سنڌ جي وڃائجي ويل نوجوان جي ڳولا (تاثر)
انسان ترقي تـ وڏي ڪئي آهي، پر سهپ، رواداري ۽ درگذر دنيا مان موڪلائي ويا آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ انهي ڳالهه جو ڏڪار آهي. اڄ ڪلهـ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ جي ڪري دنيا هڪ ڳوٺ مثل بڻجي وئي آهي هِتان جون خبرون، هُتي ۽ هُتي جون خبرون، هِتي سيڪنڊن ۾ پهچن ٿيون. هن دور ۾ ڪير سمجهي، تـ آئون اڳئين کي بيوقوف ٿو بڻايان، تـ اهو پاڻ عقل کان وانجهيل انسان آهي. آئون فيس بوڪ جي ذريعي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سنڌي ماڻهن سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهيان. پوءِ جهڙو ديس تهڙو ويس، ڪو شاعر آهي، تـ ان جي شاعري تي واهـ واهـ ڪجي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو اديب آهي، تـ حال سارو ادب تي بحث مباحثو ٿيو وڃي. جڏهن تـ فيس بڪ هڪ وڏي عالمي اوطاق آهي، جنهن تي ڀانت ڀانت جا ماڻهو پنهنجن پنهنجن هاڪاري ۽ ناڪاري روين سان خيال پيش ڪن ٿا. هن عالمي اوطاق تي ڪنهن کي ڪنهن تي ڪا خاص اهميت حاصل ڪونهي. مطلب تـ ننڍ وڏائي يا مالدار ۽ غريب غربا سڀئي هڪ ئي ماڻ ۾ ماپيا وڃن ٿا. ڇا جوان، ڇا اڌڙوٽ ۽ عمر رسيده سڀني سان هڪ جهڙي هٿ جوڙ پئي هلندي آهي. ڪشمور کان وٺي ڪيٽي بندر تائين، ڪراچي کان ڪارونجهر تائين، هر عمر وارو منهنجو دوست آهي. ڪو هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ نوجوان نينگر بـ مون سان ايتري محبت ۽ حجت ڪندو آهي، جيتري 80 سالن وارو پيرسنيءَ جي باوجود دل جي جذبن جي ڀري مٿي تي کڻي، مون سان ساڳئي قسم جي محبت ۽ حجت ڪندو رهندو آهي. منهنجي فيس بڪ جي ڪنهن بـ دوست سان ڪنهن بـ قسم جي منهن مقابل ملاقات ڪونهي، نـ ئي ڪا اهڙي خواهش آهي. ڇو جو اهڙن دوستن جو وڏو تعداد آهي ۽ ٽيڪنالاجي جون حدون شعور ۽ لا شعور جي سوچ ۽ سمجهـ کان بـ پري پري تائين پکڙيل آهن. تنهنڪري هر ڪنهن سان مُکا ميلو ناممڪن نـ به کڻي، پر مشڪل ضرور آهي. پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بـ اخلاق جو دامن نـ ڇڏيو آهي. شابس هجي انهي سنڌ جي نوجوان کي، جنهن اڃان زندگيءَ جون تمام ٿوريون بهارون ڏٺيون آهن. يقينن هو جين سان گڏ جوگر بـ پائيندو هوندو، ايندي ويندي ڪنهن نئين ٽڙيل گل جي واس وٺڻ جي تمنا بـ سندس دل ۾ ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪر موڙيندي هوندي. ڪچڙي جواني ۾ رنگ برنگي تصويرون سندس اکڙين جي پنبڙين ۽ ڇپرن ۾ اٽڪيل هونديون. ڇو جو الهڙ جواني ئي الهڙ خواب ڏسندي آهي. انهي جي باوجود هو مون سان وڏي حب، اُڪير ۽ اخلاق سان پيش اچي ٿو، تـ يقينن سندس سٺي تربيت تي دل خوش ٿيندي آهي. منهنجي هن سان پهرين ملاقات فيس بوڪ تي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي اهو ياد نـ اٿم. ان وقت سندس وال تي جيڪا تصوير آئي پئي اها ڏسي ڇرڪي ويو هوس. عين انهيءَ وقت منهنجي سامهون افلاطون جو ڪتاب”Republic” کليو پيو هو. ان جا مون اڃان چند ئي صفحا پڙهيا هئا. ان ۾ انسانيت تي بحث ٿيل هو، تـ انسان ڇا آهي؟ جيڪي پنا هُن گهڻو آڳاٽا 386 ق. م ڌاري لکيا هئا. منهنجي ذهن ۾ انسان جو افلاطون وارو خاڪو موجود هو،تـ هن نوجوان جي وال تي لڳل تصوير سامهون آئي، تـ افلاطون وارو انسان ڀڄي ڀري ريزا ريزا ٿي ويو. آئون قبل مسيح مان موٽ کائي 2017 ع ۾ اچي ويو هوس. اها تصوير ڪنهن ڌاڙيل جو ڏيک ڏيئي رهي هئي. منهنجي ذهن ۾ ميري ڌاڙيل جو خاڪو اچي ويو هو، جنهن جي تصوير مون کي گهڻو اڳ طارق اشرف جي ڪتاب ۾ نظر آئي هئي. پر نـ هي ميرو ڌاڙيل تـ ڪو نـ هو. تـ پوءِ هي سالو بُڙدي هو، جنهن اَپر سنڌ ۾ انگريزن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. مون کي خبر ڪا نـ هئي تـ هي سنڌ جو نوجوان ڪير آهي ۽ ڪٿي جو آهي. مون هن کي چيو هو، تـ پهرين اها تصوير هٽائي تـ پوءِ ڳالهـ ٿي سگهي ٿي. هن منهنجي چوڻ تي هڪ منٽ ۾ اها تصوير هٽائي ڇڏي هئي. (جنهن جي مون کي اميد گهٽ هئي. ) آئون وري 386 ق. م ۾ موٽي ويس. افلاطون جو انسان منهنجي سامهون اچي بيٺو هو ۽ مون کي چئي رهيو هو تـ آئون حميد سنڌي جي رسالي “روح رهاڻ ” جو هڪ ورق آهيان. آئون نارائڻ شيام جي سُرن جي صدا آهيان، آئون راشد مورائي جي گيتن جي گونج آهيان. مون کي ائين لڳو هو تـ مون سنڌ جي وارياسن ۽ سڌن پوٺن مان بولاٽيون کائي پوٺوهار جي پٿريلي ۽ ناهموار ڌرتي تي اچي ڦهڪو ڪيو هجي. انهي هڪڙي نقطي تي منهنجي قلم کي فُل اسٽاپ اچي ويو هو . سندس فيس بڪ جي وال تي آڏيون، ترڇيون، ابتيون، سبتون تصويرون ضرور اينديون رهن ٿيون،پر اخلاق کان ڪريل تصوير يا ڪو لفظ مون کي نظر نـ آيو آهي. تنهنڪري ئي آئون سندس اخلاق جو ايترو تـ قائل ٿي ويو آهيان جو بي اختيار هن جي لاءِ منهنجو قلم ڪجهـ لکي ويٺو آهي. جڏهن تـ هن کان پهريائين منهنجي هڪ ٻئي فيس بڪ جي سياڻي ۽ سلجهيل دوست پنهنجي وال تي ڪجهـ غير پارليامينٽري لفظ لکيا هئا. مون هُن کي عرض ڪيو هو تـ “اهڙن غير اخلاقي لفظن کان پاسو ڪيو وڃي”. هُن جو جواب آيو هو تـ “اهي لفظ منهنجي وال تي آهن توهان کي پسند نـ آهن، تـ اسان مان جان ڇڏايو”. نتيجي طور مون کي ان دوست کي Un friend ڪرڻو پيو هو. ان جي مقابلي ۾ هن سنڌ جي نوجوان منهنجي چوڻ تي هڪ ٿڙيل ٿاٻڙيل اڻپوري خيالي انسان جي تصوير يڪدم هٽائي ڇڏي هئي ۽ پنهنجو صحيح ۽ حقيقي تعارف ڪرايو هو. جڏهن هن پنهنجو نالو ٻڌايو، تـ مون کيس اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو هو. باقي هن جي اخلاق ۽ ڪردار، مهارت ۽ صداقت کي تـ آئون صدين کان ڄاڻندو ۽ سڃاڻندو هوس. ڇو جو مون کي خبر هئي تـ موهن جي دڙي جي انسان وٽ ڪڏهن بـ لٺ بانٺو يا ڪلاشنڪوف نـ هئي. هُن ڪڏهن بـ هٿيارن سان رت جي راند نـ ڪئي هئي. جڏهن تـ مون پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي روايتي انداز ۾ هن کي چيو هو تـ آئون قبل مسيح جي ڪا مخلوق آهيان. پوءِ هن هڪ منٽ ۾ منهنجو فيس بڪ تي پيل تفصيل کڻي اڇي چٺي وانگر ظاهر ڪري ڇڏيو هو. جنهن جي مون کي اڳ خبر نـ هئي، تـ ائين بـ ڪو ٿيندو آهي ۽ آئون دل ئي دل ۾ شرمندو ٿيو هوس تـ مون جنهن سان غلط بياني ڪئي، انهي تـ مون کي ضمير جي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ ڏوهارين جيان آڻي بيهاري ڇڏيو آهي. هن سنڌ جي نوجوان جي بهادري تـ اها آهي جو هن اڄ ڏينهن تائين مون کان اهو نـ پڇيو تـ آئون ڪير آهيان ۽ ڇا ڪندو آهيان، جڏهن تـ هو بخوبي اهو بـ ڄاڻي ٿو تـ فيس بڪ تي اڪثريت فنڪارن جي هوندي آهي. هن کي اها بـ خبر آهي تـ آئون هن جو هم عمر بـ نـ آهيان پر هو مون سان ڪڏهن ڪڏهن فيس بڪ تي آن لائن ٿي وڏي ادب ۽ احترام سان مون کي “توهان ” لفظ سان مخاطب ٿي دنيا جون اوڀاريون ۽ لهواريون ڳالهيون ٻڌي ۽ ٻڌائي وٺندو آهي. مون وٽ هن جي خلوص ۽ اخلاق جي عيوض ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهـ بـ باقي نـ رهيو آهي. ها البت منهنجي اها خواهش آهي تـ سنڌ جو هر نوجوان ملڪ جي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچي ملڪ ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ جي خدمت ڪندو رهي. اهو سڀ ڪجهـ محنت،اورچائي، ڪتابن سان اڻ ميي پيار ۽ سٺي صحبت جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. پر بد قسمتي سان هي اسان جي آئيندي جا اڏيندڙ تـ اڃان فيس بڪ جي “ف” ۾ ڦاٿا پيا آهن. ٻڌي ڇڏيو ! تـ “ اي سنڌ جا ارڏا ۽ البيلا نوجوانئو ذاتي خواهشن کي مقصد تي قربان ڪرڻو ئي پوندو، عشق جي حاصلات ڪا ايڏي سولي ناهي ”
اڪثر فيس بڪ تي منهنجي سنڌ جي نوجوانن سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي. تـ آئون انهن کان سندس پڙهائي جي باري ۾ پڇندو رهندو آهيان ۽ کين صلاح ڏيندو آهيان تـ فيس بڪ گهٽ استعمال ڪن. مون هڪ دفعي ڪنهن هڪ نوجوان کي لکيو هو تـ “ هي توهان جا فيس بڪ وارا دوست کِلڻ مهل توهان سان گڏ هوندا ۽ روئڻ مهل توهان کي اڪيلو ئي روئڻو پوندو” يقينن اها ڳالهـ هن کي ڏُکي ضرور لڳي هوندي. آئون بـ جڏهن اهڙي الهڙ جواني ۾ هوندو هئس، تـ ڪو گهڻگهرو يا همدرد انسان پڙهائي لاءِ چوندو هو، تـ ان جي سامهون وڃڻ ئي ڇڏي ڏيندو هئس. امان مرحومـ چوندي هئي تـ ” ابا پڙهڻ آهي رُڪ جا چڻا چٻاڙڻ برابر آهي. ”
پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو اوچتو سنڌ جو هي نوجوان الوپ ٿي ويو، مون فيس بڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن کي ڳوليو، پر هو مون کي ڪو نـ مليو. مون هيڏي وڏي ماڻهن جي انبوهه ۾ کيس ڳوليو پر هو نـ مليو، سنڌ جي ٿر ۽ رڻ ڪڇ جي صحرا ۾ به هو ڪو نـ مليو، يورپ جي رنگين راتين ۾ هو ڪو نـ مليو، بنگال جي سندربن جي گجگاهه گهاٽن ٻيلن ۾ هو ڪو نـ مليو، آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن ۾ هو ڪو نـ مليو ۽ ننڍي کنڊ جي هر وڏي ۾ وڏي انساني بستي ۾ مون کيس ڳوليو، پر هو مون کي ڪٿي بـ نـ مليو هو. پوءِ مون دنيا جي يونيورسٽين جي ڇانودار راهن تي هن کي تڪڻ شروع ڪيو، جتي مستي ۾ نوجوان ڪو قيمتي موبائل فون هٿ ۾ کڻي ڪنهن وينگس جو انتظار ڪندا آهن،هو مون کي اُتي بـ ڪو نـ مليو. ڌرتيءَ جي گولي تي هو مون کي ڪٿي بـ ڪو نـ مليو، مون چنڊ تي ان ٻڍڙيءَ کان پڇيو، جيڪا ماٽي مان مَهي ڪڍي رهي هئي، پر هو مون کي اتي بـ ڪو نـ مليو. اي سنڌ جا نوجوان اڄ جڏهن تون مون کان وڃائجي ويو آهين تـ مون توکي ڳوليو هو، منهنجي شهر جي وڏن ويڪرن ۽ نـ کٽندڙ روڊن تي، مون توکي ڳوليو هو، منهنجي ڳوٺ جي سوڙهين ۽ گُهٽيل گهٽين ۾، تون مون کي ڪارونجهر جي ڪور تي بـ نـ مليو هئين. ها برابر مون تنهنجي مُورتي ڏٺي هئي ڪاسبي جي مندر ۾، جنهن کي مون هڪ وار جُهڪي نمسڪار ڪيو هو ۽ تنهنجن چرنن کي ڇُهيو هو.
مون کي خبر نـ آهي تـ تون ڪير آهين، تون چنڊ آهين، جيڪو اُڀرڻ کان اڳ ئي لهي وئين، تون چمڪندڙ تارو آهين، جيڪو اڄ تائين کڙيو نـ آهين، تون گل آهين، جيڪو ٽڙڻ جي انتظار ۾ آهين، تون اهو ناول آهين جيڪو اڌُورو رهجي ويو، تون اهو افسانو آهين، جيڪو اڄ تائين لکجي نـ سگهيو آهي، تون اهو خواب آهين جنهن جي اڄ ڏينهن تائين تعبير نـ ٿي سگهي آهي، تون اهو قلم آهين، جنهن جو نب ڀڄي پيو، تون اها محبت آهين، جنهن جي ڪا پڄاڻي ڪانهي، اي سنڌ جا نوجوان مون کي خبر نـ آهي تـ تون ڪير آهين. پر مون کي يقين آهي، تـ جڏهن هي ڌرتيءَ جو گولو مذهبي انتهاپسندن کان پنهنجو پلئـ آجو ڪرائيندو، جنهن ۾ تنهنجو به اهم ڪردار هوندو، يقينن تون انهن غدار ڪردارن لاءِ موت جي صبح جو پهريون ڪرڻو ثابت ٿيندين، ڇاڪاڻ جو ٻاهرين يلغارن کان سنڌ کي توکي ئي تـ بچائڻو آهي.
جنونيت
انهي جي مقابلي ۾ مذهبي سوچ رکندڙن نوجوانن جو هيٺيون قصو بـ پڙهي ۽ ٻڌي سندن اهڙي تربيت تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. اڄ صبح جو ڪنهن دوست فيس بڪ تي هيٺيون سٽون لکيون.
“طالبان ۽ دائش اسلامي نظام اپنائڻ لاءِ اڄڪلهـ ڪتن جيان انساني قتلام ڪري رهيا آهن تـ ٿورو تصور ڪيو تـ عالمي اسلام جا جيڪي هيرو آهن مطلب تـ محمود غزنوي، محمد بن قاسم ۽ ٻيا ڪيترائي چور هيرو، انهن ڪيترو قتل عام ڪيو هوندو اقتدار ۽ طاقت جي نشي ۾. “
انهي اسٽيٽس تي مون هيٺين سٽ لکي هئي.
“بلڪل (نالو) ائين ٿيو آهي، تاريخ جا ورق انهي جا شاهد آهن”
پوءِ ڇا ٿيو، نـ کٽندڙ گارين جو سلسلو، ڀلي گهوڙي وانگر، جيڪي جتان ٿي آيا اتان ٿي ويا. ڄڻ اخلاق لفظ انهن ڪڏهن ٻڌو ئي نـ هجي. هتي سنڌ جي هڪ مفڪر محترم نصير ميمڻ جون سٽون ان جي فيس بوڪ جي وال تان کڻي جيئن جو تيئن توهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو، جيڪي حقيقت جي ڪيڏو نـ ويجهو آهن. “ سنڌ ۾ سهپ ۽ رواداري وارن روين جو جنازو نڪري ويو آهي. پڙهيا لکيا ماڻهو اختلاف راءِ تـ ڇڏيو رڳو مختلف راءِ کي بـ سهڻ لاءِ تيار نـ آهن. سوشل ميڊيا ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي، لهجو ۽ رويا سنڌي سماج جي اندروني گهوٽالي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جيترو مواد فراهم ڪن ٿا. خيالن جي انتها پسندي رڳو مدرسن جو مسئلو نـ آهي. فيس بوڪ تي لکندڙ ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن ۽ ليکڪن جو رويو انتها پسندي جا ڏکوئيندڙ ڏيک ڏئي ٿو. دليل بجاءِ دڙڪي جو استعمال سماجي شعور جي زوال جو وڏو اهڃاڻ آهي. جنهن سماج ۾ راءِ رکڻ ۽ ان جو اظهار ڪرڻ ڏکيو ٿي پئي، اتي سوچ ۽ سمجهـ روز آپگهات ڪندي آهي. اهو لاڙو خطرناڪ آهي. هر اهڙي رويي کي روڪڻ ۽ رد ڪرڻ گهرجي. اختلاف راءِ جا در بند نـ ڪيو ۽ تنقيد ۽ اختلاف راءِ وقت شخصي احترام جو حدون نـ اورانگهيو. سنڌ تي مهرباني ڪريو ۽ سوچ کي ساهـ کڻڻ ڏيو. ” اهي آهن سنڌ جي ڏاهي نصير ميمڻ جا خيال جيڪي اسان جي سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. منهنجو مطلب تـ ڪنهن وٽ بـ ڪو دليل ڪونـ هو سواِءِ گارين ڏيڻ ۽ گٿا لفظ چوڻ جي. هئڻ تـ ائين کپندو هو تـ هر لکت جو جواب دليل سان ڏجي ان لاٰءِ ضروري آهي تـ پنهنجي علم ۽ فهم کي ايترو وڌائجي جو اڳيون توهان جي دليلن ۽ علم مان متاثر ٿئي. پر هتي تـ قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي. ٽيڪنالاجي جو فائدو ضرور وٺڻ گهرجي پر ان جو غلط استعال ڪري ڪنهن جي دل آزاري نـ ڪرڻ گهرجي. منهنجي نظر مان فيس بڪ تي ڪيترائي بهترين قسم جا مُدبرانـ دليل ڏنل ۽ عقل ۽ فهم سان ڀرپور بحث مباحثا گذريا آهن، جو انهن کي پڙهي انهن جي علم ۽ فهم تي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نـ ٿو سگهجي. مذهب ضرور پڙهڻ گهرجي. اُن کي ائين پڙهجي جيئن مولانا ابوالڪلام آزاد پڙهيو هو، ان کي جيئن علامـ مشرقي ڏٺو هو. ان کي جيئن مولانا غلام محمد گراميءَ پڙهيو هو. ان کي جيئن مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي پڙهيو هو. هنن عالمن کي دين اسلام تي وڏو عبور حاصل هوندو هو. ان سان گڏ هنن عالمن ٻين مذهبن جو بـ وسيع ۽ گهرو مطالعو ڪيل هوندو هو. مون جڏهن مولانا غلام محمد گراميءَ جو لکيل مقالو“ مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” وري هينئر ٻيهر پڙهيو آهي تـ سندس علم ۽ ڄاڻ تي دنگ رهجي ويو آهيان. جڏهن تـ اهو ساڳيو مقالو مون هن کان پهرين 70 واري ڏهاڪي ۾ پڙهيو هو، جو ان وقت مون کي سمجهـ ۾ ئي ڪو نـ آيو هو. اهڙن عالمن کي پڙهڻ جي لاءِ بـ گهڻو ڪجهـ پڙهڻ جي ضرورت هوندي آهي. هر سنڌي جا ٻـ درجا پڙهيل يا ڪنهن مدرسي مان فارغ ٿيل شاگرد ڀلي ان جي دستاربند ڇو نـ ٿيل هجي، انهن عالمن کي سمجڻ کان قاصر هوندو آهي.
هي انهي وقت جي ڳالهـ آهي جڏهن اڃان مذهبي انتهاپسندي وارو دور ڪونـ آيو هو. هر ماڻهو مذهب جي باري ۾ صحيح رايو رکندڙ هوندو هو. اڄڪلهـ تـ اهڙي حالت آهي جو ٻار يا ڪو نوجوان مسجد ۾ قرآن شريف يا نماز پڙهڻ مس پهچي ٿو تـ مذڪوره مسجد ۾ اڳي ڪم ڪندڙ ديني جماعتون، جن جو ڪنهن نـ ڪنهن سياسي پارٽي سان ئي تعلق هوندو آهي. ان کي تاڙي ٿا وٺن. منهنجي خيال ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ تبليغي جماعت وارا آهن، جيڪي ذهني طور ان کي مڪمل مذهبي بنائي ٿا ڇڏين. انهي پوائنٽ تي والدين جو فرض ٿئي ٿو تـ پنهنجن ٻارن تي نظر رکن، ٻي حالت ۾ اهو ٻار يا تـ تبليغي جماعت يا ڪنهن جهادي تنظيم ۾ شامل ٿي ويندو. اهي اهڙن ٻار کي اهڙي ٽريننگ ٿا ڏين جو هو پنهنجي زندگيِءَ جي پرواهـ نـ ٿو ڪري. ائين بهشت ۽ دوزخ جي چڪر ۾ پاڻ سان بم ٻڌيو ڪيترن ئي بيگناهن جي حياتي کسي ٿو وٺي، ڀريا ڀُڪنا گهر دوزخ ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. ان زماني ۾ مولوي صاحب اهڙي تعليم ڪونـ ڏيندا هئا. مذهب کي سڀ ڪنهن جو ذاتي مسئلو سمجهو ويندو هو. واهـ ! اڄ بـ ٽنڊي الهيار جي ماڻهن کي مولانـا عبدالحق رباني جون نصرپور ۾ ڪيل تقريرون يقينن ياد هونديون، جيڪي هو هر جمعي جي خطبي ۾ ڪندو هو، جنهن ۾ ڪمال جي فصاحت ۽ بلاغت هوندي هئي. انسانيت، قومپرستي ۽ سيڪيولرازم جي صدا نصرپور جي مسجد جي منارن مان پري پري تائين گونجڻ لڳي. پري پري کان ماڻهو ڪهي اچي نصر پور ۾ سندس تقرير ٻڌندا هئا.