سنگاپور روانگي
اهي، سال 2006ع جا ڏينهن هئا. شايد فيبروري يا مارچ جو مهينو هو حسب دستور IMF وارن پنهنجن ننڍن ننڍن ڪورسن جي لاءِ نامزدگيون گهرايون هيون. انهي ڪورس ۾ خاص ڪري اسٽيٽ بينڪ ۽ ناڻي واري وزارت جي ماڻهن کي ترجيح ڏني ويندي آهي. اڪثر ڪري اهڙن ننڍن ڪورسن ۾ ويهين گريڊ کان مٿي جا آفيسر پنهنجي پاڻ کي سليڪٽ ڪرائيندا آهن، ڇو جو ننڍن ڪورسن ۾ نـ پڙهڻو پوي ٿو ۽ نـ ئي وري ڪو امتحان ڏيڻو پوي ٿو. ٻاهرين ملڪن جو چڪر بـ لڳيو وڃي تـ پنهنجن سينيئرن لاءِ تحفا وغيرهـ ۽ بيگمات لاءِ ٻاهرين ملڪن مان ڪپڙن جا سوٽ بـ ٿيو وڃن، ان کان پوءِ بـ ٻـ پئسا بچيو پون. پر هن دفعي ائين نـ ٿيو. اسان جي ايڪنامڪ ايڊوائزرز ونگ مان سڀئي آفيسر اهو ساڳيو ڪورس هڪ کان وڌيڪ دفعا ڪري چڪا هئا. اسان جو هڪ ساٿي هو ظفرالحسن جنهن جو تعلق ڊگهڙي جي قائم خاني خاندان سان آهي، قائد اعظم يونيورسٽي مان ماسٽر جي ڊگري هئڻ ڪري، سڀني آفيسرن ۾ هوشيار ۽ ڪم وارو سمجهيو ويندو هو. ظفر گهڻو پڙهڻ وارو محنتي ۽ اقتصاديات جي هر داءُ پيچ کان واقف آفيسر آهي. هينئر بـ اڪثر، World Bank ,IMF يا ڪن ٻين ڪيترين ئي ڊونر ايجنسين سان Biliteral Talks ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان جي وفد ۾ شامل هوندو آهي. اسان ۾ گهڻيون ڳالهيون مشترڪ هونديون هيون. هڪ تـ سنڌ سان اسان جو تعلق، ٻيو ساڳئي اسڪيل ۽ ساڳي ونگ ۾ اٿڻ ويهڻ بـ گڏ. مذهبي طور بـ اسان دقيانوسي خيالن جا ڪو نـ هوندا هئاسين. مطلب تـ اسان هڪ ٻئي جو خيال تمام گهڻو رکندا هئاسين. اڄ بـ جيڪڏهن مون کي ايڪنامڪس جا ڪي انگ اکر يا ڪا ٻئي معلومات گهربل هوندي آهي تـ ظفر ئي مدد ڪندو آهي. ظفر کي ايڪنامڪ ايڊوائيزر گهرائي چيو تـ “هن دفعي سنگاپور ڪنهن کي موڪليون” ظفر يڪدم منهنجو نالو کنيو هو. IMF جو هڪڙو اهو بـ شرط هو تـ ماڻهو اهو موڪليو جنهن جي اڳ اها ٽريننگ نـ ڪيل هجي، پر اسان وٽ پاڪستان ۾ قصو ئي ابتو هوندو آهي. حج جي فارم ۾ لکيل هوندو آهي تـ “ هي فارم اهو ڀري جنهن جو اڳ حج ٿيل نـ هجي” پوءِ ڇا ٿيندو آهي، اڪثريت انهن ماڻهن جي هوندي آهي جن جا اڳي ئي هڪ کان وڌيڪ حج ڪيل هوندا آهن. جڏهن تـ فارم ۾ لکندا آهن تـ اسان جو اهو پهريون حج آهي. سو سائين ٻـ نمبري حج تان نٿا مڙن، سو سنگاپور جي ٽرينگ ڪير ڇڏيندو. خير ظفر ذاتي ڪوشش وٺي ونگ مان منهنجي نامينيشن ڪرائي ڇڏي. وري جڏهن مين فنانس ڊويزن ۾ نامينيشن ڪميٽي جي سامهون ڪيس منظوري لاءِ آيا تـ ڪو بـ ميمبر منهنجي حق ۾ ڪو نـ هو. ڇو جو باقي ٻين جن جي نامينيشن فنانس ڊويزن جي ٻين ونگن ڪئي هئي، اهي تـ اڳي ئي آفيسرن کي تحفن سان نوازيندا رهندا هئا. بس منهنجي قسمت چڱي هئي جو عبدالطيف لغاري، ڊپٽي سيڪريٽري ايڊمن جي حيثيت سان انهي ڪاميٽي جو ميمبر هو، جنهن وٽ سڄو رڪارڊ موجود هو. انهي صاحب ڊونر ايجنسي جو اهو شرط پڪڙي ورتو، جنهن ۾ لکيل هو تـ ترجيح ان کي ڏيو جنهن جي اڳ اها ٽريننگ ٿيل نـ هجي. سواءِ منهنجي باقي سڀني جي 5 کان وڌيڪ دفعا اها ٽريننگ ٿيل هئي. ائين فنانس ڊويزن مان لغاري صاحب منهنجو ڪيس منظور ڪرائي ڇڏيو. مون هن ئي ڪتاب ۾ ڪٿي لکيو آهي تـ عبدالطيف لغاري صاحب منهنجي پروموشن ۾ وڏي مدد ڪئي هئي.
عبدالطيف لغاري سان منهنجو سنڌ يونيورسٽي کان تعلق ڳنڍيو اچي. منهنجي وڏي ڀاءُ ادا روشن الدين لغاري جو گهرو دوست رهيو آهي. پاڻ جيالاجسٽ آهي پر رول 10 تحت سيڪريٽريٽ گروپ ۾ Induct ٿي سيڪشن آفيسر کان نوڪري جي شروعات ڪري ايديشنل سيڪريٽري داخلا جي پوسٽ تي پهچي رٽائر ڪيائين. گهڻو وقت ايڊمنسٽريشن ۾ ڪم ڪرڻ ڪري پاڻ سروس رول تي اٿارٽي سمجها ويندا هئا. پاڻ جڏهن فنانس ڊويزن ۾ ايڊمن جا جوائنٽ سيڪريٽري هئا تـ هيٺين گريڊن ۾ نوڪرين جون ڀرتيون ٿيون تـ انهن ۾ صوبائي ڪوٽا تي سختي سان عمل ڪرايائين. ايتريقدر جو ڊرائيور بـ ڪوٽا تي ڀرتي ٿي آيا. پاڻ محنتي، ايماندار ۽ هوشيار آفيسرن ۾ شمار ٿيڻ وارن ۾ شامل آهن.
اسان 2005-06 سال وارو ايڪنامڪ سروي جو ڪتاب جاري ڪري ڇڏيو هو ۽ بجيٽ اڃا قومي اسميبلي ۾ بحث هيٺ هئي تـ مون کي سنگاپور مان اطلاع اچي ويو هو تـ توهان جو 10 جولاءِ کان ڪورس شروع آهي ۽ هنن منهجي ويزا لاءَ سنگاپور ڪائونسليٽ کي بـ لکي ڇڏيو هو.
الطاف شيخ جي ڪتابن پڙهڻ مان اڳي ئي اهو معلوم ٿي چڪو هو تـ سنگاپور ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي رهن ٿا. اهو هڪ اڻٽر اصول آهي تـ جنهن جي دل ۾ ڪنهن ماڻهو، ڪنهن شيءَ يا ڪنهن جي لاءِ ٿوري ڪي گهڻي محبت موجود آهي تـ هو هر جڳهـ تي انهي شيءَ کي ڳوليندو رهي ٿو. سنڌ ۽ سنڌين سان محبت هن دل ۾ اڳي ئي نسري نروار ٿي چڪي هئي. هڪ دفعو وري دل ڇڪ کاڌي تـ سنگاپور جي ڪنهن سنڌي سان ملاقات ٿئي تـ ڏاڍو چڱو ٿيندو. ان زماني ۾ اڃا فيس بڪ ميدان ۾ ڪو نـ لٿو هو، تنهنڪري نئين ماڻهو سان ميل جول ڏکيو نـ تـ بـ مشڪل ضرور هوندو هو. تيز ترين ڪميونيڪيشن جو ذريعو اي ميل هوندي هئي. اها بـ ايڊريس ۽ واقفيت جي محتاج هوندي هئي. هاڻ سنگاپور اي ميل ڪجي تـ ڪنهن کي ڪجي، ڪا واقفيت ڪا نـ هئي، ڪو ئي يار دوست ڪو نـ هو. مون کي اتي ڪنهن جي هئڻ ۽ ڪنهن جي نـ هئڻ جي ڪا بـ ضرورت ڪا نـ هئي. منهنجي لاءِ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ وارن هر شيءَ جو اڳي ئي بندوبست ڪري ڇڏيو هو. جهڙوڪ هوٽل يا ٽرانسپورٽ وغيرهـ. . پوءِ بـ دل ۾ هڪڙي خواهش هئي تـ اتي جي ڪنهن سنڌي سان ڪا واقفيت ڪجي ۽ اتي جي سنڌي ماڻهن سان حال احوال اورجن. اهو قدرتي اصول آهي تـ دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جيڪڏهن توهان کي ڪو پنهنجو ملي وڃي ٿو تـ ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، ان وقت هي مذهب جا ٻنڌڻ ٽٽيو ذرا ذرا ٿيو وڃن. سنڌي چاهي سنڌ جو هجي يا هند جو پر سنڌي تـ آهي. مون کي ذهن ۾ آيو تـ گوگل کان اهو ڪم وٺجي. مون کي چٽي طرح ياد آهي تـ مون گوگل جي سرچ بار ۾ وڃي پهريان هي لفط لکيا هئا. Sindhi in Singapore تـ گوگل مون کي ڪافي ويب سائيٽس ڪڍي آڻي ڏنيو هيون، جنهن ۾ اهڙي قسم جا لفظ هئا. پوءِ مون “ سنڌي ايسوسيئشن آف سنگاپور ” جي ويب سائٽ کولي تـ ان ۾ انهن جي عهديدارن جون اي ميل ايڊريسون لکيل هيون. ائين مون بغير ڪنهن واقفيت جي “جاڙا خان ڪتو جهلجان” پنهنجو تعارف ۽ پورو تفصيل لکي ٻن ماڻهن کي اي ميل ڪري ڇڏيو هو. انهي مان هڪ ماڻهو جنهن جو نالو ڪڪو مل هو، جنهن مون کي اي ميل ذريعي جواب ڏنو هو تـ هو انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڪاروبار سانگي سنگاپور کان ٻاهر هوندو. باقي توهان سان چترو مل واسواڻي صاحب رابطي ۾ ايندو. ائين هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ مون صبح جو آفيس وڃڻ جي تياري پئي ڪئي تـ گهر فون جي گهنٽي وڳي، جيئن مون فون کنئي تـ اڳيان آواز آيو تـ “ هِيلو آئون سنگاپور مان چترو واسواڻي ٿو ڳالهايان” لفظ تـ هن اهي ٻـ چيا هئا پر انهن ۾ جيڪو خلوص ۽ پنهنجائپ هئي تنهن منهنجي من کي اڻ پيتي جي نشا ڏئي مست ڪري ڇڏيو هو. منهنجي سنگاپور روانگي ۾ ڪي ٿورا ڏينهن وڃي بچيا هئا، اهي ڏينهن مون اڱرين تي ڳڻي گذاريا هئا. هڪ ڊگهي سفر ڪرڻ جو شوق، ٻيو سنگاپور ڏسڻ جو شوق، اتي جي سنڌين سان ملڻ جو شوق، انهي کان وڌيڪ اڻ ڏٺل دوست سان ملڻ جو تجسُس ڪجهـ اهڙيون ڪيفيتون هيون جن مون کي بيچين ڪري وڌو هو. چترو واسواڻي صاحب هميشه اي ميل کان وڌيڪ ٽيليفون کي ترجيح ڏيندو آهي، تنهنڪري منهنجي سنگاپور جي سفر تي اُسهڻ کان پهريائين اسان جا ٽيليفون رستي رابطا بحال ٿي ويا هئا. منهنجي زندگي جو تجربو اهو ٻڌائي ٿو تـ جيڪڏهن پيار ۽ خلوص سان ڪنهن نيڪ مقصد کي ماڻڻ جي تمنا آهي تـ پالڻهار اهڙا سبب پيدا ڪري ڏي ٿو، جو اهو مقصد پورو ٿيو وڃي. منهنجي خيال ۾ آئون دنيا جي خوشقسمت ماڻهن مان هڪ آهيان، جنهن کي سٺا دوست مليا آهن. انهي جي مقابلي ۾ منهنجو رويو دوستن سان ڪيئن آهي، اهو تـ دوست ئي ٻڌائي سگهندا. چاهي اهي فيس بڪ تي هجن يا جيون جا ڪجهـ ڏهاڙا انهن سان گذريا هجن. ها البت فيس بڪ تي بنا تار ڪنهن سان ڳنڍجڻ کان پهريائين ان جو تفصيل ضرور ڏسندو آهيان. پنهنجي پاڻ کان سوال بـ ڪندو آهيان تـ ڇا آئون هن دوست سان هيترن سارن دوستن جي هئڻ جي باوجود دوستي جي پاڪ ۽ پوتر رشتي کي نڀائي سگهندس. ؟ تنهنڪري فيس بڪ تي لامحدود دوستي کان پاسو ڪندو آهيان. قلم بـ خبر نـ آهي تـ ڪيئن آهي ڳالهـ پئي هلي سنگاپور جي ۽ قلم وڃي نڪتو فيس بڪ تان. بس ائين اسلام آباد مان ٿائيلينڊ جي جهاز ۾ چڙهي پهرين بينڪاڪ ۽ پوءِ سنگاپور ايئرپورٽ تي وڃي لٿو هوس. اتي سنگاپور جي پرڏيهي وزارت جي مائي مون کي وٺڻ آئي هئي. انهي مائي سڳوري جو مون کي نالو وسري ويو آهي ۽ وري تڏهن نظر آئي جڏهن واپسي ۾ اسان کي ڌڪي کڻي جهاز ۾ چاڙهيائين. اسان انهي ڪورس ۾ تقريبن سڀئي ڏکڻ ايشيائي ملڪن جا ماڻهو هئاسين، جن جن ملڪن کي IMF قرض بـ سَهائي سَهائي پوءِ ڏيندو آهي. ائين کڻي سمجهو تـ اڪثريت انهن ملڪن جي ماڻهن جي هئي، جيڪي سندن قرض تي پلجندا آهن. شام جو ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ انهن جو ڪو نـ ڪو پروگرام هوندو ئي هوندو هو. منهنجي دلي خواهش هئي تـ آئون پنهنجي اڻ ڏٺل دوست چترو واسواڻي سان ملاقات ڪريان، هيڏانهن هنن جو هر روز نئون پروگرام. جڏهن تـ واسواڻي صاحب کي مون ٻئي ڏينهن جو هوٽل تي ملڻ جو پروگرام ڏئي ڇڏيو هو. بس ائين ملاقاتون بـ ٿينديون رهيون ۽ سرڪار جا پروگرام ٿيندا رهيا. هاڻي سڀني کي اها ڄاڻ پئجي وئي هوندي تـ آئون اقتصاديات جي علم جو شاگرد آهيان. انهي ٽريننگ ۾ پڻ اِيڪنامڪس شامل هئي. مهل ۽ مناسبت جي موقعي سان اچو تـ پاڪستان ۽ سنگاپور جي معيشتن جو مختصر تقابلي جائزو وٺون.
سنگاپور پنهنجي آزادي جو ڏينهن هر سال 9 آگسٽ تي ملهائيندو آهي. اها آزادي هُن 1965 ع ۾ ملائيشا کان ورتي هئي. انگريزن جڏهن ڏکڻ ايشيا مان ٽپڙ گول ڪيا هئا تـ هر جا ءِ تي هُنن ڪي متنازع علائقـا ڇڏيا هئا. سنگاپور کي ملائيشا سان گڏي ڇڏيو هئائون. اڳتي هلي ملائيشا هن ٻيٽ تي رهندڙ ماڻهن کي ڪنگلا، موالي، ڏوهاري، ڪم چور سمجهي 1965 ع ۾ انهن مان جان ڇڏائي هئي. جيئن اسان 1971ع ۾ بنگالين کان. سنگاپور جي حڪمرانن صرف ملڪ جي لکيل قانون تي سختي سان عمل ڪرائي اڄ 2017ع ۾ دنيا جي امير ترين معيشتن ۾ پنهنجي ملڪ کي شامل ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ جي ٽوٽل پکيڙ 725 اسڪائر ڪلو ميٽر آهي. ڪل آبادي 5.5 ملين ماڻهن تي مشتمل آهي. جڏهن تـ وڌندڙ آبادي جي شرح مشڪل سان هڪ سيڪڙو آهي. تڏهن تـ سنگاپور جي وزيراعظم هڪ دفعي چيو هو تـ Singapor needs more babies، پر سندس اپيل جو ڪو خاطر خواهـ اثر نـ ٿيو هو. انهن ۾ 76.4سيڪڙو چائنيس، 14.9 سيڪڙو ملائيشن، 6.4 سيڪڙو انڊين پاپوليشن ۽ 2.3 سيڪڙو ٻين ننڍين قوميتين جا ماڻهو شامل آهن. جڏهن تـ سرڪاري ٻولي انگريزي آهي، ان سان گڏ چيني،تامل ۽ ملائي ٻوليون پڻ وڏي انگ ۾ ڳالهايون ۽ سمجهيون وڃن ٿيون. انهن سڀني ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي. سنگاپور جي ماڻهن جون عمريون وڏيون ٿين ٿيون، انهي جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو تـ سندن عمريون سراسري طور 83 سال رڪارڊ ڪيون ويون آهن. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ عمر جي حد سراسري طور 63 سال آهي. اهو بـ فالٽي اِن فَارميشَن ٽيڪنالاجي جو ڪمال آهي، ٻئي حالت ۾ اهو انگ 60 سال کان مٿي ڪونهي ڪو. سنگاپور کي باغن جو ملڪ بـ چيو وڃي ٿو، ننڍڙو ملڪ هئڻ جي ڪري اتي جي حڪمرانن هِن ملڪ کي ساون وڻن سان جنجهي رکيو آهي . سنگاپور ۾ مذهب جي لحاظ کان ٻڌازم، اسلام، عسائيت ۽ هندو ازم شامل آهن. هن ملڪ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد 95 سيڪڙو آهي. ڪو بـ ملان هندو توڙي مسلمان ٻئي جي مذهب ۾ دست اندازي نـ ٿو ڪري سگهي. لباس جي آزادي آهي. انساني حقن جي آزادي تي هي ماڻهو ڪڏهن بـ سوديبازي نـ ٿا ڪن.
مٿيان سماجي توڙي اقتصادي انگ اکر اهو ٻڌائين ٿا تـ هن ننڍڙي ملڪ ٿوري عرصي ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي. آئون 15 ڏينهن سنگاپور ۾ رهيس پر مون کي ڪٿي بـ پوليس وارو نظر ڪو نـ آيو. ڪا بـ گاڏي روڊ تي پارڪ ٿيل مون نـ ڏٺي. سندن زير زمين ميٽرو سسٽم جو علائقي جي ملڪن ۾ مثال ڪو نـ ٿو ملي. سنگاپور مهانگو ملڪ هئڻ جي باوجود سياحن جو هڪ وڏو انگ اتي گهمڻ وڃي ٿو. هڪ اندازي مطابق هر سال 10 کان 12 ملين ماڻهو سنگاپور گهمڻ وڃن ٿا. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي ڪرڪيٽ ٽيم جا 12 رانديگر اچڻ لاءِ تيار ڪو نـ، آهن. سوال آهي تـ اسان جي ملڪ ۾ سياح ڇو اچن؟. انهن کي ڏيڻ جي لاءِ اسان وٽ ڪجهـ بـ باقي نـ بچيو آهي، امن امان پوين پساهن ۾ آهي، اسان جون عبادت گاهون محفوظ ڪو نـ آهن، ڪنهن روڊ تي پاڻي پيئڻ لاءِ لڳايل سبيل تي پيل ڇل اڃا تائين سنگهرن سان قابو ٻڌي پئي آهي. تفريح گاهن ۾ ماڻهو محفوظ ڪو نـ آهن، تـ ٻاهريون ماڻهو اسان وٽ ڇو اچي. اقتصادي ترقي آزادي گهري ٿي، اقتصادي ترقي امن امان گهري ٿي. اهڙين حالتن جي غير موجودگي ۾ اقتصادي ترقي جو رڳو خواب ئي ڏسي سگهجي ٿو. ان جو ساڀيان ٿيڻ ممڪن ڪونهي. اسان جنهن بنياد پرستي جي دور مان گذري رهيا آهيون، اهو ڏاڍو اڙانگو ۽ خطرناڪ رستو آهي. اڄ اسان مان سهپ ۽ رواداري ختم ٿي وئي آهي. جيڪڏهن هن ملڪ کي اقتصادي ترقي ڪرڻي آهي تـ سهپ، رواداري ۽ بُردباري جي وجود کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان پلئـ آزاد ڪرائڻو پوندو.
سنگاپور جي سنڌين جي تاريخ تمام پراڻي آهي، سنگاپور سنڌي ايسوسيئشن جو بنياد 1921 ۾ رکيو ويو هو. ان وقت ان جي ميمبرن جو تعداد صرف 10 هو، جڏهن تـ هن وقت SSA جي ميمبرن جو تعداد 500 ماڻهن کان مٿي تي مشتمل آهي. SSA وٽ پنهنجي هڪ سٺي بلڊنگ آهي، جنهن جو پلاٽ 1952 ۾ خريد ڪري تعميراتي ڪم شروع ڪيو هو. ان وقت انهي جو نالو سنڌو هائوس رکيو ويو هو، جيڪو اڃان تائين هلندو ٿو اچي. هن اسان جي ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ صرف ٻـ اهڙيون جايون آهن، جن تي سنڌي ڏکئي وقت مٿو لڪائي سگهن ٿا. ان ۾ شامل آهن سنڌو هائوس سنگاپور ۽ شاهـ عبدالطيف ڪميونيٽي سينٽر اسلام آباد. ٿي سگهي ٿو تـ انڊيا ۾ پڻ اهڙا آشرم ٺهيل هجن پر انهن جي مون وٽ معلومات ڪونهي جو هتي ڏئي سگهجي. سنگاپور جي سنڌين وٽ هڪ 25 ملڪن جي لسٽ آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل آهي تـ ڪيترا سنڌي ڪهڙن ڪهڙن ملڪ ۾ رهن ٿا. اهڙا انگ اکر اسان جي سنڌ سرڪار وٽ بـ نـ هوندا.
انهي وچ ۾ چترو واسواڻي صاحب سان روبرو ۽ ٽيليفون تي ملاقاتون ٿينديون رهيون. هن صاحب مون کي اڳي ئي هوشيار ڪري ڇڏيو هو تـ آچر جي ڏينهن تي توهان کي سنڌو هائوس تي هلڻو پوندو. مون وٽ سنگاپور ۾ 15 ڏينهن ۾ صرف هڪڙو ئي آچر هو. سو اهو آچر بـ ٿيو سنڌو هائوس جي حوالي، جتي ٻين سان گڏ SSA صدر مسٽر ديپڪ گرناڻي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ سڄو سنڌو هائوس گهمايائون. اتي ڪافي ٻيا سنڌي بـ گڏ ٿي ويا تـ انهن سان ملاقات ٿي. اتي هڪ همراهـ هو جنهن جو هاڻي نالو وسري ويو اٿم، جنهن جو تعلق سن ضلعي دادو سان هو. هُن صاحب پڪوڙا تـ اهڙا بهترين ٺاهيا هئا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين نـ وساري سگهيو آهيان .
چترو واسواڻي صاحب حيدر آباد سنڌ سان تعلق رکي ٿو. ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي اچي سنگاپور وسايائين. اڄ ڪلهـ سنگاپور جو شهري آهي. سنڌي ادب سان گهرو لاڳاپو رکي ٿو. وٽس هند ۽ سنڌ جي ادبين جا ڪافي ڪتاب موجود آهن. سنگاپور ۾ ٿيندڙ سنڌي ڊرامن ۾ حصو بـ وٺي ٿو تـ انهن جو اسڪرپٽ رائٽر پڻ آهي. ائين کڻي سمجهو تـ واسواڻي صاحب سنگا پور ۾ سنڌين جو سفير آهي. جيڪو بـ سنڌي سنڌ مان سنگاپور ويندو آهي اهو هن صاحب سان ضرور ملندو آهي. جيڪڏهن علاج سانگي ڪو سنڌي سنگاپور وڃي نڪري تـ ان جي ٻولي جي ٽرانسليشن ۽ ٻيون ميڊيڪل جو ضرورتون پڻ چترو واسواڻي صاحب پوريون ڪندو آهي. مون سان هو ٽيليفون جي ذريعي ڳنڍيل رهي ٿو، ڪيڏي ڪيڏي مهل ٽن چئن سٽن جو ڪو خط پٽ بـ لکي وجهندو آهي. هڪ دفعي لکيو هئائين تـ “ اسان جي ڪن نوجوانن همٿ ڪري هي Bi-monthly news letter ڪڍيو آهي. شروعاتي پرچي ۾ ڪجهـ غلطيون ڪيون اٿن. اميد تـ اڳيان هلي هي پرچو سڀني سنڌين جو هڪ آواز ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ سينگاپور ۾. ” ان سان گڏ پاڻ سٺو شاعر پڻ آهي. سندس شاعري مان هڪ غزل پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هت پيش ڪجي ٿو. غزل جو عنوان آهي “واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي”
خالي هٿين تون آئين سنڌي
اڄ مڪان جو مالڪ تون سنڌي
محنت عقل سان مٿي آئين تون سنڌي
واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي
تون سنڌي يارن جو يار
غريبن جو همراز تون سنڌي
هر ملڪ ۾ نالو تو وڄايو سنڌي
واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي
هُنر ڪارخانا تو کوليا سنڌي
اسڪول ڪاليج برپا ڪيا تو سنڌي
مندر اسپتالون تو ٺهرايا سنڌي
واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي.
سنڌي گيت لاڏا تون ڳائين سنڌي
شعر ليک لکين تون سنڌي
سنڌين جو ڪيو تو نالو روشن سنڌي
واهـ ڪمال ڪيو تو سنڌي
سهڻو ٺاهوڪو تون يار سنڌي
لوڏ مان تون پڌرو سنڌي
مٺڙو محبتي آهين تون سنڌي
واه ڪمال ڪيو تو سنڌي
ان کان سواءِ هڪ شام مون وسواڻي صاحب سان گڏ سندن گهر گذاري . سندس ڪٽنب جي ميمبرن سان ملي ڪافي خوشي محسوس ٿي. سنگاپور جي سنڌين ۾ مون جيڪا هڪ ڳالهـ محسوس ڪئي تـ جيڪو سنڌي ڄائو نپنو سنڌ کان ٻاهر آهي، هُن سنڌ ڪڏهن اکين سان نـ ڏٺي آهي، پر سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿو ڪري. ان جي مقابلي ۾ اسان سنڌي پنهنجن ئي شهرن ۾ رهي، انٽر نيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي بـ اردو ۾ لکون ۽ گهرن ۾ بـ اڪثر اردو ۾ ڳالهايون. امر جليل جي انهي جملي کي هاڻي شايد بدلائڻو پوندو، جنهن ۾ هُن چيو هو تـ “سنڌي گدڙ اِن اسلام آباد” هاڻي انهي جملي کي هيئن هئڻ گهرجي “ سنڌي گدڙ اِن سنڌ”. سنگاپور ۾ سنڌين جو ڏنل مان ۽ قرب اڄ ڏينهن تائين وساري نـ سگهيو آهيان. خير چترو واسواڻي سان نينهن جا ناتا تـ اهڙا جڙيا آهن جو انهن جو ڇڄڻ شايد ئي ممڪن هجي. سندن طرفان سنگاپور مان ڪتابن سان گڏ ڪجهـ ٻيا تحفا وغيره ايندا ئي رهن ٿا. دل چوندي آهي تـ پکي ٿي پوان ۽ اڏامي پرين جي پار هليو وڃان، پر منهنجا کنڀ تـ ڪڏهوڪا مارِيءَ پٽي پري اڇلي ڇڏيا آهن. جيڪڏهن ائين هجي ها تـ هر دور جا انسان پنهنجن مرندڙن محبتن جي جنازن تي ائين سڏڪا نـ ڀرين ها جيئن ڪا پيار ڀري دل پنهنجي محبوب جي مرڻ تي پري بيهي حسرتن جا سڏڪا ڀريندي آهي.
ائين 15 ڏينهن سنگاپور مان گهمي ڦري بينڪاڪ جي رستي واپس اسلام آبا د پهچي ويس. ٿائيلينڊ جي ايڪانامي جي خبر تـ انگن اکرن مان پئجي وڃي ٿي، پر بينڪاڪ ايئر پورٽ انهي باري ۾ گهڻو ڪجهـ ٻڌائي ٿو. پاڪستان جو ڪو بـ ايئرپورٽ ڪونهي جو بينڪاڪ ايئر پورٽ سان مقابلو ڪري سگهي ٿائلينڊ جي ايڪنامي جو سڄو دارو مدار سياحت تي آهي. سياحت ۾ جيڪا شيءَ (Commodity) جنهن جي وڏي کپت آهي انهي جو وڏو حصو انساني وسيلن تي مدار رکي ٿو. مون وٽ انهي سچ کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ صرف ٻـ مثال ئي ڪافي آهن. جڏهن PIA جي ٻيڙي ۾ 42 جهاز هئا تـ Thai Airways وٽ 82 جهاز هئا. ٿائليڊ جي بجلي جي کپت 26000 ميگا واٽ آهي جڏهن تـ انهن وٽ 28000 هزار ميگا واٽ بجلي موجود آهي. جڏهن تـ پاڪستان جي بجلي جي کپت 22000 هزار ميگا واٽ آهي تـ سندس پيداوار مشڪل سان 14000 هزار ميگا واٽ آهي. اسان چوندا آهيون تـ ٿائيلينڊ جي ايڪانامي جو وڏو شيئر غلاظت سان ڀريل سرگرمين تي مشتمل آهي، جڏهن تـ اسان جي کوٽ واري ايڪانامي پاڪ پوتي، کير ڌوتي آهي.