مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

ٿر جو سفر

ٿر جو سفر

جيئن تـ مون 1986ع ۾ اچي اسلام آباد ۾ نوڪري Join ڪئي هئي. انهي وچ ۾ 1987 ع جا ڇهـ مهينا کن لاهو ر رهيس. پر مٽن مائٽن ۽ دوستن يارن جي ياد اڃا بـ پئي ستائيندي هئي. جيئن ٻـ يا ٽي مهينا گذرندا هئا تـ موڪل لاءِ ڪوشش ڪبي هئي. پوءِ ڪڏهن ملندي هئي تـ ڪڏهن ڪا نـ ملندي هئي. فنانس ڊويزن ۾ هئڻ جي ڪري بجيٽ جي ڪري هر سال جون مهيني تائين موڪل نـ ملندي هئي. سو آگسٽ 1988 ع ۾ ڳوٺ جو پوروگرام ٺهي ويو. تاريخ تـ ياد ڪانهي پر لڳي ٿو تـ هونديون پهريون تاريخون، ڇو جو مهيني جو پگهار کڻي پوءِ ئي ڳوٺ وڃبو هو. جيئن ئي ڳوٺ پهتس تـ هتي منهنجا ٻـ نظرياتي دوست نواز لغاري ۽ اشرف لغاري اڳي ئي ٿر گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو ويٺا هئا. ائين هڪ ٻـ ڏينهن ڳوٺ رهي اسان ٿر لاءِ روانـا ٿياسين. ان زماني ۾ اسان مان ڪنهن وٽ بـ ڪا گاڏي وغيرهـ ڪا نـ هوندي هئي. ان زماني ۾ هونئن بـ قوم پرستن وٽ گاڏي جو ڪو تصور ڪو نـ هوندو هو. تنهنڪري اسان ٽئي سڃا، ڀڙڀانگ هوندا هئاسين. مون کي آفيسري تـ ملي چڪي هُئي، پر آئون ڪو مختيارڪار يا تپيدار تـ ڪو نـ هوس جو مٿين ڪمائي هجي. تنهڪري ائين ئي عام بسن ۾ چڙهي وڃي نئين ڪوٽ لٿاسين. نئين ڪوٽ جو قلعو گهمياسين جيڪو مير ڪرم علي خان ٽالپر 1814 ع ۾ ٺهرايو هو. هي ننڍو پر تمام سهڻو قلعو آهي.
اسان ڪارونجهر کي ڏسڻ لاءِ ننگر پارڪر لاءِ نڪتاسين، جيڪو صديون پراڻيون يادون ٿر ۽ پارڪر جي شڪل ۾ سانڍي اڄ بـ روپلي جون نـ وسرندڙ يادون پنهنجي سيني ۾ سانڍيو اچي ٿو. مٺي شهر ۾ اسان جو نظرياتي دوست ڪرشن شرما اڳي ئي اسان جي انتظار ۾ هو، جنهن کليل دل ۽ وسيع دسترخوان سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ان وقت مٺي شهر ۾ هڪ ئي ڏسڻ ۽ گهمڻ جهڙي جڳهـ هئي اها هئي “گڍي ڀِٽ” جنهن تان مٺي شهر جو نظارو ائين ٿي نظر آيو جيئن “مونال ريسٽورانٽ ” تان اسلام آباد جو نظارو.
ائين اسان مٺي شهر جو سير ڪري،( جيڪو ان وقت مون کي هڪ وڏو ڳوٺ لڳو هو). ڪرشن شرما سان گڏجي رات جي ماني کائي، رات جو 10 بجي ڌاري GMC ۾ سوار ٿيا هئاسين، جنهن کي ٿر جا ماڻهو “کيکڙو” سڏيندا آهن. ان ۾ اسان ننگر پارڪر جي لاءِ سفر شروع ڪيو هو. اسان جي مٺي جي ميزبان محترم ڪرشن شرما ٻڌايو تـ ننگر پارڪر ۾ سياحن جي رهڻ جي لاءِ ڪو بـ بندوبست ڪو نـ آهي. هُن اسان کي جيئي سنڌ جي دوستن جو ڏس پتو ڏيئي ڇڏيو هو، مطلب تـ وري بـ اسان کي پنهنجي ئي قومي سٿ جا ساٿي ئي ڪم آيا.
اهو منهنجو کيکڙي جو پهريون ۽ آخري سفر هو. اها چنڊ جي 14 جي رات هئي،آسمان تي چنڊ ۽ ڪڪرن جي پاڻ ۾ لڪ لڪوٽي لڳي پئي هئي. رکي رکي هلڪي هلڪي بوندا باندي بـ ٿي رهي هئي، ٿڌڙي ۽ مٺڙي هير اکين ۾ خمار ٿي آڻي ڇڏيا. آسمان تي سنهڙين ۽ ٽڙيل پکڙيل ڪڪرين ۾ چنڊ جو نظارو ڪنهن نئين نويلي ساماڻل نوجوان نينگري جي منهن تي موهيڙن جي نشان جيان نظر اچي رهيو هو. چانڊوڪي رات ۾ ٿر ٻهڪي رهيو هو. ٿر جي ان زماني جي لاري جنهن کي کيکڙو چئبو هو، هيٺ سامان ۽ ان جي مٿان ماڻهن لاءِ ڪم ايندي هئي، لاري جي مٿان مرد توڙي عورتن کي ٻڪرين وانگر سٿيو پي ويو. مون کي ائين لڳي رهيو هو تـ ڪنهن ماڊرن يونيورسٽي جو ڪلاس آهي جنهن ۾ ٻئي انساني جنسون گڏ پڙهي رهيون آهن. انهي رات جيڪو مون قدرتي ۽ انساني رومانس جوگڏيل ميلاپ ڏٺو، تنهن اڻ پيتي جا نشا چاڙهي ڇڏيا هئا. مون اڃان تازو زبير لغاري ۽ ساجد ڀُٽي سان اهو ساڳيو سفر ڪيو آهي. پر هِن سفر ۾ اهو مزو ڪٿي جيڪو 3 ڏهاڪا اڳ اسان کيکڙي ۾ ڪيو هو. جيڪو اڄ ڏينهن تائين دل جي ڪنهن ڪنڊ مان رومانس جون نـ وسرندڙ يادون تازيون ڪندو رهي ٿو. ان وقت جي کيکڙي ۾ زالين مڙسين گڏ سوڙ سنگوڙ ۾ گوڏو گوڏي تي ڏيئي ويهڻ، کيکڙي جو واري جي روڊن تي لڏڻ، انهي لوڏي تي انسانن جو انسانن سان ٽڪرائجڻ، خماريل اکين ۽ پُسيل گَهگَهن ۽ قميصن ۾ کيکڙي جو جهومڻ ۽ لڏڻ ان جي نتيجي ۾ جسمن جو پاڻ ۾ گسڻ واري لذت صدين تائين ياد رهندي. (هتي جيڪي ڪجهـ مون لکيو آهي انهي مان ڪجهـ لفظ جنسيات سان تعلق رکن ٿا، جنسيات ادب جي صنف آهي. عمر قاضي،خوشونت سنگهـ جي ڪتاب “منهنجو نينهن نارين سان“ جي سنڌي ترجمي ۾ لکي ٿو تـ “هن جو ادب عورت جي وجود جي چوڌاري گردش ڪري ٿو. عورت سان پيار جو اقرارخوشونت ايتري تـ ڀرپور انداز سان ڪري ٿو جو هن مٿان فوري طور تي فحاشيءَ جي تهمت لڳي ٿي. )( بهر حال مون مشرقي روايتن کي سامهون رکندي اهڙن لفظن کان پرهيز ڪيو آهي. پر ٿي سگهي ٿو تـ منهنجا اهي لفظ ڪنهن کي نا گوارهـ لڳن، انهن پڙهندرن کان اڳ واٽ معافي. ) مٿان وري اسان جي مست جواني انهي اڃا بـ سون تي سهاڳي جو ڪم پي ڪيو. انهي سفر جون نـ وسرندڙ يادون جڏهن نواز لغاري کي اوچين ۽ اُڀين ديوارن پٺيان ياد آيون هونديون تـ هو رُنو ضرور هوندو. جڏهن تـ هاڻي انهي جو مزو صرف منهنجا نوجوان دوست تصوراتي دنيا ۾ ئي وٺي سگهن ٿا. جيڪي هن ڪتاب کي پڙهندا. اسان وٽ تـ صرف هاڻي يادون وڃي رهيون آهن. ائين اسان جو هي رومانس سان ڀرپور سفر صبح جو پنجين لڳين ننگر پارڪر ۾ اچي ختم ٿيو.
اسان جي ننگر پارڪر ۾ ٻي ڪا بـ واقفيت ڪا نـ هئي صرف هڪ ٻـ قومي سٿ جا دوست هئا جن جو ڏس پتو مليو هو. انهن کي بـ اسُر ويل ڪٿان ڳوليون. ائين کيکڙي مان خماريل اکين سان ٿڙندا ٿاٻڙندا هڪڙي ڇپر نما هوٽل تي خالي کٽون ڏسي اچي انهن تي ليٽي پياسين. پر لاري ۾ جيڪي نينهن جا نشا لڳا انهن ننڊ حرام ڪري ڇڏي هئي. ائين پاسا وارائيندي هوٽل جي مالڪ اچي اسان کي اٿاري چانهـ پياري. اهو ٿر جو نوجوان ڇوڪرو شيرل کوسو هو، جيڪو اسان جي قومي سٿ جو ساٿي پڻ هو. جنهن جي ان وقت 18 يا 19 سال ڄمار هوندي . جنهن اسان کي وڏي قرب ۽ چاهت سان ناشتو بـ ڪرايو. هن دوست کي اها جڳهـ نـ لڀي جتي اسان کي کڻي ويهاري، شيرل کوسي سڄو خلوص ۽ پيار اسان تي اوتي ڇڏيو. ايتري ۾ اسان جا ٻـ ٻيا ساٿي محترم غلام حسين چاڪي ۽ سندس ڀاءَ محترم محمد حسين چاڪي بـ اچي ويا. هاڻي اسان سنڌ جي ڪنهن ڏوراهين علائقي ۾ ننڌڻڪا نـ هئاسين. انهن اسان کي “جين مندر” ۽ ڪارونجهر گهمايو. اسان اها جاءِ بـ ڏٺي جتي سنڌ جو بهادر پٽ روپلو ڪولهي سنڌ جي دشمنن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. اهو سڄو ڏينهن اسان ڪارونجهر ۾ هلڪي ڦلڪي بوندار ۾ گذاريو هو. ڪٿان پري کان ڪنهن چونئري مان سرمد سنڌي جو مڌر آواز ڪنن تي پيو هو تـ “ هي جهوپا جهوپا ڪينجهر تي شل مينهن وسن ڪارونجهر تي” انهي آواز سڄي ڪارونجهر جي ماحول کي خوشگوار ڪري ڇڏيو هو. منهنجي ذهن ۾ وري گذريل رات جي لاري وارا منظر لهندڙ سج جي ڇڻيل ۽ گلابي ڪرڻن وانگر ڦرڻ لڳا تـ آئون وري خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويس. اها رات اسان کوسن ۽ چاڪين سان هڪ ڊگهي قومي ڪچهري ڪئي هئي. ٻئي ڏينهن اسان وري کيکڙي تي سوار ٿي مٺي ڏانهن واپسي جو سفر شروع ڪيو هو.
کيکڙو جڏهن رينجرس جي چوڪي تي ڪافي دير لاءِ ننگر پارڪر ۾ بيهي رهيو تـ اسان جا دوست منهنجو فيڊرل گورنمينٽ جو سرڪاري ڪارڊ کڻي رينجرس جي ڪنهن آفيسر سان ملڻ لاءِ ويا. اهو ڪو شريف ماڻهو هو ۽ اٿي اچي مون سان مليو. جيستائين کيکڙو هلي تيستائين مون کي ڪرسي تي آڻي وهاريائين. انهي ۾ منهنجو ڪو بـ ڪمال ڪو نـ هو. هڪ طاقت هئي منهنجي ڪارڊ جي ۽ ٻيو ڪمال هو اسان جي ساٿي نواز لغاري جو جنهن منهنجي اهڙي تعريف ڪئي، جيئن ڪو ڪاسائي ٻڪر جي تعريف ڪندو آهي. چئي “ اسلام آباد ۾ جيڪو لهندو اڀرندو آهي سو هن اسان جي دوست جي اشاري تي. ” واهـ سائين واهـ رينجرس وارا اهڙا متاثر ٿيا جو پنهنجي اڳئين چوڪي جيڪا “ويرا واهـ” تي هئي انهن کي چيائون تـ “هي مهمان اچن ٿا انهن جي چڱي طرح خدمت چاڪري ڪجو. ” لفظ “خدمت چاڪري” ٻڌي مون کي اچي ڊپ ٿيو تـ هي ڇورو ڪٿي مارائيندو. خبر نـ آهي تـ ڪهڙي قسم جي “خدمت چاڪري” ڪندا. خير جيڏي مهل اسان ويرا واهـ رينجرس چوڪي تي پهتاسين تـ انهن جا ٻـ چار سپاهي اسان کي وٺي انهن جي ميس تي آيا ۽ اسان جي خوب خاطر تواضع ڪيائون. ائين اسان رينجرس وارن جو کائي پي شام جو دير سان اچي مٺي پهتاسين. هاڻي اسان اهو مناسب نـ سمجهيو تـ ڪرشن شرما کي ڪا تڪليف ڏيون، تنهنڪري هوٽل تي ڪمرو وٺي سمهي رهياسين. رات جو 10 بجي هوٽل واري اچي در کڙڪايو، ساڻس هڪ غير ملڪي بـ گڏ هو، اچي اسان کي چيائين تـ “هي ڪنهن ٻاهرين ملڪ جو مهمان آهي هوٽل ۾ ڪٿي ڪا جڳهـ خالي ڪونهي، هن کي اوهان پاڻ سان رهايو”. اسان چوٿين کٽ لڳرائي، هن کي پاڻ سان رهائي ڇڏيو. ائين هڪ فرينچ سياح اسان کي نئون رانديڪو ملي ويو. هن همراهـ کي انگريزي پوري سوري ٿي آئي، پر هڪ ٻئي جي ڳالهائڻ مان مطلب سمجهـ ۾ پي آيو. مون هن کان پڇيو تـ “تون هتي ڪيئن آئين؟” هن ڪتاب ڪڍي ڏيکاريو، جنهن ۾ ٿر متعلق ڪافي ڪجهـ لکيو پيو هو. ٻئي ڏينهن نواز لغاري ريڀڙيون وٺي آيو ۽ اچي هن کي کارايائين. اسان چيو تـ هي ٿر جو فروٽ آهي. کٽيون مٺيون ريڀڙيون هن کي ڪافي پسند آيون. آخر ۾ اسان هن کان موڪلائي شام جو اچي ڳوٺ گلاب لغاري پهتاسين. ائين اسان جو هي ٿر جو پهريون سفر پورو ٿيو.