مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

آگهاماڻي جو ميلو

آگهاماڻي جو ميلو

ميلو سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو صحيح ۽ حقيقي وندر ۽ ورونهـ جو نمونو پيش ڪري ٿو. سنڌ سونهاري جي هر ضلعي ۾ ننڍا وڏا ميلا لڳندا رهن ٿا، جيڪا نمائش ميلن ۾ نظر اچي ٿي اها ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ نطر نـ ايندي آهي. ميلن مان ننڍيون وڏيون ڪيترن ئي قسمن جون اقتصادي سرگرميون پڻ جنم وٺن ٿيون، جيڪي ان علائقي جي لاءِ ڏاڍيون سودمند هونديون آهن. ان کان سواءِ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي لاءِ ٻارنهين مهيني تفريح جو سبب پڻ بڻجن ٿيون. لوڪو رام ڏوڏيجا پنهنجي ڪتاب “ منهنجو وطن منهنجا ماڻهو” ۾ سنڌ جي ميلن متعلق ڪجهـ هيئن خيال آرائي ٿو ڪري. “ ميلن ۾ پير فقير، امير غريب، چورچڪار، بازيگر رانديگر، جوڳي ٺوڳي، لنگها،کدڙا، ڪڃريون قوال، لليجا، جوئاري، شوقين ۽ شودا، دڙا دلال، مطلب تـ سڀ قسم جا سنڌي ڏسڻ ۾ ايندا. زالن ۾ بـ حسين، هر ناز واريون اچي ڳاهٽ ٿينديون هيون. انهن کي نهاري وڏيرا پنهنجن تلوار ڇاپ مڇن کي وٽ ڏيئي ذري ذري پيا کنکهنڪار ڪندا، لڪُڻ پيا گهمائيندا ۽ پٽڪي کي پيا ٽاٽائيون ڏياريندا. پر جاني نهارين بـ ڪين. پر ڪڏهن ڪڏهن ضرورتمندن جي مُشڪ ۽ نيڻن سان نينهن جي نياپن جي ڏي وٺ بـ ٿيندي هئي. ”
سنڌ ۾ ميلا (ميڙا) جيڪي وڏي تعداد ۾ هر هنڌ لڳندا هئا. سي سماجي ڳانڍاپو ۽ سير تفريح جو وڏو ذريعو هوندا هئا. تقريبن هر ميلي ۾ مال جو وڏو واپار ٿيندو هو ۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري ساري آهي. اسان جي ڳوٺ جي پاسي ۾ اگهاماڻي ۾ پڻ ڪيتري عرصي کان مخدوم محمد اسماعيل سومري جو ميلو هر سال وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو پيو اچي. انهي ميلي جو روح روان قريشي خاندان جو چشم چراغ ميان غلام نبي قريشي هوندو هو، جيڪا روايت اڄ ڏينهن تائين سندس پويان قائم رکيو اچن. آئون ٻن سالن جو هوس تـ بابا سائين سان گڏجي ميلي تي گهمڻ ويندو هوس. جڏهن پنجن سالن جا ٿياسين تـ پاڻ مرادو سڄو ڏينهن پيا ميلي تي ڦيرا ڪندا هئاسين. مون اگهاماڻي جي ميلي مان جڏهن پنجين درجـي ۾ پڙهندو هوس تـ هڪ تصوير ڪڍرائي هئي، اها اڄ ڏينهن تائين مون وٽ محفوظ آهي بليڪ اينڊ وائيٽ وڏيون ڪئميرائون هونديون هيون، جن ۾ ڪارو ڪپڙو ٻڌل هوندو هو، فوٽو ڌوئڻ مهل فوٽو گرافر انهي ڪاري ڪپڙي ۾ ٻانهن لنگهائي پوءِ ڪجهـ اندر ڪندو هو. ان کان پوءِ ان کي رسي ۾ ٻڌي سُڪائي ڇڏيندو هو. ڪلاڪ کان پوءِ فوٽو تيار ۽ مالڪ جي حوالي. اگهاماڻي جو ميلو ايڏو وڏو تـ نـ هوندو هو، پر ٽن ڏينهن لاءِ وڏو چهچٽو لڳي ويندو هو. ٻـ وڏا هوٽل شيش محل هوٽل ڪري سڏبا هئا. ان کان سواءِ ڪشمش جا دڪان، مٺائي جا دڪان، رانديڪن جا دڪان، شربت وارا، ڳنڍي وارا، پينگهي وارو مطلب تـ ٽن ڏينهن جي لاءِ بر ۾ بازاريون لڳي وينديون هيون. هر ننڍو وڏو، غريب غربو ان ميلي جي لاءِ سڄو سال تياري پيو ڪندو هو. منهنجي بابا ۽ راڻي ڀائي (مينگهواڙ) گڏجي ڀائيواري تي 1962ع ۾ وڏي تاج محل هوٽل کولي هئي. آئون اڃان ستن سالن جو هوس، چٽي يادگيري تـ ڪونهي ڀانيان ٿو تـ بچت ڪا گهڻي ڪانـ ٿي هئي. باقي هوٽل لاءِ جيڪا تاج محل جي تصوير، جنهن جي ٺاهڻ لاءِ پورو مهينو لڳو هو، اها اتان لاهي اسان جي گهر جي هڪ ديوار تي اچي لڳائي هئي. اگهاماڻي جي ميلي ۾ ان وقت جا نالي وارا ملهـ پهلوان پڻ ايندا هئا. جن ۾ غلام سرور جتوئي، سيد سمن شاهـ، الهجڙيو سمون، خدو شيدي، دادلو شيدي، ڀيرجي سامي ۽ اسان جي تر جي ملهن ۾ نعمت الله سريوال، عبدالرحمان لغاري، محمد لغاري وغيره قابل ذڪر آهن. رات جو ميلي ۾ ڳائڻن جون مختلف ٽوليون پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪنديون هيون. انهن ۾ هڪڙي ٽولي ڪولهي راڳيندڙن جي بـ هوندي هئي، جيڪي گاسليٽ جي مُتي تي راڳ ڳائيندا هئا. ملاکڙي کان پهريان ڀلن گهوڙن جو ميل ٿيندو هو. ان کان پوءِ ملاکڙي جو شغل شروع ٿيندو هو. جيڪو هر ميلي جو مُکُ ائٽم سمجهيو ويندو آهي. هر ماڻهو ملهن کي واهـ واهـ سان گڏ انعام طور هڪ روپـي کان ڏهن رپين تائين انعام پيو ڏيندو هو،خاص انعام بوسڪي جا پٽڪا هوندا هئا، جيڪي خاص ڪري اسان جي تر جي معزز رئيس محمد حسن خان لغاري (سريوال) ۽ ٻين معزز ماڻهن طرفان هوندا هئا. ان کان سواءِ ٽن ڏينهن لاءِ ملهن جي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست پڻ رئيس محمد حسن خان سريوال جي طرفان هوندو هو. انهي دوران هر ملهـ پهلوان جي ضرورت آهر تيل مالش ۽ ماهي کير جو بندوبست پڻ رئيس صاحب جي حوالي هوندو هو. اها روايت سندس اولاد اڄ ڏينهن تائين قائم رکيو اچي ٿو. انهن مهمانن ۾ شامل هوندا هئا ملهـ پهلوانن جا شاگرد، ملهن جو جمعدار، ملاکڙي جي ڪامينٽري ڪرڻ وارو مطلب تـ 50 کان 60 ماڻهن جو ٽولو هوندو هو جيڪو ٽن ڏينهن جي لاءِ رئيس محمد حسن خان سريوال جو مهمان هوندو هو.
ان زماني ۾ هر ميلي ۾ هڪ خاص مخصوص بازار هوندي هئي، جنهن کي ڳاڙهي بازار ڪري چوندا هئا. اسان جي ڳوٺ واري ميلي تي پڻ اها رونق افروز ٿيندي هئي. اها بازار ٿورو پري ميلي جي پاسي ۾ وڏا وڏا ڪرڙن جا ٻوٽا هوندا هئا، انهي ۾ سجندي هئي. هڪ دفعي آئون بـ انهي بازار ۾ دل پشوري ڪرڻ ويو هوس، ڏاڍي رش لڳي پئي هئي. اسان جي ميلن مان رس ۽ چس تڏهن نڪتي، جڏهن ميلا ڦري عرس ٿيا ۽ هر ڳالهـ کي حرام ۽ حلال جي ساهمي ۾ توريو ۽ تڪيو ويو. هر وندر ۽ ورونهن کي فحاشي جي دوربني جي اک سان ڏٺو ويو. انهي، متعلق مولانا گرامي پنهنجي مقالي جي شروعات ئي هنن لفظن سان ڪري ٿو تـ “ اسان جا اڄڪلهـ جا ڪي نقاد، ذوق جمال ۽ فحاشي ۾ ڪو بـ فرق ۽ امتياز نـ ڪري سگهيا آهن. هنن کي سائي جي مرض وانگر، هر هنڌ عريانيت ۽ جنسيات پئي نظر اچي. پوءِ ڀلي تـ ڪو رنگين خيال هجي ۽ اهو شيرين ۽ روح پرور پيرايي بيان ۾ آيل هجي، پر ان کي هرو ڀرو اخلاقيات ۾ گهلي اچڻ ۽ مٿس فتويٰ ڏيڻ کان اسان جا نقاد مڙن ئي نـ ٿا. ” مولانا گرامي صاحب ساڳئي مقالي ۾ انهي بابت ڪجهـ اجهو اهڙن خيالن جو اظهار ڪري ٿو. “ هونئن بـ زندگي خشڪ ۽ مرده چيز آهي. ان جي بيحسيءَ ۽ مردگيءَ، جمود ۽ خشڪي کي ٽوڙڻ جي لاءِ ضروري آهي تـ منجهس احساس ۽ بصيرت ۽ شيريني بـ ڪنهن حد تائين پيدا ٿئي. ان ۾ سوز ۽ ساز، ڪيف ۽ ذوق وجدانيات ۽ جماليات جا ڪجهـ اثر ۽ نقش ڀريا وڃن. رڳو رهبانيت ۽ ٻڌ ازم واري ترڪ دنيا تي تـ پوري انسان ذات هلي ڪا نـ ٿي سگهي. ”