مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

شيرل لغاري جا خط

شيرل لغاري جا خط

سو ڳالهـ پئي هلي شيرل لغاري جي، مون ماسٽرس ڪري ورتي، تـ هي اڃان بي اي جي ڪلاسن ۾ هوندو هو. منهنجو خيال هو تـ هي اقتصاديات ۾ ماسٽرس ڪري،پر هن جو چوڻ هوندو هو تـ “ اهو تور ماپ وارو حساب پاڻ کان ڪونـ ٿيندو” ۽ هن سنڌي ۾ ماسٽرس ڪئي. ڇو جو سنڌي سندس محبوب سبجيڪٽ هوندو هو. مون کي چوندو هو تـ آئون ٻن شين سان پيار ڪيان ٿو، هڪ متحرڪ ۽ ٻئي غير متحرڪ، هڪ سنڌي ادب جنهن ۾ شاعري ۽ ٻيو ادب اچي وڃي ٿو ۽ ٻئي متحرڪ شئي، هو مون ڏانهن منسوب ڪندو هو. اسان ڪٿي رات جو گڏ هوندا هئاسين تـ هو سڄي رات مون کي شاعري پيو ٻڌائيندو هو ۽ خبر نـ پوندي هئي تـ ننڊ اسان کي ڪيڏي مهل پنهنجي آغوش ۾ وٺي ڇڏيندي هئي. اڄ بـ جڏهن ڪا سٺي شاعري نظر مان گذرندي آهي تـ شيرل ياد ايندو آهي تـ بي اختيار روئي ويهندو آهيان. هي اهو زمانو هو جڏهن موبائل نڀاڳي اڃان ايجاد ڪانـ ٿي هئي. اسان هڪ ٻئي کي ڊگها ڊگها خط لکندا هئاسين. سندس اهي خط منهنجي لاءِ ايتري حيثيت ٿا رکن، جيترو منهنجو وجود. شيرل لغاري جا جيڪي بـ مون وٽ خط آهن اهي آئون هن ڪتاب جو حصو بڻائيندس. ان زماني ۾ سٺن ۽ پڙهائڻ وارن استادن کي هوشيار ۽ بااخلاق شاگرد پسند ڪندا هئا. ڪافي عزت بـ ڪندا هئا. جڏهن تـ استادن جو اخلاق هماليـ جي چوٽي کان وڌيڪ بلند ۽ اعليٰ هوندو هو. مجال آهي جو ڪو استاد پنهنجي يا پرائي شاگرد ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي. ڇو جو اسان جي زماني ۾ اڌو اڌ استاد سنڌي فائنل امتحان پاس هوندا هئا. جن انگريزن جو زمانو بـ ڏٺو هو. تنهنڪري هو صاحب اخلاق ۽ پڙهائي جي معاملي ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نـ هوندا هئا. اسان کي اهڙن استادن جي تربيت نصيب ٿي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين هيڏانهن هوڏانهن ٿيڙ کائڻ نـ ٿي ڏئي. جيئن تـ اسان جي اسڪول ۾ برانچ مڊل اسڪول قائم هوندو هو، پر ان جي لاءِ بلڊنگ يا اسٽاف وغيره ڪجهـ بـ نـ هوندو هو. اسين پرائمري جا استاد انگريزي جا ڪلاس بـ وٺندا هئاسين. اسان مان هڪ استاد ڪل وقتي انگريزي ڪلاسن وٺڻ لاءِ هوندو هو. جڏهن تـ مون وٽ هميشـ پرائمري جا مٿيان ڪلاس رهيا آهن. مون کي هڪ ڏينهن آرڊر ٿيو تـ ڇهين ۽ ستين ڪلاس جي رياضي وٺان. مون کي صرف پنجين ڪلاس تائين رياضي پڙهائڻ ايندي هئي. منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو تـ مٿين ڪلاسن جي آئون رياضي ڪيئن پڙهايان. مون انهي آرڊر کي چئلينج سمجهي قبول ڪيو. مون ڇا ڪيو جو بازار مان ٻنهي ڪلاسن جا ميٿاميٽڪس جا ڪتاب وٺي آيس،جيڪو ٻئي ڏينهن ڪلاس ۾ پڙهائڻو هوندو هو، اهو پهرين آئون پاڻ پڙهي تيار ٿي ويندو هوس. ڇو جو مون کي اهو سٺو نـ ٿي لڳو تـ آئون شاگردن جي اڳيان ڪتاب کولي کين پڙهايان، انهي مان مون کي زبردست فائدو ٿيو. ان زماني ۾ اڃان مون ايم اي ايڪنامڪس ۾ ڪئي پئي. هڪ 100 مارڪن جو سڄو سارو پيپر مئٿ هوندو هو. ٿيوري تـ ڪتاب تان نقل ڪري لکي وڃبو هو پر ميٿ ۾ اڪثر ڇوڪرا فيل ٿي پوندا هئا. جڏهن تـ مون اهو پيپر 100 مان 92 مارڪون کڻي پاس ڪيو هو. اڃان ان جو وڌيڪ فائدو اهو ٿيو جو اسان جڏهن اسلام آباد آفيسر ٿي آياسين تـ ڪو بـ پنجابي آفيسر اسان کي وٺڻ لاءِ تيار ڪو نـ هو. جيئن تـ منهنجي فنانس ڊويزن ۾ پوسٽنگ ٿي. چون تـ هن ڊويزن ۾ هلي مئٿ ٿي، سنڌين کي مئٿ اچي ڪا نـ، تنهنڪري هن کي نـ وٺنداسين. خير مون مارڪ شيٽ ڏيکاري کين مطمئين ڪيو تـ مون کي مئٿ اچي ٿي. ان کان پوءِ تقريبن 22 سال آئون فنانس ڊويزن ۾ رهيس مون ڪڏهن بـ ميٿاميٽڪس ۾ مار نـ کاڌي. پويان اٺ سال آئون مٿين گريڊن ۾ هليو ويس اتي بـ هاءِ ليول جي مئٿاميٽڪس مون کان ڪرائيندا هئا. خاص ڪري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم ڪڍڻ جو هڪ خاص فارمولا آهي. اهو اڪثر ڪنهن کي ڪو نـ ايندو هو. مون انهي تي ڪافي محنت ڪري سکي ورتو هو. هونئن بـ بلوڄستان جي اسيمبلي جا ميمبر اسمبلي اندر توڙي ٻاهر پنهنجن نوڪرين جي ڳالهـ ڪندا آهن تـ هي پنجابي اسان جون فيڊرل گورنمينٽ واريون نوڪريون کائي ٿا وڃن. پر بدقسمتي سان اسان جي سنڌ جي ڪنهن بـ ميميبر اسيمبلي ۾ سنجيده ٿي نوڪرين جي باري ۾ نـ ڳالهايو. ائين هي اسان جا ڀائر غلط ڪوٽا ڪلڪيوليٽ ڪري سنڌين ۽ بلوچن جون نوڪريون کائيندا رهندا آهن. جيڪي مون پنهنجي آرگنائيزيشن ۾ اچڻ کان پوءِ روڪي ڇڏيون تـ منهنجي هيٺان ڪم ڪندڙ آفيسر جيڪي پنجابي ۽ پٺاڻ هئا اهي سڀ جا سڀ منهنجي خلاف ٿي ويا. خير اهو ذڪر آئون اسلام آباد واري باب ۾ ڪندس.
منهنجي هميشـ اها خواهش رهي آهي تـ منهنجو هر دوست زندگيءَ جي هر مقابلي ۾ سُرخرو هجي. ڪنهن نامعلوم جو قول آهي تـ ” انقلابي عاشق مزاج ۽ سونهن تي فدا ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن سونهن مٿن پاڻ موهت ٿي پوندي آهي. ” مون سان بـ ڪجهـ اهو ئي ٿي رهيو آهي. منهنجي ياري دوستي ۾ ذات پات، ننڍ وڏائي يا مذهب جي ڪا بـ دخل اندازي نـ رهي آهي. آئون فقير ۽ صوفي طبعيت جو ماڻهو آهيان. مون ڪنهن شخص سان پيار نـ ڪيو آهي، پر مون انسان ذات سان پيار ڪيو آهي. مون ڪڏهن بـ ڪنهن عورت ذات سان عشق نـ ڪيو آهي. عشق ۽ پيار جا لفظ مون رڳو ڪتابن ۾ پڙهيا آهن. ها باقي بااخلاق ۽ سچا دوست مون کي پيار ۽ عزت ڏيندا ئي رهيا آهن. جڏهن تـ آئون انهن جي خاص ڪري تعليمي ميدان ۾ رهنمائي ڪندو رهيو آهيان. ماشاالله اهي اڄ سڀ سٺن عهدن تي آهن. هن جاءِ تي ڪي نقاد مون تي تنقيد ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن تـ مون مڌ جي مٽ مان هڪ چسڪي بـ نـ ڀري. ٻين لفظن ۾ آئون زندگي ۾ ناڪام شخص رهيو آهيان. انهن دوستن لاءِ عرض آهي تـ مون امانت ۾ خيانت ڪڏهن بـ نـ ڪئي آهي. مون موکي جا مٽ مٿي تي ضرور کنيا آهن پر انهن مان چسڪي نـ ڀري اٿم. ان سان گڏ مون شرابن طهورا جي ساگر ۾ غوطا کاڌا آهن، پر انهي پاڪ ۽ پوتر پاڻي جو ڍڪ ڪڏهن بـ نڙي کان هيٺ نـ لٿو آهي.
هي 1984ع جو زمانو هو، ان کان اڳ مون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ست انٽرويو ڏنا هئا پر هر ڀيري فيل ٿيو هوس. انهن ۾ آخري ٻـ انٽرويو جيڪي مون ڏنا اهي سٺا ٿيا هئا. ڇو جو ٽن سالن کان مٿي عرصي لاءِ مون ايڪنامڪس ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي هئي. ٿي سگهي ٿو تـ ڪميشن کي مون کان وڌيڪ ٻيا سٺا اميدوار ملي ويا هجن، جنهنڪري سنڌ گورنمينٽ ۾ آئون آفيسر نـ ٿي سگهيس. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن اسلام آباد 1984 ع ۾ ريسرچ آفيسر 17 گريڊ ۾ ايڪنامڪس ۽ پلينر گروپ لاءِ ايڊورٽائيز مينٽ ڏني هئي. ان زماني ۾ هر آچر تي هلال پاڪستان اخبار ۾ FPSC جي ايڊ ايندي هئي. ڪميشن صرف ايم اي ايڪنامڪس سيڪنڊ ڪلاس ۾ گهري هئي. اها تعليمي قابليت مون وٽ هئي. جيئن تـ آئون اڳي ئي سرڪاري نوڪري ۾ هوس. تنهنڪري مون کي کاتي جي معرفت ئي درخواست موڪلڻي هئي، جيئن تـ اسان جو تعلقو ماتلي هو ۽ سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر اُتي ويهندو هو. ان زماني ۾ ڪميشن جو فارم هر ڊي سي آفيس مان ملندو هو. اسان جو ضلعو تـ بدين هو پر آئون فارم حيدرآباد مان وٺي آيو هوس، ان سان گڏ 7.50 روپين جو چالان بـ نيشنل بئنڪ رسالا روڊ برانچ ۾ جمع ڪرائي آيو هوس. اها اخبار ۽ انهي چالان جي ڪاپي مون وٽ اڄ تائين محفوظ آهي. سو فارم ڀري ماتلي کڻي ويس پر اتفاق سان SDEO آفيس ۾ موجود ڪونـ هو. هڪڙو ڪلارڪ هوندو هو دودو خان ڪيريو، شهر کان ٿورو ٻاهر ڪنهن ڳوٺ جو ويٺل هوندو هو. اسان تقريبن گڏ ماستر ڀرتي ٿيا هئاسين. ڏاڍو سهڻو جوان هوندو هو. قد بت ۾قد آور، وڏيون ۽ گول گول اکيون، ڳٽا ڀريل، منهنجي وارن وانگر گهنڊيدار وار، دلبر دوست هوندو هو. هُن پار جي اهڙي ڇڪ ٿيس جو تڪڙ ۾ موڪلايائين بـ ڪو نـ،، نوڪري تـ اڃان ڪافي باقي رهندي هيس. اهڙي دنيا ۾ هليو ويو، جتان ڪو بـ اڄ ڏينهن تائين واپس نـ آيو آهي. آئون 11 سال کن سنڌي ماستر رهيس پر آفيس ۾ منهنجا ڪم ڪار سڀ دودو ڪيريو ڪري ڇڏيندو هو. سو اهو FPSC وارو درخواست فارم ڀري دودي ڪيريي کي ڏئي آيس تـ آفيسر کان صحيح ڪرائي اسلام آباد موڪلي ڇڏجان. مون کان وري اها فارم واري ڳالهـ ئي وسري وئي تـ ڪو مون ڪا درخواست موڪلي آهي. ساڳيون پوسٽون FPSC وري 1985 ع ۾ ٻيهر ايڊورٽائيز ڪيون. انهيءَ ۾ اهو لکيو ويو هو تـ جن ماڻهن ساڳين پوسٽن لاءِ اڳي ئي درخواست ڏني آهي، اهي ٻيهر نـ ڏين، پر منهنجي انهي نڪتي تي نظر ئي ڪا نـ پئي. سو فارم ڀري ٻيهر ڪميشن کي اسلام آباد ڏياري موڪليم. مون سمجهـيو تـ هي ائين دوکو ٿا ڪن، تنهنڪري آفيس جي معرفت ڪو نـ موڪليم ائين سڌو سنئون ڏياري موڪليم. آڪٽوبر يا نومبر 1985 ع ۾ ڪميشن جي طرفان لکت ۾ ٽيسٽ جي لاءِ ڪراچي سڏايو ويو. مون کي ٽيسٽ صفا سولي لڳي. ڇو جو آئون لاڳيتو 5 سال ايڪنامڪس پڙهندو رهيس. ان کان پوءِ ڊسمبر ڏهين تي ڪراچي ۾ انٽرويو لاءِ سڏايو ويو. جيئن تـ FPSC جو منهنجو پهريون تجربو هو. هتي سنڌ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وارا اٺين بجي انٽرويو لاءِ گهرائيندا هئا تـ 12 بجـي انٽرويو شروع ڪندا هئا. مون سمجهيو تـ هي بـ ائين ئي ڪندا. جيئن تـ انٽرويو باٿ آئيلينڊ ۾ 9 بجي شروع ٿيڻا هئا. مون سمجهيو تـ اهي 11 بجي کان اڳ شروع ئي نـ ڪندا. سو ڪراچي جي صدر ۾ ناشتو وغيره ڪري ڊان اخبار پڙهي پوءِ آرام سان ڏهين بجي وڃي ڪميشن جي آفيس پهتس تـ ڪميشن جا ملازم مون کي ڳوليندا وتن. چون تـ تنهنجو هاڻي انٽرويو جو نمبر آهي تون لڀين ڪونـ ٿو. مون کي انتطار ڪرڻ واري ڪمري ۾ ڇڏيائون ئي ڪو نـ. ، منهنجي خيال ۾ پنجن منٽن جي اندر اندر مون کي هنن ڪميشن جي ميمبرن جي اڳيان پيش ڪري ڇڏيو. مون اڳي مٿي لکيو آهي تـ مون جيڪا آفيس جي معرفت درخواست موڪلي هئي. اها مون کان وسري وئي هئي، ٻئي جيڪا مون سڌي سنئين ڪميشن کي موڪلي هئي اها مون کي ياد هئي. سو مون دل ئي دل ۾ سوچيو تـ ڪنهن ميمبر جيڪڏهن مون کان پڇيو تـ تون ڇا ڪندو آهين تـ، آئون ڪميشن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ جواب ڏيندس تـ آئون بيروزگار آهيان، جيئن ڪميشن مون کي نوڪري ڏئي ڇڏي. اها ڳالهـ دل ئي دل ۾ آئون پڪي ڪري ويو هوس. FPSC ۾ 17 گريڊ کان19 گريڊ جي پوسٽ جي انٽرويو جي لاءِ ٽي ماڻهو ويهندا آهن ٻـ ڪميشن جا ميمبر ۽ ٽيون لاڳاپيل کاتي جو ماڻهو. فيل پاس ڪرڻ ڪميشن جي ميمبرن جو اختيار آهي. کاتي واري نمائندي کان رڳو سندس رايو وٺندا آهن. ڪميشن جي هر ميمبر اڳيان هر اميدوار جا مڪمل تفصيل اڳئي پيل هوندا آهن. جيڪا مون کي خبر ئي ڪا نـ هئي. ڪجهـ گهڙين کان پوءِ بورڊ جي انچارج جيڪو ٻنهي ميمبرن جي وچ ۾ ويٺو هو. ان منهنجو نالو ورتو ۽ مون کي چيائين تـ تون پرائمري ماستر آهين. اتي منهنجا ڪن وڄي ويا ۽ مون يڪدم ها ڪئي تـ آئون پرائمري ماستر آهيان. ان کان پوءِ پڇيائين تـ اخبار ڪهڙي پڙهندو آهين. ان زماني ۾ ڪاوش اخبار يا جاري ئي ڪا نـ ٿي هئي يا اڃا ايترو اوج ڪو نـ هوندو هوس. مون جواب ڏنو تـ جڏهن شهر وڃڻ ٿيندو آهي تـ انگريزي اخبار ڊان وٺي پڙهندو آهيان. باقي ٻهراڙي ۾ ڊان نـ ٿي اچي. وري مون کي چيائين تـ اڄ تـ تون ڪراچي ۾ آهين اڄ تـ پڙهي هوندءِ. مون جواب ڏنو تـ ها اڄ مون ڊان اخبار پڙهي آهي. مون کان پهريون سوال ڪيائين تـ “پنهنجو صدر صاحب اڄڪلهـ ڪيڏانهن ويل آهي”. اهو ضياءُ الحق جو زمانو هو. صدر صاحب سارڪ سربراهي ڪانفرنس ۾ بنگلاديش ڍاڪا ويل هو. مون اهو ٻڌايومانس. وري ٻيو سوال ڪيائين سارڪ جا گهڻا ۽ ڪهڙا ميمبر آهن. ڇهن ميمبر ملڪن جا نالا ٻڌائي ويومانس 7 جو نالو وسري ويو. پاڻ ئي اشارو ڏنائين تـ “هڪڙو ننڍڙو جزيرو” انهيءَ تي مون کي ياد اچي ويو ”مالديپ“ پوءِ کاتي واري همراهـ کي سوال پڇڻ لاءِ چيائين. هن مون کان جيڪا ايڪنامڪس پڇي،انهي جا سڀئيConsept منهنجا ڪليئر هئا. ڇو جو لاڳيتو پنج سال مون ايڪانامڪس کي چڱي طرح پڙهيو هو. انهيءَ کي مون ايڪنامڪس ۾ وٺ ئي ڪانـ ڏني . ضياءُالحق جي زماني ۾ مذهب تي وڏو زور هوندو هو. هڪڙو خاص ميمبر رڳو مذهب تي سوال ڪندو هو. انهي مون کان پڇيو تـ مذهب تي سٺو ڪتاب ڪهڙو آهي. مون جواب ڏنو قران شريف، چيائين اهو تـ آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ٻڌاءِ. مون چيو امير علي جو ڪتاب Spirts of Islam انهيءَ تي منهنجو انٽريو ختم ٿيو. اهو FPSC جو منهنجو پهريون انٽرويو هو. شام جو ڳوٺ اچي چاچي حاجي جيئند کان ڍارو وجهرايم هن مون کي چيو تـ مٺائي کارائي تون گورنمينٽ ۾ داخل آهين. مون کي اها خبر نـ هجي تـ منهنجي مقرري ڪٿي ٿيندي. چاچا مون کي چيو تـ جتان پاڻي اچي ٿو توکي اوڏانهن موڪليندا. تقريبن 20 ڏينهن جي اندر ڪميشن جو خط اچي ويو تـ تون پاس ٿيو آهين. بس منهنجي خوشي منجهان حالت ڏسڻ جهڙي هئي. پهرين مٺائي وٺي وڃي چاچي حاجي جيئند کي ڏنم. جنهن جو تفصيل سان ذڪر آئون اڳي ڪري چڪو آهيان. آئون اهڙو خوش هجان جو چوان تـ مون سان ڪير گڏ ئي نـ هلي. جيئن ڪُئي کي هريڙ ملندي آهي تـ حڪيم ٿي پوندو آهي تيئن آئون بـ سنڌي ماستر مان 17 گريڊ جو آفيسر ٿي پيس. مون سمجهيو تـ مون ڪو وڏو مارڪو ماري وڌو آهي. خير الله جا وڏا احسان هئا جو مون جهڙي جاهل ماڻهو کي 15 رپين ۾ آفيسري ڏني هئائين، نـ تـ “ڇا ٻلي ڇا جلاب”. هڪ تـ منهنجو غريب خاندان سان تعلق ٻيو پوئتي پيل علائقي سان تعلق، جتي صرف پرائمري اسڪول هوندو هو. بس ائين ڀوڳن ڀوڳن ۾ آئون فيڊرل گورنمينٽ ۾ آفيسر ٿي ويس. هي سڄو ڪريڊٽ راشد مورائي کي وڃي ٿو. اها ٻئي ڳالهـ هئي تـ هو صاحب موري ۾ ۽ آئون گلاب لغاري ۾، مٺياڻي ڇڏڻ کان پوءِ اسان جي ملاقات بـ ڪڏهن ڪڏهن ٿيڻ لڳي. هُن جا چيل لفظ تـ“نظام تون سدائين ماستر رهندين” منهنجي ذهن ۾ اهڙا ويهي ويا، جيڪي مون کي هر وقت سٽيندا رهندا هئا. ان کان بـ وڌيڪ سائين راشد جيڪو مون کي ڪتابن تي هيرايو ۽ پڙهڻ جي عادت وڌي، انهن ڪتابن مون کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائي ڇڏيو. منهنجي جڏهن سائين سان پهرين ملاقات ٿي هئي تـ آئون ڪچڙو جوان هوس. مون کي ڏاڙهي مڇ اڃان ڪا نـ آئي هئي. انهي ڳالهـ جو مون سائين راشد مورائي سان ڪنهن خط ۾ ذڪر بـ ڪيو هو ۽ اهو خط سائين ڇاپيو هو ۽ سندس ڪتاب ۾ موجود آهي. خير انهي پاسي جا ماڻهو هونئن ئي ڀلا آهن، جنهن جو مون اڳي هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي وري وري لکڻ بوريت جو سبب بڻجندي. هاڻي مون کي ڪا خبر نـ هئي تـ اڳتي ڪرڻو ڇا آهي. الله جنت نصيب ڪري ادا وڏي کي، جيڪو مون کان اڳي 16 گريڊ ۾ بدين ۾ اسٽيٽسٽيڪل آفيسر ٿي چڪو هو. هن مون کي خط ٺاهي ڏنو تـ هي وڃي SDEO ماتلي وارن کي ڏي تـ “آئون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪري چڪو آهيان. جيئن ئي اتان آفر ليٽر آيو تـ مون کي رليو ( ان زماني ۾ سنڌي ۾ لفظ بي دخل استعمال ٿيندو هو) ڪندا”. مون کي تـ انگريزي لکڻ ئي ڪا نـ ايندي هئي اهڙو خط بـ ادا وڏي ٺاهي ڏنو هو. تقريبن هڪ مهيني جي اندر پلاننگ ڊويزن مان آفر ليٽر اچي ويو. آئون منجهي پيس ڇو جو سنڌ گورنمينٽ ۾ پهرين ميڊيڪل وغيره ٿيندو آهي پوءِ رُلائي رُلائي چار ڏوڪڙ وٺي پوءِ آفر ليٽر ڪڍندا آهن. جڏهن تـ هنن بغير ڪنهن اسلام آباد جي چڪر ۽ بغير منٿن سماجتن کان سواءِ ائين مفت ۾ آفر ليٽر ڪڍي ڇڏيو، انهي مون کي پريشان ڪري وڌو. ان زماني ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ايتري ترقي نـ ڪئي هئي. حيدرآباد مان اسلام آباد لاءِ 60 روپيـا في منٽ ٽيليفون جو ريٽ هوندو هو. ائين 200 روپيـا خرچ ڪري مون اسلام آباد ڳالهايو هو. پلاننگ ڊويزن جي سيڪشن آفيسر مون کي چيو تـ تون رڳو رليو ٿي هتي پهچ باقي ڪم هتي ٿيندو. جنهن ڏينهن آئون ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ گورنمينٽ مان رليو ٿي رهيو هوس تـ اهو 20 مارچ 1986ع جمعي جو ڏينهن هو. ٽنڊي باگي جو SDEO قمرالدين قاضي (ميمڻ) هو. منهنجي رليونگ جا ڪاغذ تـ ڏهين بجي ٺهي ويا هئا پر هُن صاحب مون کي هڪ بجي تائين آفيس ۾ ويهاري ڇڏيو هو. چيائين تـ اسان توهان کي اڄ جي تاريخ ۾ رليو ڪيو آهي. تنهنڪري ڏينهن پورو ڪري پوءِ وڃ. ائين پوري ڏينهن جي ڊيوٽي ڪري پوءِ ڳوٺ آيو هوس. ائين ٻئي ڏينهن ڇنڇر تي عوام ايڪسپريس تي حيدر آباد مان سوار ٿي لاهور وڃي لٿو هوس. ان زماني ۾ لاهور حيدرآباد ريل جو ڀاڙو 160 روپيـا هوندو هو، جڏهن تـ لاهور کان راولپنڊي 55 روپيـا بس جو ڀاڙو هوندو هو. پهرين رات فاروق هوٽل ڪميٽي چوڪ راولپنڊي ۾ 40 روپيـا ڪمرو وٺي اچي رهيو هوس. اندازو لڳايو تـ ريل ۽ بس جي ڀاڙي ۽ هوٽل جي ڪمري جي مسواڙ کان ٽيليفون مهانگي هوندي هئي. جڏهن تـ اڄ ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اهو سڄو سارو ڪمال ٽيلي ڪام سيڪٽر کي کولڻ ۽ خانگائڻ جو آهي. توهان پاور سيڪٽر کي اڄ پرائيويٽ ڪريو. بجليءَ جو بحران ختم، بجليءَ سستي. پاڪستان جو عوام پريشاني کان ٻاهر.
اسلام آباد اچڻ کان پوءِ 24 مارچ 1986 تي مون ريسرچ آفيسر جي لاءِ پلاننگ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪئي. هنن مون کي ميڊيڪل جي لاءِ پولي ڪلينڪ موڪلي ڇڏيو، جيڪو غلط هو. ڇو جو آئون اڳي ئي سرڪاري ملازم هوس. ميڊيڪل منهنجو ٿيل هو. جڏهن تـ مون کي سروس جي قاعدن قانونن جي ڪا بـ خبر نـ هئي. پولي ڪلينڪ وارن اٺ ڏينهن ميڊيڪل ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيا. انهي کان اڳ آئون اڃان جڏهن ڳوٺ ئي هوس ۽ ڪميشن پاس ڪري چڪو هوس. مون کي ڪنهن صلاح ڏني تـ شگر ٽيسٽ ڪرائي ڇڏ، متان اتي ڪو مسئلو نـ ٿي پوي. منهنجو دوست ڊاڪٽر عبدالعزيز ٿيٻو، جيڪو رپ شريف جو هو، اسان هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهيا هئاسين. هو ان زماني ۾ اسان کان هيٺين ڪلاسن ۾ هوندو هو. اهو LMC ۾ ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ هوندو هو. مون هن کي چيو تـ مونکي شگر ٽيسٽ ڪرائڻي آهي. هن مون کي چيو تـ شگر ٿيندي نيراني هانَوَ تنهنڪري رات مون وٽ ترسي پئو، صبح جو شگر ٽيسٽ ڪرائينداسين. آئون اها رات هن جي ڪمري ۾ هاسٽل تي رهي پيس. اسان جو بـ رات جو سمهڻ جو ڪو ارادو ڪو نـ هو. تنهنڪري اها سڄي رات اسان ڪچهري ڪندي گذاري ڇڏي هئي. انهي رات اسان سياست، سماجيات، عشق، محبت، پيار، ساز ۽ آواز، امر جليل جي ڪهاڻين کان ويندي شيخ آياز جي شاعري تائين، مئڪده کان مئخاني تائين، محبوب جي گلابي ڳلن کان ڇاتي تي اڀريل ڪنڌاري ڏاڙهُن تائين. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿي تـ ان وقت انڊيا جا جيڪي مشهور گانا هوندا هئا. اهي سڀئي مون کي هن سُر ۾ ڳائي ٻڌايائين. انهن ۾ جيڪو پيار ۽ محبت هو، ان کي اڄ ڏينهن تائين وسارڻ منهنجي لاءِ ڪافي ڏکيو آهي. ٻئي ڏينهن منهنجي شگر ٽيسٽ ڪرائي رپوٽ هٿ ۾ کڻي کلندو آيو ۽ مون کي اچي خوشخبري ڏنائين تـ توکي شگر آهي. منهنجون“ ٻـ بـ ويون تـ ڇهـ بـ ويون”. مون سمجهيو تـ مون واري ڪميشن هاڻي پوري ٿي وئي. هي فيڊرل گورنمينٽ وارا مون کي وٺندا ئي ڪو نـ. . جڏهن تـ شگر يا نظر جو گهٽ هجڻ يا ڪجهـ ٻيون بيماريون نوڪريءَ تان خارج نـ ٿيون ڪن. آئون هاڻي پرائمري ماستر، مون کي قاعدن قانونن جي خبر نـ هجي. مٿان پلاننگ ڊويزن جو آفيس ميمورينڊم (OM) اچي پهتو تـ 24 مارچ کان اڳ اڳ هتي اچي جوائن ڪر. خدا ڀلو ڪري قاضي قمرالدين جو، جيڪو ٽنڊي باگي جو ميمڻ هو. هونئن بـ سنڌ جي ميمڻن جا مون سان وڏا قرب رهيا آهن. انهي مون کي ماستري تان رليو ڪرڻ مهل 3 سالن جو واپسي جو حق ڏئي ڇڏيو هو (Right of Return) اهو قانون مطابق هو. سائين قاضي صاحب پراڻو ماڻهو هو انهي کي قاعدن جي خبر هوندي هئي. اها پڪ هئي تـ اسلام آباد وارن واپس ڪيو تـ وري اچي ماستري ڪبي. ٻئي جيڪا مون وڏي غلطي ڪئي، جنهن جي مون کي سزا ملڻ گهربي هئي پر امڙ جي دعائن ڪو، اثر ڏيکاريو، جو آئون بچي ويس. اسان ڊرامو اهو ڪيو جو جڏهن پولي ڪلينڪ وارن پيشاب ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ سيمپل گهريو تـ آئون ٻئي همراهـ جو پيشاب پنهنجي پرچي تي رکي آيس. شام جو خيال آيو تـ اگر انهيءَ همراهـ کي شگر هجي تـ پوءِ ڇا ٿيندو. انهي جاءِ تي آئون پنهنجو سيمپل ڏئي ڇڏيان ها تـ ڪوئي مسئلو نـ ٿئي ها. اهو صرف اڻ ڄاڻائي ۽ لاعلمي جي ڪري ٿيو. انهي غلط ڪم جو سڄي ڄمار آئون پنهنجي پاڻ تي ملامت ڪندو رهيو آهيان. منهنجو ضمير مون کي بخش ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي صرف انهي لاءِ لکي رهيو آهيان تـ دوستن کي خبر پوي تـ لاعلمي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون غلطيون سر زد ٿيو وڃن. اڳتيِ هلي مون شگر جي بيماري تي ايترو پڙهيو ۽ ريسرچ ڪئي جو مون کي هر ننڍي وڏي ڳالهـ جي خبر پئجي وئي. هڪ وقت اهو بـ آيو جو ڊاڪٽر منهنجي شگر جي دوا بند ڪري ڇڏي. اڄ منهنجي شگر کي 35 سال ٿي ويا آهن، انهي جي ڪري مون کي ڪڏهن بخار بـ نـ آيو آهي. لاڳيتو 30 سالن کان وٺي هر روز هڪ ڪلاڪ پنڌ ڪندو آهيان. هينئر آئون ڪنهن کي ٻڌايان ٿو تـ آئون رٽائر ٿي ويو آهيان تـ ڪير مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي. آئون انهي نتيجي تي پهتو آهيان تـ شگر ڪا بيماري ڪانهي. صرف اندر جا عضوا ڊس آرڊر ٿي ٿا وڃن. تنهنڪري انسولين گهربل مقدار مطابق نـ ٿي ٺهي. مون ڪڏهن بـ شگر کي پنهنجي سِر تي سوار ناهي ڪيو.
پلاننگ ڊويزن جي خط مطابق مون کي 24 مارچ تي اسلام آباد پهچڻو هو ۽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻي هئي. سو انهن جي ڏنل آخري تاريخ تي يعني 24 مارچ 1986 ع تي اچي هنن وٽ رپورٽ ڪيم. هنن بغير ڪنهن سوچڻ سمجهڻ ۽ ڪنهن ٻئي ڪاروائي ڪرڻ جي مون کي ليٽر ڏئي پولي ڪلينڪ موڪلي ڇڏيو تـ وڃي ميديڪل ڪرائي اچ. اسپتال وارن 8 ڏينهن کان پوءِ 2 لائنن جو خط اسان جي هٿ جي تري تي رکي چيو تـ اوهين نوڪري لاءِ فٽ آهيو. هي چوٿ پني جو کڻي وڃي جوائن ڪريو، تفصيلي رپورٽ اسان اوهان جي آفيس کي ڏياري موڪلينداسين. ائين پهرين اپريل 1986 ع تي آئون پرائمري ماستر مان فري فيڊرل گورنمينٽ جو آفيسر ٿي ويس. اسان ۾ ڪجهـ ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي اڳي ئي هتي مرڪزي سرڪار ۾ نوڪرين ۾ هئا، انهن کي سسٽم جي اڳي ئي خبر هئي. آئون تازو پرائمري ماستر مان پروموٽ ٿي گلاب لغاري مان سڌو اسلام آباد آيو هوس، ائين ٿي لڳو تـ “جهنگ جي ٻڪري شهر ۾” شروع وارن ڏهاڙن ۾ آفيس هڪڙي پاسي تـ آئون ٻئي بس ۾ چڙهي ڪيڏانهن ٽئين پاسي وڃي نڪرندو هوس. چوندا آهن تـ تجربو ۽ زماني جون ٺوڪرون هر شئي سيکاري ٿيون ڇڏين. سو آئون بـ وقت سان گڏ هر شئي سکي ويس. هيڏانهن پلاننگ ڊويزن وارن منهنجي جوائننگ جو جيڪو نوٽيفيڪيشن ڪڍيو ان ۾ لکي ڇڏيائون تـ تون وڃي فنانس ڊويزن جوائن ڪر. ياد رهي تـ هتي فيڊرل گورنمينٽ ۾ ڊپارٽمينٽ نـ ٿيندا آهن. انهي جي جاءِ تي هتي ڊويزون هونديون آهن. هڪ ڊويزن تقريبن ٻن ٽن ڊپارٽمينٽن جيتري ٿيندي آهي. ناڻي واري ڊويزن وارن اڃان منهنجي اڳتي پوسٽنگ ڪري ڇڏي (Industrial Incintive Reforms cell) ۾ جنهن کي اسان شارٽ لفظن IIRC ڪري چوندا هئاسين. انهيءَ مرحلي تي IIRC وارا مون کي وٺڻ لاءِ تيار نـ هجن. چون تـ هتي فنانس ڊويزن ۾ هاءِ ليول جي مئٿاميٽڪس ٿي هلي، سنڌين کي مئٿاميٽڪس اچي ڪا نـ، تنهنڪري توکي نـ وٺندا سين. مون کي هتي ڪير نـ ڄاڻي نـ سڃاڻي. هاڻي آئون ڪنهن کي دانهـن ڏيان چوان تـ ڪنهن کي چوان، سفارش ڪرايان تـ ڪنهن کان ڪرايان. مون هنن کي چيو تـ مون کي مئٿاميٽڪس اچي ٿي. منهنجون ماسٽرس جي Quantitative Ecomomics جي پيپر ۾ 100 مان 92 مارڪون آهن. نيٺ هنن مون کي چيو تـ سڀاڻي مارڪ شيٽ کڻي اچجان. ٻئي ڏينهن مون مارڪ شيٽ کڻي وڃي ڏيکاري جنهن ۾ مون جيڪي چيو اهو بلڪل صحيح هو. انهي کان پوءِ هنن کي پڪ ٿي تـ همراهـ ڪم وارو آهي ۽ هنن مون کي فنانس ڊويزن ۾ جوائن ڪرڻ ڏنو. انهي زماني ۾ نون توڙي پراڻن ڪارخانن جا سڀ پروجيڪٽ ڪنهن نـ ڪنهن حيلي بهاني فنانس ڊويزن ۾ ايندا هئا. انهي ۾ ميٿميٽڪس بـ ڪا خاص ڪا نـ هوندي هئي. انهي ۾ ٻـ شيون ڪڍڻيون پونديون هيون. انهن کي ترتيبوار Effctive Rate of Protection (EPR) ۽ Domestic Resource Cost (DRC) چئبو هو. انهي ۾ ڪجهـ شيون ڏسڻيون پونديون هيون جيڪي اسان اڳئي M. A, Economics ۾ پڙهي آيا هئاسين. ائين هڪ مهينو ميڊيڪل ۽ جوائننگ ۾ لڳي ويو. مهيني کن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ کان پوءِ مون کي اسلام آباد سان گڏ آفيس جو ڪم ڪجهـ ڪجهـ سمجهـ ۾ اچڻ لڳو. پويان امان کي هر ايندڙ ويندڙ مٽ مائٽ اهو اچي چوندا هئا تـ ماستري سٺي نوڪري هئس گهر جي ماني هئي، هي اُتي رهي ڪو نـ سگهندو، ڀڄي ايندو وغيره وغيره امان اهڙيو خبرون ٻڌي پريشان بـ ٿيندي هئي. مواصلات جو نظام صرف خط ئي هوندو هو. ڳوٺ ڇڏڻ وقت امان مون کي تاڪيد ڪئي هئي تـ خط جلدي لکجان. هتي اسلام آباد ۾ خبر نـ هئي تـ ڪٿي پوسٽ آفيس آهي لفافا ڪٿان ملندا. هڪ مهيني جي اندر اندر ڳوٺ ڏانهن، گهر توڙي دوستن سان خاص ڪري شيرل لغاري سان خطن جو سلسلو بحال ٿي ويو ۽ خط اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويا، هر روز ٻـ ٽي خط اچڻ ۽ وڃڻ لڳا. مون وٽ گهڻا خط ايندي ويندي ڏسندا هئا تـ آفيس وارا مون کي چوندا هئا تـ پوسٽ آفيس هلي ئي تو تي ٿي،تنهنجا خط نـ اچن وڃن تـ پوسٽ آفيس ئي بند ٿي ويندي. ان وقت مون کي احساس ڪونـ هو بعد ۾ مون کي احساس ٿيو تـ مون کي دلي طرح پيار ڪرڻ وارا بلڪل ٿورا ماڻهو آهن. ڇو جو مٽن مائٽن دوست يارن جي خبر وڇڙڻ کان پوءِ پوندي آهي. خير جيڪي گهران خط ايندا هئا انهن ۾ تـ صرف حال احوال هوندو هو. پر جيڪي شيرل لغاري دل جي گهراين مان مون کي خط لکندو هو انهن ۾ هڪ قسم جو اڻ ميو پيار سمايل هوندو هو،گلا هوندي هئي، شڪايتون هونديون هيون، اندر جا اورڻا هوندا هئا، هو هميشه نـ سلڻ جهڙا سور مون سان سليندو هو. شيرل جو هڪ هڪ خط آئون 8 ڏينهن پيو پڙهندو هوس. ان کان سواءِ انهن خطن جي هڪڙي قسم جي ادبي اهميت بـ هوندي هئي. جڏهن ائين اوچتو وطن کان جلا وطن ٿي اسلام آباد پهتو هوس تـ پهريون خط مون کي جيڪو شيرل لغاري جو مليو اهو ٺيڪ هڪ مهينو منهنجي سنڌ ڇڏڻ کان پوِءِ لکيو ويو هو. جيئن تـ مون 20 مارچ 1986 ع تي سنڌ ڇڏي هئي ۽ هن منهنجي دوست مون کي 20 اپريل 1986 تي پهريون خط لکيو هو جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
ماڻڪ لغاري
20-4-86
ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙهـ سنڀاهيا
وجهو ور ونجهـ کي، روئي وڻجاري
ماريندءِ ماري، پرهـ سور پرين جا. (شاهـ)
هوائن جي شهر جا واسي شال سٺي سوسائٽي ماڻين. بغير ڪنهن رسمي جملي جي عرض آهي تـ توهان جو خط مليو پڙهي وري پڙهيم ۽ پوءِ رکي ڇڏيم ۽ جواب اڄ لکڻ ويٺو آهيان. توهان جي ئي ڪلاس ۾ هينئر چوٿون ڪلاس ٿو پڙهايان، مامي جي اچڻ کان پوءِ، هتي تـ “ نـ محبتون آهن نـ نفرتون، نـ دوستيون نـ دشمنيون. بس طويل بيزار ڪندڙ سانت آهي جا ساهـ کي اڏوهي جيان ڌيري ڌيري کائيندي وڃي. “اسان جيڪي صبح جي ڳولا ڪندي ڪنهن اونداهي رات ۾ مارجي وينداسين” اوهان اقتصادي ماهر معاشي طور مستحڪم ماڻهو کي خوش سمجهو ٿا، مگر معاشي پاڻ ڀرائي ذهني پيڙائن ۽ ازلي رولاڪن جي روح کي ڪا بـ راحت ڪا نـ ٿي ڏي. ڇو تـ ذهن جون ڪي اونهيون ڳڙکيون جن ۾ صرف انسان جا داخلي جذبا هوندا آهن اهي صرف ۽ صرف فطري خوشين سان کُلن ٿا. جيڪي شايد اسان جي مقدر ۾ ناهن. ” اڄ اوهين سنڌ جي سرحدن کان پري آهيو، سنڌ لاءِ الائي اوهين ڇا سوچيندا هوندا.
اڄ دل چوي ٿي تـ اوهان کي اهو ڪجهـ لکان جو ڪڏهن بـ نـ لکيو اٿم پر آئون انهي ۾ ڪامياب نـ ويندس. ڇو تـ اڻ لکيا لفظ ۽ ڪنوارا جملا منهنجي وس ۾ ناهن. مان اڪيلو آهيان تنها، بنا ڪنهن حال محرم جي زندگي جو فاصلو تيزي سان طئـ ڪري رهيو آهيان ۽ هڪ ڏينهن گم ٿي ويندس گهراين ۾ ۽ ياد ڪرڻ وارو ڪو ڪو نـ هوندو.
هئـ هارياس جو ٻج ڪلر ۾ ڇٽيو
کر پڻ کارياس، ور پڻ وسارياس
جنين لئـ مياس،سي ڪانڌي ڪو نـ ٿيا. (شاهـ(
ڪنهن ڪنهن مهل ساهـ گهٽجڻ لڳندو آهي ۽ دل اڏامڻ تي ٿيندي آهي، پر اسان جا پر گهڻو اڳ ڪٽجي ويا آهن، بنا پرن ڪيئن اڏامون. مهرباني ڪري مون کي نصيحتون نـ ڪجو. الائي ڇو نصيحتن کان مون کي چڙ آهي. ( هينئر سائين عبدالڪريم ڪلاس ۾ آيو آهي ۽ خط پڙهيو اٿس)
منظور احمد ملاڻي جي سيزن آف ٿي وئي آهي، غلام رسول منشي گهٽ ٿو گڏجي. بس خط جو سائين تسلسل ٽوڙي ڇڏيو، هاڻي مڙئي اوندهـ ۾ هٿوراڙيون ٿو هڻان. اسلام آباد ۾ امر جليل کي سلام چوندا. سائين کي خط لکي ڏنو هوم انهي ۾ بـ لکيو اٿم وري بـ لکان ٿو. مون کي پٽ ڄائو آهي نالو مقصود رکيو اٿم. ضياءُ الدين جو آرڊر حسين بخش کرڙائي جي ڳوٺ ٿيو، انهي لاءِ بـ جس لهڻو ۽ مٺائي پارسل ڪري موڪليندا. لکڻ تـ گهڻو ڪجهـ پئي چاهيم پر موڊ بدلجي ويو آهي، وري ٻئي دفعي تفصيل سان گفتگو ڪنداسين. خط رمضان جي ايڊريس تي لکندا. ڀلا اسان وئڪيشن ۾ ست - اٺ سئو روپيـ کڻي اسلام آباد گهمڻ جي لاءِ اچي سگهون ٿا يا نـ. . مهرباني ڪري اسان جي سهوليت لاءِ لکي موڪليندا. اوهان ڪڏهن ايندا. سلام غلام قادر ۽ الهـ بخش جا قبول ڪندا.
ڦُٽڻ لڳي آ ميندي مٺڙا نمن جهليو آ ٻور
ڪيسين رهندين ڏور (آياز)
Those were the days my friend we were thought they will never end.
From the unknown we came to the unknown we go.
The mountains of Islambad can fly, oceans of world can dry, you can forget me but never can I.
جڏهانڪر جاني سڄڻ سانگ سڌاريا
راتيان راحت ناهـ ڪا ڏينهان حيراني
آءُ پنهنجي پرين تان ڪوڙين قرباني
رضا رباني نـ تـ ڪريان وس وصال کي. (شاهـ)
سڄڻ ۽ ساڻيهـ، ڪنهن اڻاسي وسري
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
مون اڀي وٽ سڄڻ سفر هليا
ڪانڌ مون هي گهٽ، نـ تـ سڄڻ سٻاجها گهڻا
هلڻ هارا سپرين روئان تان نـ رهن،
آئون جهليندي ڪيترو آيل سامونڊين
پڳهـ ڇوڙي جن وڌا ٻيڙا ٻار ۾
اوهان اسلام آباد ۾ شاهـ جو مطالعو ڪريو، سنڌ کان پري اهو شاهـ جو مطالعو اوهان کي مزو ڏيندو. وڌيڪ خير
توهان جو شيرل لغاري. گلاب لغاري
ائين مون پاڪستان جي وڏين منسٽرين مان هڪ فنانس منسٽري ۾ اچي باقاعدگي سان نوڪري جوائن ڪئي. اسان هن فنانس ڊويزن جي اداري ۾ 3 نوان آفيسر آياهئاسين، هڪ جو تعلق AJK سان هو، هڪ KPK ۽ آئون سنڌ ٻهراڙي مان هوس. جڏهن تـ پير جو ڳوٺ سان تعلق رکندڙ علي شير ڪانهر صاحب اسان کان اڳ اتي موجود هو. ڪم اهڙو ڪو خاص ڏکيو ڪو نـ هو، آئون هڪ مهيني ۾ ڪم سکي ويو هوس . اسان ٻئي سنڌي آفيسر هڪ اردو ڳالهائيندڙ آفيسر کي رپورٽ ڪندا هئاسين. هاڻي نوڪري تـ مون کي ملي وئي هئي. آئون ڪافي ينگ ۽ هينڊسم هوندو هوس ان ڪري ڇوڪري ءَ جي آڇ ٿيڻ لڳي. ڇو جو اسلام آباد ۾ ٻئي مسئلا آهن نوڪري ۽ ڇوڪري. جيئن تـ آئون اڳئي ڦاهي جو رسو پنهنجي ٽنگ ۾ ٻڌي چڪو هوس. تنهنڪري ٻي ڦاهي کائڻ جو مون ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو. انهي وچ ۾ شيرل لغاري جو ٻيو خط پهتو جيڪو پاڻ ٻئي ڪنهن کي لکي ڏنو هئائين پر آخر ۾ لکي ڇڏيائين تـ هن خط جو ڪاتب شيرل لغاري آهي.
Manik Laghari
21-4-1986
لڏي ويا ڇڏي ويا منهنجا ڪاهي ڌڻ ڌنار
نڪا ڪوڪ ڪنڌين نڪا تاڙي جي تنوار
ويچارا پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
پيارا نظام الدين ڏکيو ڪري اسان کي وڃي سکيو ٿئين پاڻ.
اسلام عليڪم جي عرض تـ هتي خير آهي اميد توهان آفيسرن ڏانهن بـ رب تعاليٰ خير ڪيو هوندو. آمين. احوال عرض تـ توهان جو خط پهتو پڙهي روح کي راحت آئي. اميد تـ اهڙي يادگيري کان محروم نـ ڪندا.
بس ڏٺو سين اوهان اسلام آباد ۾ آهيو. پر يار اسلام آباد کان اسان جو گلاب لغاري ويهه دفعا وڌيڪ آهي. ڇو تـ هتي اهڙا ماڻهو آهن جهڙا روءِ زمين تي ڪو نـ آهن. پيارا اسان جا ڪهڙا ٿو حال پڇين، اتي ئي آهن جتي اوهان ڇڏيو. اسين هتي رولاڪن وانگر رئيسن جي شهر ۾ ڪنهن مهل روئون ٿا تـ ڪنهن مهل کلون ٿا، مڙئي وقت آهي جو ڪنهن بهاني سان گذاريون پيا. اهڙو خاص احوال ڪونهي. اوهان ڪڏهن ايندا اهو لکي موڪليندا، جيئن اسين اوهان کي وٺڻ لاءِ هوائي اڏي، مطلب تـ بس اسٽينڊ گلاب لغاري تي حاضر ۽ ناظر هجون. پيارا توهان جي وڃڻ کان پوءِ شهر گلاب لغاري ويران ٿي ويو آهي. ڇو تـ اسان کي ماني کارائڻ واري پهر ڪانهي.
هينئر هي خط اسين اوهان واري ڪلاس ۾ لکي رهيا آهيون. غلام رسول ۽ شيرل ٻئي ڄڻا وٺ وٺان ۾ آهن. دنيا وارا هاڻي يار بي وفا نڪري پيا آهن. پيارا ! ماڻڪ لغاري تمام سهڻو شهر آهي، هتي رئيسن جا بنگلا آهن، ڪالونيون آهن، واٽر سپلاءِ آهي، ديوين ۾ اسڪول آهي. مطلب تـ هي شهر ڏسڻ وٽان آهي ۽ هن شهر جي مين روڊ تي ٽنڊڻ جي هوٽل آهي، جيڪا خاص طور تي سياحن جو مرڪز آهي. عظيم شهر ماڻڪ لغاري ڏسي وڃجو جتي اسان جو مان ڪُتي جيترو آهي. خير کل ڀوڳ پنهنجي جاءِ تي مهرباني ڪري اسان لاءِ چند مضبوط قسم جا ريڙها ٺهرائي رکجو، اسين فروٽ جو Import, Export ڪرڻ چاهيون ٿا.
پيارا هتي جا ماڻهو اسان سان ڪنهن بـ قسم جو تعاون نٿا ڪن، اسان کي سور ڏيئي ماريا اٿن، اسين هاڻي بَر منهن ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيون. توهان مهرباني ڪري ڪو مفت مشورو ارسال ڪندا تـ عين نوازش ٿيندي.
يار اهي ڏينهن ياد هنئي جڏهن ماستر هوندا اوهين
ڇوڪري تيڪون ڌڪي ڏي ڇوڙيندي آهن تون ول ول پيرين پوندا اوهين
انهان ڏينهان تيڪون ويچ ڇوڙون ها تون ساڍي ٽاءِ سئو لهندا اوهين.
سلام سائين عبدالڪريم، شمشاد، منظور حاضري واري، شيرل ۽ ٻين جا قبول ڪندا. يار هتي هاڻي عشق ڪرڻ جي ڪا بـ ويليو نـ آهي باقي ڪو نئون نمونو لکندا. پيارا وڌيڪ عشق جي نئين ترڪيب جيڪا اوهان اسلام آباد مان هٿ ڪئي هجي سا اسان ڏي لکي موڪليندا. وڌيڪ گهڻي ۾ گهڻا سلام قبول ڪندا. پيارا ٿورو خط لکڻ ۾ دير ٿي وئي آهي. اها غلطي معاف ڪندا . توهان جي بورچي خاني جا ڪهڙا حال آهن، سيري ۽ ٻوڙ رڌڻ جي ترڪيب لکي موڪليندا، هاڻي تـ ماهر ٿي ويا هوندا. توهان جي پٽيوالي کي اسان جا خاص سلام، اوهان جي 17 گريڊ واري ڪرسي کي ادب جا هٿ. پيارا اسان هن ننڍڙي ليٽر ۾ جيڪي ڪجهـ لکيو آهي سو سڀ سچ آهي، انهي ۾ ٽڪي جو بـ فرق نـ آهي. انهي لکئي تي خاص غور ڪندا، مهرباني.
لکندڙ توهان جو ڀاءُ غلام رسول دستي. ڪاتب شيرل لغاري.