مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

ضميمو نمبر 2

ضميمو نمبر 2
ڪوٽا سسٽم ؛ سنڌ ۽ پاڪستان

هن ضميمي ۾ گذريل 40 سالن ( 1973 ع کان سن 2013ع )اندر وقت بوقت ٿيندڙ مرڪزي ملازمن جي “هر ٽي سال ڳڻپ بابت ٿيندڙ تبديلين جو ذڪر آهي. پاڪستان جي آئين 1973ع جي مطابق نافذ ٿيل ڪوٽا سسٽم پهرين 20 سالن لاءِ ۽ بعد ۾ ٻـ دفعـا 5 سال ۽ 15 سالن تائين وڌايو ويو. جنهن جو هاڻي 2013 ع ۾ مدو ختم ٿي ويو آهي. پر جيئن تـ انتظامي حڪم نافذ آهن ۽ ٻيا آرڊر نـ ٿيا آهن، ان ڪري 1973ع وارو ڪوٽا سسٽم تا حال نافذ عمل آهي . غالبن مرڪزي وزارت سال ٻـ اڳ ان کي جاري رکڻ جي منظوري ڏيئي چڪي آهي پر آئيني ترميم اڃا نـ ٿي سگهي آهي. اهو پيپلز پارٽي جو زمانو هو جڏهن ڪوٽا سسٽم جي معياد ختم ٿي هئي، پر بدقسمتي سان هن پارٽي ان سلسلـي ۾ ڪو تحرڪ ڪو نـ ورتو.
مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تـ ڪوٽا سسٽم جي نفاذ وقت سنڌ جي حصي مان سنڌ جي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ آفيسرن جو تعداد صرف 12 سيڪڙو هو، جڏهن تـ 88 سيڪڙو آفيسرن جو تعلق سنڌ جي شهري علائقن سان هو. جڏهن تـ اهو ترتيبوار 60 ۽ 40 سيڪڙو هئڻ گهربو هو . اُن وقت پاڪستان جي مرڪزي سرڪار ۾ ڪل ملازمن جو تعداد 87000 هو، انهن ۾ 28000 هزار يعني 32 سيڪڙو سنڌ سان تعلق رکندڙ ملازم هئا . جڏهن تـ 1973 جي آئين جي مطابق اهو 19 سيڪڙو ڪوٽا هئڻ گهربو هو. انهن 28000 هزار ملازمن ۾ 24000 هزار ملازمن جو تعلق سنڌ جي شهري علائقن سان هو، جڏهن تـ سنڌ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ ملازمن جو تعداد صرف 4000 هزار هوندو هو. ان جو مکيو سبب اهو هو تـ 1970ع تائين مرڪزي سرڪار جي ادارن جو وڏو تعداد ڪراچي ۾ واقع هو،تنهنڪري انهن ماڻهن جي انهن ادارن ۾ هڪ هٽي قائم رهي. جڏهن دارالحڪومت اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ منتقل ٿيو تـ ان ۾ واضح تبديليون ڏسڻ ۾ آيون. تڏهن بـ سنڌ ٻهراڙي پنهنجو حصو وٺڻ ۾ ناڪام رهي. جڏهن تـ سنڌ شهري علائقن جا ماڻهو پنهنجي ڪوٽا کان وڌيڪ نوڪريون وٺندا رهيا.
فيڊرل گورنمينٽ جي ملازمن جي 15 آدمشماري 2009-12) ع ) مطابق ( سنڌ جي 100 سيڪڙو ورڇ مان ) گزيٽيڊ عملدارن ۾ سنڌ رورل بجاءِ 60 سيڪڙو ڪوٽا جي 54 سيڪڙو تي پهتي. ان جي مقابلي ۾ شهري سنڌ جي ماڻهن جو ريشو 46 سيڪڙو رهيو. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو تـ سنڌ شهري ماڻهن جو تعداد سنڌ ٻهراڙي جي ماڻهن کان وڌيڪ رهيو. ان کان سواءِ ننڍين نوڪرين ۾ پڻ ساڳيو حال رهيو. البت پاڪستان ليول تي وڏو ڌڪ لڳو ۽ جملـي 4 لک 11 هزار نوڪرين مان سنڌ کي صرف 49 هزار نوڪريون مليون. في سيڪڙي جي حساب سان اهو ٿيو 12 سيڪڙو، جڏهن مقرر نوڪرين جي ڪوٽا مطابق انهي جو حصو 19 سيڪڙو هئڻ کپندو هو. حاصل مطلب تـ مرڪزي سرڪار ۾ سنڌين جي نمائندگي جي کوٽ اڃا تائين برقرار آهي، جيڪا 1947ع کان وٺي هلندي اچي ٿي.
خود مختيار ۽ نيم خود مختيار مرڪزي ادارن ۾ تقريبن 30 سالن جا انگ اکر ٻڌائين ٿا تـ انهن ادارن ۾ پڻ سنڌ شهري ۽ سنڌ ٻهراڙي جو تناسب جيڪو 88 ۽ 12 سيڪڙو، سو ڪوٽا سسٽم لاڳو ٿيڻ بعد 30 سالن ۾ سڌري 58 ۽ 42 سيڪڙو تي اچي پهتو آهي. پر اڃا بـ 1973ع جي آئين جي مطابق 40 ۽ 60 کان گهڻو گهٽ آهي. سنڌ جي شهري علائقن جي ماڻهن کي 1947 ع کان وٺي اڄ تائين برتري حاصل آهي.
پاڪستان سطح تي 1983ع ۾ سنڌ جو جملي حصو 28 سيڪڙو رهيو، جيڪو مقرر ڪوٽا کان 19 سيڪڙو کان ڏيڍوڻون رهيو. پر اها برتري صرف اربن سنڌ جي ڪري آئي هئي. جنهن جو حصو 7.4 سيڪڙو مان وڌي 21.8 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي پاسي سنڌ رورل 11.4سيڪڙو مان گهٽجي صرف 6.6 سيڪڙو تي اچي بيٺي. سن 2012 ع ۾ صورتحال ۾ ڪجهـ بهتري نظر آئي. جڏهن سنڌ رورل جو حصو 10.2 سيڪڙو رهيو ۽ سنڌ اربن جو حصو گهٽجي 13 سيڪڙو تي اچي بيٺو. انهي هوندي بـ سنڌ ٻهراڙي جو حصو مقرر ڪوٽا کان گهٽ ۽ سنڌ شهري جي ڪوٽا اڃان بـ وڌيڪ آهي.
هي سڄو معاملو وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ ۽ ريسرچ گهري ٿو. ان لاءِ نظام کي گذارش ڪندس تـ آئندهـ انهي سڄي مانڊاڻ جي گذريل 45 سالن ۾ 1973کان 2017ع تائين جيڪي ڪجهـ وهيو واپريو انهي تي الڳ ڪتاب لکي. جيئن عام ماڻهن کي خبر پوي تـ نوڪرين ۾ اسان سان ڪٿي ڪٿي زيادتي ٿئي ٿي.