مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

راشد مورائي سان ڏيٺ ويٺ

راشد مورائي سان ڏيٺ ويٺ

آئون پنهنجي پاڻ کي ڏاڍو خوش نصيب سمجهندو آهيان جو آئون ڪنهن ٿوري عرصي لاٰءِ کڻي مٺياڻي ويس. جنهن منهنجي دماغ جون سڀئي بند ٿيل ڳڙکيون کولي ڇڏيون. حالات ڪجهـ ائين ٿيا جو مشڪور کي شاعري جو شوق ۽ منهنجو ڪتابن سان هلڪو ڦلڪو لڳاءُ. هڪ رات اسان موري وڃي سائين راشد مورائي وٽ رات ٽڪياسين. ان زماني ۾ سائين درس روڊ واري جاءِ ۾ رهندو هو. انهي هڪ رات جي قرب ڪچهري ۽ قوم پرستي تي ڏنل ڊگهو ۽ دل لڀائيندڙ ليڪچر منهنجي زندگي جا طور طريقا بدلائي ڇڏيا. هڪ اهڙي ماڻهو جي صحبت نصيب ٿي جو آئون فرش تان عرش تي پهچي ويس. مون وٽ اهڙا لفظ ڪونهن جو انهي عظيم شخصيت جي شان ۾ هتي لکي سگهان. هڪ سال ۾ اسان جون ڪيتريون ملاقاتون ٿيون هونديون. ؟ يقينن ڏهن کان پنڌرهن تائين. پر هر ملاقات ۾ هڪ نئون اتساهـ، هڪ نئون سبق،جيڪو دل جي ڦرهي تي ائين ياد ٿي ويو جو اڄ ڏينهن تائين نـ وسري سگهيو آهي. بس ائين موري واريون ڪچهريون ۽ قومپرستي تي وڏا وڏا ليڪچر، جنهن ۾ اتساهـ هو ڌرتي لاءِ ڪجهـ ڪرڻ جو، جنهن ۾ اتساهـ هوندو هو پنهنجي پاڻ لاءِ ڪجهـ ڪرڻ جو. راشد مورائي دلبر ماڻهو، دوستن جو دوست، دل جو صاف، محبت ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ وارو، خلوص ڀريو، بُردبار، برباد دليون آباد ڪرڻ وارو، مطلب تـ هو شاعر تـ وڏو هو ئي هو. پر ان تي هن ڪڏهن بـ فخر محسوس نـ ڪيو. هن شخص ۾ حد درجي جي نوڙت ۽ نهٺائي هوندي هئي. هڪ دفعي هن مون کي وڏي حب ۽ قرب مان چيو هو تـ “نظام تون سدائين پرائمري ٽيچر رهندين؟“ انهي ڪچهري ۾ ٻيا بـ ڪافي سارا دوست ويٺل هئا پر سائين راشد مورائي اهي لفظ مون کي مخاطب ٿي چيا هئا. گهڻا گهڻا سال اڳ اهي لفظ جڏهن منهنجن ڪنن ۾ ٻُريا هئا تـ مون کي ڪجهـ ڪرڻ جو جذبو جاڳيو هو. پوءِ سندس ئي همٿائڻ سان دنيا ڏٺو تـ آئون پرائمري ٽيچر مان ڊائريڪٽر جنرل ٿي ويس. آئون تازو جڏهن 5 مارچ 2017 ع تي سائينءَ جي ورسي ۾ مورو ويو هوس تـ ڪنهن دوست ڳولي مون کي اچي چيو هو تـ “سائين راشد جڏهن بـ ڪچهري ۾ ويهندو هو تـ گهڻي ۾ گهڻو ذڪر توهان جو ئي ڪندو هو. “اها هڪ قسم جي منهنجي خوش نصيبي هئي جو ايڏي وڏي قد ڪاٺ وارو ماڻهو مون ادنيٰ کي هر وقت ياد ڪندو رهي”
آئون سمجهان ٿو تـ هن جو شاعرن ۽ اديبن کان سواءِ هڪ عام ماڻهو سان وڏو لڳ لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو هوندو هو. تنهنڪري ئي سندس دوستيءَ جي دائري ۾ مون جهڙا گهٽ پڙهيل ۽ جاهل ماڻهو بـ ايندا رهيا. هن وڏي ڪوشش ڪئي تـ آئون شاعر يا ڪهاڻيڪار ٿيان، پر بدقسمتي سبب آئون ڪجهـ بـ ٿي نـ سگهيس. مون انهي وچ ۾ ٻـ چار ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون پڻ لکيون هيون. پر اهي ڪنهن در قبول نـ پيون. ڇو جو انهن منهنجن ڪهاڻين ۾ نـ دم هو نـ خم هو. انهي جا ڪهڙا سبب هئا راشد مورائي جهڙا پڙهيل لکيل ۽ سچا دوست مون کي نصيب ٿيا، جيڪي هر ڪنهن کي نـ ملي سگهندا آهن. پڙهڻ جي لاءِ ڪتابن جي بـ ڪا کوٽ ڪونـ هئي، پر آئون ڪجهـ بـ ٿي نـ سگهيس. گهڻن سالن کان پوءِ جڏهن اسلام آباد مان، سنڌي رسالي ”افيئر” لاءِ ۽ انگريزي ۾ “ڊان” ۽ “دي نيوز” اخبارن لاءِ لکڻ لڳس تـ مونکان وڌيڪ انهي جي خوشي راشد مورائيءَ کي ٿي هئي. جڏهن تـ اهي نـ ڪهاڻيون هيون نــ وري ڪا شاعري، بس جيئرن جاڳندن ڪردارن تي ڪيڏارو هو، جيڪو آئون ڪڏهن سنڌي ۾ تـ ڪڏهن انگريزي ۾ پيو لکندو هوس. مون کي هر وقت اها هدايت پيو ڪندو هو تـ لکندو رهـ پوءِ جنهن ٻولي ۾ وڻئي پر لِک ضرور. انهيءَ مان مون کي اهڙو فائدو ٿيو جو آئون سنڌي ماستر مان ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي پهچي ويس. هي جيڪڏهن راشد مورائي مون کي پڙهڻ لکڻ ڏانهن نـ اُتساهي ها تـ آئون ڇهين گريڊ مان 20 گريڊ ۾ ڪڏهن بـ ڪونـ پهچي سگهان ها .
راشد مورائي گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هوندو هو. ساڳئي وقت استاد، شاعر، سياستدان، مخلص دوست، ترتيب صحيح آهي يا غلط اهو تـ هن جي دوستن تي منحصر آهي تـ هو ان کي ڪهڙي حوالي سان سڃاڻن ۽ ڏسن ٿا. مون کيس مٿين مان سواءِ هڪ جي باقي سڀني پهلوئن کان ويجهو ڏٺو. سائين جي ايم سيد جي ويجهو هئڻ جي ڪري هو سٺو جيئي سنڌ جو مخلص ورڪر هو. پاتال ۾ پيهي ويندڙ شاعري هوندي هئس. دوستن جو بـ هڪ وڏو وسيع دائرو هوندو هوس. ڪڏهن بـ حالتن سان سوديبازي نـ ڪيائين، پنهنجي نظريي تي آخري دم تائين اڏول بيٺو رهيو. منهنجي ڪنن تي سائينءَ جي شاعريءَ جي جيڪا پهرين سٽ پئي هئي، اچو تـ ان نظم جو هڪ بند توهان کي بـ پڙهائيندو هلان.
هي مفت جون مانيون ملان جون، جي اوڙو پاڙو آڻي ٿو،
سا کائي کائي خوش ٿئي ٿو ۽ مفت ۾ موجون ماڻي ٿو،
پوءِ ٽڻ مڻ، ٽڻ مڻ تسبيح تي، ٻي ڪار نـ ڪائي ڄاڻي ٿو،
هي ڪافر آ، هو ڪافر آ، تند اهائي تاڻي ٿو،
مان باغي هان، مان باغي هان
آئون جيترو بـ وقت ڳوٺ رهيس (اسلا آباد کان پهريائين ۽ مٺـياڻيءَ کان پوءِ) اسان جو پاڻ ۾ خطن جي ذريعي رابطو رهيو. پر اتفاق سان آئون جڏهن ڳوٺ ڇڏي اسلام آباد هليو آيس تـ خطن واري سلسلي ۾ ڪجهـ خلل پئجي ويو،تنهن هوندي بـ اسان هڪ ٻئي کي هڪ پل لاءِ وساريو ڪو نـ . مون کي اسلام آباد ۾ جيڪو موري جو ماڻهو ملندو هو تـ پهريائين راشد مورائي جو پڇندو هوس. جڏهن تـ سائين جو آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان جڏهن بـ ڪن دوستن سان ڪچھري ۾ ويهندو هو تـ منهنجو ذڪر ضرور ڪندو هو. اهو سندس مون ناچيز سان پيار ۽ خلوص هو. منهنجي عادت رهي آهي تـ آئون دوستن جا خط سنڀالي رکندو آهيان. جڏهن ڳوٺ هوندو هوس تڏهن بـ ائين ڪندو هوس ۽ هاڻي اسلام آباد ۾ پڻ ائين ئي ڪندو آهيان. منهنجي خيال ۾ خط اهو مقدس دستاويز آهي جيڪو ٻن دلين کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو ۽ ان زماني جي تاريخ پڻ ٻڌائي ٿو. سائين راشد مورائيءَ جيڪي مون کي ڳوٺ خط لکيا هئا، ان سان تاج جويو جا خط گڏي مون هڪ الڳ فائيل ٺاهي رکي ڇڏيو هو. جڏهن تـ باقي دوستن جي خطن جو فائيل الڳ هو. جيڪي امان ويهن سالن تائين ڳوٺ سنڀالي رکيا هئا. امان جو هي جهان ڇڏڻ کان پوءِ اهي خطن جا فائيل آئون اسلام آباد کڻي آيو هوس. منهنجي اها بدقسمتي آهي جو سائين راشد مورائيءَ ۽ تاج جويي جي خطن وارو فائيل ڪٿي مون کان گم ٿي ويو آهي. باقي دوستن جا خط سڀ پيا آهن. انهي سلسلي ۾ تازو آئون جڏهن ڳوٺ ويو هوس تـ هڪ نجومي کان فال ڪڍرائي هئم. ڪنهن محبوب جي ملڻ لاءِ نـ پر گم ٿيل خطن جي فائيل لاءِ. هُن مون کي ٻڌايو هو تـ اهو فائيل فلاڻي جاءِ تي پيو آهي. انهي ساڳئي جڳهـ تي ڪيترا دفعا اڳ ڳولي چڪو هوس پر فائيل ڪو نـ مليو. نجومي جي چوڻ کان پوءِ ڪاغذ ڪاغذ ڪري وري ڳوليم پر ڪو نـ مليو. آئون انهي نتيجي تي پهتو آهيان تـ هن ڪتاب ۾ مون جيڪي محمد ايوب لغاري جي لڳ لاڳاپن متعلق جيڪي خيال پيش ڪيا آهن اهي بلڪل ٺيڪ آهن. اڄ ئي ڪنهن دوست(نالو ظاهر نـ ٿو ڪريان ۽ ان کان هن ڳالهـ لکڻ جي معافي بـ وٺان ٿو. ) فيس بڪ تي پنهنجي اسٽيٽس ۾ لکيو آهي تـ “ نجومي منهنجو هٿ ڏسي مون کي چيو آهي تـ تون ڪنهن جي ياد ۾ مري ويندين” مون انهي تي لکيو هو “متان ڀليو آهين، هي نجومي ڪوڙا آهن، انهي جي پٺيان جيڪو لڳو انهي جا اسان ترا نڪرندي ڏٺا”. ها بقول شيخ اياز جي ”پاڻ هيئن نـ مرنداسين ساٿي، ڪا آگ لڳائي وينداسين ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين“ سو ڳالهـ پئي ڪئي سين راشد مورائيءَ جي خطن جي وڃي نڪتايسن نجومين کان. سائين راشد 2005 ع جي آخري مهيني ۾ مون کي اسلام آباد هڪ خط لکيو هو، خط تـ مختصر ۽ سادو لکيل آهي پر ان ۾ سندس دلي جذبا چٽا نظر اچن ٿا، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
Dated: 11-12-2005
ڏٺي ڏينهن ٿيامِ، ڪهـ ڄاڻان ڪهڙا پرين،
سهسين سج اُڀري، واجهائيندي ويام،
تن ريءَ سال پيامِ، جن ريءَ ساعت نـ سري. (شاهـ)
پيارا ڀاءُ نظام الدين. سدا سُکيا ستابا هجو.
حق موجود! ادا سائين، جيئن تـ مون ڏانهن دوستن جا آيل خط ڇپائڻ پيو چاهيان ۽ هر دوست جو هڪ خط کڻي، اٽڪل پنج سئو کن خطن جو مجموعو ترتيب ڏنو اٿم. هن مجموعي ۾ توهان ۽ مشڪور ڦلڪاري جو بـ هڪ هڪ خط شامل آهي. اڄ خط لکڻ جو مقصد هي آهي تـ، خطن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ جڏهن ماضيءَ جا ڪاڳر اُٿلايم تـ ڪيئي يادون تصور ۾ تري آيون. دل چيو تـ اوهان جو سڌُ سماءُ لهجي تـ اڄ ڪلهـ ڪهڙي حال ۾ آهيو.
مون 2004ع ۾ رٽائر ڪيو آهي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ادبي پورهئي کي ڇپائڻ طرف توجهـ ڏنو اٿم. تنهن ڪري هر وقت ڪتابن کي ترتيب ڏيڻ ۾ گذاريان ٿو. اهو ئي سبب آهي جو خانگي اسڪولن جي نوڪري واري آڇ کي ٺُڪرائي ڇڏيم. منهنجا چار ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. پنجون ڪتاب پريس ۾ آهي. جيڪو نئين سال 2006ع جي پهرين مهيني ۾ اچي ويندو. هن وقت ٻن ڪتابن کي ترتيب ڏيئي رهيو آهيان. جيڪي بـ 2006ع ۾ ڇپجي ويندا. توهان پاڻ بابت مڪمل احوال ڏيندا ۽ مشڪور بابت بـ معلومات هجي تـ لکندا ۽ اگر ملي وڃيو تـ کيس سلام چوندا. هن گڏ ايڊريس ۽ فون نمبر جو ڪارڊ موڪليان پيو. پنهنجي ايڊريس کان واقف ڪندا.
اوهان جو پنهنجو راشد مورائيءَ.
انهي سائين جي خط جي جواب ۾ مون سائين راشد مورائي کي هيٺيون خط لکيو. جيڪو سائين پنهنجي ڪتاب “ خط خوشي مان کول ” ۾ ڇپيو آهي. آئون اهو ساڳيو خط سائين جي پٽن جي اجازت سان هتي وري پنهنجي ڪتاب ۾ ڇپي رهيو آهيان.



اسلام آباد
3 جنووري 2006ع
سائين راشد صاحب. سدا خوش هجو.
توهان جي 11 ڊسمبر 2005 ع واري خط جو جواب اڄ ڪافي دير کان پوءِ ڏيئي رهيو آهيان، ڇو جو ڪجهـ وقت جي لاءِ دشمنن جي طبعيت ٺيڪ نـ هئي. تنهن ڪري جواب ۾ دير ٿي ويئي.
خبر نـ آهي اھا ڪهڙي گهڙي هئي جو توهان ۽ اسان جي وچ ۾ خطن جو نـ ٽٽندڙ سلسلو ٽُٽو هو. توهان جا مون وٽ کوڙ سارا خط محفوظ هئا، پر وقت جي اٿل پٿل جي ڪري چئي نـ ٿو سگهجي تـ اهو خزانو اڃان موجود آهي يا نـ، ڇو جو ڳوٺ کي ڇڏي 20 کن سال ٿيا آهن، خبر نـ آهي تـ خطن جا فائيل امان سانڍي رکيا آهن يا ضايع ٿي ويا آهن. هاڻي جيئن تـ هي خط اوهان جو منهنجي ڳوٺ پهتو تـ امڙ آرڊر ڪيو تـ خط نظام کي اسلام آباد پهچايو. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ شايد خطن جا فائيل ڳوٺ سانڍيل هجن.
ادل وقت وڏو بي رحم بادشاهـ آهي. زندگي هڪ وهندڙ درياهـ وانگر آهي جنهن ۾ هر چيز وهي وڃي ٿي. توهان تـ هر وقت مون کي ياد آهيو. ڪڏهن شاعريءَ جي حوالي سان تـ ڪڏهن موري جي حوالي سان. منهنجي جڏهن اوهان سان پهرين ملاقات ٿي هئي ان وقت آئون ڪچڙو جوان هيس ۽ اڄ زندگي جا 5 ڏهاڪا گذري ويا آهن. هر شئي بدلجي وئي آهي نـ بدليو آهي تـ توهان جو نظام.
توهان جا ڪتاب ڇپجي ويا آهن ۽ اڃان ڪجهـ پريس ۾ آهن. هاڻي اهي ڪتاب مون تائين ڪيئن پهچن؟ علم ادب سان اڃان بـ اها نِسبَت آهي جيڪا توهان جي معرفت نصيب ٿي. البت راهون ۽ رستا بدلجي چُڪا آهن. اڳي عشق پڙهبو ۽ لکبو هو ۽ ان جي عيوض هاڻي پيرن اگهاڙن ۽ بکايل انسانن جي نشاندهي ڪجي ٿي. مطلب تـ جيئرن جاڳندن ڪردارن جون ڪهاڻيون ٿيون لکجن. دولت جو وهڪرو هميشـ دولت ڏانهن هوندو آهي. دولت غريب وٽ ڇو نـ ٿي وڃي. اها هڪ اهڙي ٿيوري آهي جنهن کي ڪو بـ سمجهي نـ سگهيو آهي. اڄ جي دنيا جنهن جنگ ۽ جدال ۾ ڦاٿل آهي. اهو سڄو اقتصادي اڻ برابريءَ جو نتيجو آهي. اقتصادي بم گولي جي اڳيان بارود وارو ائٽم بم ڪا حيثيت نـ ٿو رکي.
مشڪور سان ملاقات گهٽ ٿيندي آهي. هر انسان جي ڊوڙ دولت پويان آهي. مشڪور بـ انهي ڪم ۾ رڌل آهي. وڌيڪ ٻئي دفعي ملاقات ٿيندي. چڱو خدا حافظ.
صرف اوهان جو پنهنجو
نظام الدين لغاري
فنانس ڊويزن، اسلام آباد
مون مٿي بار بار امان جو ذڪر ڪيو آهي. جيستائين امان زندهـ هئي تـ منهجن دوستن جا خط محفوظ هئا. جيئن ئي امان هي جهان ڇڏيو آئون پنهنجن پيارن جا خط نـ سنڀالي سگهيس. اها آهي ماءُ جي مامتا، جنهن منهنجي هر شئي سنڀالي رکي هئي.