سنڌ گريجوئيٽس ائسو سيئيشن ۾ شموليت (سِگا)
جيئن سائين فضل الله قريشي صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڪجهـ ڳالهيون ڪجهـ يادون” ۾ لکيو آهي تـ پي پي پي حڪومت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ سرڪاري ملازمن تي ميمبرشپ واري پابندي هٽائي ڇڏي هئي. جيئن ئي سگا تان اها پابندي هٽي تـ اسان سگا اسلام آباد شاخ جا نوان ميمبر ٿي وياسون. اهو سال 1989 هو. هاڻي اسان کي سماجي ڪمن ڪارين ۽ سنڌ جي معاملن تي ڳالهـ ٻولهـ ڪرڻ جي لاءِ هڪ الڳ پليٽفارم ملي ويو. اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي تـ سياسي طور سڄاڻ ماڻهو وقت بـ وقت ڪجهـ ڪندو ئي رهندو آهي. ڪتابن سان عشق جي حد تائين پيار اڳئي سڄاڻ دوستن پيدا ڪري ڇڏيو هو. ڇو جو سائين جي ايم سيد سان ٽن ڏينهن جي هڪ ئي ملاقات ذهن جا طاق کولي ڇڏيا، من ۾ سنڌ جي لاءِ چڻنگ تـ اڳئي سائين جي ملاقات کان پوءِ دُکي چڪي ڪئي. انهي تي تيل جو ڪم وري راشد مورائي جي دوستي ۽ ملاقاتن ۽ عبدالواحد آريسر سان بدين ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ سياسي ڪچهرين ويترئي ڀنڀٽ ٻاري ڇڏيو. ان زماني ۾ ڪنهن دوست جي شادي وغيره ٿيندي هئي تـ ان جا دعوت نامـا بـ جيئي سنڌ جي پمفليٽ جو ڏيک ڏيندا هئا. جڏهن تـ اها شادي اڌوري سمجهي ويندي هئي جنهن ۾ ڪو قومي راڳيندڙ نـ هجي. ٻيجل سنڌي ۽ سڄڻ سنڌي اڪثر ڪري اهڙين شادين ۽ قومي ڪچهرين ۾ شامل هوندا هئا. سنڌ جو مُهان راڳي سرمد سنڌي پڻ اهڙين ئي ڪچهرين ۽ شادين جي پيداوار هو.
ائين جو اوچتو هنن قومي دوستن کان ڇڄي ڌار ٿيس تـ شروع وارا ٻـ چار سال اسلام آباد ۾ ڪافي پنهنجي پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪيم، تان جو سِگا جو هڪڙو سهارو ملي ويو. چوندا آهن تـ ٻڏندڙ کي ڪک جو سهارو، سو سِگا سان اڳ ڪڏهن بـ گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو نـ مليو هو. سماجي تنظيم جي حيثيت سان نالو تـ تمام گهڻو ٻڌل هو، تنهنڪري الهـ توهار ڪري سِگا اسلام آباد شاخ جا ميمبر ٿي وياسين. آئون جڏهن ميمبر ٿيو هوس تـ مون دل ئي دل ۾ پڪو پهـ ڪيو تـ هاڻي سِگا کي ڪهڙي بـ حالت ۾ ڇڏڻو نـ آهي. مجموعي طور ڏٺو وڃي تـ سِگا جو سنڌ ۾ هڪ شاندار رول رهيو آهي. ڪجهـ سال اڳ آئون جڏهن ڪوئيٽا ويو هوس تـ بلوچستان سان تعلق رکندڙ دوستن کي سِگا جي تعريف ڪندي ٻڌو هوم. اُتي مون محسوس ڪيو هو تـ منهنجو جنهن تنظيم سان تعلق آهي اها سنڌ کان ٻاهر پڻ سٺن لفظن ۾ ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. سِگا اسلام آباد جو پڻ شاندار ماضي رهيو آهي.
اها انهي زماني جي ڳالهـ آهي جڏهن محمد هاشم لغاري سِگا اسلام آباد جو صدر ۽ غلام علي شيخ صاحب ان جا جنرل سيڪريٽري هوندا هئا ۽ اسين لغاري صاحب جي گهر هر آچر تي ويهي مفت جي چانهـ جي ڪوپ تي ڪچهري بـ پيا ڪندا هئاسين ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل سِگا اسلام آباد بـ پئي اسان جي گفتگو جو موضوع بڻجندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ سِگا اسلام آباد طرفان شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جو ڏينهن ملهايو ويو هو. جنهن ۾ سِگا اهو پروگرام ڏنو هو تـ اسلام آباد جي سنڌي ڪميونيٽي جي لاءِ هڪ اهڙو سينٽر هئڻ گهرجي جنهن ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي پنهنجا ڏک سور ونڊي سگهجن. زور انهي ڳالهـ تي هوندو هو تـ سِگا اسلام آباد کي پنهنجو ڪو ٺڪاڻو هئڻ گهرجي، پر اسلام آباد جهڙي مهانگي شهر ۾ اهو ڪيئن ٿي ممڪن ٿي سگهيو. اسان سڀ پئسن ڏوڪڙن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ ڪمزور هوندا هئاسين. تنهنڪري انهي وقت اهو معاملو اسان جي سمجهـ کان ٻاهر هو. ان وقت سنڌ ۾ حڪومت ڄام صادق علي صاحب جي هئي، جيڪو سخت ۽ سخي وزير اعلي سمجهو ويندو هو. جنهن جا قصا ڪهاڻيون هرڪو پيو پنهنجي تجربي آهر ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن سائين لغاري صاحب کي خبر پئي تـ ڄام صاحب سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ آيل آهي. دستور جي مطابق آچر تي اچي سائين لغاري جي گهر گڏ ٿياسين. تنهن تي سائين محمد هاشم لغاري صاحب چيو تـ “ ڄام صادق علي صاحب اڄ سنڌ هائوس ۾ آهي هلو تـ سِگا اسلام آباد جي لاءِ ڪجهـ عرض ڪيونس. ” بس ائين ئي سائين جي FX سوزڪي گاڏي ۾ ان وقت جو سِگا اسلام آباد جو صدر محمد هاشم لغاري صاحب ۽ جنرل سيڪريٽري غلام علي شيخ صاحب سنڌ هائوس روانـا ٿي ويا. اسان ڪچهري ختم ڪري واپس گهرن ڏانهن موٽي آياسين. شام جو اسان کي ٻڌايو ويو تـ ڄام صادق علي صاحب سِگا اسلام آباد جي لاءِ هڪ ڪروڙ روپيـ منظور ڪيا آهن. پوءِ اها درخواست بـ ڏٺي جنهن تي ڄام صاحب هي لفظ لکيا هئا. One Cror sanctioned subject to availablty of plot انهي لفظن کان پوءِ سڄو ڪم شروع ٿيو هو. اهو سڄو ڪريڊٽ ان وقت جي باڊي کي وڃي ٿو جنهن انهي ڪم جي شروعات ڪئي. هاڻي ڪاغذ تـ اسان جي هٿ ۾ اچي ويو پلاٽ ڪٿان اچي. مون کي عين انوقت جون اهي تقريرون ياد آيون جيڪي اسين جيئي سنڌ محاذ جي پليٽفارم تان سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي ڪندا هئاسين ۽ ماڻهن کي ٻڌائيندا هئاسين تـ “ سنڌ توهان جي پيرن هيٺان نڪرندي پئي وڃي تنهنڪري زمين بنا توهان ڪجهـ بـ ڪري نـ سگهندا. ” هينئر اسلام آباد ۾ اسان سان اها ساڳي حالت هئي. اسان وٽ ڄام صاحب جو ڏنل هڪ ڪروڙ تـ هو پر پلاٽ ڪو نـ هو جنهن تي ڪا شئي جوڙائي سگهجي. هي اهو زمانو هو جنهن وقت هائوسنگ ۽ ورڪس جو فيڊرل منسٽر مسٽر هزار خان بجاراڻي صاحب هوندو هو. ظاهر آهي تـ مُلي جي ڊوڙ مسيت تائين، اسان جي ڊوڙ سنڌي وزيرن ۽ ڪامورن تائين. سِگا اسلام آباد طرفان انهي کي عرض ڪيو ويو تـ ڄام صاحب هڪ ڪروڙ روپيـا ڏنا آهن، پلاٽ لاءِ Capital Development Authority وٽ اسان جي مدد ڪريو. اهو پلاٽ بجاراڻي صاحب وڏي ڪوشش ڪري CDA کان منظور ڪرائي ڏنو، اتي وري ٻيو تڪرار شروع ٿي ويو، CDA اسان جو پلاٽ مارڪيٽ ريٽ تي منظور ڪري 22 لک روپين جو ليٽر ڏياري موڪليو. حقيقت هي هئي تـ اسان سڀني وٽ ان وقت 22 روپيـا بـ ڪو نـ هئا، 22 لک روپيـا تـ وڏي رقم هئي. اهڙو اطلاع سِگا مرڪز ڪراچي کي پڻ ڪيو ويو. جن وعدو ڪيو تـ اسان توهان کي پئسا ڏيون ٿا. انهي وچ ۾ اسان کي خبر پئي تـ اسان جي پاسي ۾ CDA ايڌي فائونڊيشن کي گهٽ ريٽ تي پلاٽ ڏنو آهي، ڇو جو ايڌي سوشل ويلفئر ادارو آهي. تنهنڪري ان جو ريٽ گهٽ ڪيو ويو هو. اسان اهو موقف وٺي CDA ۾ درخواست داخل ڪئي تـ اسان جو بـ ويلفيئر ادارو آهي اسان جو بـ ريٽ گهٽ ڪريو. جڏهن تـ سِگا مرڪز انهي تي بضد هو تـ توهان پلاٽ وڃائيندوءُ پئسا اسان توهان کي ڏيون ٿا. جڏهن تـ لغاري صاحب جو موقف هو تـ اسان پئسا نـ ڏيندا سين. انهي تي ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ محمد هاشم لغاري جي وچ ۾ ٽيليفون تي سردي گرمي ٿي پئي. نيٺ لغاري صاحب ٻروچ ماڻهو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. ائين معاملو ڪجهـ وقت تڪراري رهيو، تان جو CDA اسان جو موقف تسليم ڪندي پلاٽ جو ريٽ 22 لکن مان گهٽائي 9 لک روپيـا ڪري ڇڏيو. اها سِگا جي پليٽ فارم تي ان وقت جي باڊي جي ٻي ڪاميابي هئي.
جيئن ئي CDA طرفان اسان کي پلاٽ جي قبضي جو ليٽر مليو تـ اسان سنڌ سرڪار ڏانهن پئسن جي لاءِ رجوع ڪيو. اسان کي ڪنهن ٻڌايو تـ سنڌ گورنمينٽ مان اوهان کي پئسا ائين سولا نـ ملندا، پر سِگا جو مخلص ۽ محنتي ورڪر جيڪو ان وقت سِگا سينٽرل باڊي جو ميمبر پڻ هو. ساڳئي وقت هو سنڌ گورنمينٽ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڊولپمينٽ پڻ هو. سائين فضل الله قريشي صاحب وڏي محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ پئسن جي پهرين قست يعني 60 لک روپيـ جاري ڪرائي ڏنا. هينئر جيڪو توهان مانڊاڻ متل ڏسو ٿا انهي جي شروعات ائين ٿي.
انهي ۾ ڪو بـ شڪ ڪونهي تـ ملڪي حالتن جو اثر اوس هر شئي تي پوڻو آهي. ايتريقدر جو انسان جي نجي زندگي پڻ انهن اثرن کان خارجي توڙي داخلي طرح متاثر ٿئي ٿي. وري جڏهن ساڳئي اداري ۾ اهي ماڻهو ڪم ڪندڙ هجن جيڪي سرڪار ۾ بـ ڪنهن نـ ڪنهن طرح واڳيل هجن تـ ان جو اثر نجي ادارن تي ضرور پوندو آهي، ماضي جو هي شاندار ادارو هينئر مصلحتن جو شڪار ٿي ويو آهي. موجوده وقت ۾ جيڪي 20 سالن کان سِگا اسلام آباد برانچ جا واڳ ڌڻي رهندا پيا اچن، جن جو خيال آهي تـ انهن کان سواءِ سِگا اسلام آباد نـ هلي سگهندي ۽ انهن جو ڪڏهن بـ ڪنهن مخلص ۽ ڪم واري ميمبر تي اعتبار نـ رهيو آهي. جڏهن سمجهندا آهن تـ اهي انهن جي لابي جا نـ آهن تڏهن ڀڳڙو ڀڄي ٻـ ڦارون ٿي پوندو آهي. حيلي بهاني انهن جي ڪوشش هوندي آهي تـ مخلص ۽ ڪم وارا ماڻهو سِگا اسلام آباد کان دور رهن. مون ڪٿي پڙهيو هو تـ “جيڪڏهن توهان کان ڪو نفرت ڪري ٿو تـ ان ۾ ڏوهـ اوهان جو آهي” مطلب تـ هو سِگا کان نفرت ڇو ٿو ڪري. سِگا اسلام آباد ۾ سٺا سٺا ڪم ڪرڻ وارا دوست هئا، جيڪي هن وقت سِگا اسلام آباد کان ٿورو پرڀرو ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهي جو مُکي سبب اهو آهي تـ سِگا اسلام آباد ۾ پڻ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جيڪي ڪنهن نـ ڪنهن طرح گورنمينٽ جو حصو رهيا آهن يا رهندا آيا آهن. سرڪار ۾ مٿين عهدن تي هڪ ٻئي جو ٽنگون ڇڪڻ عام ڳالهـ آهي. ان کان پوءِ پنهنجي لابي ٺاهڻ انهي ۾ صرف ڪمزور ماڻهو رکڻا آهن، جيئن ڪو سامهون ڳالهائي نـ سگهي. جي حضورين جي جتي ڪٿي چاندي هوندي آهي. اهي اختلاف راءِ تـ ڇڏيو پر مختلف راءِ بـ پسند نـ ٿا ڪن. انهي ۾ ڇا ٿيندو آهي تـ جيڪي ڪم وارا ماڻهو هوندا آهن اهي خود بخود ڪنڊ پاسو وٺي ويهي رهندا آهن، جڏهن تـ ٺِڪر بـ انهن ماڻهن جي مٿي تي ڀڄندو آهي. اسان جي سِگا اسلام آباد جو پڻ ساڳيو حال آهي. گذريل 20 سالن جو رڪارڊ جو منصفانـ جائزو وٺبو تـ 95 سيڪڙو ساڳيا ماڻهو ڪڏهن باڊي ۾ تـ ڪڏهن ٻين عهدن تي، جيڪڏهن ڪنهن اڻوڻندڙ ماڻهو ڪنهن عهدي لاءِ فارم ڀريو تـ اليڪشن کي ابتا سبتا ونجهـ وجهي ڌڪي سڪي ووٽرن تائين کڻي وڃبو. ٻئي حالت ۾ هٿ مٿي، تون هي تون جي تنوار لڳي پئي هوندي آهي، جيڪا اتي جي وڏيرا ٽائپ سماجي ورڪرن کي ڏاڍي پسند آهي. افسوس تـ ماضي جي ساک وارن پروفيشنل بيورو ڪريٽن تي ٿئي ٿو، جيڪي سڄو حال ڏسي مصلحتن جي ماٺ ۾ پنهنجي پاڻ کي گم ڪريو ڇڏين. ائين سِگا اسلام آباد فيس بڪ تي صرف پراڻين تصويرن ۽ ڪهاڻين سان زندهـ آهي.
اچو تـ سِگا جي خول (out of box) مان ٻاهر نڪري ڏسون تـ سنڌ جا اديب ۽ محقق سِگا بابت ڪهڙو رايو رکن ٿا. محترم سائين عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب “ويراڳي جي وڃڻا ها” ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي زندگي بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي لکي ٿو تـ “ جيترو عرصو مسڪين ايل ايم سي ۾ زندهـ رهيو، سنڌ جي ڪنهن بـ سماجي اداري مسڪين جي ڪا بـ خبر چار نـ لڌي . انهن ادارن ۾ سِگا بـ شامل آهي. پر جيئن تـ مسڪين گريجوئيٽ نـ هو ۽ سِگا صرف گريجوئيٽن ۽ انهن جي بيگمن کي اسلام آباد ۽ لنڊي ڪوتل گهمائڻ جو سماجي ڪم ڪندي آهي. ” ساڳئي مضون ۾ آريسر صاحب لکي ٿو تـ “ هڪ شام آئون ڊرپ هڻايو ستو پيو هوس. سِگا جو اڳواڻ محترم خان محمد پنهور آيو بيٺي بيٺي پڇيائين تـ “ڇا حال اٿئي. ” “ٺيڪ آهيان ”. “ڪيئن آيا آهيو”؟. مون پڇيو. چيائين “هتي طارق جي سسٽر ايڊمٽ آهي، ان کي ڏسڻ آيو آهيان. ” مون ڀر واري ڪمري ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو تـ “ڀر واري ڪمري ۾ مسڪين جهان خان آهي، کيس اوهان جي پر گهور جي سخت ضرورت آهي. ” جواب مليو تـ “ اُن جو علاج گورنمينٽ جي خرچ تي ٿي رهيو آهي” انهي جواب تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ چيم “ ها ! مسڪين هتي موت ۽ زندگي جي ٻـ واٽي تي ٽِڪيو پيو آهي ۽ سِگا بيگم سعيد الدين قاضيءَ کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪري رهي آهي”.
سائين عبدالواحد آريسر صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ پير حسام الدين راشدي تي لکندي چوي ٿو تـ “هڪ ڀيري کانئس انٽرويو وٺندي پڇيو ويو تـ “ جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ پڙهو ها تـ ؟ جواب ڏنائين تـ سِگا جو ميمبر ٿيان ها. اهو جواب سِگا تي طنز ۽ ٽوڪ سان ڀريل هو. اُن ڪري جو پير صاحب جا خيال سِگا جي باري ۾ ڪڏهن بـ چـڱائي يا تعريف وارا نـ رهيا. سِگا جيئن تـ گهڻو ڪري سنڌي ڪامورن جي جماعت هئي (آهي) ۽ پير صاحب جو خيال هو تـ سنڌي سماج کي پٺتي پيل رکڻ ۽ سنڌ کي تباهـ ڪرڻ وارا عنصر وڏيري، پير ۽ سنڌي ڪاموري تي مشتمل آهن. جنهن ۾ سنڌي ڪاموري، سنڌي عوام کي ڏيڍ سئو سال تائين ڌارين جو دلال بڻجي چٿيو، چيڀاٽيو، ماريو ۽ ڦريو آهي، سو اڄ وقتي ڦيٿي ڦرڻ سان گڏ سانڊي وانگر رنگ مٽائي، قوم جي خادم جي روپ ۾ ڦُرڻ، لٽڻ ۾ مصروف آهي. سنڌي ڪاموري جنهن ماحول ۾، جنهن پسمنظر ۾ تربيت ورتي آهي. سو ماحول ۽ پس منظر ئي قوم دشمني ۽ عوام بيزاري وارو هو. ان ۾ ڪنهن بـ اهڙي تبديليءَ جي گنجائش ئي نـ آهي، جيڪا تبديليءَ قومي مفاد وٽان هجي. ”
اهي هئا ٻن وڏن مفڪرن جا سِگا بابت رايا جيڪي مون هتي هو بهو نقل ڪيا آهن. اهو سڀ ڪجهـ مون کي هتي نـ لکڻ کپندو هو، ڇو جو 30سالن کان آئون سِگا اسلام آباد شاخ جو نـ رڳو سرگرم ميمبر رهيو آهيان پر ٻن سالن لاءِ عهديدار بـ رهيو آهيان، انهي سان گڏ سنڌي ڪامورن واري لسٽ ۾ پڻ مون کي شامل ڪري سگجي ٿو. پر ڇا سج کي رلين ۾ لڪائي سگهجي ٿو. ؟ جيڪڏهن ڏينهن جو 12 وڳي ڪو کليل ميدان ۾ ٽارچ کڻي ڪا شئي ڳوليندو تـ انهي کي اکين جو علاج ڪرائڻ گهرجي. راند کٽڻ ۽ هارائڻ جي جيتري خبر رانديگر کي هوندي اوتري ڏسندڙن کي نـ هوندي آهي. هينئر بـ سِگا اسلام آباد جي هي حالت آهي جو نئين ميمبر شپ ڇنڊي ڇاڻي، پڪ ڪري تـ آيا “اهو اُٺ ڪهڙي پاسي ليٽندو”، پوءِ ڪئي ويندي آهي.