مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

الهـ بخش عرف ڪُرو ٿيٻو

الهـ بخش عرف ڪُرو ٿيٻو

امن آشتي جو دور هو. ڳوٺ جي ملوڪڙن ڇوڪرن کي چوري سيکارڻ جي بهاني ڪاٽڪو رات جو انهن کي وٺي وڃي ڪنهن جي ڪڪڙ چوري ڪئي تـ ڪنهن جي ٻڪري ڇيلي کي پاسو ڏنو. بس ائين ٿوري گهڻي ڍڳي ڍور جي چوري ڪڏهن ڪڏهن پئي ٻڌبي هئي. اڃا وڏيون وارداتون شروع ڪو نـ ٿيون هيون. چورن جو بـ پنهنجو پنهنجو جهان آهي. اهي هڪڙي قسم جا سچا ۽ کرا ماڻهو آهن. اڪثر ڪري نالي وارا نامي گرامي چورن يا ڌاڙيلن جا ڪي اصول هوندا آهن. آڙي پاڙي ۾ واردات کان پاسو ڪندا، يار دوست جي ڳوٺ کي عزت جي نگاهـ سان ڏسندا، سيد ۽ بي پهچ تي هٿ نـ کڻندا. “چوندا تـ اک ڪاري ڪجي ڏس ڪاري نـ ڪجي”. راڄ ڀاڳ اوڙي پاڙي سنگت ساٿ جو وڏو خيال ڪندا هئا. اتي هڪڙو قصو ٻڌائيندو هلان تـ اڄ کان چار ڏهاڪا پراڻي ڳالهـ آهي آئون اڃا اسلام آباد ڪو نـ اُسهيو هوس. البت قومي تحريڪ سان جڙجي چڪو هوس. قومي ڪارڪنن جو مون وٽ اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. هڪ شام جو ڪنهن هڪ ڇوڪري سان ملاقات ٿي جنهن پنهنجو نالو الهـ بخش ٿيٻو ٻڌايو هو. هو ان زماني ۾ ڪنهن هاءِ اسڪول جي ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. رات جو بس وغيره نـ ملڻ جي ڪري هو مون وٽ رات ٽڪي پيو هو. مون هن کي رات جو سندس پڙهائي ۽ قومي سياست تي وڏو ۽ ڊگهو ليڪچر ڏنو هو. مون واريون ڳالهيون هُن کي ڪيترو سمجـهـ ۾ آيون هيون اها خبر نـ آهي ۽ ورندي ڏينهن صبح جو هو هليو ويو هو. ان کان پوءِ ٿورو وقت اسان جو پاڻ ۾ خطن جو سلسلو بـ جاري رهيو. پوءِ اهو بـ اڳتي هلي ختم ٿي ويو. آئون ڳوٺ ڇڏي اسلام آباد هليو آيس. ڪوبـ رابطو نـ رهيو. جيئن امير بخش شر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تـ “اسان جي نوجوانن جي لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيو ويون جو هو ڏوهن جي دنيا ۾ هليا ويا”. اڳتي هلي اهو ساڳيو نوجوان پڻ سنڌ جو نالي وارو ڌاڙيل ٿي ويو . ڪُرو ٿيٻو جي نالي سان لاڙ پٽ ۾ سندس چڱو خاصو ڏهڪاءُ ۽ دٻدٻو هوندو هو. هڪ ڏينهن آئون اسلام آباد مان ڳوٺ گلاب لغاري پهتس تـ اسان جا هڪڙا خانداني دوست (Family Friends) آهن، اهي مون وٽ آيا ۽ اچي چيائون تـ “فلاڻي ڌاڙيل جون اسان کي چٺيون آيون آهن. اهو اوهان کي سڃاڻي ٿو، ان ڏي اسان کي چٺي لکي ڏيو تـ اسان کي تنگ نـ ڪري“ مون انهن کي مٿين سڄي ڳالهـ ڪري ٻڌائي تـ هو جڏهن ٻار هو ۽ هاءِ اسڪول جي ڪنهن هيٺين ڪلاس ۾ پڙهندو تـ هڪ رات مون وٽ اچي ترسيو هو. ان کان پوءِ ان سان منهنجو ڪو بـ رابطو ڪونهي. تنهن هوندي بـ مون انهن ماڻهن کي چٺي لکي ڏني. اها خبر نـ آهي تـ اها چٺي انهي تائين ڪيئن پهتي، منهنجي خط پهچڻ کان پوءِ ان ماڻهو منهنجن دوستن کي نياپو ڪيو تـ مون کي اها خبر ڪونـ هئي اڳتي لاءِ ڪو بـ توهان جو نالو نـ وٺندو. سو اهي هئا ان زماني جا سخنور ۽ اصول وارا چور ۽ ڌاڙيل. مون کي هُن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پتو پيو تـ هن ڏوهن جي دنيا ۾ ڦاٿل نوجوان اسان جي ڳوٺ تي انهي ڪري هلان نـ ڪئي جو هڪ رات اتي ماني کائي ويو هو ۽ مون کي دوست سمجهي اسان جي ڳوٺ کان پاسو ڪندو رهيو.