مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

سيد لياقت علي شاهـ

سيد لياقت علي شاهـ

آئون اڳئي اهو ذڪر ڪري آيو آهيان تـ دوستيءَ جون سرحدون ۽ حد بنديون تمام پري پري تائين پکڙيل هونديون آهن. اهو ضروري ڪونهي تـ دوست رڳو ڪو ڳوٺ يا ساڳئي شهر ۾ رهندڙ هجي يا هم ڪلاسي هجي صرف ان سان ئي دوستي ٿي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ مون سان ائين نـ ٿيو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن بـ موڙ تي جيڪڏهن ڪو پيار ڪندڙ انسان ملي ٿو وڃي تـ اهو بـ دوست ٿي وڃي ٿو. جيئن مولانـا جلاالدين رومي جو قول اهي تـ “ پيار توهان ۽ هر شيءَ جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪم ڏئي ٿو . ” سو ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا ماڻهو مليا جو انهن جو ڏنل پيار ۽ قرب دل تي ائين نقش ٿي چٽجي ويو، جو انهيءَ جو مٽجڻ ناممڪن آهي. اهڙن ماڻهن ۾ منهنجي ننڍ پڻ جو دوست جنهن جو تعلق خيرپور ضلعي جي ٻٻرلوءِ سان آهي. منهنجي خيال ۾ اهي سال 1973ع جا شروعاتي مهينا هئا. منهنجو ڏاڏا سائين بيمار ٿيو هو، جنهن کي شگر جي بيماريءَ هئي ۽ انهي بيماري جو ان زماني ۾ خاص ڪري پاڪستان ۾ خاطر خواهـ علاج اڃان ڪو نـ آيو هو. مون کي ياد ڪونهي تـ ڪو انسولين ان زماني ۾ موجود هئي. اسان جي مريض کي سول اسپتال حيدر آباد ۾ ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي جي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو. هڪ ڏينهن صبح جو سوير پاسي واري بيڊ تي هڪ نوجوان نينگر کي کڻي آيا. اهو مون کي ياد ڪونهي تـ ان کي بيماري ڪهڙي هئي. البت نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي. ان سان ڪيترا ماڻهو گڏ هئا اها بـ يادگيري نـ اٿـم. ها البت انهيءَ سان گڏ منهنجي هم عمر جيترو نوجوان پڻ گڏ هو. ان جو نالو سيد لياقت علي شاهـ هو. پاڻ ٻڌايائون تـ هو ٻٻرلوءِ سان تعلق رکن ٿا. انهي سنڌ جي شهر جو نالو منهنجو پهريون دفعو ٻڌو هو. غالبن اهو مريض جو وڏو ڀاءُ هو. انساني ۽ اخلاقي طور منهنجو بـ فرض هو تـ آئون انهن نون آيلن جي مدد ڪريان. انهن مون کان پاڻي پيئڻ جي لاءِ گلاس گهريو، جيڪو مون هنن کي ڏنو هو. ان کان پوءِ جيترو وقت اسان اسپتال ۾ رهياسين تـ اسان گڏ رهياسين. هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ اسان کي اسپتال مان موڪل ٿي تـ اسين ڳوٺ هليا وياسين. شاهـ صاحب وارا اڃان اسپتال ۾ هئا. اسپتال مان موڪلائڻ وقت اسان هڪ ٻئي کان خط جون ايڊريسون ڏنيون ۽ ورتيون هيون. ائين اسپتال جي ٻن ٽن ڏينهن جي ملاقات اسان جي دوستي ۾ تبديل ٿي وئي هئي. اها تـ سڀ ڪنهن کي خبر آهي تـ شگر جو مريض هروڀرو سيرئس نـ هوندو آهي ۽ وڃڻ وقت رات جو سڪون سان الله توهار ڪندو آهي. آئون بـ 32 سالن کان شگر جو مريض آهيان، مون سان بـ ائين ٿي سگهي ٿو. خير ڳالهـ پئي ڪئيسين سيد لياقت علي شاه جي. هي ڪهاڻي اڄ کان 40 سال اڳ جي آهي. ان زماني ۾ بهترين ملاقات جو ذريعو خط هوندو هو. سو اسان جو بـ هڪ قسم جو باقائدگي سان خطن جو سلسلو شروع ٿي ويو. شاهـ صاحب جا مون وٽ هن وقت 28 خط موجود آهن، جيڪي 35 کان 40 سال پراڻا آهن. اهو بـ ممڪن آهي تـ ڪجهـ خط مون کان هيٺ مٿي ٿي ويا هجن. ان وقت لفافي جي قيمت 80 پئسـا هوندي هئي. انهي وچ ۾ شاهـ صاحب هڪ دفعي مون وٽ ڳوٺ بـ آيا هئا. گلاب لغاري واري بس تـ انگريزن جي زماني کان مشهور هئي تـ ڪڏهن بـ وفا نـ ٿي ڪري. هو اتر سنڌ جو ماڻهو لاڙ سنڌ ۾ منهنجي محبت ۽ پيار ۾ ڇڪجي سوين ڪلوميٽر پنڌ ڪري رات جو 11 بجي مون وٽ اچي پهتو هو، انهي کي ئي تـ سڪ ۽ پيار چئبو آهي. ورنـ ڪير ڪنهن جي لاءِ رات جو لُنڊيون لتاڙي ٿو اچي. جڏهن تـ هڪ رات لاءِ آئون بـ وٽس مهمان ٿيو هوس ۽ جيڪا حسرت کڻي ويو هوس اها پوري نـ ٿي هئي. جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ارمان اٿم، اڳتي هلي جڏهن ايڪنامڪس ۾ پڙهيو هوم تـ سڀني خواهشن جو پورو ٿيڻ ممڪن ڪونهي، ڇو جو خواهشون لامحدود هونديون آهن . ان جي مقابلي ۾ وسيلا محدود هوندا آهن. انهي تي اقتصادي ماهرن جون مون تي ضرور آڱريون کڄڻ گهرجن، ڇو جو اقتصاديات ئي ناڻي جو علم آهي. مطلب تـ آئون لياقت علي شاهـ کان ڪي پئسـا وٺڻ ويو هوس. نـ نـ ائين ڪونهي. اقتصاديات جي هڪڙي ٻي وصف اها بـ آهي تـ هر اهي خارجي توڙي داخلي عمل، جنهن سان روح کي راحت نصيب ٿئي. انهي کي بـ اقتصادي عمل چئي سگهجي ٿو. سائين جي ايم سيد ۽ گانڌي جيڪي وطن جي آزاديءَ لاءِ ڪشالا ڪٽيا، ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺا. ان کي پڻ اقتصاديات جي دائري ۾ آڻي سگهجي ٿو تـ پوءِ مون جيڪا لياقت علي شاهـ مان تمنا ۽ آرزو رکي هئي ۽ اها پوري نـ ٿي تـ اهو بـ اقتصادي عمل ٿي سگهي ٿـو. مون هينئر جڏهن سائين لياقت علي شاهـ جا خط کڻي پڙهيا آهن تـ خوشي بـ ٿي آهي تـ افسوس پڻ. خوشي ان ڪري جو مون پنهنجي دوست جا خط وڏي عرصي تائين سنڀالي رکيا آهن. جڏهن تـ افسوس ان ڪري جو منهنجي نالائقي جي ڪري اهو خطن جو سلسلو خبر نـ آهي تـ ڪڏهن کان ٽٽي ويو. انهن خطن ۾ هر حال احوال پيو ڏبو وٺبو هو. ان وقت مذهبي رواداري تمام گهڻي هوندي هئي، هنن هيڏن سارن خطن ۾ اسان ڪڏهن بـ مذهب تي هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ نـ ڪئي. زماني جا ٻيا موضوع زير بحث ضرور رهيا آهن، جهڙوڪ پڙهائي، نوڪري، بيروزگاري، جيل ۽ هڙتالون وغيره جهڙا موضوع بحث هيٺ ايندا رهندا هئا. مون مذهب جي بنياد تي ڪڏهن بـ دوستن کي الڳ الڳ خانن ۾ نـ رکيو آهي. هندو، مسلمان، شيعا، سني سڀ منهنجا هڪ جهڙا دوست آهن. هاڻي فيس بڪ جي اچڻ کان پوءِ اها حالت وڃي ٿي آهي جو نـ عورت جي خبر نـ مرد جي خبر، نـ ٻار جي خبر نـ جوان جي خبر. تنهن ڪري آئون اهو چئي سگهان ٿو تـ منهنجو ڪو ننڍي ۾ ننڍو دوست بـ ٿي سگهي ٿو تـ ڪو جهوني ۾ جهونو دوست بـ ٿي سگهي ٿو. ها البت ڪٽرپڻي کان ٿورو پاسيرو رهندو آيو آهيان. اٽو ٻڌي تبليغين وانگر ڪنهن جي پٺيان نـ لڳندو آهيان. هتي شاهـ صاحب جا سڀ خط شايع ڪرڻ کان تـ آئون قاصر آهيان پر نموني خاطر سندس هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو. هي جيڪو هيٺ خط ڏجي ٿو غالبن سائين جو اهو پهريون خط آهي، جيڪو هن منهنجي خط جي جواب ۾ لکيو آهي. شاهـ صاحب جي اڪثر خطن تي ڪا تاريخ وغيره لڳل نـ هوندي هئي. گهڻو عرصو گذري وڃڻ جي ڪري اهو چئي نـ ٿو سگهجي پهريان ڪهڙو خط آيو ۽ پوءِ ڪهڙو آيو.
پيارا ڀاءُ مسٽر نظام الدين، خوش هجو شال تا قيامت.
اسلام اعليڪم، جي عرض تـ هت سڀ خير اهي ۽ مولا پاڪ جي فضل و ڪرم سان اوهان ڀائرن ڏانهن بـ سڀ خير هوندو.
المطلب تـ مون کي ادا نوڪري ملي وئي آهي. سو حال في الحال اسان کي ٺري مير واهـ رکيو اٿن. پيارا ڀاءُ مون کي عوامي ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام ۾ مارڪيٽ اسسٽنٽ ڪري رکيو اٿن. پيارا ڀاءُ اوهان کي تمام گهڻي خوشي ٿي هوندي. ادا آهيون تـ هڪ ٻئي کان تمام پري جو هڪ ٻئي کي دل جا احوال ڪيون. پيارا ڀاءُ اوهان ڪڏهن اسان جي ڳوٺ قرب جا پير ڀري ايندا. سو پيارا ڀاءُ مان سمجهان ٿو تـ اوهان ستت اسان وٽ ايندا، ادا سائين اميد تـ اها ئي آهي. ٻيو احوال تـ اوهان جا ڪافي ڪجهـ خط مليا آهن. سو سڀني کي پڙهيو آهي. سڀني ۾ ائين لکيل آهي تـ جيڪڏهن ننڍي ڀاءُ تي ڪا ڪاوڙ هجي تـ معاف ڪندا. ادا اسان پرديسي غريبن جي اوهان تي ڪهڙي ڪاوڙ هوندي. پيارا ڀاءُ اوهان تـ تمام گهڻا ڪاوڙيا هوندا. پر مان اميد ٿو ڪريان تـ اوهان مون تي انشاالله پنهنجي ڪاوڙ، هن خط پهچڻ شرط لاهي ڇڏيندا. ادا اسان ٻـ ٽي ڏينهن نوڪري جي ڀڄ ڊڪ ۾ هئاسين جو اوهان ڏي خط نـ لکي سگهياسين. سو هاڻي ٻن ٽن ڏينهن ۾ انشاالله اوهان وٽ خط اچي ٺڪاءُ ڪندو. انشاالله اوهان خطن کان بيزار ٿي ويندا. خط جي جواب جي ڪجهـ عنايت ڪندا. هاڻ اسان هڪ پارٽي ٿا ڪريون، جنهن ۾ سڀني دوستن کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني بـ آهي ۽ اوهان کي بـ ڪوٺ ڏجي ٿي تـ 16-2-1974 تي ٻن چئن ڏينهن لاءِ سڌو ٻٻرلوءِ اچو. اسان جي اچڻ جو پتو هي آهي. پهريان حيدرآباد مان ٽڪيٽ وٺو سکر جي لاءِ،اتان پڇا ڪندا تـ خيرپور بس ڪهڙي ٿي وڃي. پوءِ خيرپور واري بس ۾ چڙهي، ڪنڊيڪٽر کان پڇا ڪندا تـ ٻٻرلوءِ هلي لاهـ. پوءِ اتان منهنجو جنهن کان پڇندا تـ ٻڌائيندو.
ايڊريس. سيد لياقت علي شاهـ مارڪيٽ اسسٽنٽ معرفت ڊاڪٽر مرتضيٰ ضلع خيرپور ميرس تعلقـو ٺري مير واهـ، پوسٽ آفيس ٺري ميرواهـ، عوامي ڳوٺاڻو ترقياتي پروگرام.
فقط سيد لياقت علي شاهـ. .

هن خط ۾ ڏنل پارٽي جي دعوت واري تاريخ مان پتو پوي ٿو تـ آئون اڃان نوڪري ۾ ڪو نـ آيو هوس. ڇو جو منهنجي نوڪري تي چڙهڻ جي تاريخ 11-4-1974 آهي. ساڳئي طرح منهنجي جسماني ۽ منهنجي دوست جي ذهني بلوغت جو اندازو بـ هن خط مان ڀلي ڀت لڳائي سگهجي ٿو. اسان ديس ۾ هوندي بـ پنهنجو پاڻ کي پرديسي پيا چوندا هئاسين. پر اهو سچ آهي تـ پيار، محبت ۽ دوستي، ياري جي ڪا حد مقرر نـ هوندي آهي. انهي جي پکيڙ ۽ هڳاءُ پري پري تائين پسيو ۽ محسوس ڪيو ويندو آهي. هن خط جي تجزيئي مان اسان ٻنهي جي ذهني هم آهنگي ظاهر ٿئي ٿي. انهن خطن جي اها خوبي آهي جو اسان دوستن کي تقريبن ڏهن سالن تائين ڳنڍي رکيو. هاڻي جڏهن 35سالن کان پوءِ خطن جو فائيل ڪڍي پڙهڻ ويٺس تـ ائين لڳو تـ هي ڪو قصو اڄ جو آهي. ان جي مقابلي ۾ اڄ جي جديد دور ۾ انهي کان وڌيڪ تڪڙا ۽ سٺا پيغام رسائڻ جا ذريعيٰ ۽ وسيلا موجود آهن پر اهي انهي لکپڙهـ واري طريقي کي ايترو وڏو عرصو محفوظ ڪري نـ ٿا سگهن. مون کي ياد نـ آهي تـ مون پنهنجن خطن ۾ ڇا لکيو هوندو. وقت جي وڇوٽي جي ڪري هر شئي ميٽجي وئي آهي. صرف نـ مٽيو آهي تـ اهو پيار، جيڪو اسان هڪ ٻئي کي ڏنو هو ۽ اڃان بـ آهي. جڏهن تـ اسان جي ملاقات کي لڳ ڀڳ 35 سال ٿيڻ وارا آهن.