مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

فراز علي شيخ

فراز علي شيخ

ٿامس جيفرسن جون چيل هي سٽون “ هڪ طرف ظالماڻي روش جي جبلت آهي تـ ٻئي طرف خراب خوار ڪندڙ نهٺائي. انسان کي پنهنجون خصلتون ۽ لڳ لاڳاپا انهن جذبن کان صاف ۽ پاڪ رکڻ گهرجن” جيڪي هن پنهنجي ڪتاب Freedom and the State ۾ ڪنهن هنڌ لکيون آهن. اهي تڏهن مون کي ياد آيون، جڏهن هن منهنجي نوجوان دوست سان فيس بڪ تي تکائي مٺائي ٿي پئي هئي. مون هن جي ڪنهن فيس بڪ جي اسٽيٽس تي سنڌي ۾ ڪجهـ لکيو هو. جواب ۾ هن نوجوان مون کي ڏاڍي احترام واري لهجي ۾ چيو هو تـ “ انهي توهان جي ڪمينٽس کي انگريزي يا اردو ۾ ترجمو ڪريو، جيئن آئون سمجهي سگهان. ” مون جذبات ۾ اچي هن سان ٿيل ڳالهـ ٻولهـ مٽائي (Delete) ڇڏي هئي ۽ جواب ۾ مون هن کي سنڌي ٿي پنهنجي مادري ٻولي نـ اچڻ جو مهڻو ڏنو هو. مون فيصلو ڪيو هو تـ هن نوجوان سان لڳ لڳاپا نـ رکبا. ائين هڪ ٻـ ڏينهن گذري ويا، انهي وچ ۾ مون مٿيون ڪتاب پڙهيو پئي تـ انهن سٽن تي نظر پئي، جيڪي مون مٿي حوالي طور ڏنيون آهن. انهن سٽن منهنجي ذهن ۾ هڪ قسم جو پڇتاءُ ۽ ملامتن جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو هو. ضمير مون کان سوال ڪيو تـ ”ڇا سنڌي ٻولي انهي هڪڙي نوجوان تي اچي بيٺي آهي؟” مون سوچيو هو تـ منهنجي هن غلط ۽ منجهيل روش تي هن مون کي ضرور Unfriend ڪري ڇڏيو هوندو، پر ائين نـ ٿيو هو. مون کي لڳو تـ مٿيون ڪتاب هن مون کان اڳ ئي پڙهي ۽ هنئين سان هنڊايو آهي. باوجود منهنجن طعنن ۽ مهڻن جي هي منهنجو نوجوان دوست مون کي لائڪ بـ ڪندو رهيو آهي تـ ڪمينٽس بـ ڏيندو رهيو. انهي کان وڌيڪ سندس ڪردار ۽ اخلاق کي ماپڻ جو مون وٽ ڪو بـ ماڻ ۽ ماپو ڪو نـ هو. مون فيصلو ڪيو تـ کانئس اردو ۾ معافي وٺا. ڳالهـ وري بـ انهي نڪتي تي اچي بيٺي جنهن نڪتي تان اسان جي اختلافن جنم ورتو هو. فرق صرف اهو هو جو هي منهنجو نوجوان دوست جذبات کان پاڪ هو ۽ ان جي مقابلي ۾ آئون جذبات جي وهڪري ۾ وهي رهيو هوس. جڏهن انهي جذباتي وهڪري مون کي ڌڪي ڪنهن ويران رڻ ۾ اچي ڦٽو ڪيو تـ منهنجي اندر جي انسان مون کي جهنجهوڙي ڇڏيو هو ۽ مون اردو ۾ ڪجهـ هي سٽون لکڻ شروع ڪيون هيون. “پيارا ڀاءُ فراز، الله اوهان کي خوش رکي، آئون معافي ٿو چاهيان جنهن ڏينهن اسان سنڌي ۽ اردو جي وچ ۾ اٽڪي پيا هئاسين. توهان جا فيس بڪ تي “لائڪ” ڏسي آئون شرمندو ٿيو آهيان. وڏي هئڻ جي حيثيت سان مان معافي ٿو وٺان. توهان جي سنڌي ۽ منهنجي اردو جو ڪو حال ڪونهي. ” ائين هي با اخلاق ۽ با ڪردار نوجوان مون سان وري ٻيهر فيس بڪ تي جُڙجي ويو هو. منهنجي هن سان اڳ ڪنهن بـ قسم جي ڪا بـ ملاقات ڪو نـ هئي، نـ ئي وري ڪا اهڙي خواهش بـ آهي. اُن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين فراز علي شيخ مون سان هميشه سنڌي رومن ۾ مخاطب ٿيندو آهي. جيئن ئي آئون سندس سنڌي رومن تي چڱي طرح غور ڪندو آهيان تـ مون کي مرحوم حليم بروهي ياد اچي ويندو آهي، جنهن وڏي پيماني تي مهم هلائي هئي تـ سنڌي لکڻ واري ٻولي کي عربي لِپي مان تبديل ڪري رومن لِپي ۾ لکيو وڃي. هاڻي جڏهن فراز علي شيخ جي سنڌي، رومن لِپي ۾ پڙهندو آهيان تـ مرحوم بروهي صاحب جي چيل ڳالهـ تي يقين ٿيڻ لڳندو آهي. ڇو جو فراز علي شيخ 98 سيڪڙو سنڌي ٻولي رومن لِپي ۾ صحيح لکندو آهي.
مون جڏهن فراز علي شيخ جي ماضي ۾ ليئو پاتو تـ اسان جي دردن هڪ ٻئي کي سڃاڻي ورتو هو. جڏهن هن ٻڌايو تـ “آئون (فراز) ٽن سالن جو هوس تـ بابا هي جهان ڇڏي ويو هو. ” هي اهي لفظ هئا جيڪي آئون ڪنهن جي واتان ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نـ هوندو هوس. آئون (نظام) جڏهن ستين ڪلاس ۾ هوس، بابا عدم جي راهـ ورتي هئي. اڄ مون زندگي جون سڀ آسائشون ماڻيون آهن،پر مون کي اها خبر نـ آهي تـ بابا جو پيار ڇا ٿيندو آهي. هر ڪاميابي کان پوءِ اندر ۾ هڪ احساس جنم وٺندو آهي تـ “ ڪاش اڄ بابا هجي ها،” انهن اندروني احساسن جي تپش جو قدر صرف انهي کي هوندو آهي، جنهن جي مٿان اهڙي قسم جي باهـ جا ڀنڀٽ ڀڙڪيا هوندا. اهو سچ آهي تـ “ جتي باهـ ٻري اها جاءِ جلي”
مون کي لڳي ٿو تـ فراز علي شيخ عملي دنيا ۾ هلي ريسرچ جو ماڻهو ٿيندو. هن جو ذهن ڪجهـ اهو ٻڌائي ٿو. هن کي هر وقت منهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ جي جستجو رهندي آئي آهي. عملي طور آئون بـ ريسرچ جو ماڻهو رهيو آهيان. ريسرچ ۾ مزو تڏهن اچي ٿو جڏهن توهان ڪنهن شيءَ کي ڳوليو، اها نـ ملي. جيئن ڀٽائي گهوٽ چيو آهي تـ،
ڳوليان ڳوليان شال م ملان هوت
من اندر جا لوچ مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي
ڪنهن ماڻهو مان انفارميشن حاصل ڪرڻ جو فن پڻ فراز علي شيخ وٽ آهي. هن مون بابت ڪجهـ تفصيل ڄاڻڻ ٿي چاهيو. انهي جي مقابلي ۾ مون اهو تفصيل روڪڻ ٿي چاهيو تـ جيئن ڪجهـ اهڙيون ڳالهيون ڪتاب ۾ اچن جيئن پڙهندڙن جي لاءِ ڪجهـ تجسس باقي رهي. هن مون کان منهنجو ڳوٺ پڇڻ ٿي چاهيو، تـ مون گول جواب ڏنو تـ آئون اسلام آباد جو سنڌي آهيان. انهي ۾ 100 سيڪڙو سچ آهي تـ منهنجو گهر اسلام آباد ۾ آهي، پر هي دوست انهي منهنجي جواب تي مطمئن نـ ٿيو. يڪدم جواب ڏنائين تـ منهنجو ڳوٺ “مٺياڻي” آهي. ”توهان ڪٿي جا آهيو. ” مٺياڻي جو لفظ ڏسي ۽ ٻڌي آئون ڇرڪي ويو هوس، ڇو جو پورو هڪ سال آئون ماستري جي ٽريننگ مٺياڻي ۾ ڪندو رهيو آهيان. تقريبن انهي وقت آئون الهڙ جوان هوندو هوس ۽ انهي گلابي جواني ۾ مون کي مٺياڻي ۾ جيڪو پيار ۽ خلوص مليو، انهي جو آئون اڄ ڏينهن تائين ڪو ملهـ ڪَٿي نـ سگهيو آهيان، نـ ئي ڪو اهو قرض چُڪائي سگهندس. انهي جو تفصيلي ذڪر آئون اڳين صفحن ۾ ڪري چڪو آهيان. هتي ورجآءُ ٿيندو. پر فراز علي شيخ جون مون سان ميسينجر تي ٿيل تکيون، مٺيون ۽ با اخلاق ڳالهيون ۽ سندس فيس بڪ تي لکيل ڪمينٽس مون کي مجبور ڪيو تـ هن نوجوان کي پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪريان. انشا الله تعليٰ فراز علي شيخ مستقبل جو ڪامياب انسان ثابت ٿيندو.
مون وٽ تـ منهنجي هن نوجوان دوست جي اخلاق ۽ ڪردار تي لکڻ لاءِ کوڙ ساريون ڳالهيون موجود آهن پر مون وٽ اهڙا لفظ ئي نـ آهن جو انهن لفظن کي سنواري سجائي هن بابت ڪجهـ لکي سگهان. انهي لاءِ مون کي وري ٻيهر اُٺ ڪتابن جا پڙهڻا پوندا، جنهن لاءِ مون وٽ وقت باقي نـ بچيو آهي. مون کي لڳي ٿو تـ فراز علي شيخ تان فيس بڪ جو بخار آهستي آهستي لهڻ لڳو آهي. جيڪڏهن انٽر ميڊيئٽ تائين هن خوب محنت ڪئي ۽ ڪتابن سان پنهنجي پاڻ کي سلهاڙي رکيو تـ هن جو مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو، جنهن جي مون کي قوي اميد آهي.