مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

مٺياڻيءَ جا ڏينهن

مٺياڻيءَ جا ڏينهن

اهو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهان تـ مون مٺياڻيءَ نقشي ۾ ڳولي لڌي هئي. تاريخ تـ ياد نـ آهي پر اهو 1976 ع جو زمانو هو, ٺهي جُڙي آئون ۽ مشڪور ڦلڪارو حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن واري علائقـي وٽان صبح جو سکر واري بس ۾ سوار ٿي وڃي نوشهروفيروز لٿا هئاسين. اُتان مٺياڻيءَ ويا هئاسين واٽ تي نوشهروفيروز ۽ مٺياڻيءَ جي وچ ۾ ڪهڙا وڏا وڏا ڳوٺ آيا هئا، اهو مون کي هاڻي ياد ڪونهي. ايترو ياد اٿم ڪاليج جي هاسٽل اسان کان اڳ ئي ڀرجي وڃڻ جي ڪري، اسان پهرين رات ڪاليج جي مسجد ۾ وڃي ستا هئاسين. ٻئي ڏينهن ڪاليج وارن اسان جو “ابجي” واري علائقـي جي ڪنهن اسڪول ۾ رهائش جو بندو بست ڪيو هو. بدين ضلعي ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج نـ هئڻ جي ڪري ان سال اسان مان ڪن کي مٺياڻي تـ ڪن کي لاڙڪاڻـي ٽريننگ لاءِ موڪليو ويو هو. جيتريقدر ياد پوي ٿو تـ اسان 80 کن استاد هئاسين، جن مٺياڻيءَ ۾ 1976-77 ع ۾ استادن واري ٽريننگ ورتي هئي. ان زماني ۾ جن استادن اسان کي پڙهايو، ان ۾ شامل هئا. مسٽر گل حسن تيوڻو، مسٽر تاج محمد شاهـ، مسٽر روشن علي پنهور، مسٽر غلام سرور ڳوراهو، مسٽر حاجي خان مشوري، مسٽر محمد عثمان سومرو, مسٽر مير محمد چانڊيو، ۽ مسٽر محمد انور مستوئي، جنهن اسان کي ڊرائنگ جي امتحان جي تياري ڪرائي. جڏهن تـ پرنسيپال جون ذميواريون مسٽر عبدالرحيم چنـا صاحب ادا ڪري رهيو هو. استاد تـ سڀئي سٺا هئا، ڪنهن جي ڪنهن سان ڀيٽ ڪرڻ سٺو نـ ٿو لڳي. پر داڻن ۾ هڪ موتي داڻو هو سائين گل حسن تيوڻو. جنهن ۾ هڪ باصلاحيت استاد جا سڀئي رنگ موجود هئا. خوش اخلاق، طبعيتن نرم،گفتگو جو هڪ مخصوص انداز، هن استاد کي سڀني استادن کان ممتاز ڪري ڇڏيو هو. مٺياڻي جي استادن مان صرف اهو ئي استاد آهي، جنهن جو مون سان اسلام آباد تائين رابطو رهيو. هئا تـ سڀئي لائق ۽ سهڪاري استاد پر تيوڻي صاحب جو هڪ الڳ مقام هو. ان زماني ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مٺياڻي طرفان سال ۾ هڪ دفعو مئگزين نڪرندو هو. غالبن سائين تيوڻي صاحب انهي متعلق ڪا ڳالهـ ڪئي آهي، انهي خط ۾ منهنجي طرفان ڪجهـ ڪاغذن موڪلڻ تي پڻ شڪريو ادا ڪيو آهي، مون کي ياد نـ آهي تـ اهي ڪاغذ ڇا بابت هئا. جيڪي مون سائين جن کي موڪليا هئا. سندس لکيل خط جيئن جو تيئن هيٺ ڏجي ٿو.
Gul Hassan Tiwano
M. A (Eco) , M. Ed, LLB H. S. T Grade-16, Govt. Teachers Training School, MITHANI.
10/1/78
پيارا ڀاءُ
اسلام عليڪم
1. اميد تـ جملي متعلقين سميت بلڪل خوشباش هوندا.
2. توهان جو 31/12 وارو خط وصول ٿيو ۽ اجهو جوابن عرض.
3. 31/1 تي مئگزين ملي رهيو آهي ۽ اسان متعلقين ڏانهن ايڊريسن پٽاندڙ موڪلينداسين. توهان جي راءِ کي آئون خيال ۾ رکان ٿو ۽ انشاالله حسب خواهش شامل ڪندس. بهرحال ڪوتاهيءَ جي صورت ۾ عفو و درگذر کان ڪم وٺندا. انفرادي طور، اميد تـ توهان کي 25/2 ڌارا وصول ٿي ويندا(انشاالله)
4. ادا جيئن ۽ جنهن حال ۾ توهان اسان کي 1976ع ۾ ڏسي ۽ 1977ع ۾ ڇڏي ويا آهيو 1978ع دوران پڻ انهيءَ طور ۽ طريقن سان “تخريبي قوتن” سان طبع آزما آهيون. متوقع نتائج بـ محسوس پيا ٿين پر “ مايوسي” ڪفر جي مترادف سمجهي سلسلي کي منقطع نـ ڪيو آهي. شال، الله تعاليٰ توهان کي ڪامياب ڪري ۽ اسان کي پڻ.
5. باقي سڀ خير جي قابل
6. ٻي ڪا ڪار خدمت
7. توهان جو پيپرن مهيا ڪرڻ وارو احسان ياد آهي
8. منهنجون دعائون ۽ نيڪ خواحشون توهان جي جملي سڄڻن کي
9.
دعاگو
گ-ح-ت
(گل حسن تيوڻو)

مٺياڻين ۾ جڏهن آئون ويو هوس تـ منهنجي رنگين ۽ مست جواني هوندي هئي. منهنجي ان وقت ڄمار مشڪل سان 20 سال کن هوندي. انهي شهر ۾ گذاريل هڪ سال منهنجن بهترين ۽ اڻ مٽنجندڙ يادن تي مشتمل آهي. انهي جي وسيلي مون کي راشد مورائي جهڙا عظيم انسان مليا، جن منهنجي زندگيءَ ۾ نئون موڙ آڻي ڇڏيو. جيئن مٿي اهڙو ذڪر اچي چڪو آهي تـ اسان 80 جي لڳ ڀڳ استاد هئاسين، جن ۾ سڀني کان ننڍي ڄمار منهنجي هوندي هئي. اڃان ڏاڙهي مڇ خير ڪو آئي هئي. هتان ڳوٺ ڇڏڻ کان اڳئي ماڻهن مون کي ڀري تيار ڪري ڇڏيو هو تـ “خيال ڪجانءِ اتر جا ماڻهو ڏاڍا ڏنگا اٿئي”. پر ان جي ابتڙ هتي جا ماڻهو جهڙوڪ مستوئي، سهتا، چانڊيا، ملڪ، مشوري، شيخ ۽ سولنگي مون کي ڏاڍا ڀلا لڳا. لک ٿورا الهـ ورائي سهتي جا جنهن دوستيءَ جو پورو پورو حق نڀايو، جنهن جي دوستيءَ جي ڪري مٺياڻيءَ ۾ پنهنجائپ جو احساس پيدا ٿيو. ائين لڳو تـ آئون پنهنجي ئي ڪنهن ڳوٺ ۾ پيو گهمان ڦران. الهورايو سهتو دلبر ماڻهو هو، الله کيس وڏي ڄمار ڏي هاڻي هو تبليغي ٿي ويو آهي. خير انهي نظريي سان تـ منهنجا هن سان لک اختلاف ٿي سگهن ٿا پر سندس اخلاق، سچائي، يارن جو يار، هن جهڙو مون نـ ڏٺو. هن جي محبت ۽ ساٿ جي ڪري، آئون مٺياڻي مان پنهنجي ٽريننگ پوري ڪري سگهيس. الهورايو سهتو ان زماني ۾ مٺياڻي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو ۽ شام جو ڪئبن ٽائپ ڪتابن جي دڪان تي اچي ويهندو هو. جيڪو ڏينهن جو سندس والد صاحب هلائيندو هو. الهورايو جيئن اسڪول مان دڪان تي ايندو هو تـ آئون بـ ڪاليج ختم ڪري هن جي دڪان تي پهچي ويندو هوس. هفتـي ۾ هڪ دفعو هن جي گهران منهنجي لاءِ خاص ماني بـ ٺهي ايندي هئي. هن دوست جون مانيون ۽ مٺياڻي جي کنڊر ٿيل پراڻي بازار ياد ٿي پوي تـ دل چوي ٿي تـ اسلام آباد ڇڏي مٺياڻي هليو وڃجي. پر وقت جي وير هاڻي لهي چڪي آهي، انهي جو وري چڙهڻ ممڪن ڪونهي. مٺياڻي ڇڏڻ کان پوءِ ڪجهـ وقت لاءِ هن سان خطن جو سلسلو جاري رهيو پر اهو گهڻو وقت جٽاءُ نـ ڪري سگهيو. الهورايي سهتي جي دڪان جي سامهون هڪ ريزڪي دڪان هوندو هو، جنهن تي غلام مصطفيٰ چانڊيو نالي نوجوان ويهندو هو. انهي سان رڳو پري پري کان دعا سلام رهي. ڪنهن بـ قسم جي ويجهڙائپ ٿي نـ سگهي. شايد هو بـ ٻروچ ۽ آئون بـ ٻروچ تنهنڪري ٻئي نيگيٽو پوائنٽس، پاڻ ۾ ملڻ ممڪن ڪو نـ هو. سائنس جا اصول بـ ڪجهـ اهو ٿا ٻڌائين. پيارا ڀاءُ غلام مصطفيٰ معاف ڪجان آئون توهان جي باري ۾ ڪجهـ زياده ئي لکي ويو آهيان. استادن جن مون سان گڏ ٽريننگ ڪئي، انهي ۾ شامل هئا. مشڪور ڦلڪارو، عبدالرسول چانگ، محمود بوهڙ، محمد رفيق کوسو، محمد حنيف چانديو، محمد اسلم چانڊيو، غلام علي سومرو وغيره وغيره، انهي سڀني ۾ دلچسپ شخصيت جو مالڪ هوندو هو محمود بوهڙ. هي جيڪڏهن ڪنهن استاد جي صحيح ٿيل ڏسندو هو تـ انهيءَ جو نقل اهڙو ڪندو هو جو مالڪ پاڻ بـ نـ سڃاڻندو هو ۽ بئنڪ وارا بـ چيڪ کي چئليج ڪونـ ڪري سگهندا هئا. ان زماني ۾ هر هڪ استاد کي ڪجهـ پريڪٽيڪل ليسن هلائڻا پوندا هئا. هر ليسن جي پٺيان واسطيدار استاد جي صحيح سان گڏ نوٽ هوندو هو، جيڪي اسان اڌ هلايا ۽ اڌ محمود کان نوٽ ۽ صحيح هڻائي جمع ڪرائي ڇڏيا. اهو تـ اسان جي مٿين استادن جو ظرف هو يا هو پنهنجي صحيح نـ سڃاڻي سگهيا يا وري انهن انهي غلط ڪم تي ڪنهن بـ قسم جو ڪو ردعمل ظاهر نـ ڪيو. مٺياڻي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ جيڪا خاص مشهور ڳالهـ هوندي هئي. اهو هو ڪاليج جو Demonstrating Hall جنهن کي ننڍن لفظن ۾ ڊي هال چيو ويندو هو. ان هال ۾ ڪنهن زماني ۾ سکيا وٺندڙ استاد ليسن وغيره هلائيندا هئا يا ڪا راڳ رنگ جي محفل منعقد ٿيندي هوندي. پر اسان جي زماني ۾ ان جي حالت اهڙي ڪا نـ هئي، جو ان ۾ ڪا ڍنگ جي محفل مچائي سگهجي. مٺياڻي ڪاليج جا استاد ڳالهـ ڪندا هئا تـ هڪ دفعي لاڙڪاڻي پاسي جا شاگرد ٽريننگ لاءِ آيا. ان وقت ڊي هال ۾ فنڪشن ٿيندا هئا. جڏهن تـ ڊي هال جي پنهنجي هڪ دهشت بـ هوندي هئي. هڪ شاگرد پنهنجن مائٽن کي خط لکيو تـ “ مون کي فلاڻي تاريخ تي ڊي هال لڳو آهي. ” مائٽن کي ڪهڙي خبر تـ ڊي هال ڇا ٿيندو آهي. سو هو روئيندا پٽيندا ڳوٺان نڪتا تـ اسان جي ٻچي کي ڪٿي ڊي هال لڳو آهي. مطلب تـ همراهـ ڪو زخمي ٿي پيو آهي. مون کي مٺياڻي جو ڊي هال وري تـڏهن ياد آيو، جڏهن وري Senior Management Course جي لاءِ لاهور ويو هوس. جتي پهرين دفعي منهنجون بـ وڏي پيماني تي ٽنگون رڦيون هيون. باقي رڳو ڪرڻ کان بچي ويو هوس. انهي لاهور واري هال جو نالو بـ ڊي هال هو. دل ۾ آيو تـ جيڪڏهن مٺياڻي ۾ اها ٽريننگ ٿي وڃي ها تـ هتي لاهور ۾ اهڙا ڏينهن ڏسڻا نـ پون ها.
شهر جي ماڻهن سان گهڻي عليڪ سليڪ ڪا نـ هوندي هئي. سواء چند ماڻهن سان دعا سلام ۽ هٿ جوڙ رهي، ٿي سگهي ٿو تـ گهڻو عرصو گذري وڃڻ جي ڪري آئون انهن کي ياد نـ هجان پر مون کي سندن چٽا عڪس اڄ بـ ذهن جي هارڊ ويئر ۾ محفوظ آهن. اڪثر ڪري ڪاليج جي دوستن سان گڏ اٿڻ ويهڻ پيو ٿيندو هو. ان کان سواءِ ڳوٺ “ابجي” جي غلام مصطفيٰ سولنگي سان قرب واريون ڪچهريون الڳ ٿلڳ نويڪلائي ۾ پيون ٿينديون هيون. هو انهي زماني ۾ جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو تـ مٺياڻي هاءِ اسڪول ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. انهي دوست سان گڏ بـ ڪنڊائتو ڪنهن هوٽل جي ڪنڊ ۾ ويهي ڪنهن کير پتي چانهـ جي ڪپ تي قرب ڪچهريون اڄ بـ ذهن جي ڪنهن ميموري جي خاني ۾ سندس ياد کي تازو ڪنديون رهن ٿيون. هن قرب ڏيڻ ۽ قرب وٺڻ واري انسان سان وري ملاقات نـ ٿي آهي ۽ شايد اهڙي ملاقات وري نـ ٿئي. پر سندس اترادي لهجي ۾ کلڻ ۽ ڳالهائڻ مون کي اڄ ڏينهن تائين نـ وسريو آهي. هاڻي تازو ڪاشف شيخ صاحب جي مهربانين سان الهورايو سهتي سان وري ناتا ۽ رشتا بحال ٿيا آهن، جنهن انتهائي درد ڀري خبر ٻڌائي تـ غلام مصطفيٰ سولنگي هاڻي هن دنيا ۾ نـ رهيو آهي. اهو ٻڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. مون تـ غلام مصطفيٰ جي جواني ڏٺي ئي ڪا نـ هئي. ڪڏهن ڪڏهن تـ هو اسڪول مان ڪتاب ڪڇ ۾ کنيو سڌو مون وٽ هاسٽل هليو ايندو هو. پوءِ اسان ڪچهري ۾ اهڙا محو ٿي ويندا هئاسين جو وقت جي اسان کي خبر ئي نـ پوندي هئي. حقيقت ۾ ان وقت اسان اڃان ٻار هئاسين عشق ۽ مشڪ جي اسان کي ڪا بـ خبر ڪا نـ هوندي هئي، تنهنڪري اهڙي موضوع تي اسان ڪڏهن بـ نـ ڳالهائيندا هئاسين. آئون ڪيئن مڃان تـ هن جي ساهـ جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو ۽ وري پنهنجن آکيرن تي نـ موٽندو. ڪاش هُن جي ڏوراهين ڏيهـ وڃڻ کان پهرين منهنجي هُن سان هڪ ملاقات ٿي وڃي ها تـ اسان ننڍي هوندي وارين ڳالهين کي وري ياد ڪيون ها. پر وقت ۽ حالتن اسان کي اها اجازت نـ ڏني. مٺياڻيءَ جي جن ٻين دوستن سان دعا سلام رهي، انهن ۾ مستوئن جا ڇوڪرا شامل هوندا هئا، جن جا نالا هاڻي ياد نـ آهن. مون هي ڪجــهـ لکڻ کان پهريان ڪوشش ڪئي تـ ڪن دوستن جو حال احوال ملي سگهي پر انهي ۾ مون کي ڪاميابي نصيب نـ ٿي. ها البت مشتاق مستوئي سان آسلام آباد ۾ هڪ ٻـ ملاقاتون ضرور ٿيون هيون. اسلام اباد ۾ مٺياڻين جو محمد صادق ملڪ، جيڪو اسلام آباد پوليس ۾ آهي، انهي سان مٺياڻيءَ بابت ڪافي ڪچهريون ٿيون آهن. تمام ڀلو ماڻهو آهي، مون سان وڏي اخلاق ۽ ادب سان پيش اچي ٿو.
جنهن بلڊنگ ۾ اسان پڙهياسين اها مٺياڻي ڪاليج جي پراڻي بلڊنگ هئي. ڪاليج بلڊنگ جي اڳيان هڪ بهترين قسم جو باغيچو هوندو هو. انهي نون نڪور گُلن ۽ مکڙين جي سار سنڀار چاچي رسول بخش سهتي جي ذمي هوندي هئي، جيڪو ڪاليج جو مالهي هوندو هو. انهي باغيچي جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست هڪ نار جي ذريعي کوهـ مان ڏاند ٻڌي ڪيو ويندو هو. انهي باغ جي وچ ۾ هڪ وڏو بليڪ بورڊ لڳل هوندو هو، جنهن تي سائين حاجي خان مشوري هر روز صبح جو ڪنهن سنڌي اخبار جون خاص خاص سرخيون چاڪ سان اچي لکندو هو. هڪ اڌ خبر لاڙ پاسي جي بـ لکي ڇڏيندو هو، جيڪا اسان جي دلچسپي جو سبب بڻجندي هئي. خاص ڪري هر ماڻهو پيو موڪل واري خبر ڳوليندو هو. هاسٽل، ڪاليج جي پٺيان هوندي هئي پر اسان پي سي اسڪول ۾ رهندا هئاسين، جتي هينئر نئين بلڊنگ ٺهيل آهي اتي وڏو خالي ميدان پيل هوندو هو، جنهن تي اسان شام جو والي بال راند ڪندا هئاسين. ڪاليج جي اڳيان روڊ هوندو هو، جيڪو پي سي اسڪول ۽ پوليس ٿاڻي جي اڳيان ٿيندو، هيلٿ سينٽر جي ديوار سان پاسو ملائيندو، نوشهرو فيروز ڏانهن نڪري ويندو هو. ڪاليج جي ديوار جي پاسي ۾ چنـا صاحب (هاڻي نالو ياد ڪونهي) جي چانهـ جي هوٽل هوندي هئي. جنهن تي اڪثر اسان ٽريننگ اسڪول جا استاد اچي وهندا هئاسين. پر ائين بـ ڪونـ هو. هن سدا بهار ۽ هر وقت رونق سان ڀرپور سياحتي ماڳ تي مٺياڻيءَ شهر جا ماڻهو بـ شام جو انهي هوٽل تي اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا. ڇو جو ٻاهر روڊ تي اها هڪڙي ئي هوٽل هوندي هئي هر ڪو پنهنجي وت ۽ وس آهر پيو دل پشوري ڪندو هو. ڪن مقامي ماڻهن جون اسان جي استادن سان دوستيون ياريون ٿي ويون هيون، انهن جي ملاقات جي جڳهـ بـ اهائي هوندي هئي. مٿان اُتر سنڌ جي گرمي ماڻهن کي ڪنهن کليل پُر فضا مقام تي ويهڻ جي لاءِ مجبور ڪندي هئي. ان زماني ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو بـ ڪو خاص بندوبست ڪو نـ هوندو هو. هڪ اڌ بس مورو، وايـا نوان جتوئي، مٺياڻيءَ پهچندي هئي، باقي نوشهروفيروز کان مٺياڻي تائين سوزڪيون هلنديون هيون. مون کي جيترقدر ياد پوي ٿو تـ SRTC جي هڪ بس بـ رات جو مٺياڻيءَ ۾ نائٽ ڪري صبح جو سوير حيدر آباد لاءِ رواني ٿيندي هئي. سو هر آئي وئي تي نظر بـ انهي هوٽل تان رکبي هئي. ظاهر آهي تـ هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو ذوق ۽ شوق هوندو آهي. خلقڻهار هن کوپڙي ۾ خبر نـ آهي تـ ڇا ڇا ڀري ڇڏيو آهي. ڪي خالي ڏسڻ جا شوقين تـ ڪي وري کائڻ ۽ پيئڻ جا شوقين، اسان تـ هوندا هئاسين صوفي ماڻهو بس چانهـ جي ڪوپ تي موج ٿي ويندي هئي. هوٽل جي اندر ڪنڊائتو ڪمرو پڻ هوندو هو. جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سُلفي سُوٽو بـ پيو ٿيندو هو تـ ڪڏهن وري سنڌي ٿاڌل جا جام بـ پيا ڀربا هئا. هڪ شام مون کي بـ هنن چاڙها ڏيئي هڪ گلاس پياري ڇڏيو. آئون صوفي ماڻهو ڪڏهن سگريٽ چپن تي نـ رکيو هجي تنهن کي جيڪڏهن ڀنگ جو گلاس پيئارجي تـ ڳالهـ ڪٿي وڃي بيهندي. اهو شام جو وقت هو، چُڪو چاڙهي ۽ والي بال جي راند جي ميدان تي اچي بيٺس. هڪ بال مان مون کي ٻـ، ٽي بال پيا نظر اچن. حالت غير تي ڪن گَهڻگُهرن تاڙي ورتو تـ هن سان ڪو معاملو ٿيو آهي. مون کي ايترو هوش هو جو مون انهن دوستن کي چيو تـ مون کي ڀنگ پياري ويئي آهي. هاڻي مون کي ياد ڪونهي تـ اهو ڪير دوست هو، جنهن مون کي زور سان ڳلن تي هڪ ٻـ چماٽون وهائي ڪڍيون هيون تـ مون کي لڳو تـ 80 سيڪڙو نشو لهي ويو آهي. انهن لپاٽن جا نشان منهنجن ڳاڙهن ڳٽول ڳلن تي ڪافي ڏينهن نمايان رهيا، جن تي ڪنهن بـ قسم جي ڀورن وارن جي ريکا بـ اڃان ظاهر ڪا نـ ٿي هئي. اسان جنهن پي سي اسڪول ۾ رهندا هئاسين، انهي جي پاسي ۾ پوليس ٿاڻو هوندو هو، عين انهي جي سامهون باغ هوندو هو، انهي ۾ ليمن جا وڻ بـ هوندا هئا. اتان ليمان پٽي مون کي اچي کاريائون تـ منهنجا نشا لهي ويا. انهي ۾ جن دوستن منهنجي درد کي پنهنجو درد سمجهو اهي هئا، رفيق کوسو، مشڪور ڦلڪارو ۽ “ابجي” جو دوست غلام مصطفيٰ سولنگي. جيڪو اسان سان والي بال راند گڏ کيڏندو هو. مون کي لڳو تـ غلام مصطفيٰ سڄي رات ننڊ ڪا نـ ڪئي هئي. ڇو جو صبح جو سوير مون کان پڇڻ آيو تـ “توهان جي طبعيت ڪيئن آهي. ” هن جي نشيلن نيڻن ۾ مون کي پيار جي پالوٽ نظر آئي هئي. جڏهن تـ هو ڄمار ۾ مون کان ننڍو هو. اڃان نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. مطلب تـ رات جو دير تائين چني جي هوٽل تي ۽ جلال چانڊيـي جي ڪيسٽ تي لاڙ ۽ اتر جي ماڻهن جو ميلو متو پيو هوندو هو. ذات شوقين ڪنهن نـ ڪنهن حيلي بهاني چنـا صاحب جي هوٽل جي حاضري پئي ڀربي هئي. اسان جا ڪجهـ استاد پٽڪن جا بـ شوقين هئا. شام جو ڊبل گهوڙو بوسڪي مٿي تي ٻن تُرن سان پَٽڪو ٻڌي استاد جنهن مهل مٺياڻيءَ جي روڊ تي نڪرندا هئا. واهـ سائين واهـ، لئي لڳي ويندي هئي. اهو پٽڪن جو رواج تڏهن ختم ٿيو، جڏهن هاسٽل مان اسان جي هڪ استاد جو پٽڪو چوري ٿي ويو. انهي پٽڪي جو چرچو نـ رڳو هاسٽل تائين رهيو. پر انهي جون وڙولون شهر تائين وڃي پهتيون. دڙڪا دهمان ٿيا، منٿون ميڙون ٿيون، راڄن ڀاڳن تي بار وڌا ويا، پر اڄ 40 سال گذري وڃڻ کان پوءِ بـ پٽڪي جو ڪو پير ۽ کُر نـ لڳو آهي.
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بـ ڪچو ڪو نـ ڏٺو هو، مٺياڻيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ خبر پئي تـ ڪچي جو علائقو هتان بلڪل ويجهو آهي. شهر ۾ منهنجا ٻـ دوست هوندا هئا (اڃان بـ آهن) هڪ الهـ ورايو سهتو ٻيو غلام مصطفيٰ سولنگي.(مرحوم) باقي اسان سڀ ٽريني استاد هئاسين، جنهن ۾ مشڪور ۽ آئون ستين ڪلاس کان وٺي گڏ پڙهيا هئاسين ۽ رفيق کوسو سو بـ اسان جو ساٿي هو. مون اچي هنن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو تـ مون کي ڪچو گهمايو. ان زماني ۾ جمعي تي هفتيوار موڪل ٿيندي هئي. سو اهو ڏينهن ڪپڙا ڌوئڻ ۽ نماز پڙهڻ ۾ پورو. سو منهنجو شوق پورو ئي نـ ٿئي. نيٺ هڪ ڏينهن شهر ۾ پڙهو گهمايو ويو تـ فلاڻي ڏينهن بچاءَ بند تي ڏاندن (ڍڳن) جي ڊوڙ جو مقابلو (گوءِ) ٿيندو. منهنجو شوق ويتر وڌي ويو تـ ميل بـ ڏسبو ۽ ڪچو بـ گهمبو. خير سائين مقرر ڏينهن تي بچاءَ بند تي خلق ئي خلق، وڏي رش ماڻهن جي لڳي وئي. جيڏانهن ڪر نگاهـ ماڻهو ئي ماڻهو. مون کي تعجب تڏهن ٿيو جڏهن ڏاندن کي سينگاري سنواري مقابلي جي لاءِ بيل گاڏين ۾ ٻڌائون. جڏهن تـ اسان وٽ لاڙ سنڌ ۾ ڍڳن (ڏاندن) کي هرن ۾ ٻڌي پوءِ مقابلو ڪيو ويندو آهي. هڪ هنڌ انبوهـ ماڻهن جا نظر آيا، پتو لڳو تـ تر جي وڏيري جي ڏاندن جي جوڙي مقابلي لاءِ ميدان ۾ لهي ويئي آهي. وڏيري وانگر ڏاند بـ مون کي ٿلها ٿمنبرا ۽ متارا مواڙ نظر آيا. هر ماڻهو جو اهو رايو هو تـ وڏيري جا ڏاند ميدان ماري ويندا. مقابلو شروع ٿيو ڏاندن ڊوڙڻ شروع ڪيو. خلق سڄي ڏاندن جي پٺيان، ڪارون (مون کي جيتريقدر ياد پوي ٿو تـ ڪارون ڪي ايتريون گهڻيون ڪو نـ هيون) موٽر سائيڪل، سائيڪل، پيادل، مطلب تـ هر ماڻهو جو رخ اوڏانهن، رزلٽ آئي، پتو لڳو تـ وڏيري جا ڏاند هارائي ويا. هڪ غريب هاري جا ڏاند کٽي ويا. انعام اڪرام ٿيا، ناچ گانا، هر ماڻهو پيو غريب هاري کي مبارڪون ڏي. بر۾بازارون لڳي ويون. هاڻي چِميگويون شروع ٿي ويون تـ اهو معجزو ڪيئن ٿيو. وڏيري جا ڏاند ڪيئن هارائي ويا. پتو لڳو تـ ڪچي ۾ ڪو بزرگ آهي، جنهن جو نالو پير علي گوهر شاهـ آهي. ان انهن ڏاندن کي دعا ڪئي هئي، اهي ئي ڏاند مقابلو کٽي ويا آهن ۽ اهو بزرگ ان وقت اڃان حال حيات هو. مون کي هاڻي اها ڳالهـ سمجهـ ۾ آئي آهي تـ ان وقت جي پيرن جو ڪو اصول هوندو هو. هر اليڪشني وڏيري کي دعا ڪو نـ ڪندا هئا. هاڻي تـ نـ اهي پير رهيا آهن نـ وري اهي وڏيرا. ناڻو سڀني جي مٿان حاوي ٿي ويو آهي. ناڻي وڏيرن ۽ پيرن جا شوق ۽ شغل ئي ڦيري ڇڏيا آهن. هن موضوع تي جيڪڏهن ريسرچ ڪجي تـ گهڻو ڪجهـ لکي سگهجي ٿو. پر جيئن تـ اهو سڀ ڪجهـ منهنجي هن ڪتاب کي دائري ۾ نـ ٿو اچي. آئون وري اچان ٿو مٺياڻي جي ڪچي ۾ پير علي گوهر شاهـ تي. هاڻي شوق اچي جاڳيو تـ پير صاحب سان ملاقات ڪجي. تنهنڪري هڪ ڏينهن مشڪور ڦلڪارو، آئون ۽ ٽيون شخص هڪ اسان جو ساٿي استاد هو پر مُلو هو. اسان ٽيئي ڪچي ۾ لهي پياسين. هاڻي مون کي ياد ڪونهي تـ اسان ڪيترو پنڌ ڪيو هو. پر ايترو ياد آهي تـ اسان ٻيڙي ۾ بـ چڙهيا هئاسين. پير صاحب اسان سان وڏي حب ۽ اُڪير سان مليا، هي مون کي روائتي پير نظر ڪو نـ آيو. پير صاحب سان ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. انهي سڄي گفتگو جا مشڪور نوٽس پڻ ورتا پي. مون کي صرف ايترو ياد آهي تـ پير صاحب جي گفتگو جو محور روحانيت ۽ سياست هو. هُن ان متعلق ڇا ڳالهايو اهو مون کي بلڪل ياد ڪونهي. ها البت مشڪور چواڻي تـ پير صاحب اسان ٻنهي (مشڪور ڦلڪارو ۽ نظام لغاري) ڏانهن اشارو ڪري چيائين تـ توهان سنهڙي سائين سان وڃي ملو، باقي ٽئين اسان جي ساٿي ڏانهن ڪو خاص توجهـ نـ ڏنائين. پير صاحب جا چيل اهي لفظ مون کي بلڪل ياد ڪو نـ آهن. اهي مون مشڪور جي حوالي سان هتي لکيا آهن، ڇو جو هُن نوٽس ورتا پئي. بقول مشڪور جي، اهو اسان کي سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڏانهن اشارو هو. پر آئون انهي ڳالهـ تي ڪا بـ پنهنجي راءِ نـ ڏيندس، ڇو جو مون کي اهو ياد ئي ڪونهي تـ ڪو پير صاحب اهي لفظ چيا بـ هئا. ها البت سائين جي ايم سيد سان اسان ٻنهي جي گڏ ملاقات ٿي هئي. انهي مُلاقات جا خمار اڃان تائين نيڻن مان لهي نـ سگهيا آهن.
مٺياڻيءَ ۾ ٻيو جيڪو شخص هو، ظاهري طرح تـ مولوي هو پر روائتي مولوي ڪو نـ هوندو هو. هو هڪ سنڌ جو وڏو شاعر هو سندس نالو مولوي قادربخش ڀرٽ هو . جڏهن تـ سندس تخلص “محزون“ هوندو هوس. پاڻ تمام سٺو شاعر هوندو هو. آئون ۽ مشڪور وٽس اڪثر پيا ويندا هئاسين. سندس مدرسو مٺياڻي جي بازار، جتي ختم ٿيندي هئي اتي هوندو هو. جهڙو دماغ جو کليل هوندو هو. اهڙي دل بـ ڪشادي هوندي هئس. جڏهن بـ محزون صاحب وٽ ڪچهري تي ويندا هئاسين تـ شاعري ٻڌائڻ ۽ سنڌي ادب تي گفتگو اسان جو موضوع هوندو هو. هن شخص سان پڻ اسان جون کوڙ ساريون ڪچهريون رهيون. پاڻ ديوبندي طبعيت جا مالڪ هئا. مذهب ۾ هميشه اعتدال پسند نظر آيا، انتها پسندي کيس پسند نـ هوندي هئي. مٺياڻي ڇڏڻ کان پوءِ ساڻس ملاقات نصيب نـ ٿي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن کنگهـ کڙڪو يا دُشمنن جي طبعيت خراب ٿيندي هئي تـ رخ ڪبو هو سرڪاري اسپتال ڏانهن. اسپتال تـ تيار ٿي وئي هئي. البت اڃان ڊاڪٽر وغيره مقرر ڪو نـ ٿيا هئا. مٺياڻي هيلٿ سينٽر ۾ هڪ ماڻهو هو قمر الدين سهتو، خبر نـ آهي تـ ڊاڪٽر هو يا ڪمپائونڊر، الله وڏي ڄمار ڏيس ڏاڍو ڀلو ماڻهو هوندو هو. با اخلاق باڪردار، مون جڏهن بـ ڏٺو تـ ڪپڙن لٽن ۾ تيار،ڳالهائڻ ۾ فهميدو، مون کي هميشه ٻڪ گورين جو ڀري ڏيندو هو. ساڻس ڪنهن قسم جي دوستي ياري قائم نـ ٿي سگهي. هو خبر نـ آهي تـ ڪهڙن چڪرن ۾ هوندو هو، سو اتي اسان کي لفٽ ڪا نـ ملي. باقي ايترو ضرور چوندس قمرالدين سهتو فضيلت ڀريو انسان هو. يقينن آئون هن کي ياد نـ هوندس، پر سندس خوبصورت اخلاق ۽ سهڻي سڀاءَ جا ڌنڌلا عڪس اڄ بـ ذهن جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ سندس ياد ڏياريندا رهن ٿا.
هي قصو انهي وقت جو آهي جڏهن نـ آئون مٺياڻي ۾ هوس نـ وري ماستر،تقريبن سنڌ ڇڏي چڪو هوس. ها باقي اسلام آباد مان هر ٻئي ٽئي مهيني ڳوٺ اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد کان ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٿي ويو. ان زماني ۾ اڃان سپر هاءِ وي تي ايئر ڪنڊيشنڊ بس سروس شروع نـ ٿي هئي. ڪراچي جي لاءِ بدين بس اسٽينڊ تان بس ۾ سوار ٿبو هو، اها بس سڄو شهر گهمائي ڦيرائي ڏيڍ ڪلاڪ کان پوءِ وڃي حيدرآباد شهرکي ڇڏيندي هئي. ائين بس ۾ ڪراچي وڃڻ لاءِ ويٺو هوس تـ ڪنهن پوئين سيٽ تان ٻارن وانگر اکين تي کڻي هٿ رکيو. حيران پريشان ٿي ويس تـ هي ڪير ماڻهو ٿي سگهي ٿو، جنهن اهڙي حجت ڪئي آهي. پاڻ ڳالهايائين پر آئون سندس آواز سڃاڻي نـ سگهيس. نيٺ تعارف ڪرائيندي چيائين تـ “آئون آصف مٺياڻوي آهيان، توهان نظام لغاري آهيو” مٺياڻي جو نالو ٻڌي منهنجا ڪن کڙا ٿي ويا هئا. آئون پنهنجي بس جي سيٽ ڇڏي اچي هن سان گڏ ويهي رهيو هوس. مون هن کان پڇو تـ “ توهان مون کي ڪيئن سڃاتو آهي” هن جواب ڏنو هو تـ “ مٺياڻي ۾ جنهن اسڪول ۾ توهان رهندا هئا، (پي سي اسڪول) آئون انهيءَ اسڪول ۾ پنجين درجي ۾ پڙهندو هوس. وري جڏهن توهان اسان جي اسڪول ۾ ليسن هلائڻ ايندا هئا تـ آئون توهان کي ڏسندو رهندو هوس. اڃان اڳتي جڏهن مون شاعري شروع ڪئي ۽ راشد مورائي سان ڏيـٺ ويٺ ٿي تـ سائين راشد هر ڪچهري ۾ اوهان جوئي ذڪر ڪندو هو. تـ آئون دل ئي دل ۾ چوندو هوس تـ نظام تـ منهنجو بـ دوست آهي. هينئر جڏهن توهان بس ۾ چڙهيا تـ مون توهان کي سڃاڻڻ ۾ ڪا بـ غلطي نـ ڪئي. ” هن اهو سڀ ڪجهـ وڏي پيار، پاٻوهـ ۽ محبت مان مون کي ٻڌايو هو. پوءِ اسان دلين جا دفتر کولي ڇڏيا ۽ ڪچهرين جا ڪوٽ اڏي ڇڏيا. اسان ڪچهري بـ ڪندا وياسين ۽ رکي رکي هي مون کي پنهنجي شاعري بـ ٻڌائيندو رهيو. بعد ۾ آئون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ هن جي شاعري پڙهندو رهيس. آصف مٺياڻوي شاعر هئڻ سان گڏ ڀلوڙ ماڻهو بـ هوندو هو. اسان انهي ٽن ڪلاڪن جي ڪچهري ۾ سنڌي ادب تي چڱو خاصو ڳالهايو هو. پر بدقسمتي سان ان کان پوءِ اسان جو ڪنهن بـ قسم جو پاڻ ۾ رابطو ٿي نـ سگهيو. بس ائين هڪ ڏينهن خبر آئي تـ آصف جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. اها خبر ٻڌي منهنجا ڇيهـ ڇڄي پيا هئا. مون کي اها ٽن ڪلاڪن جي بس واري ملاقات ياد آئي هئي، جنهن ۾ اسان يادن جا ڏيئا روشن ڪيا هئا. ڇو جو آصف جي اڃان وڃڻ جي ويل ڪا نـ هئي. ائين اسان جو هي دلبر دوست ۽ سنڌ جو بهترين شاعر اوڏانهن هليو، ويو جتان ڪو واپس نـ آيو آهي.
دل چوي ٿي تـ مختصرن ٿورو ذڪر ريل جي سفر جو بـ ٿي وڃي، جيڪا پبلڪ سيڪٽر ۾ هوندي بـ پرائيويٽ سيڪٽر روڊ ٽرانسپورٽ جو مقابلو نـ ڪري سگهي آهي. هڪ رات سائين راشد مورائي وٽ ڪچهري ڪندي ۽ رات جي ماني کائيندي موري ۾ اسان کي دير ٿي وئي. ان زماني ۾ نماشام کان پوءِ مٺياڻي لاءِ سواري ملڻ ڪو سولو ڪم ڪو نـ هوندو هو. ايترا وري اسان وٽ ڏوڪڙ بـ ڪو نـ هئا جو ڪا ٽيڪسي وغيره کڻي ڪجي. ٻئي ڏينهن ڪلاس هئا ڪاليج پهچڻ بـ ضروري هو. سواءِ ريل گاڏي جي اسان وٽ ڪو ٻيو چارو ڪو نـ هو. منهنجي خيال ۾ اسان چار ماڻهو گڏ هئاسين. مشڪور ڦلڪارو جو هئڻ تـ مون کي ياد آهي باقي ٻيا ڪهڙا دوست گڏ هئا اهو ياد نـ اٿم. مون کي جيترو ياد پوي ٿو تـ رات جو 9 کان پوءِ ريل مورو مان نڪتي هئي، جيڪا تقريبن 11 بجي ڌاري اچي مٺياڻي پهتي هئي. واٽ تي هڪ ٻن اسٽيشنن تي بيٺي هئي پر انهن جا هاڻي نالا ياد ڪو نـ آهن. نـ ريل جي ڪنهن دٻي ۾ بلب ٻرندڙ هو نـ ئي وري مون کي ڪنهن اسٽيشن تي ڪو بجلي جو چمڪو نظر آيو. جنهن اسٽيشن تي ريل بيٺي ٿي، اسان رڙيون ڪري ٻاهر بيٺل ڪنهن ماڻهو کان پڇيو ٿي تـ هي ڪهڙي اسٽيشن آهي. ائين الله الله ڪري اسان اچي مٺياڻي پهتا هئاسين. شڪر آهي جو ٻاهر ٽانگو بيٺو هو، جنهن اسان کي کڻي اچي ڪاليج ڇڏيو هو.
هي ريل ٽنڊو آدم جنگشن تان هلندي هئي. جيڪا ملان مکڻ، ڀٽ شاهـ، هالا، نيو سعيد آباد، سڪرنڊ، قاضي احمد، دولتپور صفن، مورو، نوان جتوئي، مٺياڻي، ٺارو شاهـ ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي هئي. هڪ ٺارو شاهـ مان نڪري، نوشهرو فيروز مان ٿيندي پڊعيدن تي وڃي مين لائين سان ملندي هئي. جڏهن تـ ٻئي پٽڙي ٺارو شاهـ مان سڌو محراب پور ۾ وڃي مين لائين ۾ پوندي هئي. انهي وچ ۾ ٻيون بـ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون اسٽيشنس هونديون پر طوالت جي ڪري هتي ڏئي نـ ٿيون سگهجن. ريلوي اختيارن جي مطابق اها ريل 1985ع تائين هلندي رهي، ان کان پوءِ بند ٿي ويئي. انگريز سرڪار ننڍي کنڊ ۾ ڪيئن ريلوي جو بهترين سسٽم جوڙيو هو. مين لائين سان گڏو گڏ سروس لائينون پڻ هلنديون هيون. پر اسان جي يارن اهڙي بهترين سسٽم کي تباهـ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. سبب وري اهو ٿو ڏنو وڃي تـ پرائيويٽ سيڪٽر جي ڪري ريل ۾ ماڻهو ڪو نـ ٿا چڙهن. فلم انڊسٽري کي VCR ۽ ڪيبل تباهـ ڪيو. سوال آهي تـ بجليءَ جو اڃان ڪو متبادل ڪونهي انهي کي تـ تباهي کان بچايو. آئون پنهنجي اخباري مضمونن ۾ انهي ڳالهـ تي زور ڏيندو رهيو آهيان تـ ريل، جهاز ۽ بجلي کي هلائڻ سرڪار جي وس جي ڳالهـ نـ آهي. تنهنڪري سرڪار جيستائين انهن شين مان هٿ ڍرو نـ ڪندي، تيستائين عام ماڻهو کي انهن جو لاڀ نـ ملي سگهندو. جيڪڏهن اڄ ٽيليڪام سيڪٽر سرڪار جي هٿ ۾ هجي ها تـ ائين هر ماڻهو موبائل فون کيسي ۾ کڻي ڪو نـ هلي ها ۽ نـ ئي وري نوجوان سوڙين ۽ رلين ۾ فون جون دٻليون لڪائي رات جي پيڪيج تحت ڪنهن اڻ ڏٺل محبوب سان ڊگهيون ۽ نـ کٽندڙ ڳالهيون ڪري سگهن ها.