لاڙ جو اوطاقي ڪلچر
سنڌ جو ڀلوڙ ڪلچر هو اوطاق سان. هاڻي تـ اهي اوطاقون ئي ويون. اهي مڙس ئي مري ويا جيڪي يڪي سر پنهنجن اوطاقن تي لنگهي آيل لاتعداد مهمانن کي منهن ڏيندا هئا. اهو زمانو هو جڏهن ڪچا رستا هوندا هئا. اڪثر ماڻهو گهوڙن تي يا پيرين پنڌ سفر ڪندا هئا. لاريون موٽرون ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪو نـ هونديون هيون. بس پوءِ جتي ڏينهن تتو، اتي ماجهاندو ڪبو. هر ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ ڪو نـ ڪو سخي مرد ضرور هوندو هو جو وس آهر آيلن جو آڌر ڀاءُ پيو ڪندو هو. اسان جي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ حاجي الھـ جڙيو لغاري( پاڙو شهاڻي) جي ڀلا ڀلي هوندي هئي. سندس اوطاق جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي. اسان جي لاڙ پٽ ۾ ماءُ اهڙو پٽ وري نـ ڄڻيندي جو ايڏي وڏي پيماني تي آيلن جي آڌرڀاءُ ڪري. مهمانن سان گڏ سندن وهٽن جي پڻ ايتري خاطر چاڪري ٿيندي هئي جو وڃي ٿيا خير. مون پنهنجن گنهگار اکين سان ڪئي ورهاڙا پنهنجن وهٽن سميت رات ترسندي ڏٺا. ڇا تـ مڙس جو شان هو، هر آئي وئي واقف توڙي اڻ واقف کي هڪ جيترو مان ملندو هو. آئون حاجي الهـ جڙيو خان کي مامو ۽ سندن گهر واري کي ماميءَ سڏيندو هوس. ڇو جو امان سان هن جو ويجهو مائٽي جو رشتو هو. هر روز ڏهن کان ويهن تائين مهمان تـ خير جي ڳالهـ هوندي هئي. الله جنت نصيب ڪري اسان جي ماميءَ کي، جيڪا انهن نـ کٽندڙ ۽ لا تعداد مهمانن جي اڪيلي سر ماني ٺاهيندي هئي. ان زماني ۾ نوڪر يا بورچي جو تصور ڪونـ هوندو هو. گهر ۾ ڪيترا مهمان اچي وڃن زائفائون پنهنجو پاڻ رڌ پچاءُ جو ڪم ڪنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن تـ 50 مهمان بـ اوطاق تي اچي ويندا هئا. اڪثر ائين ٿيندو هو تـ هڪ کان وڌيڪ ورهاڙا گڏجي پوندا هئا. هڪ عورت کان ڪم مٿي چڙهي ويندو هو تـ منهنجي امان کي سڏ ڪبو هو، تـ هو وڃي هٿ ونڊرائيندي هئي، پر اڪثر ماميءَ، ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ پسند نـ ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن چور ۽ ڪاٽڪو ٽائيپ مهمان بـ اچي ويندا هئا. ڇو جو مامو حاجي الهـ جڙيو ڪڏهن بـ ڪنهن مهمان کان اهو نـ پڇندو هو تـ هو ڪير آهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ ڪيڏانهن ٿو وڃي؟. مطلب تـ “خانن جي خاني، مانيءَ مان معلوم” مهمان بس مڙوئي مهمان آهي، ان کي مانيءَ کارائبي رات جو ان جي رهڻ جو بندوبست ڪبو. ڇو جو اها سنڌ ۽ سنڌين جي روايت ئي ڪونهي، جو ماني کان سواءِ ڪنهن مهمان کي ائين بکئي پيٽ ڇڏي ڏجي. انهي اوطاق جي ڪري کيس ڀوڳڻو بـ گهڻو ڪجهـ پيو هو. هڪ رات ڪو واٽهڙو اچي ترسيو، دستور مطابق ان کي ماني بسترو مليو، رات جو لوڪ لڪا سمهڻ کان پوءِ همراھ حاجي صاحب جون ٻڪريون بـ ڪاهيون، بسترو بـ کڻي ڪلهي تي رکيائين ۽ روانو ٿي ويو. چور جي ڪا ڦٽي، آڌيءَ رات جو ڪي مهمان اچي ويا، حاجي صاحب کي انهن مهمانن کي ماني کارائڻ لاءِ اُٿڻو پيو، جان کڻي ڏسي تـ نـ ٻڪريون نـ همراھ، اچي مچي ڪري ڳوٺ جي ٻاهران وڃي همراهـ کي ٻڪرين سوڌو جهليائون. ڪن جو خيال هو تـ هن کي پوليس جي حوالي ڪجي پر حاجي صاحب کيس ڇڏي ڏنو. اهو چئي تـ ”هن پنهنجو ڪم ڪيو، اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو”. سندس ڪنهن ويجهي مائٽ جو ڀلو ڍڳن جو جوڙو چوري ٿي ويو. پاڻ وڏي ڪوشش ڪري اهو بغير ڀُنگ جي واپس ڪرايائين. چور ڪڏهن بـ ڀُنگ وٺڻ کان سواءِ چوري واپس نـ ڪندا آهن. پر حاجي صاحب جي اُٿي ويٺي جي ڪري چوري واپس ٿي. نظير احمد جيڪو منهنجو ماروٽ ٿئي، سو ڪن دوستن سان گڏ ڀٽ شاهـ تي ويو. اُتي انهن کي هڪ ماڻهو مليو، خير عافيت ۽ واقفيت کان پوءِ يڪدم چيائين تـ “توهان انهي گلاب لغاري جي ڳوٺ جا آهيو جتي حاجي الهـ جڙيو خان جي اوطاق آهي ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي ماني کارائيندو آهي. ” ڇا تـ ماني ۽ خيرات جي برڪت هئي، حاجي صاحب کي اڌ سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. پيار ۽ خلوص جو زمانو هوندو هو. هي ڳالهـ آئون 40 سال اڳ جي ٿو ڪريان ۽ اهو سلسلو منهنجي ڄمڻ کان اڳ جو هلندڙ هو، ائين کڻي چئجي تـ اهو خير جو ڪم انگريزن جي دور کان شروع هو. ايتري خرچ ڪرڻ جي باوجود سندس هٿ ڪڏهن بـ تنگ نـ ٿيو. هي اهو زمانو هو جو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو 10 سالا ترقياتي پروگرام اڃان شروع نـ ٿيو هو. هر پاسي ڪچا رستا هوندا هئا. ماڻهو پنهنجي منزل تي پهچڻ جي لاءِ ڍڳي گاڏي يا گهوڙن جو استعمال ڪندا هئا. پوءِ جتي رات پئي اتي ٽڪي پئبو هو. گلاب لغاري ۾ حاجي الهـ جڙيو خان جي اوطاق، اهڙن مهمانن جي انتظار ۾ هوندي هئي. هر مهمان جو بندوبست هڪيو تڪيو هوندو هو.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تـ اهي سنڌ جي خوشحالي ۽ سندس ڀريا ڀڪنا ڏينهن هئا. اها بـ سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي تـ سنڌ صدين کان وٺي، ٻاهران ايندڙ حملي آورن جي گهوڙن جي سنبن جو شڪار رهي آهي. هر ڪنهن فاتح پنهنجي پنهنجي نظر ۽ هٿ سان سنڌ کي ڦُريو ۽ لٽيو آهي. ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب “ سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ۾ ڪنهن غير ملڪي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تـ “ سنڌ ملڪ ۾ اناج تمام گهڻو پيدا ٿئي ٿو، ۽ مکڻ نهايت جهجهو پيدا ڪيو وڃي ٿو، جنهن مان گهڻو حصو مسقط ڏانهن برآمد ڪيو وڃي ٿو. ”هاڻي اچو مختصر طور اهو ڏسون تـ هيءَ “سنڌ” جيڪا مکڻ برآمد ڪندي هئي، منجهس وڏي مقدار ۾ اناج پيداڪرڻ جي صلاحيت موجود هئي. ماڻهو مهمان نواز هوندا هئا، واپاري توازن (Terms of Trade) هميشه سنڌ ملڪ جي حق هوندو هو. وڏي پيماني تي ٻاهريون ناڻو (Remittances) سنڌ ۾ ايندو هو. اڄ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي، سنڌي ماڻهن مان اها مهمان نوازي ڪيڏانهن وئي. پاڪستان جي وحدت ۾ ڏٺو وڃي تـ سنڌ جا سڀئي ڏسڻا عدد (Index Numbers) سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي ۾ نـ آهن. اڌ کان وڌيڪ سنڌي غربت جي لڪير کان فقيرن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ڄمڻ ۽ مرڻ جي ريٽ ۾ ڪو بـ مڃيل اصولن مطابق ڳانڍاپو نظر نـ ٿو اچي. هي اقتصادي ڏيوالپڻو يا ماضيءَ جي امير سنڌ ۽ حال جي فقير سنڌ، منهنجي هن مضمون جي دائري کان ٻاهر آهن. هتي صرف رچرڊ ايف برٽن جي ڪتاب جو حوالو ڏئي هن بحث کي ختم ڪرڻ ئي مناسب ٿيندو، هو لکي ٿو تـ“ مون کي پوري طرح يقين آهي تـ جيستائين سنڌي مسلمانن کي هندن کان بچائڻ واسطي ڪو قانون نـ جوڙيو ويندو، تيستائين اهو وياجي هندو کان بچي ڪو نـ سگهندو. جيڪڏهن هنن جي تحفظ لاءِ (Encumbered Estate Bill) نـ آندو ويو تـ سنڌي مسلمانن کي تباهيءَ کان ڪير بـ بچائي نـ سگهندو. ” هندو تـ 70 سال اڳ هتان هليا ويا. سوال هي آهي ڇا اسين سنڌي مسلمان تباهيءَ کان بچي ويا آهيون. اسان جو حال ورهاڱي جي وقت کان بـ برو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ پينو فقيرن تي ڪا سروي ڪئي وڃي تـ سنڌ جو هر چوٿون ماڻهو فقير نڪرندو. جنهن ۾ ڪو توهان کي ظاهري طور پنندي ڏسڻ ۾ ايندو تـ ڪو خيرات جي رقم جي لاءِ ڪنهن ATM مشين جي سامهون نظر ايندو. پلاننگ ڪميشن جي دعويٰ آهي تـ سنڌ ۾ 0.5 سيڪڙو غربت گهٽ ٿي آهي. پر زميني حقيقتون انهي دعويٰ سان ٺهڪي نـ ٿيون اچن.
اهو 70 جو ڏهاڪو هو، هڪ چواڻي مطابق“ سنڌ اڃان گدڙن ڪو نـ کاڌي هئي”. مهمان مڙي جو آڌر ڀاءُ پيو ٿيندو هو، ننڍي وڏي ڏينهن تي قرب ڪچهريون پيون ٿينديون هيون. ها البت ٻهراڙين ۾ شادين جي موقع تي ڇنن جي جاءِ تي شاميانن جو رواج پئجي چڪو هو. شادي هالن جو ٻهراڙي ۾ ڪنهن نالو نشان بـ نـ ٻڌو هو. مطلب تـ امن ۽ شانتي جو زمانو هو. راڳ جي ميدان ۾ اسان جي لاڙ پٽ ۾ حيدر کوسي ۽ مُٺو ڪڇي جي هاڪ هوندي هئي. فوزيا سومرو گهڻو گهڻو پوءِ ميدان ۾ لٿي. هر ڪو ماڻهو پنهنجي ۾ خوش هوندو هو، ڪيڙي کي ڪڻ تـ هاٿي کي مڻ، هر ڪنهن کي پنهنجي وت ۽ وس آهر روزگار ملي ويندو هو. راقم کي بـ انهي زماني ۾ سنڌي ماستري ملي وئي هئي. اهو ماستري ۽ نوڪري جو ذڪر گاهي بگاهي ايندو رهندو. خبر نـ آهي جو سنڌ کي ڪنهن جي نظر لڳي جو 70 جي پوئين ڏهاڪي ۾ ملڪ مٿان ڪاري آنڌي اچي نازل ٿي. ملڪ جي مولوين اليڪشن جي نتيجن ۾ پي پي پي جي ڪاميابي کي مڃڻ کا انڪار ڪيو. نون پارٽين جو هڪ اتحاد ٺاهي جنهن کي پاڪستان نيشنل الائينس (PNA) جو نالو ڏئي، ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي جي خلاف تحريڪ هلائي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا. فوج حڪومت جو تختو اونڌي ڪري پاڻ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. انهي سڄي معاملي ۾ مذهبي جماعتن وڏو ڪردار ادا ڪيو. انهي جي عيوض ضياءُالحق انهن کي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. ڀٽي کي دٻائڻ جي لاءِ مارشل لا حڪومت سنڌ ۽ سنڌين تي سختي شروع ڪئي. ڏوهارين کي وڌيڪ ڏوهن ۾ ملوث ڪري کين هٿيارن پنهوارن سان ليس ڪري خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بدامني پيدا ڪئي وئي. چڱا خاصا ڏسڻا وائسڻا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڏوهن جي دنيا ۾ لهي پيا، جن جو اثر اوس سنڌ جي ڪلچر تي پوڻو هو. هڪ اهڙو ڏهڪاءُ ۽ ڊپ جو ماحول پيدا ڪيو ويو، جو ماڻهو ماڻهو کان ڊڄڻ ۽ خوف کائڻ لڳو. تعليم ۾ ڪاپي جو ڪلچر اڳئي ڀٽي جي زماني ۾ پئجي چڪو هو. باقي امن امان جي رهي سهي ڪثر مارشل لا سرڪار ڪڍي ڇڏي. رات جو جيڪڏهن اوطاق تي ڪا ڪچهري منعقد ٿيندي هئي يا ڪنهن مهمان کي ماني کارائي ويندي هئي تـ ورندي ڏينهن پوليس مٿان اچي بيهندي هئي تـ توهان چورن کي ماني ٿا کارايو. ائين ڪيئي بي گناھ پوليس جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسي ويا. ڀرين ڀُڪنن اوطاقن جا کليل دروازا بند ٿي ويا. سنڌ جو بهترين ڪلچر ڌماڪي سان اچي پٽ پيو. بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ جي ڪري روڊ رستا وڌيڪ ٺهي ويا، سفر ۾ آسانيون پيدا ٿيون، ماڻهو ٻئي هنڌ ترسڻ جي بجاءِ پنهنجي گهر پهچڻ کي ترجيح ڏيڻ لڳا، انهيءَ جو بـ اثر سنڌ جي اوطاقي ڪلچر تي پيو.
اسان وٽ سنڌ ۾ جتي نوجوان گهوٽن جون شاديون ڪيون وينديو هيون اُتي ننڍڙن گهوٽن جي طهرن تي پڻ وڏا جشن ڪيا ويندا هئا. سنڌ ۾ جيتري شادي جي اهميت هوندي هئي، اوتري ئي طهرن جي پڻ. سرندي وارا توڙي غريب غربو انهن ٻنهي موقعن تي گهر ٻاري ڏياري ڪندو هو. جڏهن تـ نياڻين جي شادين تي هروڀرو ايترو ڊنڊاسرو ڪو نـ ڦيرائبو هو، سڄو زور پٽ جي طهر ۽ شادي تي ڏبو هو. سنڌ ۾ جيڪڏهن هڪ ئي ڳوٺ ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا تـ سڀ ڪنهن وٽ طهر ۽ شاديءَ جون الڳ الڳ ريتون، رسمون ۽ طور طريقا آهن. ڪجهـ مخصوص سنڌي مهينا هوندا هئا جن ۾ شاديون يا طهر نـ ڪيا ويندا هئا. هاڻي تـ طهر جو ڀت ڪٿي نالي ماتر وڃي رهيو آهي. موتمار مهانگائي، وقت جو نـ هئڻ، دنيا جو سڪڙجي وڃڻ هن رسم کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. شهرن ۾ تـ جابجا پارڪ يا ٻيون گهمڻ جو جايون آهن، جتي شهرين جو وقت سٺو پاس ٿيو وڃي، ان جي مقابلي ۾ ٻهراڙي ۾ طهرن، شادين ۽ ميلي ملاکڙي کان سواءِ ٻئي ڪابـ اهڙي گهمڻ ڦرڻ يا تفريح جي جڳهـ ڪانهي جنهن ۾ ڪو سورن جو ماريل ۽ غربت جو ستايل چار گهڙيون وڃي ڪنهن سان دل جا سور سلي.
مون پنهنجي سانڀر ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون طهرون ۽ شاديون ڏٺيون، جيڪي انتهائي يادگار سمجهيون وڃن ٿيون. هي اهو زمانو هو، جڏهن تنبو ۽ تولان، شاميانا ۽ ڪناتن جو اڃان رواج ۾ ڪو نـ پيو هو. هر ڪو پنهنجي وت ۽ وس آهر ڇنا ٺاهي پيو شادين ۽ طهرن جون خوشيون ملهائيندو هو. اهڙيون تقريبون سنڌ ۾ منقعد ٿيندڙ ڪنهن بـ ميلي کان گهٽ ڪين هونديون هيون. طهر يا شادي جي تاريخ مقرر ٿيڻ کان پوءِ يڪدم سڄي راڄ کي ڪاٺين ڪرڻ جي ڪوٺ ڏني ويندي هئي، اهو سلسلو ڪافي ڏينهن تاءِ هلندو رهندو هو. ڀت جي ديڳين جا دس لهندا رهندا هئا، هر آيو ويو اوڙو پاڙو انهيءَ مان کائي خوش ٿي مالڪن کي دُعائون ڏيندو ويندو هو. اڃان طهر يا شادي مهينو کن پري هوندي هئي تـ راڄ کي ڇني ٺاهڻ جي ڪوٺ اچي پهچندي هئي. هر ڪو پنهنجي راڄ ڀاڳ ۾ ڏيٺ ويٺ جي بنياد تي تور تڪ ڪندو هو. سو طهر يا شادي جي تقريب لاءِ ڇنو پڻ اهڙي حساب سان ٺاهڻو پوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڇنا چئين ايڪڙن ۾ پکڙيل بـ مون پنهنجن اکين سان ڏٺا. انهيءَ لاءِ الڳ ڪاٺ جون ٿوڻيون، سَر ۽ ٻيو سامان، سڀ ڪو پنهنجي زمينداري يا سنگت ساٿ مان وڍرائي پيو ڪم هلائيندو هو. اهو تـ شادي واري جي اُٿي ويٺي تي منحصر هوندو هو تـ ٻين راڄن سان سندس ڪيترا پير ڀريل هوندا هئا. انهي حساب سان ٻين راڄن ڀاڳن جا ماڻهو اچي انهي ڪم ۾ هٿ ونڊرائيندا هئا. مقرر تاريخ تـ اڃان ڪافي پري هوندي هئي پر انهيءَ جو چهچٽو گهڻو وقت اڳي شروع ٿي چڪو هوندو هو. جيئن جيئن ٻاهر مرد پنهنجو ڪم تيز ڪندا هئا تـ وري هوڏانهن گهوٽ گهر ۾ ماين اچڻ شروع ڪيو، اوڙي، پاڙي، راڄ ڀاڳ پنهنجو پرايو، رات جو سومهاڻين جي نماز کان پوءِ اچي گهوٽ گهر پرگهٽ ٿينديون هيون. ڳيچ ۽ سهرا تـ سنڌ جي اهم ريتن ۽ رسمن ۾ شامل آهن. ڳوٺ جي مڱڻهار فقيرن جي روزي روٽي پڻ انهن شادين مرادين تي مدار رکندي آهي، جيڪڏهن ڪا وڏي شادي يا طهر اچي وئي تـ سڄي سال جو خرچو پاڻي ٻاهر. اڳيان بـ رئيس يا وڏيري جي پٽ جي طهر يا شادي آهي، سو انهن بـ وسان ڪين گهٽايو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تـ اهڙن موقعن لاءِ چئين ايڪڙن ۾ ڇنو ٺاهيو ويندو هو، انهي لاءِ ايتري ايراضي ۾ گهوڙن ٻڌڻ جي لاءِ ڪِلا هنيا ويندا هئا، جيئن تـ روڊ ۽ رستا اڃان ڪچا هئا، تنهنڪري وڏا وڏا ماڻهو پنهنجي سواري واسطي ڀلا ڀلا گهوڙا ڌاريندا هئا. ننڍي وڏي ڏينهن تي يا شادي مراديءَ تي انهن تي چڙهي وڃبو هو. اڳيان شادي وارن پاران خاص ڪري وڏو تعداد ماڻهو بيهاريا ويندا هئا جي رڳو گهوڙا جهلڻ ۽ انهن کي ڪلي تي ٻڌڻ لاءِ هوندا هئا. جڏهن وڏي تعداد ۾ ماڻهن وانگر وهٽ اچي گڏبا هئا تـ انهن جي هِڻڪار جو آواز هڪ قسم جو اهڙو سريلو ۽ سٺو وايو منڊل پيدا ڪري ڇڏيندو هو جو دل چوندي هئي تـ اهڙيون تقريبون سدائين ٿينديون رهن. اهڙين شادين يا طهرن ۾ وڏي انگ ۾ ڦنڊرون ڪٺيون ۽ لا تعداد ڀت جون ديڳيون لاٿيون وينديون هيون. آيو ويو غريب غربو پرائي مال تي مفت ۾ پيو خوشيون ملهائيندو هو.
هاڻي تـ اهڙو ڦِرڪو ڦريو آهي جو نـ اڄ اهڙيون شاديون ٿين ٿيون نـ ئي وري اهڙيون گڏجاڻيون مطلب تـ اهي ريتون رسمون، اهي خوشيون غميون، هاڻي ماضيءَ جا قصا ٿي ويون آهن. اسان جي راڄ جا پيءُ ۽ پٽ مڱڻهار اسماعيل فقير ۽ بهار فقير، جڏهن گڏجي دُهل وڄائيندا هئا تـ اهڙو سُر ۽ لئي بيهاريندا هئا جو ڄاڃين تي هڪ قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو. اڄ جي بينڊ باجن کان رس مڙوئي چڙهيل هوندو هو. ڳوٺ ۾ ڪا شادي ٿيندي هئي تـ هوٽلن وارن ۽ مانڊڻي وارن جي چاندي ٿي ويندي هئي. هر آيل دعوتو ايندي ويندي چانهـ جو ڪوپ پاڻ بـ پيئيندو هو تـ يارن دوستن تي پڻ پيو خرچ ڪندو هو. چانهـ کان پوءِ پان جو چاٻو ۽ سگريٽ جو سوٽو پڻ لازمي هوندو هو. مطلب تـ هڪ شادي جي ڪري ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پئسي جي ريل پيل جي ڪري چڱي خاصي معاشي سرگرمي جنم وٺندي هئي. معاشي طرح ملڪ جي لاءِ بـ سٺو سوڻ هوندو هو. هاڻي نـ رهيون آهن اهي ريتون ۽ رسمون، ڳوٺن جي شادين وڃي شهر وسايا، نـ ناچو نـ ڳائڻا،نـ فقير نـ فقراءُ، مطلب تـ سنڌ جي ڀري ڀُڪني رسم اسان جي هٿن مان واريءَ وانگر نڪري وئي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ کي انهيءَ جو معاشي توڙي اخلاقي طور وڏو نقصان ٿيو آهي. وري جو اهڙو واءُ وريو، جو اهي زمانائي تبديل ٿي ويا. “ نـ رهي برھ نـ رهي باهڙي”، اهي مچ ئي موڪلائي ويا، جنهن تي ويهي ڳوٺن جا وڏڙا، سياڻا، سٻاجها ۽ اٻوجھـ ماڻهو ڪانڀون ڪڍي دل جون اورون اوريندا هئا. سندن گفتار پڙهيل لکيل عالمن کان وڌيڪ نصيحت ڀريل هوندي هئي. سچي گيھـ جي جاءِ هٿرادو گيھـ، ڊالڊا اچي والاري، جنهن مان انيڪ قسم جون بيماريون پيدا ٿيون، نـ انهن تي قابو پائڻ لاءِ سرڪار وٽ ڪي دوائون آهن ۽ نـ وري ڊاڪٽرن وٽ ڪو ٽائيم، ديسي ٽوٽڪا ۽ ڏاهپ جا ڏس گهڻو اڳ اها جوءِ ڇڏي ويا. مٿان غربت هڻي غريبن جا لاھ ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. ڳاٽي ڀڳا اسپتالن جا خرچ ۽ هر وقت وڌندڙ ڊاڪٽرن جون فيون، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهـ نـ آهي. انسان تـ آهي پر انسانيت موڪلائي وئي. اڳي وارا استاد اِنسان ۽ انسانيت جي خدمت جي تعليم ڏيندا هئا، هاڻي جا مدرسا ڳڀرو نوجوانن کي انسان ۽ انسانيت جي تباهي جو سبق ڏين ٿا. هر شيءَ نيست نابود ٿيندي پئي وڃي. خاص ڪري، ڀٽي جي ڦاسي کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ اهڙو ڪلچر متعارف ڪرايو ويو، جنهن هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. هٿرادو پيدا ڪيل ڌاڙيل ڪلچر ڀرين ڀُڪنين اوطاقن جا کليل دروازا بند ڪرائي ڇڏيا آهن. مطلب تـ سنڌ جي هر شيءَ تيزي سان تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي.