مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

گولاڙچي کان ماڻڪ لغاري بدلي

گولاڙچي کان ماڻڪ لغاري بدلي

جيئن تـ منهنجو تعليمي رڪارڊ ڪو سٺو نـ رهيو آهي. مئٽرڪ ٿرڊ ڪلاس (جنهن کي اقبال خان لغاري، ”بلوچ“ ڊويزن چوندو آهي) انٽر ميڊيئيٽ بار بار فيل ٿي پوءِ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس، بي اي سيڪنڊ ڪلاس، ايم اي (ايڪنامڪس) سيڪنڊ ڪلاس، ايم بي اي. سواءِ پهرين ۽ آخري امتحان جي باقي سڄي تعليم پرائيويٽ، لک احسان سنڌ يونيورسٽي جا، جنهن پرائيويٽ ڪلاس متعارف ڪرائي اسان جهڙن غريبن کي وڌيڪ پڙهڻ جو موقعو ڏنو. ٻي حالت ۾ اسان جتي جا هئاسين اتي ئي هجون ها. مون مئٽرڪ 1972 ع ۾ پاس ڪئي. ننڍي ڄمار هئڻ ڪري ڪنهن بـ نوڪري لاءِ اهل نـ هوس. تنهنڪري ڇولا، چڻا وڪيا ۽ درزڪو ڪم ڪيو. جيئن ئي بالغن جي تعليم وارو پروگرام ختم ٿيو تـ مون کي پرائمري ماستري ملي وئي. جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. وري هتي ڏيڻ ورجاءُ ٿيندو. گولاڙچي ۾ اٺ مهينا نوڪري ڪري جيئن تيئن ڪري بدلي ڪرائي. گلاب لغاري جي پاسي ۾ ڳوٺ ماڻڪ لغاري ۾ اچي دخلڪار ٿيس. جتي جو هيڊ ماستر سائين عبدالڪريم لغاري هو. جيڪو انهي ڳوٺ جو رهاڪو هوندو هو. سائين شريف انسان، نيڪ نمازي، فائينل پاس، انهي سان گڏ اديب فاضل جا امتحان پڻ سائين جا پاس ڪيل هئا. اسڪول ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ جو لفظ هن جي لغت ۾ لکيل ڪونـ هوندو هو. مون کي جنهن استاد جي جاءِ تي موڪليو ويو هو، اهو بـ لغاري هو. پر گوسڙو استاد هئڻ جي ڪري سائين عبدالڪريم ان کي برداشت نـ ڪندو هو. آفيس وارن کي ايترو لکي مجبور ڪيائين جو انهن کي ڪا خاص فضيلت واري ٻولي نـ ملي سگهي، جو منهنجي بدلي جي آرڊر تي لکيائون تـ “ منشي (ان زماني ۾ ماستر کي منشي چوندا هئا) نطام الدين لغاري کي منشيXXXX ڀڄي ويل جي جاءِ تي مقرر ڪجي ٿو. ” اهي انهي آرڊر جا لفظ هئا، جيڪي آفيس وارن منهنجي بدليءَ جي آرڊر تي لکيا هئا. جيئن تـ اسڪول ۾ ٻارن جو وڏو تعداد سرائڪي ڳالهائيندڙن جو هو، باقي سيد، ڀيل۽ مينگهواڙ ٻار هئا. اهي بـ لغارين جي ڳوٺ ۾ رهي ڪري سرائڪي ڳالهائيندا ۽ سمجهندا هئا. اسين ان زماني ۾ ٻـ استاد هڪڙي اسڪول ۾ هوندا هئاسين. جڏهن تـ اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد تمام گهڻو هوندو هو. هڪ هيڊ ماستر ٻيو مون کان ڄمار ۾ وڏو تنهنڪري آئون سندس وڏو احترام ڪندو هوس. جيئن تـ آئون ڪلاس ۾ ٻارن سان سرائڪي ڳالهائيندو هوس تـ مون کي هڪ دفعي وارننگ ڏنائين تـ اسڪول ۾ ٻارن سان صرف سنڌي ۾ ڳالهايو. چوڻ جو مقصد تـ پراڻا استاد اسڪول ۾ ڪنهن بـ قسم جي ڪوتاهي برداشت نـ ڪندا هئا. آئون گورنمينٽ پرائمري اسڪول ماڻڪ لغاري ۾ تقريبن 10 سال کن ماستر رهيس. منهنجي ٽوٽل سنڌ گورنمينٽ ۾ نوڪري رهي 11 سال، جنهن مان 10 سال هڪڙي ئي اسڪول ۾ گذاري ڇڏيا. جيئن تـ ڳوٺ جو مالڪ رئيس حاجي نجم الدين خان سريوال هو ۽ سياسي طور وڏي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو هو. پر آئون پڪ سان چوان ٿو تـ رئيس جي اسڪول جي معاملن ۾ مداخلت بلڪل نـ هوندي هئي. وڏن ماڻهن جي اسڪول جي هئڻ جي ڪري هرو ڀرو آفيس وارا بـ اسان تي اجائي سجائي آڪڙ خاني ڪونـ ڪندا هئا. مون سان هڪ اهڙو ئي معاملو ٿيو هو، جيڪڏهن آئون ڪنهن ٻئي اسڪول تي هجان ها تـ جيل جي هوا کائي وڃان ها. پر انهي اسڪول ۾ هئڻ ڪري منهنجي جان بچي وئي. ٿيو ائين جو جنهن وقت اسان جا بدلين جا آرڊر ٿيا تـ ان سان گڏ ڪافي ٻين بدلين جا آرڊر بـ ٿيا. انهي وچ ۾ ڪن ساڙ سڙين ٽپال رستي آفيس وارن کي درخواست موڪلي، جنهن تي تعليم واري صوبائي وزير جناب پيار علي الانا جا آرڊر ٿيل هئا تـ “ فلاڻي استاد جي بدلي فلاڻي اسڪول کان فلاڻي جاءِ تي ڪيو” آفيس وارن کي شڪ پيو تـ هڪ پرائمري اسڪول جي ماستر جي بدلي لاءِ منسٽر ڪيئن لکندو. انهن اها درخواست تصديق جي لاءِ ڪراچي منسٽر آفيس ڏياري موڪلي. هنن انهي تي لکيو تـ هي ڪوڙي درخواست آهي. تنهنڪري جاچ ڪري ڪيس پوليس کي موڪليو وڃي. ماتلي آفيس وارن اهي سڀئي آرڊر لڳائي ڪيس پوليس کي ڏياري موڪليو. ڪيس سڄو، ٺهي جڙي،مون تي اچي بيٺو. جڏهن تـ مون ان زماني ۾ اڃان ڪراچي ڏٺي بـ نـ هئي. بهرحال وڏن ماڻهن جي اسڪول ۾ هئڻ جي ڪري منهنجي جان بچي وئي. ائين جيئن آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان تـ سائين عبدالڪريم ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نـ هوندو هو. اڌ ڪلاڪ ليٽ ٿي تـ وضاحت، هڪ ڏينهن موڪل تـ وضاحت، بغير ٻڌائڻ جي موڪل ڪرڻ تي وضاحت،ان وقت تـ اهي ڳالهيون ڏاڍيون ڏکيون لڳنديون هيون، پر اها وقت جي پابندي، جيڪا سائين سيکاري مون کي اسلام آباد ۾ ڏاڍو ڪم آئي. انهي جي ڪري ئي منهنجا آفيسر مون مان خوش هوندا هئا ۽ آئون ترقيءَ جون منزلون چڙهندو ويس. اتي پهتس جنهن جو مون ڪڏهن خواب ئي ڪونـ ڏٺو هو. ائين وقت گذرندو ويو. شاگرن جو تعداد وڌيڪ هئڻ جي ڪري آفيس وارن ٽيون استاد بـ اسان کي ڏنو. جنهن جو نالو هو الله بخش، اهو اسان جو ٽيون ساٿي هو. جنهن مون کان پوءِ اسڪول جوائن ڪيو . ماستريءَ جي نوڪري ملڻ کان پوءِ مون روائتي سنڌي سستي جي ڪري پڙهڻ ڇڏي ڏنو هو. انهي وچ ۾ مون کي سائين الهـ بخش لغاري مٿي پڙهڻ جو شوق ڏياريو، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ٻن، ٽن سالن جو گيپ اچي چڪو هو. تنهنڪري فرسٽ ييئر۽ سيڪنڊ ييئر جا گڏي فارم ڀرڻ جو اهل هوس پر پئسـا پورا ڪو نـ هئا. شابس هجي سائين الهـ بخش کي جنهن منهنجو فارم سچل سرمست آرٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڀريو ۽ فارم جي في يعني پئسا بـ پاڻ ڏنائين. مون کي هاڻي اهو بـ ياد ڪونهي تـ مون اهي پئسا سائين کي واپس ڪيا هئا يا نـ، ائين وري چئن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ پڙهائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين ختم ناهي ٿيو. ان سال اسان جو امتحاني سينٽر رکيو ويو هو سٽي ڪاليج حيدر آباد. ان زماني جو سنڌ ۾ پهرين جوڙ جو ملهـ دادلو شيدي جيڪو ٽنڊي قيصر جو رهاڪو هو، اسان ٻنهي امتحان گڏ ڏنو هو ۽ خير سان ٻئي پهرين دفعي امتحان ۾ فيل ٿي پيا هئاسين. پوءِ سومناٿ تي بار بار چڙهايون ٿيون، پوءِ وڃي پاس ٿياسين. حيدرآباد بورڊ وارن منهنجي انٽر جي سرٽيفڪيٽ تي لکي ڇڏيو تـ هي همراهـ انٽر ميڊيئٽ جي امتحان ۾ ڌڪي تي پاس ٿيو آهي. ان زماني ۾ اسان جو اهو خيال هوندو هو تـ مڙئي پاس ٿيڻو آهي. انهي جو اڳتي هلي نقصان اهو ٿيو جو منهنجي ٽن مهينن جي لاءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ ٽريننگ ٿي نـ سگهي. ڇو جو IMF وارن مون کي انهي ڪري مالي فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪيو جو آئون تعليم جي هڪ امتحان ۾ ڌڪي پاس هوس. بس ائين آمريڪا ڏسڻ کان رهجي ويس. منهنجو هتي نوجوان دوستن کي عرض آهي تـ رڳو پاس ٿيڻو ناهي پر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيڻو آهي. ڇو جو هاڻي هتي فيڊرل گورنمينٽ ۾ مئٽرڪ کان ويندي آخري ڊگري تائين سيڪنڊ ڪلاس واري کي ڪا بـ نوڪري نـ ملندي. خبر نـ آهي جو ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتاسين. بس ماستري ۾ ائين وقت گذرندو ويو. تان جو PTC (پرائمري ٽيچرس ٽريننگ) جي ٽريننگ جا آرڊر اچي ويا. ڪن کي لاڙڪاڻي تـ ڪن کي مٺياڻي، جنهن جو ٿورو ذڪر آئون اڳي ڪري آيو آهيان.