهن مان اسلام آباد ۾ نئين ايئرپورٽ وٽ هڪ “سنڌي سوسائٽي، روشن پاڪستان” ۾ پلاٽ وٺي مڙسان مڙسي ڪري پنهنجو گهر ٺهرائي ورتو آهي. حالانڪ اسلام آباد ۾ اسان جي 20 کان 22 گريڊ وارن چڱن ڀلن سنڌي آفيسرن سرڪار کان سستا پلاٽ وٺي ڪروڙن جي منافعي تي بازار ۾ وڪڻي ڇڏيا ۽ وڃي سنڌ جا وڻ وسايائون. آئون سمجهان ٿو 90 سيڪڙو سنڌي پلاٽ يا گهر وڪڻي هليا ويا آهن. ان مد ۾ بـ نظام گوءِ کڻي ويو ۽ اسلام آباد ۾ مستقل مسڪن بنائي ويٺو آهي. مون بـ سندس پاڙي ۾ ساڳئي سوسائٽي ۾ پنهنجي پٽ فهيم لاءِ پلاٽ ورتو آهي. ان لحاظ کان اسان هاڻي پاڙيسري بـ آهيون.
جيئن تـ ڪتاب ۾ ڪافي ريفرنس ڏنا ويا آهن، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو تـ نظام عام سنڌي آفيسرن کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل شخص آهي. رسالن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهي ٿو ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ جوش و خروش سان حصو وٺندو رهي ٿو. هن جا مختلف ڪتابن تي لکيل يا پڙهيل تبصرا ڪجهـ ڏُکيرا،تُز ۽ تِکا هوندا آهن. ان ڪري آئون کيس منهنجن ڪتابن تي ڪجهـ لکڻ يا ڳالهائڻ کان پهرين کيس پارت ڪندو آهيان تـ“ ٻيلي هٿ هلڪو رکجانءِ”
نظام لغاري ۽ سندس ڪتاب تي گهڻو ڪجهـ لکي سگهجي ٿو پر هاڻي آئون پڙهندڙن تي ڇڏيندس تـ پاڻ پڙهي انصاف ڪن. هاڻي دعا آهي تـ نظام ٻيو بـ ڪجهـ لکي، ماشاالله کيس لکڻ جو ڏانءُ بـ آهي علم بـ آهي ۽ شوق بـ آهي ” يار زندهـ صحبت باقي“ سدائين گڏ.
اسلام آباد
آگسٽ 2017