اچوڙي سورن واريون
ڊاڪٽر امان ميمڻ
انسان جي اها جبلت آهي تـ هو مختلف طريقن سان پنهنجي ذات جو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي . انسان تـ ڇا! هر جاندار ڪنهن نـ ڪنهن حيلي بهاني سان پنهنجي ذات جو اظهار ڪندو رهي ٿو. جڏهن ڪو راڳيءَ ڪَن تي هَٿ رکي “الوميان” آلاپي ٿو تـ اصل ۾ هو پنهنجي اندر جي احساسن کي الاپڻ جي صورت ڏي ٿو. اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو شاعر، شعر قلم بند ڪري ٿو تـ اهو بـ پنهنجي اندر جي وارداتن جي صورتگري ڪري ٿو. جڏهن مور پنهنجا پرڙا کولي وايو منڊل ۾ ڪئي انڊلٺون اُڀاري وجهي ٿو تـ اصل ۾ هو پنهنجي اندر جي حُسناڪين جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. ساڳيءَ طرح جڏهن ڪا ڪوئل ڪوڪي ٿي تـ اها بـ ڪي من اندر جون ماجرائون بيان ڪرڻ چاهي ٿي. اسان جي صوفي بزرگن چواڻي، نـ رڳو جاندار، بلڪ الله سائين پاڻ پڻ پنهنجي ذات جو اظهار ڪرڻ پي چاهيو، تڏهن تـ هن پنهنجي صورت جهڙو انسان تخليق ڪيو. سچل سائين مطابق؛
سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيوڙي، سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو. . . . . .
يا
صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو
صوفي سڳورن مطابق، جيئن انسان، الله سائين جي تخليق آهي ۽ اها تخليق الله جي ذات ۽ صفات جو مظهر اهي. اهي ئي فنون لطيف جون مڙئي شاخون ۽ وصفون انسان جي ذات جو اظهار آهن. انهن وصفن مان آتم ڪٿا يا ساروڻيون هڪ آهڙي تخليق آهي جيڪا نـ رڳو ادب ۽ فن جو هڪ شاهڪار ٿي سگهي ٿي بلڪ اها پنهنجي دور جي هڪ سچي، عوام دوست تاريخ پڻ بڻجي سگهي ٿي. نظام لغاري جي هي ڪٿا پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳي ٿو تـ اها هڪ دور جي عوامي تاريخ آهي،جيڪا وڻندڙ ادبي پيرائين ۾ لکي وئي آهي. نظام جي لکيل هي تاريخ اها تاريخ ڪو نـ آهي جنهن جو محور ۽ مرڪز محلاتون ۽ انهن ۾ رهندڙ راڻا ۽ راڻيون آهن . پر هيءَ تاريخ پيٽ بکين ۽ انگ اگهاڙن جي تاريخ آهي. هن تاريخ جو ڪردار ڪو بادشاهـ سلامت ڪونهي بلڪ هڪ آهڙو يتيم ۽ مسڪين ٻار آهي جنهن جي گهر ۾ مهينن تائين ڪُنو ڪو نـ پي چڙهيو. نظام جي آتم ڪٿا پڙهندي مون کي گهڙيءَ گهڙيءَ اهو خيال پي آيو تـ خبر نـاهي اهڙا ڪيترا ٻيا بـ نظام هوندا جن جي گهرن ۾ بک جي ڏائڻ جو واسو هوندو . پر نظام جيان پنهنجي ڪٿا دنيا کي ٻڌائي نـ سگهيا هوندا. گلاب لغاري ڳوٺ کان سواءِ سنڌ جي انيڪ ڳوٺن ۾ اهڙا ڪيئي ٻار هوندا جن جا پيئر سماجي ۽ معاشي نا انصافين جي نتيجي ۾ ڦوهـ جواني ۾ پنهنجي اولاد کي يتيم ۽ ونين کي بي واهو ڪري اجل جو شڪار ٿي ويا هوندا. جيڪڏهن نظام جيان، سنڌ جو مڙئي مسڪين ماڻهو پنهنجي ڏکن سکن جون ڪهاڻيون لکي ڇپرائي تـ جيڪر سنڌ جي هڪ نرالي تاريخ مرتب ٿي سگهي ٿي. نظام جي هي تحرير پنهنجي معمولي ڪوتاهين جي باوجود سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو اضافو آهي. هي ڪتاب پڙهي ان ڳالهـ جو پڪو پختو احساس ٿيو تـ نظام جو قلم سگهارو، سندس ٻولي جاندار ۽ سندس مشاهدا نهايت ئي گهرا آهن. نظام جو طرز بيان وڻندڙ آهي. جيڪڏهن ائين چئجي تـ نظام ۾ قصي گو Storyteller واريون خوبيون موجود آهن تـ ان ۾ ڪو وڌاءُ نـ ٿيندو.
“پُورَ وڇوٽ مُحبتون” جي ڪٿا پڙهي معلوم ٿيو تـ نظام ۽ مون ۾ ڪجهـ هڪ جهڙايون آهن . مثال طور نظام جي ڄمڻ جو سال 1955 ع آهي . جيڪو منهنجو بـ ڄمڻ جو سال آهي. نظام 1986 ع ۾ سنڌ ڇڏي اسلام آباد ۾ 17 گريڊ جو ملازم ٿي آيو . آئون بـ ساڳئي سال لاڙڪاڻو ڇڏي اسلام آباد ۾ سترهين گريڊ ۾ ليڪچرر بڻجي آيس.
سِگا اسلام آباد سان مان بـ شروع کان لاڳا پيل رهيس ۽ نظام بـ بنا وٿيءَ جي ميٽنگس ۾ ايندو رهندو هو. انهيءَ همعصري ۽ ويجهڙائي جي باوجود خبر ناهي ڇو اسان هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو نـ اچي سگهياسين. انهيءَ حوالي سان جڏهن نظام مون کي پنهنجون ساروڻيون نظر ثاني ۽ ٻـ اکر لکڻ لاءِ ڏنيون تـ مون کي اچرج ٿيو. نظام ۽ منهنجو ڇڊيون ملاقاتون سِگا جي فورم تي ٿينديون رهنديون هيون. هن سِگا اسلام آباد بابت جيڪي پنهنجا رايا لکيا آهن انهن سان گهڻي قدر سهمت آهيان. (امان ميمڻ صاحب هن وقت سِگا اسلام آباد برانچ جو صدر آهي) مان بـ نظام وانگي، شڪايتن جي باوجود سِگا،اسلام آباد سان لاڳاپيل رهيس. صرف انهي ءَ ڪري تـ اهو اسلام آباد جي سنڌين جو واحد ٿاڪ آهي. جنهن جي لاءِ دوست اڪثر اهو چوندا آهن تـ “شاهـ عبدالطيف ڪميونٽي سينٽر” جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ هڪ “ننڍڙي سنڌ” آباد ٿيل آهي. سنڌ سان جيڪو روح جو رشتو ۽ دل جو ڳانڍاپو آهي اهو وري وري ڇڪي اچي سينٽر تي بيهاريندو آهي ۽ يارن دوستن جو ڪچايون ڦڪايون ۽ زور آوريون نظر انداز ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مان وڌيڪ ڪجهـ نـ چوندس جو سائين قريشي صاحب جن ان معاملي تي ڪافي تفصيل سان لکيو آهي.
آخر ۾ آئون نظام جي اسلام آباد بابت يادگيرين مان هڪ يادگيريءَ بابت هلڪي ڦلڪي انداز سان پنهنجي راءِ ڏيندي ڳالهـ کي پڄاڻي تي پهچائيندس. نظام لکيو آهي تـ اسلام آباد ۾ نوڪري ملڻ کان پوءِ کيس ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويو. جنهن لاءِ هو پولي ڪلينڪ پهتو. جيئن تـ نظام ڊائبيٽڪ هو انهيءَ ڪري سندس اندر ۾ اهو خوف ويٺل هو تـ اها بيماري ظاهر ٿيڻ جي نتيجي ۾ متان سندس نوڪري نـ هلي وڃي. سو سندس چواڻيءَ، هن ڇا ڪيو جو پنهنجي پيشاب جو سيمپل ڪنهن ٻئي همراهـ سان مٽي پنهنجي نالي تي جمع ڪرائي ڇڏيو، جنهن جو بعد ۾ کيس تمام گهڻو پڇتاءُ بـ ٿيو. نظام جي اها ڪهاڻي پڙهي مان انهيءَ ويچار ۾ رهيس تـ شڪر آ جو نظام ڪنهن مرد ماڻهوءَ جي پيشاب جو سيمپل پنهنجي نالي تي جمع ڪرايو. جيڪڏهن هو ڀُل ۾ ڪنهن ڳهراري عورت جو سيمپل پنهنجي نالي تي جمع ڪرائي ها تـ نـ رڳو نظام جي نوڪري داوُ تي لڳي وڃي ها پر کيس تمام وڏي شق ۽ بدناميءَ کي بـ منهن ڏيڻو پوي ها.
اسلام آباد
22 سيپٽمبر 2017