ڄمڻ
آئون لاڙ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ،گلاب لغاري تعلقي ماتلي، اڳوڻو ضلعو حيدرآباد، هاڻي ضلعي بدين ۾ 10 ڊسمبر 1955 ع تي صبح جو 8 وڳين پيدا ٿيس. پر سرڪاري اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ منهنجي ڄمڻ جي تاريخ 15 جون 1955 ع لکيل آهي، جيڪا سرڪاري رڪارڊ ۾ لکيل آهي اهائي تاريخ پيدائش سمجهي ويندي آهي. ان وقت پاڪستان جو وجود اڃان پهرين ڏهاڪي ۾ هو ۽ جمهوريت اڃان بانبڙا پي پاتا. ملڪ ۾ پهرين مارشل لا جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي چڪا هئا. ون يونٽ بـ لاڳو ٿي چڪو هو، سونهاري سنڌ پنهنجو الڳ وجود وڃائي چڪي هئي. قراداد مقاصد جي آڌار تي حڪمرانن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائون. مطلب تـ منهنجي هن دنيا ۾ اچڻ وقت ملڪ جا حالات ڪي سٺا ڪونـ هئا، جيڪي اڄ تائين هيڻا ۽ ڪمزور پي رهيا آهن. ورهاڱي جا وڍ اڃا تازا ئي هئا. اسان جا وڏا ملڪ جي آزادي وارو سال بجاءِ واڻين جي ڀاڄ وارو سال ڪري ياد ڪندا هئا. ايوب خان جي مارشل لا اڃا تازو ئي 1958ع لڳي هئي. تنهنڪري ماڻهن ۾ وڏو خوف ۽ هراس پکڙيل هو. ڇو جو سنڌ جي ماڻهن مارشل لا نـ ڪڏهن ٻُڌي ۽ نـ وري ڪڏهن ڏٺي هئي. 1943ع ۾ جيڪا انگريزن سنڌ تي مارشل لا مڙهي هئي، اها صرف سانگهڙ جي ڪجھـ علائقن تائين محدود هئي. مقصد صرف هو حرن کي قابو ڪرڻ، جنهن متعلق محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي “سانگهڙ” ناول ۾ لکيو آهي تـ ”انهي ٻاهران آيل ڦورو ۽ لٽيرن جي طرفان مارشل لا جي نتيجي ۾ 1938 ع کان وٺي 1947 ع تائين سندن ڇاڙتن طرفان اٽڪل 20 هزار سنڌي مارجي ويا ۽ هڪ لک جي لڳ ڀڳ قيد ڪيا ويا. هي سڀ ماڻهو پير صاحب پاڳاري جي اڳواڻي ۾ انگريزن سان انهيءَ ڪري اٽڪيا هئا تـ جيئن هو برصغير خالي ڪن، انهيءَ جي نتيجي ۾ انگريزن انهن تي ظلم ڪيا . جڏهن گورن، پير صاحب کي ڦاسي ڏني، حرن کي شهيد يا قيد ڪيو ويو، تڏهن بـ انهن خلاف نفرت گهٽ نـ ٿي. انهي سياسي هلچل جي ڪري انگريزن هندستان کي ٽوڙي ٻـ ملڪ، هندستان ۽ پاڪستان ٺاهيا. انهي جي نتيجي ۾ وڏو انساني بحران پيدا ٿيو. انڊيا جا اردو ڳالهائيندڙ مسلمان پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. جڏهن تـ پنجاب ۾ پنجابين جي گهڻائي آباد ٿي. ان وقت پوري هندستان ۾ 83 جي لڳ ڀڳ انڊين مسلمان ICS (يعني اندين سول سروس ) ڪري وڏن عهدن تي فائز هئا. انهن ورهاڱي وقت پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. جنهن ۾ صرف هڪ اعليٰ عملدار، جنهن جو تعلق سنڌ جي شهر پاٽ ضلعي دادو سان هو. مسٽر آفتاب غلام نبي قاضي،جيڪو پنهنجو پاڻ کي AGN QAZI لکندو ۽ سڏائيندو هو. قاضي صاحب سرد جنگ (Cold War) دوران فيڊريشن ۾ اعليٰ عهدي تي سنڌ جي نمائندگي ڪندو رهيو. مون کيس فيڊرل سيڪريٽري، گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڏٺو . موجوده دور ۾ اهي ٽئي پوزيشنون پاڪستان ۾ وڏا عهدا سمجهيا وڃن ٿا. انهن ۾ صرف قاضي صاحب ئي سنڌي ڳالهائيندڙ هو، باقي سڀ اردو ڳالهائيندڙ مسلمان هئا. انهن مان ڪي ڪراچيءَ جا ڪمشنر ٿيا تـ ڪن وڃي اندروني سنڌ جي ضلعن جون واڳون سنڀاليون، جنهن تي امر جليل بي اختيار چئي ڏنو هو تـ “ انگريز سوٽ لاهي شيرواني پائي آيو آهي. ” انهن مان نواب شاھ جو ڊپٽي ڪمشنر مسعود کدرپوش ( کاڌي جا ڪپڙا پهرڻ وارو) هو. هن صاحب لاهور مان پناهگيرن جون ٻـ ريل گاڏيون ڀرائي نوابشاھ ۾ اچي آباد ڪرايون. سنڌي سکن جو قتل عام ڪرايو، هندن جا ڀَريا ڀُڪنا گهر ۽ مختلف شين جي دڪانن جا تالا ٽوڙي پناهگيرن جي حوالي ڪيا ويا. ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي جڏهن اهڙي شڪايت وزير اعظم لياقت علي خان سان ڪئي تـ ان جواب ڏنو تـ “سنڌ فتح ٿيل علائقو آهي. ” مطلب تـ هي آيل فاتح ٿيا ۽ اسان اصل باشندا مفتوح، ڳالهـ وري وڃي آريا ۽ اڻ آريا تي پهتي. آرين ئي اڻ آرين کي چيو هو تـ اسان ئي توهان کي سڀڪجهـ سيکاريو آهي. هنن اسان جي مسلمان ڀائرن پڻ اها ٻولي ڳالهائي. ايتريقدر جو ان وقت جي پناهگير وزيراعظم لياقت علي خان اهو چيو تـ “ سنڌين جي ڪلچر آهي گڏهون هڪلڻ”. انهي گڏهن واري ڳالهـ تي ڪامريڊ مير محمد ٽالپر واري ڳالهـ ياد اچي ٿي، هو پنهنجي ڪتاب “موچارا مُنهن ڪارا مُنهن” ۾ لکي ٿو تـ “آئون ميرپورخاص جيل ۾ هوس مون سان گڏ هڪ پناهگير قيدي بـ هوندو هو. هو هميشـ سنڌين کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ مختلف ڳالهيون ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن مون کي چيائين تـ سنڌي گڏهن سان بدفعلي ڪندا آهن” ان تي مون جواب ڏنومانس تـ “ جڏهن کان توهان هندستان مان آيا آهيو اسان اهو ڪم ڇڏي ڏنو آهي” خير ڳالهين ڳالهين ۾ ڪامريڊ جو ذڪر وچ ۾ اچي ويو. ڳالهـ پئي ڪئي سين مسعود کدر پوش جي. هُن صاحب نواب شاھ ۾ هڪ ٻـ هارين جا جلسا ڪرايا تـ اسان جي هاري پارٽي جي اڳواڻن کڻي ڪلهن تي کنيس. ٻئي طرف سندن سنڌ دشمن ڪردار اهو هو جو جڏهن انڊيا کان هجرت ڪري اردو ڳالهائيندڙ بيوروڪريسي سنڌ ۽ پاڪستان پهتي تـ انهن پهرين پنهنجن ماڻهن کي آباد ڪرڻ شروع ڪيو. هتي اصل سنڌ جا رهواسي ائين دربدر ٿيندا رهيا. ايتريقدر جو جن حرن پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ انگريزن سان مهاڏو اٽڪايائون. نتيجي طور انهن کي لوڙهن ۽ جيلن ۾ واڙيو ويو. انهن جي ڪنهن بـ سار نـ لڌي. پاڪستان 1947ع ۾ قائم ٿي ويو پر حُر ستن سالن کان پوءِ آزاد ڪيا ويا، يعني 1954ع ۾ انهن کي آزادي ملي. ڇو جو اسان جي هندوستان مان آيل بيوروڪريسي پنهنجن کي ورسائڻ ۾ پوري هئي ۽ سنڌي انهن جي نظر ۾ مفتوح قوم هئي.
انهيءَ سلسلي جو هڪ ٻيو واقعو بـ ٻڌندا هلو. شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي تـ “آزادي کان ترت پوءِ حشوڪيولراماڻيءَ تي ڪراچيءَ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ان جو وڪيل آئون (شيخ اياز) هوس ۽ جج مسعود کدر پوش هو”. هي هڪ ٻئي کي اڳئي سڃاڻندا هئا، جج حشو کي مخاطب ٿيندي چيو تـ “حشو تون هندستان ڇو نـ ٿو وڃين” حشو جواب ڏيندي چيو تـ “هي سنڌ منهنجو ملڪ آهي آئون پنهنجي ماءُ کي ڇڏي نـ ويندس” تنهن تي مسعود کدڙ پوش ڪاوڙ مان لال ٿي چيو تـ “ اسان اوهان سنڌين کي ريڊ انڊين وانگر ڪري ڇڏينداسين” اهي هئا هڪ پناهگير بيوروڪريٽ جا سنڌين بابت جذبات ۽ ٻئي طرف اسان جا هاري پارٽي وارا دوست کڳيون ۽ بغليون هڻندي ڪونـ ٿڪبا هئا تـ کدر پوش هاري همدرد آفيسر آهي. مسلمان بيوروڪريسي بابت ڪجھـ وقت اڳ ”ڊان“ اخبار ۾ هڪ فيچر ڇپيو هو، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو تـ ڪيئن نـ ورهاڱي وقت مسلمان آفيسر شاهي پنهنجي هر شيءَ داءَ تي لڳائي حب الوطني جي جذبي سان سرشار ٿي پاڪستان آئي هئي. مون انهي جي جواب ۾ ان وقت جي نوڪرشاهي بابت لکيو تـ ڪيئن نـ انهن پنهنجن کي ورسايو ۽ اصل سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو، اڪثر “ڊان” اخبار وارا منهنجون لکڻيون ڇاپيندا رهندا هئا پر انهي خط کان پوءِ انهن منهنجي اي ميل بلاڪ ڪري ڇڏي. لڳي ٿو تـ اتي ڪو ساڙ سڙيل رٽائر بيوروڪريٽ ويٺل هوندو، تنهن منهنجي ID بلاڪ ڪري ڇڏي. سو ڳالھـ پي هلي ايوب خان جي مارشل لا جي. هي ايوب جي مارشل لا سڀني پاڪستان جي وحدت ۾ شامل ننڍن قومن کي قابو ڪرڻ لاءِ هئي، جنهن ۾ بنگالي، سنڌي، پٺاڻ ۽ بلوچ اچي وڃن ٿا. تنهنڪري انهي کي ڪافي سخت نموني سان لاڳو ڪيو ويو هو. ايتريقدر جو ننڍن وڏن واپارين وٽ جيڪي کنڊ جون ٻوريون ذخيره ٿيل هيون، پوليس جي ڇاپن جي ڊپ کان راتو رات انهن واهن ۽ شاخن ۾ لوڙهي ڇڏيون، ڄڻ ائين ٿي لڳو تـ حڪومت کير ۽ کنڊ جون نهرون وهائي ڇڏيون هيون. اهو هو ان وقت جو مختصر طور سياسي، سماجي ۽ اقتصادي پسمنظر، جنهن ۾ منهنجو ڄمڻ ٿيو.