پنجاب جو املهـ ماڻڪ سنڌ ۾
سنڌي ۾ چوڻي آهي تـ “مڙس ڊڀ نـ آهن جو وري موربا” اسان جي سونهاري سنڌ بـ ڪيئي اهڙا مٿير مڙس پيدا ٿيا آهن . انهن ڌرتي جي ٿڃ ضرور ملهائي آهي. پوءِ ڪنهن اتر ۾ تـ ڪنهن ڏکڻ ۾، ڪڏهن ڪڏهن لِڏ مان بـ لال نڪري نروار ٿيندا آهن. جيئن سنڌ هر شعبي ۾ داناءُ ۽ سياڻا پيدا ڪيا. ائين اسان جي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ پڻ لاتعداد سياڻا ۽ سخنور پيدا ٿيا، انهن مان ڪن جو هتي آئون ذڪر ڪندس. گلاب لغاري ۾ جيڪي املهـ ماڻڪ ڪردار هئا. انهن ۾ ڊاڪٽر احمد خان جو ڪردار بـ پنهنجو مٽ پاڻ هو. غالبن ورهاڱي کان اڳ 1919ع ۾ سوڀو خان لغاري جي گهر ۾ ديري غازي خان (پنجاب) جي ڪنهن بستي ۾ جنم ورتائون. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي تعلقـي ٽنڊي الهيار جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ مسو بوزدار ۾ پنهنجن مائٽن وٽ اچي رهيا. مائٽن جي ڏڍ ۽ آسري تي پنجاب مان ٻن ڪپڙن ۾ نڪتو، نـ ڪنهن ڀڄايو، نـ ڪنهن ورغلايو. سنڌيءَ جا ابتدائي ڪتاب بـ مسو بوزدار ۾ پڙهيائين ۽ پنهنجي ناني وٽ حڪمت جو ڪم سکڻ لڳو، جيڪو ڏاهپ جي ڏسن ۾ ڄاڻو حڪيم هو. جڙي ٻوٽين سان ماڻهن جو علاج پيو ڪندو هو، انهي جي صحبت ۾ رهي پاڻ سٺو حڪيم ٿي ويو. ڳوٺ جي ڪنهن پرئي مڙس پنهنجي نياڻيءَ جو بار لاهڻ لاءِ هن رول ڇوڪري کي پنهنجي نياڻي ڏئي شادي ڪرائي ڇڏي، ائين اڄ جو نڌڻڪو ٻار سڀاڻ جو ڪامياب شخص شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو. ائين شاديءَ کان پوءِ ترت مسو بوزدار مان لڏو پٽي اچي گلاب لغاري ۾ ٽپڙ رکيائين. مٿان ملڪ جو ورهاڱو ٿيو تـ ڪو سائين سڻايو واڻيو ان کي اسان جي پاڙي ۾ پنهنجو گهر ڏئي ويو. جيئن تـ اسان جو سڄو پاڙو لڏي ويندڙ هندن خالي ڪيو هو، سو منهنجي ڏاڏي کي بـ مگهن واڻئي گهر ڏنو هو، تـ اسان جا وڏا پڻ ٻهراڙين مان مڏيون گول ڪري “مفت جي مال تي ٽوپي نراڙ تي” رکي شهرن ۾ اچي رهيا. اڃان بـ ڪافي تعداد ۾ اسان جي پاڙي ۾ واڻين جا گهر آهن، جيڪي بغير ڪنهن خوف خطري ۽ ڊپ ڊاءَ جي رهيا پيا آهن. هتي دنيا جهان جا لوفر لنب گهرن کان تڙيل، آريا، عرب، ارغون،ترخان،مغل (ڪن ڪاهون ڪيون ڪن پناھ ورتي) اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. اها ئي تـ صوفي سنڌ جي خوبي آهي جو هر ايندڙ ويندڙ، هندو توڙي مسلمان کي پنهنجي ڪوسي ڪک ۾ جاءِ ڏيندي آئي آهي. خبر نـ آهي جو هن خوش بخت ڌرتي ڪيترن ٻاهران ايندڙن کي پنهنجو ڪيو. جيئن تاريخ جي ورقن ۾ چٽي طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو تـ ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو حدون تمام گهڻو پکڙيل هيون ۽ سندس ڄمار بـ تمام وڏي ڄاڻائي وئي آهي. تازو هندستان جي ڪنهن ريسرچ جنرل ۾ آيو آهي تـ موهن جو دڙو ۽ هڙپا انڊس سولائيزيشن جون تهذيبون 5500 سال نـ پر 9500 سال پراڻيون آهن. ماضي قريب ۾ لڏپلاڻ جا ٻـ دورٿيا، جيڪي 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ جا دور چئي سگهجن ٿا. اڳ ايندڙ ماڻهن پنهنجو الڳ تشخص ختم ڪري سنڌ ۾ سنڌي ٿي ويا. جڏهن تـ پوءِ ايندڙن اڃان تائين پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم رکندا پيا اچن. سائين جي ايم سيد پناهگيرن متعلق چيو آهي تـ “ اهي ٽن حصن ۾ ورهائجي ويندا. انهن جو هڪ طبقو سنڌي ٿي ويندو، ٻيو حصو ملڪ ڇڏي هميشه لاءِ ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ وڃي وسندو، جڏهن تـ ٽيون طبقو وڙهي پنهنجو وجود ختم ڪري ڇڏيندو”. جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان ڏسبو تـ اهو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. انهن جو وڏو حصو، جيڪو اندروني سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، انهي جو وڏو تعداد سنڌي ٿي چڪو آهي. ڪراچي، حيدرآباد يا سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ رهندڙ، انهيءَ مرحلن مان گذرن پيا . ٽيون طبقو پنهنجي ئي اردو ڳالهائيندڙن جي هٿان مارجي پيو. باقي اسان سمجهون تـ اهي هينئر جو هينئر سنڌي ٿي وڃن، اهو ممڪن ئي ڪونهي. قومن کي ٺهڻ ۾ صديون لڳنديون آهن، اڃان تـ 70 سال مس گذريا آهن. يهودين کي گڏجڻ ۾ 800 سال لڳي ويا آهن. خود سائين جي ايم سيد انهن لاءِ نرم گوشو رکندا هئا. انهي ڪري کيس سوسائٽي جي ڪجهـ طبقن طرفان تنقيد جو بـ نشانو بنايو ويو. سندس خيال مطابق سنڌ ۽ سنڌين هزارن سالن کان وٺي هر آيل جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي. ان جي مقابلي ۾ هر فاتح قوم هميشه جي لاءِ پنهنجو وجود وڃائي هتي جي ٿي ويئي آهي.
هي اهو زمانو هو جو سنڌي مسلمان پڙهيل هوندو ئي ڪونـ هو. پڙهيا لکيا هندو سنڌ ڇڏي هليا ويا. آخرڪار انهن جي جاءِ ڪن کي تـ ڀرڻي هئي. احمد خان جيڪو مسو بوزدار ۾ حڪمت جو ڪم سکندو هو، اهو هتي ڊاڪٽر بڻجي ويو. ڳوٺ وارن لاءِ ڄڻ تـ هڪ مسيحا ٿي آيو. گلاب لغاري اڃان ڪنهن پڪي روڊ سان سلهاڙيل ڪو نـ هو. بس اهي ئي ٻـ لاريون شام جو اينديون هيون ۽ صبح جو ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد روانيون ٿي وينديون هيون. اهڙي حالت ۾ ڳوٺ ۾ ڪنهن ڊاڪٽر جو هئڻ غنيمت کان گهٽ ڪو نـ هو. پاڻ باقاعدي حڪمت جو آغاز 1947 ع کان پوءِ ڪيائين. مذهب ۾ هميشـ اعتدال پسنديءَ کان ڪم ورتائين، ها البت صوفي مذهب کي وڌيڪ ويجها هوندا هئا. سندس اسپتال ۾ هر وقت “حق موجود” جي تنوار پئي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. هندو مسلمان، ڪولهي ڀيل پيو مفت ۾ اسپتال مان لاڀ حاصل ڪندو هو. پاڻ پنهنجي سِر ڪنهن بـ مريض کان گُهري پئسو نـ ورتائين، جنهن جيڪي ڪجهـ ڏنو، بغير ڏسڻ ۽ ڳڻڻ جي رکي ڇڏيندو هو. ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نـ ٿيندو تـ وڏو حصو مفت وارا مريض هوندا هئا. ڪنهن بـ پاڙي واري يا ڳوٺ واري لاءِ دوا درمل مفت هوندي هئي. سندس اسپتال هميشه ماڻهن سان ڀري پئي هوندي هئي. جيترا مريض اوترا ڪچهري ڪرڻ وارا، چانهـ جو دور بـ پيو هلندو هو تـ زماني جا قصا بـ پيا ڪُٽبا هئا. سنڌ هميشه نڌڻڪي رهي آهي. هر وقت ڪي نـ ڪي وبائي مرض ايندا ئي رهيا آهن. آئون اڃان ٻئي يا ٽئي درجي ۾ هوس جو سنڌ ۾ گُهگُهن سڄڻ جي وبا شروع ٿي هئي. جنهن جي ڪري تيز بخار ۽ گلو ٻنهي طرفن کان سُڄي پوندو هو. ڊاڪٽر احمد خان پورا 15 ڏينهن علاج ڪيو، صبح شام پينسلين جون سيون لڳنديون هيون، نـ پئسو نـ پائي. هي تـ مون پنهنجو مثال ڏنو آهي پر پاڻ ڪنهن بـ غريب غربي کان پئسو نـ وٺندا هئا.
ڊاڪٽر احمد خان صاحب خوش طبع ۽ ڀوڳائي ماڻهو هوندو هو. خاص ڪري مريض کي دوا درمل کان سواءِ ئي کلائي خوش ڪري روانو ڪري ڇڏيندو هو. ڀوڳ چرچو هلڪي سلڪي ٽوڪر بازي لڳي پئي هوندي هئي. پاڻ ڊاڪٽر چڱو خاصو ٽوڪر باز پڻ هوندو هو. جيڪڏهن ڪو چڙهي آيس تـ رومال ۾ ويڙهي اهڙي هڻندو هوس، جو گهر تائين ٽهڪ ڏيندو ويندو هو. ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ويجها ساٿي هر علت کان آجا هئا. پر هن درگاهـ تي هر ڪنهن جي لاءِ ِ فطرت ۽ عادت آهر مال مسالو موجود هوندو هو. شوقينن لاءِ گرمين ۾ سنڌي ٿاڌل گلاسن جي بجاءِ محمد عثمان ڪنڀار جي ٺهيل ڇلن ۾ موالين کي اڻ پيتي جا نشا ڏئي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٽانڊو ٽوپي مان نڪتل دونهون اوڙي پاڙي جي ايندڙن ويندڙن کي معطر ڪري ڇڏيندو هو. ڳوٺ جا واندا سڄو ڏينهن ٺِٺري تي ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ لٿا پيا هوندا هئا. ان زماني ۾ ننڍي وڏي جي عزت ۽ برداشت جو مادو هر ماڻهو ۾ تمام گهڻو هوندو هو. ٿوري گهڻي تي نـ ڪاوڙ نـ ڪشومت، هر ڪو کليو خوش ٿيو ٽهڪ ڏيو ويندو هو. سندس چوياري ۾ محمد عثمان ڪنڀار، مون وارو ڏاڏو حاجي محمد بخش، رئيس حُسين بخش لغاري (کرڙائي) ۽ مون وارو نانو حاجي شاهـ محمد مرحوم. انهن ۾ خاص ڪردار هو محمد عثمان ڪنڀار جو، جنهن کي عوثو ڪنڀار ڪري چوندا هئا، جنهن کي سڄوڏينهن ڊاڪٽر وٽ لڳي ويندو هو. ماني جيڪا ڊاڪٽر لاءِ گهران ايندي هئي انهي مان عوثو بـ ٻـ چار گرهـ هنيا تـ واهـ واهـ نـ تـ رات جو گهر ماني وڃي کائبي. جڏهن تـ هر ايندڙ ويندڙ رولاڪ جي ماني بـ ڊاڪٽر جي مٿي تي. مطلب تـ دليون وڏيون هيون تـ روزيءَ جا دروازا بـ رازق خلاصا ڪري ڇڏيا هئا. مون ڪڏهن بـ کيس پئسي ڏوڪڙ ۾ تنگي محسوس ٿيندي نـ ڏٺي. منهن تي پاڪي ڦيريندو هو. مولوي مرڙي کان ٽهندڙ صوفي ڪچهريءَ جو ڪوڏيو. علي خان لغاري ۽ شادمان لغاري جي ڳوٺن جا لغاري جيڪي پاڻ کي نانگو سڏائيندا آهن، سي يڪتارا، چپڙيون کڻي ڇير ٻڌي اچي ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ صوفياڻو راڳ مچائيندا هئا. سندن پويان اڃان تائين اهو صوفياڻو رنگ رکيو اچن. آئون هينئر بـ جڏهن اسلام آباد مان ڳوٺ ويندو آهيان تـ هڪ رات اها محفل ضرور رچائبي آهي. هاڻي تـ ڳوٺ جي ننڍين ننڍين شادين تي نانگا واهـ جي محفل مچايو ڇڏين. ٿوري گهڻي تي خوش، نـ وڏي تمنا نـ گهڻي لالچ، صوفين کي جيڪو مليو انهي ۾ خوش، راڳ تي ڇڙي واهـ واهـ ملي تـ بـ نانگا خوش. خوش بـ ڇو نـ ٿين. هي فقير نـ گاڏين تي گهمڻ وارا، نـ محلن ۾ سمهڻ وارا ۽ نـ وري ايئرڪنڊيشنڊ جا هيراڪ.
سو ڳالهـ پئي ٿي ڊاڪٽر احمد خان جي، وڃي نڪتاسين نانگن فقيرن تي. ماني جي ڀور تي ڊاڪٽر وٽ ڪيئن اُڙيا ٿڙيا لٿا پيا هوندا هئا. ڪو اسپتال جي صفائي پيو ڪندو هو تـ ڪو وري گهر جو ننڍو وڏي ڪم ڪار پيو ڪندو هو. ڊاڪٽر وٽ هڪ همراهـ رهندو هو، جنهن جو نالو هوندو هو مجاهد اهو ٻنپهرن جو ڊاڪٽر جي گهران ماني کڻي ايندو هو. ان زماني ۾ گهرن جي درن تي گهنٽيون وغيره ڪو نـ هونديون هيون يا در تي ڪڙو کڙڪائبو هو يا سڏ ڪبو هو. اسان جي پاڙي وارن هنن ڊاڪٽرن جي عادت هوندي هئي تـ ماڻهن جي سڏن تي اوڙي پاڙي وارا نڪري ايندا هئا پر هي ڪو نـ نڪرندا هئا. هڪ دفعي ڊاڪٽر مجاهد کي خالي ٿانوَ ڏنا تـ گهر پهچائي اچ، جون، جولاءِ جون گرميون هجن، مجاهد در تي سڏي سڏي بيزار ٿي پيو ڪو نڪري ئي ڪو نـ پيو. گرمي اچي هن کي ڇتو ڪيو ۽ ٻي واهـ نـ ڏسي مجاهد گهر ۾ ڍري پيو. اڳيان جو ماسي بيٺي هئي جنهن جو رس ڊاڪٽر کان بـ چڙهيل هو. سا سونٽي کڻي ٿي پٺيان پئيس. خير ٿانوَ ڇڏي مجاهد ڊڪندو سهڪندو اچي اسپتال تي پهتو. ڊاڪٽر پڇيس تـ مجاهد خير تـ آهي سهڪندو پيو اچين، هاڻي هو کيس پيرائتي واردات ٿو ٻڌائي تـ “ سائين هوءَ نـ جيڪا توهان جي نوڪرياڻي آهي، انهي مون کي ڊوڙايو آهي. ”ڊاڪٽر کلي جواب ڏنس تـ “ ابا اها مون کي روز ٿي ڊوڙائي، توکي تـ اڄ ڊوڙايو اٿس” سو سائين اهڙن سخنور انسانن جا قصا ڪيترا لکي ڪيترا لکجن. قلم کي طاقت ڪونهي جو خدا ترس، سخي ۽ هر دل عزيز ماڻهن جو خوبيون لکي سگهي. هونئن بـ اسان جي ڳوٺ جي مذهبي رواداري بي مثال رهي آهي. جيڪڏهن ان سڄي ماجرا ۾ محمد عثمان ڪنڀار جو ذڪر نـ اچي تـ ڳالهـ پئي ٻسي لڳندي. عوثو ڪنڀار جهڙا ڪردار بـ ڪن نصيب وارن ڳوٺن ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. مرحوم جي ياري منهنجي ننڊي ڀاءُ قمرالدين سان ۽ ڊاڪٽر احمد خان سان هوندي هئي. ڪنڀار وٽ جيڪڏهن گڏھ نـ هجي تـ اهو ڪنڀار ئي اڌورو. مون جڏهن عوثو مرحوم کي ڏٺو تـ جواني مڙي چڪي هئس، ڏند کائي ڏاٺن کي اچي لڳو هو. پر سندس جواني جا قصا ۽ ڪهاڻيون ويهي ڪير هن کان ٻڌي. مرحوم ٻڌائيندو هو تـ ڪنهن زماني ۾ وٽس ڀلا گڏھ هوندا هئا، جو ذات لاڙ پٽ جو شوقين وٽس سلامي هوندو هو. پر هن جي ڪنهن تي اک ئي ڪا نـ ٻڏندي هئي. ڇو جو اهڙا ڀلا گڏھ هن کان سواءِ ڪنهن وٽ هئا ئي ڪو نـ، سندس جوانيءَ واري زماني ۾ هر نسل وارو ڀلو گڏھ سندس ڪلي تي ٻڌل هوندو هو. گڏهن جون اهڙيون خوبيون بيان ڪندي وڃي پار پوندو هو جو هر ماڻهو هن جي سگهڙائپ مان پيو متاثر ٿيندو هو. مرحوم ٻيو هڪڙو قصو ٻڌائيندو هو تـ “ اسين پهرين جهرڪن جي ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين جتي قائد اعظم محمد علي جناح مون سان گڏ بلورن (Marble) راند ڪندو هو. ” ڳوٺ جا ماڻهو سڀ هن تي کلندا هئا ۽ واقعي اڳتي هلي اها ڳالهـ تڪراري ٿي وئي تـ قائد اعظم جهرڪن ۾ ڄائو هو. سو مرحوم اهڙيون خبرون ٻڌائيندو هو. جو ان وقت نـ انهن ڳالهين جو نـ ڪن نـ پڇ، جڏهن تـ اڳتي هلي اهي ڳالهيون سچ ثابت ٿينديون هيون. مرحوم ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر احمد خان سان يا قمرالدين سان ڪاوڙبو هو تـ ڦلڪارن پاسي سندس ڀائر رهندا هئا اتي وڃي ڪاوڙجي ويهي رهندو هو. اولاد ڪو نـ ٿيس آخر تائين ٻي شاديءَ جي خواهش دل ئي دل ۾ رهجي ويس ۽ هڪ ڏينهن سڀني يارن دوستن کي خوش خوش ڇڏي راھ عدم ڏانهن راهي ٿي ويو.