سيد عبدالحق شاهـ
سيد عبدالحق شاهـ دلبر ماڻهو هوندو هو، همٿ ڀريو، سندس ڪڻڪ رنگي چهري تي چانپوئين ڏاڙهي کيس ڏاڍي ٺهندي هئي. قد بت ۾ ڀريل، يارن جو يار، ڪاوڙبو هو تـ ڪنهن کي ڪو نـ بخشيندو هو. ابراهيم مرحوم ڀوڳن ڀوڳن ۾ سائين کي چڙائي وجهندو هو. ڪاوڙ جو مدو ٻـ يا ٽي منٽ هلندو، پوءِ وري ڳالهـ آئي وئي ٿي وئي. جهڙو دل جو کليل هوندو هو تهڙو هوندو هوس دسترخوان ڪشادو. جڏهن بـ سائين جي گهر وڃبو هو تـ کائڻ پيئڻ جي هر شيءَ فرج مان ڪڍي اچي اڳيان رکندو هو. منهنجو گهر چوٿين نمبر بلاڪ ۾ سائين جو گهر ٽئين نمبر بلاڪ ۾ پر جيڪڏهن اتفاق سان ڪڏهن ڪچهري سانگي سائين جي گهر لنگهي وڃبو هو تـ ماني کان سواءِ نـ ڇڏيندو هو. آفيس ۾ مون ڪڏهن بـ هن کي واندو ڪو نـ ڏٺو، جڏهن بـ هن وٽ وڃڻ ٿيندو هو تـ سدائين فائيل اڳيان کليا پيا هوندا هئس. قدرت واري موقعو ڏنس جو ماسٽرس جي ڊگري آمريڪا مان وٺي آيو. پاڻ نيويارڪ ۾ هجي يا واشنگٽن ۾ پر مون کي نـ وساريائين، اُتان بـ اسان جو خطن جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو. منهنجي خيال ۾ سائين عبدالحق شاهـ دوستن ۾ سڀ کان وڌيڪ مون کي ئي خط لکيا هوندا. اسان جي خطن ۾ طنز مزاح جو عنصر بـ شامل هوندو هو. مون کي سائين 27 آڪٽوبر 1992 ع تي نيويارڪ مان جيڪو خط لکيو، اهو هتي حاضر آهي.
نيويارڪ، USA
27-10-1992
برادرم نظام الدين
توهان جو دير سان لکيل خط سوير پهتو. هڪ هفتي بعد يعني 15-10-92 جو 22-10-92 تي مليو پڙهي تازهـ ترين احوال معلوم ٿيو. خوشي بـ ٿي تـ توهان پنهنجي ڊيوٽي ڏاڍي پابندي ۽ خوش اصلوبي سان ڪري رهيا آهيو. مون کي اوهان مان اهائي اميد هئي، اميد آهي ۽ رهندي. مونکي جمالي (عطا محمد) خط ۾ لکيو هو تـ نظاماڻي( ابراهيم) ڪوشش پيو ڪري ڪنهن پارٽي لاءِ پر پاڻ کيس جواب ڏنو اٿس. مون کيس موٽ ۾ خط لکيو آهي. پر اڃا جواب ڪو نـ مليو اٿم. اميد تـ آئون توکي خط ڪو نـ لکندس گهر جي باري ۾.
فاروق (لاڙڪ) کي چوندا تـ ڪئميرائون هت کوڙ ساريون آهن، پر سندن اگهـ وٺڻ کان ٻاهر آهن جو هتي ماچيس تي بـ ٽيڪس آهي. جيڪا ڪئميرا توهان کي پاڻ وٽ 1600 سو روپيـ کن ۾ ملندي اها هت 2600 سو روپين ۾ پلئـ پوندي. وري بـ راز جو راڻو آهي حڪم ڪندو تـ هڪ هزار ڊالر واري ڪئميرا بـ وٺي ايندس. مال گهڻو ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ چين جو آهي، جيڪو پاڻ وٽ بازارن ۾ عام جام ملي ويندو آهي.
تو کي حاجي ( حوالو ياد نـ ٿو پوي) جي حيدرآباد وڃڻ کان پوءِ رڳو رات ڏينهن شايد (محبوب) ياد ٿو پوي جو خط ۾ اهڙو ذڪر ڪيو اٿئي. مون کي اهڙي توقع ڪا نـ هئي تـ ڪو تون “پٽ جي پاٿاري”آهين ۽ طالب الموليٰ وارو “ اڱڻ ٻهاريان واٽون نهاريان” ڳائڻ وارو آهين”. ٻيلي اها راهـ ڇڏ، وڏو ٿي ويو آهين، ڳائڻ سٺي ڳالهـ نـ آهي.
منهنجي سوٽ ولي الله شاهـ جي شادي ٿي رهي آهي 23 تاريخ هن مهيني جي. پاڻ ٿي سگهي ٿو تـ ٻن ٽن ڏينهن جي لاءِ اسلام آباد جو رخ ڪري. سندس فون نمبر توهان کي لکي رهيو آهيان XXXXX حيدر آباد شهر کيس فون ڪري منهنجي طرفان چوندا تـ جي اسلام آباد اچڻ چاهي تـ گهر حاضر آهي. هن وقت اسلام آباد جي موسم بـ نارمل هوندي. تنهنجي چواڻي فارق ۽ تون لوڏيندا (ٻانهون) وتو. جمالي اچي تـ کيس منهجي طرفان گهڻا سلام چوندا. منهنجو هڪڙو سيميسٽر پورو ٿي ويو آهي ۽ ٻيو بـ ڊسمبر 22 تاريخ تي پورو ٿي ويندو. رزلٽ بـ اچي ويندي. گذريل سيميسٽر ۾ ميٿس کان سواءِ ٻيا سڀ B گريڊ ۾ ڪڍي ورتم. گذريل سيميسٽر ۾ 6 پرچا هئا ۽ هن سيميسٽر ۾ بـ 6 سبجيڪٽ آهن. مڊ ٽرم اڄ هڪڙو ڏيئي آيو آهيان، ٻيو سڀاڻي آهي ۽ ٽيون وري 27 تاريخ تي صبح ۽ چوٿون شام آهي. باقي رهيل سبجيڪٽن جو ڊسمبر ۾ امتحان ڏبو. دعاگو رهندا ڪم تمام ڏکيو آهي. ها ٻي خبر تـ هن پروگرام جا فارم وري پاڪستان پهتل آهن ۽ جنوري ۾ آخري تاريخ آهي. ڪوشش ڪري نامينيشن ڪرائي وٺ ( ڪوشش جي باوجود هتي جي يارن منهنجي نامينيشن نـ ڪئي). پر ٻئي ڳالهـ آهي تـ ساڳئي پروگرام ۾ ڀاءُ روشن (منهنجو وڏو ڀاءُ) کي بـ ورلڊ بينڪ وارن فارم موڪليو آهي، سندس ڪم گهڻو ڪري ٿي ويندو، (هن جي سنڌ گورنمينٽ وٽان نامينيشن نـ ٿي سگهي هئي). پر جيڪڏهن تنهنجي بـ نامينيشن گورنمينٽ طور ٿي وڃي تـ چڱو اٿئي. ٻي خبر تـ تون شگر کان ڀڄندڙ ۽ ڪريءَ وارو ماڻهو آهين، مون وانگر هت اچي ڦاسي ويندين. خاص ڪري اسان مسلمانن لاءِ هت کاڌو مسئلو آهي، الاءِ ڇا ٿا کائون ڪو پتو نـ آهي. ايترو آهي جو مرغي ڪٽيل ٺهيل وٺي اچي گهر ٺاهيندو آهيان. پر حلال حرام ڪو پتو نـ آهي. گذريل هفتي زڪام ۽ ڏاٺ جي سور جو حملو هو. روشن کي چوندا تـ کيس ڏاٺ يا ڏند جو مسئلو هجي تـ اتان ٺهرائي اچي، اڳواٽ متان هتي پهچي پوءِ ڪوشش ڪري. سوشل سيڪيورٽي کيس فقط 75 ڊالر ڏيندا، جڏهن تـ هڪڙي ڏاٺ جي ڀرائي 700 ڊالر کن خرچ اچي ٿو وڃي. خير آئون شاگرد آهيان تنهن هوندي بـ 300 ڊالر خرچ اچي ويو آهي. مون کي اڳ ۾ ئي الڪو هو پر ايڏانهن وقت بلڪل ڪو نـ مليو، وار بـ ڪراچي پهچي فلائٽ واري رات ئي ٺهرايم. جيئن تـ ڪم ڏکيو آهي وقت ٿورو آهي، جو صبح وري امتحان اٿم ۽ ڪتاب جا 9 چيپٽر پاڻ واري ايڪنامڪ سروي کان وڌيڪ پڙهڻا ۽ اٿلائڻا آهن. دعاگو رهندا تـ رب ڪامياب ڪري.
مدد ۽ نگراني لاءِ لک ٿورا. ننڍڙو ڪمپيوٽر خريد ڪيو اٿم، واپسي تي ڊسڪٽ وٺيو ايندس ۽ توکي ڪمپيوٽر تي پلي ڪري ڏيکاريندس. رکجان راز ۾ متان فاروق کي ٻڌائين. سلام سڄي سنگت کي. جوکيو هت پروموشن تي آيو آهي يا واپسي ٿي اٿس. تفصيل لکندا. دعاگو.
سيد عبدالحق شاهـ. نيويارڪ
USA
ائين سائين عبدالحق شاهـ پنهنجي M. Sc ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ڪري ٻن سالن کان پوءِ واپس اسلام آباد پهچي ويو. هتي اچڻ سان شاهـ صاحب وري ڪم ۾ محو ٿي ويو. انهي وچ ۾ منهنجون ٻـ پروموشنس ٿي ويون ۽ آئون 20 گريڊ ۾ پهچي DG بـ ٿي ويس. هي منهنجا دوست سڀ اڃا 18 گريڊ ۾ ويٺا هئا. مون کان پوءِ جلدي محمد ابراهيم نظاماڻي جي پڻ 19 گريڊ ۾ پروموشن ٿي ويئي. شاه صاحب جي پروموشن جو بـ عجيب قصو ٿيو هو . ٿيو ائين جو جنهن ڏينهن ايڪانامسٽ گروپ ۾ پروموشن پئي ٿيا تـ شاهـ صاحب جو ڪيس ان ۾ شامل هو. پلاننگ ڊويزن جي ڪنهن ماڻهو شرارت ڪري عبدالحق شاهـ صاحب جون هڪ ٻـ ACRs ڪڍي لڪائي ڇڏيون. ظاهر آهي تـ ACR پوريون نـ هونديون تـ پروموشن نـ ٿي سگهندي. جيڪڏهن 22 سال هڪ ئي گريڊ ۾ ويهڻ کان پوءِ بـ پروموشن نـ ٿئي تـ انسان کي جهٽڪو تـ اچي ٿو. خير هن ڪوشش ڪري مهيني جي اندر اندر ٻيو پروموشن بورڊ ڪرايو، جنهن ۾ هن جي پروموشن ٿي ويئي. پلاننگ ڊويزن ۾ 19 گريڊ جون پوسٽون هئڻ جي باوجود شاهـ صاحب جي پوسٽنگ هنن ٻاهر ڪري ڇڏي. هن کان يڪدم ڪمرو ڦري ورتائون. هوڏانهن جتي شاهـ صاحب جي پوسٽنگ ڪيائون اهي هن کي وٺڻ جي لاءِ تيار نـ هجن. انهي ڇڪتاڻ ۾ شاهـ صاحب ڪافي مايوس ٿي ويو. کيس دل جو دورو پيو ۽ هڪ منٽ ۾ وڃي حقيقي مالڪ وٽ پهتو. وڃڻ کان هڪ هفتو پهريائين هي مون وٽ آفيس آيو هو ۽ منجهند جي ماني منهنجي آفيس ۾ اسان گڏجي کاڌي هئي. اهي سڀ خبرون مون کي پاڻ اچي ٻڌايون هئائين. شاه صاحب جي وڃڻ جي اڃا ويل ڪا نـ هئي، اڃا تـ هن جي 13 سال نوڪري پئي هئي. اڃا هن پنهنجي ڪنهن بـ پٽ جا ميندي رتا هٿ ئي ڪو نـ ڏٺا هئا.
هن سڄي وارتا مان پڙهندڙن کي معلوم ٿي ويو هوندو تـ مون هميشه پنهنجي پاڻ تي ڀاڙيو آهي. ٽريننگ يا نوڪري جي سلسلي ۾ سفارش کان پاسو ڪندو رهيو آهيان. ان مان مون کي وڏو نقصان بـ برداشت ڪرڻو پيو آهي. تقريبن مون واري بينچ جا سڀ آفيسر ٻاهرين ملڪن مان ڊگريون وٺي آيا، پر مون کي ڪنهن بـ آفيسر ٻاهر جي ڊگري ڪورس يا ٽريننگ لاءِ نامزد نـ ڪيو پر هتي عهدن ۾ آئون گهڻن کان مٿي چڙهندو ويس. هتي فيڊرل گورنمينٽ ۾ پئسـو وغيرهـ تـ ڪو نـ ٿو هلي. ها البت رکي راهي، هٿ جوڙ، دعوتون سعوتون مڙئي ڪم اچيو وڃن. انهن شين کي جاري ۽ ساري رکڻ لاءِ پئسـن جي ضرورت پوي ٿي. اسان جا پگهار پورا سورا تـ دعوتن جي لاءِ پئسـا ڪٿان اچن. منهنجي وري اها عادت آهي تـ آئون ڪنهن ماڻهو مان وڏيون اميدون نـ رکندو آهيان. نـ ئي وري ڪنهن کي ڪو ڪم چوندو آهيان ۽ هميشـ پنهنجي پاڻ کي حالتن تي ڇڏي ڏيندو آهيان. پاڻي جي لهرن جي سامهون وڏن وڏن ڀاري جبلن پڻ پنهنجو پاڻ کي ڇڏي ڏنو آهي. تنهڪري آئون پنهنجي پاڻ کي قدرت جي قانون تي راضي رهي ان جي حوالي ڪندو رهيس. جتي ناڻي جو علم پڙهيو هوم اُتي ناڻي واري وزارت ۾ وڏو عرصو نوڪري بـ ڪندو رهيس، پر ناڻي سان نينهن ڪڏهن بـ نـ لڳو. منهنجي نظر ۾ مادي چيزن تي اعتبار ڪرڻ پنهنجي پاڻ کي دوکو ڏيڻ جي برابر آهي.