بدين جا ڏينهن ۽ راتيون
اهي 1994ع جي مينهوڳي جا ڏينهن هئا، بهر حال بوندن وسڻ شروع ڪيو هو تـ بس ئي نـ ڪن. اڻ پورو نڪاس آب مڇرن کي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. انهن برساتن لاڙ سنڌ کي، خاص ڪري ساحلي علائقن واري پٽي کي وڏي پيماني تي تباهـ ۽ برباد ڪري ڇڏيو هو. جيڏانهن ڪر نگاهـ تيڏانهن پاڻي ئي پاڻي. سنڌ جا ٻـ ضلعا ٺٽو ۽ بدين وڌي پيماني تي متاثر ٿيا هئا. مون ڊسٽرڪٽ سوشل ايڪشن بورڊ جي سيڪريٽري ۽ پيپلز پروگرام جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور آگسٽ 1994 جي پهرين هفتي ۾ اچي بدين ۾ چارج ورتي هئي. اسان وٽ فيڊرل گورنمينٽ ۾ چارج وٺڻ يا چارج ڇڏڻ ۾ ڪا وڏي ڪاروائي نـ ٿيندي آهي. اڳيئي گورنمينٽ جي هڪ نموني جو پنو ٺهيو پيو آهي، ان تي نالو لکبو، تاريخ لڳائبي ۽ صحيح ڪبي آهي، اها ٿي چارج ڏيڻ ۽ وٺڻ جي ڪاروائي. انهي ڪم ۾ مشڪل سان هڪ يا ٻـ منٽ مس ٿا لڳن. ائين مون بـ بدين ۾ چارج وٺي ڇڏي. DSAB جو خيال (Concept) ڏاڍو سٺو هو، يعني هيٺين ليول کان پلاننگ دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ائين ئي پلاننگ ڪئي ويندي آهي. هن کان اڳ پلاننگ وارا اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ وِيهي ملڪ جي بنيادي ڍانچي جي پلاننگ ڪندا هئا. پاڪستان سيڪريٽريٽ جي “P ” بلاڪ ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي“ تغلق هائوس” ۾ ويهڻ وارن کي ڪهڙي خبر تـ بدين، لاڙڪاڻي، سبي، ڪوهاٽ يا رحيم يار خان جا ڪهڙا مسئلا آهن. ؟ پوءِ ائين ٿيو جو جتي ڳوٺ آهي اتي اسڪول ڪونهي، جتي اسڪول آهي اتي ڳوٺ ڪونهي. ان لاءِ منهنجي پنهنجي ڳوٺ جو مثال ئي ڪافي آهي. گلاب لغاري تعلقـي ماتلي جو ٽيون نمبر وڏو ڳوٺ ٿيندو. ڳوٺ ۾ بجلي ۽ ڪمرشل بينڪ برانچ ستر واري ڏهاڪي ۾ ئي قائم ٿي ويا پر اسڪول جي لاءِ ڪا بـ بلڊنگ ڪا نـ هئي. ٻـ ڪچا ڪمرا هئا جن ۾ منهنجو بابا بـ پڙهيو، آئون بـ پڙهيس. منهنجو اولاد بـ انهن ئي ڪچن ڪمرن ۾ پڙهيو. هاڻي وري ٿورو توهان کي پوئتي وٺي ٿو هلان، اها 80 واري ڏهاڪي جي ڳالهـ آهي اسان جي قومپرستي زورن تي هئي، ادب سان ڳانڍاپو ٿي چڪو هو. اديبن ۽ ڪامريڊن جا اچڻ وڃڻ پيا ٿيندا هئا. آخري ڏينهن ۾ آئون ماڻڪ لغاري اسڪول مان بدلي ٿي گلاب لغاري اچي چڪو هوس. اسڪول ۽ منهنجي گهر ۾ فاصلو ٻن منٽن جو هوندو هو، سو اسڪول کان پوءِ منهنجي اوطاق ۾ ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. اسٽيڊي سرڪل لاءِ نون دوستن کي ڪتاب پڙهائبا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو ڳوٺ جو ٻار يا مٿين ڪلاسن جو ڪو شاگرد ڪو سبق وٺڻ يا ڪو تعليمي مسئلو پڇڻ ايندو هو تـ انهن جي بـ مدد ڪبي هئي. پر پئسن تي ٽيوشن نـ پڙهائبي هئي. تعليم مفت ۾ ڏبي هئي. ها البت مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪتابن پڙهڻ لاءِ نوجوانن کي همٿائبو هو. ان زماني ۾ چاچو محمد خان مجيدي مون وٽ ڳوٺ آيو. اسڪول ڏسي چيائين تـ “هي اسڪول آهي يا مال جو وٿاڻ. ؟” اسڪول ڏسي تعجب ۾ اچي ويو تـ هيڏو وڏو ڳوٺ، تمام پراڻو اسڪول پر اسڪول جي حالت هي آهي جو ٻـ ڪچا ڪمرا جنهن ۾ اضافي بينچ رکڻ جي گنجائش ڪا نـ هوندي هئي. سو ڳالهـ پئي ٿي پلاننگ جي، انهي ساڳي پلاننگ کي PPP سرڪار مٿان کان هيٺ کڻي آئي، جيڪو دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ طريقو رائج آهي. DSAB جا ٻـ پاسا هوندا هئا، هڪ انجنيئرنگ سائيڊ ۽ ٻيو ايڊمنسٽريشن. تعميراتي ڪم Pak P W D کي مليل هوندو هو، اهي بـ PD جي صلاح مشوري سان ئي ڪم ڪندا هئا. بورڊ جا ميمبر MPAs ۽ MNAs هوندا هئا. انهن مان ڪو هڪ چيئرمين هوندو هو. رئيس عبدالستار خان سريوال چيئرمين هوندو هو، جيڪو مون کي بدين وٺي آيو هو. بورڊ جا ميمبر اسڪيمون ڏيندا هئا ۽ اسان اهو ڏسندا هئاسين تـ اسڪيم قابل عمل آهي يا نـ ! ائين کڻي سمجهـجي تـ اسان هڪڙو ننڍڙو PC-1 ٺاهيندا هئاسين. مون تجويز ڪيل ڪافي اسڪيمن ۾ ردو بدل جون سفارشون بـ ڪيون . صرف انهي ڪري جو اتي انهن جي ضرورت نـ هئي. سواءِ ذوالفقار مرزا جي ڪنهن بـ ميمبر مون تي ڪنهن بـ قسم جو اعتراض يا بي اعتمادي ظاهر نـ ڪئي ۽ نـ ئي وري ڪو غلط قسم جو دٻاءُ وڌو، آئون اڍائي سال بدين ۾ رهيس پر مون آزادي سان ڪم ڪيو. منهنجي چيئرمين ڪڏهن بـ مون کان ڪو قانون کان مٿانهون ڪم نـ ڪرايو. حالانڪ مون P P P جي ڪن سرگرم ڪارڪنن جا ڪم روڪرايا يا اسڪول سان گڏ اٽيچ باٿ روم نـ ٺاهڻ ڏنم. انهن ماڻهن منهنجون شڪايتون بـ ڪيون پر هن صاحب منهنجي خلاف ڪنهن جي بـ شڪايت تي مون تي ڪنهن بـ قسم جي بي اعتمادي يا دٻاءُ نـ وڌو ۽ مون آزادي سان ڪم ڪيو.
هاڻي مون کي بدين آفيس ۾ نئين سوزڪي جيپ بـ ملي، منهنجي واه واه ٿي وئي. آفيس جا ڊرائيور اچي مون مان ڦاٿا، ڇو جو مون کي ڊرائيونگ اچي ڪانـ. ، نيٺ هنن انهي جو حل اهو ڳوليو تـ مون کي ڊرائيونگ سيکاريائون. ائين ٻن مهينن ۾ آئون ڊرائيونگ بـ سکي ويس، هاڻي مون کي ڪنهن ڊرائيور جي ضرورت ڪا نـ هئي. بدين ۾ منهنجي زندگي جا ٻـ پاسا هئا. هڪڙو آفيشل ۽ ٻيو سوشل. مون آفيشل ذميوارين سان گڏ سوشل لائيف کي وڌيڪ انجواءِ ڪيو. هئڻ تـ ائين کپندو هو تـ آئون سگا اسلام آباد جو ميمبر هئس تـ بدين سگا سان سلهاڙجي وڃان ها يا منهنجو تعلق ادبي دنيا سان هو تـ منهنجي دوستي وري اديبن سان هئڻ گهربي هئي. جيڪڏهن ٿورو پوئتي وڃبو تـ اسان جڏهن مٺياڻي ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين تـ ان ۾ وڏو تعداد بدين ۽ ان جي پسگردائي ۾ رهندڙ استادن جو هو، منهنجو ملڻ جلڻ تـ انهن ماڻهن سان هئڻ گهربو، هو پر بدين ۾ ائين ڪو نـ ٿيو. منهنجو ڳوٺ تـ برابر ضلعي بدين ۾ آهي پر ڊسرڪٽ هيڊڪواٽر کان 100 ڪلو ميٽر پري آهي،تنهنڪري هر روز اچڻ وڃڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪو نـ هو. هاڻي منهنجي دوستي پڙهيل ڳڙهيلن سان ضرور هئي، پر انهن جو اهڙي طبقي سان تعلق هو، جن جو اٿڻ ويهڻ عجيب هو. يعني سڀ نوجوان ڊاڪٽر سڀ جا سڀ تازو MBBS ڪري آيا هئا، انهي جي مقابلي ۾ منهنجي ماسٽرس ايڪنامڪس ۾ جنهن جو تعلق سڌو سنئون دولت سان پر مون صرف اهو ڪتابن ۾ پڙهيو هو، ظاهري طرح دولت سان واسطو نـ پيو. آخر ۾ فيڊرل گورنمينٽ ۾ چڱي خاصي مٿئين پوزيشن تي پهچي ويس پر رهيس ڪنگلي جو ڪنگلو. مون اهو علم پڙهيو هو جنهن ۾ ڏسيل هو تـ شين کي ڪيئن تورجي ۽ تڪجي ۽ انهن جو ملهـ ڪيئن مقرر ڪجي. ؟ ان کان پهرين منهنجي دوستي سنڌ جي ميمڻن ۽ واڻين سان، هنن جو تعلق وڻج ۽ واپار سان. هتي مون واري ريل اصلي پٽڙي تان لهي ڪنهن ٻئي راهـ ڏانهن رواني ٿي وئي. هي سڀ جا سڀ ماڻهو کي چيرڻ ڦاڙڻ وارا مسيحا، ائين پئي لڳو تـ اسين هڪ ٻئي جو ضد هئاسين. پر جيڪا اسان ۾ هڪجهڙائي هئي، اها هئي هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ. هنن جون ڪلينڪون رات جو ميخانن جو ڏيک ڏيڻ لڳيون. اهي ميخانا جتي رات جو ڪنهن انگوري شربت جو ڪو تصور نـ هجي. بوتل نچي پر ڪنهن طرح مد مست ٿي نـ، خالي بوتل ائين مست ٿئي جيئن قلندر جي ڌمال تي مستانا نچندا آهن.
لاڙ سنڌ ۽ اتر سنڌ ۾ هڪ اهڙو واضح فرق آهي تـ لاڙ جا ماڻهو هر ڪنهن ۾ پرين پسڻ وارا ۽ سٻاجهڙا، تعليم ۾ پڻ پوئتي، منجهن غربت بـ ڪجهـ سرس. طبيعتن نرم، در گذر ڪرڻ تـ ڪو هنن کان سکي. ان جي مقابلي ۾ اتر سنڌ جا ماڻهو وڌيڪ پڙهيل، نوڪرين ۾ پڻ انهن جي سرسي، طبيعتن ۾ پڻ سختي ۽ پنهنجي ناڙڻ وارا.
منهنجي آفيس ۾ ٽيڪنيڪل سائيڊ کان Pak PWD طرفان هڪ SDO بـ هوندو هو. سندس نالو هو محمد اشرف، اسان جي ئي پاسي جو پنجابي هو. پر هي همراهـ انهن پنجابين مان هو جيڪي 1901 ۾ سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا. تنهنڪري وقت سان گڏ سنڌي ٿي چڪو هو. ورهاڱي کان اڳ پنجاب جو هڪ شاعر هو ان جو نالو هو امام الدين، هن جي سڄي شاعري گارين تي مشتمل هوندي هئي، اشرف صاحب کي ان جي اڌ جيتري شاعري ياد هوندي هئي. سو اسان واندڪائي جي وقت ويهي اها شاعري ٻڌندا ۽ کلندا هئاسين. جيئن علامـ اقبال “بانگ درا” لکيو هو تـ امام الدين وري ان جي مقابلي ۾ “بانگ دهل” لکيو هو. اهو ڪتاب پوءِ مون اچي راولپنڊي مان ورتو پر اهو پاڪستاني ڇاپو هو . پاڪستان ٿيڻ کان پهرين اهو ڪتاب مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ عام جام وڪري لاءِ موجود موجود هو، پر ورهاڱي کان پوءِ مذهب اسان تي غالب ٿي ويو ۽ ڪتاب بداخلاقي جي دائري ۾ آڻي ضبط ڪيو ويو. اڳتي هلي انهي ڪتاب کي ٻيهر لکي شاعري مان اصليت ختم ڪري ڇڏيائون. اڄ بـ جيڪڏهن توهان کي ڪو پراڻو پنجابي ملي وڃي تـ انهي کي شايد اها شاعري ياد هجي. ٿي سگهي ٿو تـ پنجاب جي ڪنهن لئبريري ۾ اهو ڪتاب موجود هجي.
سو ڳالهـ پئي ٿي بدين جي ڊاڪٽرن جي، انهن جي مون سان واقفيت ڪيئن ٿي. اهو هڪ الڳ ۽ ڊگهو داستان آهي. اهو سڄو سهرو ڊاڪٽر عبدالله سومري جي مٿي تي سونهي. اسان اٺن ڏينهن ۾ اهڙا گهرا گهاٽا ٿي وياسين جهڙا اسان ڄايا نپنا ئي گڏ هئاسين. ڊاڪٽر فضيلت وارو سلڇڻو ماڻهو آهي، عزت ۽ مان ڏيڻ تـ ڪير هن کان سکي. جڏهن تـ ڊاڪٽر جو وڏو ڀاءُ غلام علي سومرو مون سان گڏ مٺياڻي ۾ پڙهندو بـ رهيو آهي. مون زندگي ۾ ڪڏهن بـ پيار جي چسڪي کان سواء ڪو زهر نـ چکيو آهي، پر اهڙا ماڻهو مون کي وڻندا ڏاڍا آهن. انهن ماڻهن ۾ اها خوبي هوندي آهي تـ دل جا صاف، ڪدورت ۽ ڪيني کان پري، خلوص سان ٽمٽار، لک لٽائڻ وارا، ذاتيات کان ڪوهين ڏور، سو ڊاڪٽر عبدالله ۾ بـ اهي ئي خوبيون هيون. جنهن منهنجي من کي موهي وڌو. دل تـ ڪشادي پر دسترخوان دل کان بـ وڌيڪ ڪشادو، آئون تـ هر روز جو مهمان هيس ئي هيس پر اها رات خالي نـ هوندي هئي جو ڊاڪٽر وٽ مون کان سواءُ ٻـ چار ٻيا مهمان نـ هجن. ڊاڪٽر جي گهر ۾ مڇي ٺاهڻ جو ڪو خاص فن موجود آهي، مڇي هميشه اعليٰ قسم جي ٺهي ايندي هئي. مون زندگي ۾ ڪڏهن بـ اهڙي مڇي نـ کاڌي جهڙي ڊاڪٽر جي گهران ٺهي ايندي هئي. اڄ بـ جڏهن آئون اسلام آباد مان سنڌ ويندو آهيان تـ منهنجي لاءِ ڊاڪٽر وٽ مڇي جو خاص انتظام ٿيندو آهي.
هي اهو زمانو هو جڏهن ضياءُ الحق، الله کي پيارو ٿي چڪو هو. جنهن هن اسان جي پاڪستاني معاشري کي تهس ۽ نحس ڪري ڇڏيو هو. اسلام جي نالي ۾ هن افغانستان ۾ جنگ جوٽي، مذهب ۽ پاڪستان کي هڪ اهڙي ٻـ واٽي تي آڻي بيهاريو جو هڪ پاسي باهـ تـ ٻئي پاسي پاڻي. ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهو، ڪافي پريشاني جو شڪار ٿيا. اسان جي ملڪ ۾ گهڻو وقت آمرانا حڪومتون رهيون آهن. جن هميشـ پنهنجن جڳاڙي نظرين ۽ ٿيورين سان حڪومتون پئي هلايون آهن. ڪڏهن بنيادي جهموريت تـ ڪڏهن اسلام تـ ڪڏهن وري Devolution. هن ملڪ ۾ جيڪي بـ ريفرينڊم ٿيا آهن سي سڀ جا سڀ فوجي حڪمرانن پنهنجي حڪومتن کي بچائڻ خاطر پئي ڪرايا آهن. مطلب تـ هر ڪنهن فوجيءَ پنهنجو پنهنجو نئـون فلسفو پئي ڏنو آهي. انهن سڀني کان وڌيڪ دقيانوسي ۽ پراڻا خيال رکندڙ عوامي سياستدان ذولفقار علي ڀٽو هو، جنهن شراب ۽ حسن جون بازارون بند ڪري پاڪستان کي هڪ اهڙي اونداهي کڏ ۾ ڌڪي ڇڏيو، جنهن مان نڪرڻ هاڻي مشڪل آهي. توهان 1977ع جون اخبارون کڻي ڏسو، ڀُٽي صاحب مولوين جي دٻاءُ ۾ اچي، آچر جي بجاءِ جمعي جي موڪل ڪئي. شراب ۽ ڪواب تي بندش وڌي تـ جماعت اسلامي جي ڪنهن سرڪردهـ ليڊر چيو هو تـ “ڀٽو هاڻي اسان جي ايجنڊا تي آيو آهي. ”اسان جا پي پي پي جا دوست چوندا آهن تـ ذولفقار علي ڀُٽي سنڌي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو. اها دعويٰ بـ ڪنهن حد تائين غلط ثابت ٿي چڪي آهي. بهرحال هي هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن تـ سياست منهنجي هن ڪتاب جي دائري ۾ نـ ٿي اچي، انهي ڪري آئون صرف هڪ ئي جملو لکي انهي بحث کي اتي ئي بند ٿو ڪريان تـ منهنجي خيال ۾ سنڌي ماڻهو کي اڳئي سنڌي پرائمري ٽيچر، جنهن کي اسان سنڌي ماستر چئون ٿا، سجاڳ ڪري چڪو هو. جن سڄو سارو ون يونٽ جو مانڊاڻ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو هو. ان وقت تـ ڀٽو صاحب ون يونٽ جي حڪومت ۾ پرڏيهي وزير هو. تڏهن بـ سنڌي ماڻهن ان وقت جي حڪومت کي مجبور ڪيو تـ ون يونٽ ٽٽي پيو. حقيقت ۾ وقت ۽ واقعن جون جيڪڏهن ڪڙيون ملائجن تـ پاڪستان کي بيماري ان وقت کان لڳي چڪي هئي، جيڪا هاڻي لا علاج ٿي چڪي آهي. جنهن جي ڪري ڀڳڙو ڀڄي بـ ڦارون ٿي پيو هو. نتيجي طور پاڪستان ٻـ اڌ ٿي پيو هو. انهن غلط پاليسين جي ڪري پاڪستان جي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، درآمدي ۽ برآمدي ٽيڪس گهٽجي ويا، ٻاهرين ملڪن جي سياحن جو اچڻ وڃڻ بلڪل ختم ٿي ويو، سئينيما انڊسٽري ذري گهٽ بند ٿي وئي، لاهور جو لالي ووڊ ۽ ڪراچي جا فلم ٺاهيندڙ ادارا بيمار صنعتن ۾ شامل ٿي ويا. سئنيمائون تي جيڪو تفريحي ٽيڪس هو اهو زيرو ٿي ويو. سڌي يا اڻ سڌي طرح هڪ سئينيما تي 100 ماڻهن جو روزگار هوندو هو، اهي بيروزگار ٿي ويا. ماڻهن جا تفريح جا ذريعا تقريبن بند ڪيا ويا. ماڻهن جا سڀ دروازا بند ڪري صرف مسجدن ۽ مدرسن جا دروازا کليل رکيا ويا. ٻئي طرف تعليم کي مهانگو ڪري مدرسن کي مفت ڪيو ويو. انهن سڀني ڳالهين گڏجي انساني ترقياتي وسيلن تي ناڪاري اثر ڇڏيا.
پاڪستان جي مقابلي ۾ دبئي 1960 ع ۾ ڪجهـ بـ ڪو نـ هو. اسان وٽ ان زماني ۾ هڪ وڏو بنيادي ڍانچو موجود هو. توهان رام بخشاڻي جو ڪتاب پڙهي ڏسو، معلوم ٿي ويندو تـ دبئي ڪيئن نـ کليل ايڪنامڪ پاليسي ( Open Economic Policy) جي ڪري ترقي ڪندو ويو ۽ اسان پاليسين جو بنياد مذهب تي رکيو تـ وياسين پوئتي پوندا، تان جو دنيا جي پٺتي پيل ملڪن جي رفتار ۾ اسان جو نمبر اچي آخر ۾ بيٺو. آئين (Constitution) ۾ اهڙيون تـ شقون متعارف ڪرايون ويون جو ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو. خاص ڪري اقليتن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو. منهنجي نظر ۾ ڪنهن بـ ملڪ يا اسٽيٽ جو مذهب نـ هئڻ گهرجي، ها البت اسٽيٽ ۾ رهندڙ ماڻهن جو مذهب ٿيندو آهي. جيئن 1947 ع کان پهرين ڪراچي کي هندن جو شهر چوندا هئا، ان وقت ڪراچي ۾ انساني رت ائين ڪو نـ وهندو هو، جيئن 1947 ع ۾ ڪراچي کي مسلمان ڪرڻ کان پوءِ انساني رت ريلا ڪري وهڻ لڳو آهي جيڪو اڃا تائين بند نـ ٿيو آهي. ڪراچي مسلمانن جي اڪثريت جو شهر آهي، انهي هوندي بـ اهو ڏينهن خالي ڪونهي جنهن ڏينهن ڪنهن بيگناهـ ماڻهو جو رت نـ وهيو هجي. هڪ اندازي مطابق پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ ايترو انساني رت ضايع نـ ٿيو هو جيترو ڪراچي ۾ 1947 ع کان پوءِ انساني رت وڙهو آهي. جڏهن تـ اسلام امن جو مذهب آهي، مون ڪڏهن بـ اهو نـ پڙهيو آهي تـ ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ ناموس رسالت جي ڪري ڪنهن کي قتل ڪيو ويو هجي. هتي اقليت وارا هميشـ انهي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا آهن،پر حڪومت جا مٿئين ليول جا ماڻهو بـ محفوظ نـ آهن. اڃان بـ اسان جا عا لم سڳورا هر جمع تي مسجد جي ممبر تي ويهي وڏي درد مان نڙي مان آوازڪڍي چون ٿا تـ اسلام خطري ۾ آهي. تازو فيس بڪ تي انهي متعلق اردو ۾ ڪنهن ڏاڍو سٺو لکيو هو تـ “ ڪولر تي پيل گلاس خطري ۾، مسجد ۾ جوتا خطري ۾، وضو جي نلڪي خطري ۾، گاڏي سان گڏ گاڏي جو آئينو خطري ۾، روڊ تي مسلمان خطري ۾، سڀ کان وڌيڪ اسلام خطري ۾. جيڪڏهن 70 سالن ۾ هن ملڪ خداداد پاڪستان ڪنهن کي خطري مان ڪڍيو آهي تـ اهو آهي مولوي، جنهن جي نـ نوڪري خطري ۾، نـ جان خطري ۾ ۽ نـ احترام خطري ۾. ”
منهنجي خيال ۾ ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين پاڪستان کي ڪو همدرد، هڏ ڏوکي ۽ ايماندار ليڊر مليو ڪونهي سڀ نااهل، عياش جڳاڙي ٿيورين تي ڪم هلائندا رهيا آهن. ملڪ جو تقريبن 60 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير جي هيٺان قسمپرسي واري زندگي گذاري رهيو آهي. اسان وٽ جيڪي غريبن جي لاءِ پروگرام ٺهن ٿا، انهن ۾ پهريون آئٽم ئي Capacity Building جو هوندو آهي. انهي مان هنن جي پنهنجي غربت تـ ختم ٿيو وڃي، باقي غريبن جو الله واهي آهي. موجوده سال ۾ بينطير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 115 بلين روپيـا رکيا ويا آهن پر غربت جي لڪير ۾ هلڪڙو گهٻ بـ نـ پيو آهي. آئون جڏهن فنانس ڊويزن ۾ هوندو هوس تـ اڪثر دوستن کان اهو سوال ڪندو هوس تـ “ اسان جي هٿن مان هر سال اربين روپيـ نڪرن ٿا، ڇا انهن جي ڪري اٽي جي ڪلو جو اگهـ گهٽيو آهي؟يا گيهه جو پاءُ ڪو سستو ٿيو آهي”؟. يقينن اهڙن سوالن جو جواب اسان وٽ ڪو نـ هوندو هو. توهان ڪڏهن فنانس ڊويزن جي بجيٽ جا ڪتاب ڏٺا آهن. جيڪڏهن سڀئي هڪ ئي وقت ڪنهن هڪ ماڻهو کان کڻائجن تـ اهو نـ کڻي سگهندو. انهن ڪتابن ۾ ٻي ڪا ڪهاڻي لکيل نـ هوندي آهي صرف پئسا ئي لکيل هوندا آهن، جڏهن تـ فنانس ڊويزن اهي پئسـا هر سال ڏيندي بـ آهي. سوال آهي تـ اهي پئسا ڪنهن تي خرچ ٿين ٿا، ڇو ۽ ڇا لاءِ خرچ ٿين ٿا؟ . جڏهن اسان پاءُ اٽي جو سستو نـ ٿا ڪري سگهون تـ انهن پئسن جو ڪهڙو ڪارج هوندو. افسوس اسان مسڪين جهان خان کوسي يا منهنجي ڳوٺ جي همدرد انسان ڪامريڊ محمد عثمان لغاري جهڙن ماڻهن جو قدر نـ ڪيو. هتي تـ رڳو موقعي پرست حڪمران، چاپلوسي ڪندڙ بيوروڪريسي هر وقت حاضر رهندي آئي آهي. هي بيورو ڪريٽ وزير اعظم جي اڳيان ڪجهه بـ نـ ڳالهائي سگهندا آهن، ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو ايڪنامڪ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ فيصلو ڪرڻو هڪڙو هوندو آهي تـ ٿي ڪجهـ ٻيو ويندو هو. اهو صرف انهي جي ڪري جو وزير اعظم جي اڳيان ڪو بيورو ڪريٽ ڳالهائي نـ سگهندوآهي. ياد رهي تـ پيپلز پارٽي جي زماني ۾ محترمـ بينظير ڀٽو صاحبـ ECC جي ميٽنگ پاڻ وٺندي هئي. جيڪڏهن اسان وٽ فضل الله قريشي جهڙا ٻـ چار آفيسر هجن تـ ائين سرڪار جا اونڌا فيصلا ڪو نـ ٿين. آئون ذاتي طور ڪن آفيسرن کي سڃاڻان جيڪي هن وقت سنڌ ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. اهي آفيسر سٺن آفيسرن ۾ شامل ٿين ٿا، جيڪي هينئر پاسي وارين پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن. آئون هڪ ڀيرو ڪنهن پنجاب جي آفيسر سان گڏ مال روڊ لاهور تان گذري رهيو هوس تـ هن صاحب وڏين وڏين پلازن ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو تـ “ هي پلازا سڀ انهن آفيسرن جا آهن جيڪي سنڌ ۾ نوڪري ڪري آيا آهن”. انهي مان ظاهر ٿيو تـ پنجاب مان آفيسر سنڌ ۾ نوڪريون ڇو ٿا ڪرڻ اچن. فيڊرل گورنمينٽ جي اها پاليسي آهي تـ هر CSS پاس آفيسر پهريان ٽي سال پنهنجي صوبي کان ٻاهر نوڪري ڪندو.
اچو تـ FPSC جي تازي CSS جي ورتل امتحان جو سرسري جائزو وٺون تـ انهي ۾ سنڌ ڪٿي بيٺي آهي. فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي مطابق سال 2015 جي CSS ۾ ٽوٽل پاس اميدوارن جو انگ 202 آهي، جنهن ۾ پنجاب جا 56، سنڌ ٻهراڙي 13، سنڌ شهري 16، ڪي پي ڪي 18، بلوچستان 4، ڪشمير 4، گلگت 1، ميرٽ 32 نوجوان پاس ٿيا آهن.
انهي حساب سان في سيڪڙو ڪجهـ هن طرح اچي ٿو. پنجاب 56 سيڪڙو، سنڌ ٻهراڙي 6 سيڪڙو، سنڌ شهري 8 سيڪڙو، ڪي پي ڪي 9 سيڪڙو، بلوچستان 2 سيڪڙو، ڪشمير 2 سيڪڙو، گلگت 0.5 سيڪڙو ۽ ميرٽ 16 سيڪڙو. ڪميشن جي پڌرائي مطابق 90 سيڪڙو اميدوار انگريزي ۾ فيل ٿيا آهن. ڪميشن اهو بـ نوٽ ڪيو آهي تـ وڏي تعداد ۾ اميدوارن کي هڪ سادو سودو انگريزي ۾ 1500 لفظن جو مضمون بـ لکڻ نـ ٿو اچي. اها آهي اسان جي تعليم جي حالت ۽ معيار. مٿيان انگ اکر ٻڌائين ٿا تـ تمام ٿورا نوجوان سنڌ مان پاس ٿيا آهن جڏهن تـ پنجاب جي نوجوانن جو وڏو تعدداد پاس ٿيو آهي. ٽريننگ کان پوءِ انهن سڀني جون مقرريون سنڌ ۾ ٿينديون. PPP سرڪار سنڌ ۾ تعليم جي اهڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جو اسان جو نوجوان 500 لفظن جو انگريزي ۾ ڪو مضمون نـ ٿو لکي سگهي. ٻئي طرف اسان جو نصاب اسان جي نئين نسل کي بنياد پرست، جهادي، خودڪش بمبار ٺاهي رهيو آهي. دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ۾ ڪو دهشتگردي جو واقعو پيش اچي ٿو تـ ان جا پير ۽ کُرا اچو اسان جي ملڪ ۾ پون. آئون وري بـ دبئي جو مثال ڏيندس تـ اتي سڀ شيءَ حلال آهي ڪا بـ شيءَ حرام نـ آهي، شراب تي ڪا بـ بندش ڪونهي (سواءِ شارجيا جي) . دبئي جي وڏين وڏين مارڪيٽن تي سنڌي هندن جو قبضو آهي، جن کي اتي جي حڪومت جي پوري پوري حفاظت مليل آهي. مسجد سان گڏ مندر بـ آهي پر اسلام کي ڪو بـ خطرو ڪونهي. 2008 ۾ دنيا ۾ وڏي اقتصادي لاٿ آئي، يورپ جون مارڪيٽون متاثر ٿيون پر دبئي جي ايڪانامي تي ڪو بـ اثر نـ پيو. جنهن ملڪ جي سياحت جي انڊسٽري مضبوط آهي، انهي تي اقتصادي لاهن چاڙهن جو اثر گهٽ ئي ٿيندو آهي. ويجهي ماضي جي ميڊيائي خبرن مان پتو پوي ٿو تـ پاڪستان جون پرڏيهي توڙي اقتصادي پاليسيون شاهراه دستور تي نـ پر ڪنهن ٻئي جاءِ تي ٺهنديون آهن. ڪنهن بـ پاڙيسري ملڪ سان اسان پاڙيسري هئڻ وارو ناتوئي نـ رکيو آهي. اهڙين غير يقيني حالتن ۾ ترقي جو هئڻ ممڪن نـ تـ بـ ڏکيو ضرور آهي.
معاف ڪجو ڳالهـ پئي هلي بدين جي وڃي نڪتاسين سياست کان، ڇو جو قلم تي ڪنهن جو وس ڪو نـ ٿو هلي. جيڪڏهن قلم ڪنهن جو زير دست هجي ها تـ هيڏا هاڃا هن ڀنڀور ۾ نـ ٿين ها. ائين کڻي سمجهو تـ قلم جو نب ڪنهن ڀلي گهوڙي وانگر آهي، هو جڏهن رَلي ۽ مُن ۾ هوندو آهي تـ سوار کي بـ طاقت ڪونهي جو ان کي قابو ڪري سگهي. بدين شهر سان منهنجو تعلق تمام پراڻو رهيو آهي. آئون جڏهن رپ شريف ۾ پڙهندو هوس تـ 10th & 9th جو امتحاني سينٽر بدين هو. مئٽرڪ جي امتحان دوران ٻين ڇوڪرن تي رعب ۽ دٻدٻو ويهارڻ جي لاءِ فلٽر جي سگريٽن وارو پئڪٽ وٺي هڪ هٿ ۾ ٽي ٽي سگريٽ وجهي پيئندا هئاسين. پر مون کي نڪ مان دونهون ڪڍڻ ڪو نـ ايندو هو، اها ڳالهـ الٽو منهنجي ڳلي ۾ پئجي وئي، اسان جو روم ميٽ هوندو هو نور محمد چانگ، گڙنگ موالي، هميشه پن جي ٻيڙي پئندو هو. هُن همراهـ کي وجهـ مليو ۽ مون کي چڱو خاصو خوار ڪيائين. چئي “لغاري ڇوري کي سگريٽ پيئڻ اچي ڪو نـ هروڀرو لئي ڪندو وتي. ” پاڻ بـ بس ڪئي سڄي زندگي ۾ اهو هڪڙو ئي سگريٽن جو پاڪيٽ ورتوسين، اهي ڏينهن اهي شينهن وري نـ سگريٽن کي هٿ لاتوسين. اهو 1972 جو زمانو هو مئٽرڪ جو امتحان ڏئي سڌو ڳوٺ آيو هوس، انهي کان وڌيڪ مون کي بدين جي ڪا بـ خبر چار ڪا نـ هئي. ان زماني ۾ بدين شهر جي جاگرافي ايتري وڌيل ڪو نـ هئي. ڇو جو اڃا ضلعي واري حيثيت ڪو نـ ملي هئس، حيدر آباد ضلعي جو هڪڙو تعلقو هوندو هو. بدين کي ضلعي جي حيثيت 1974 ۾ ملي. ان کان پهريائين منهنجو وڏو ڀاءُ روشن الدين لغاري ٻـ اڍائي سال پهرين 16 گريڊ ۾ ۽ پوءِ 17 گريڊ ۾ بدين رهيو. ادا مرحوم بدين کي هميشه “ڪوفو” سڏيندو هو. مطلب تـ هُن جي بدين سان دل نـ لڳي. مون آگسٽ 1994 ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پيپلز پروگرام جي چارج ورتي. يعني مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ٺيڪ 22 سالن کان پوءِ آئون سڌو سنئون اسلام آباد مان بدلي ٿي بدين ۾ 18 گريڊ ۾ آفيسر ٿي آيس. شروع وارن ڏينهن ۾ ڪافي بيزار ٿيس، ڇو جو اسلام آباد جتي ان زماني ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو تصور ئي ڪو نـ هو، صاف سٿرا رستا، صفائي جو بهترين انتظام، ان جي مقابلي ۾ بدين 1994 ع ۾ برساتون گهڻيون پيون هيون سو ٽي ٽي ڏينهن بجلي غائب، پاڻي جو بـ ڪو سٺو انتظام ڪو نـ هوندو هو. بس ٻـ شيون جن جي ڪري بدين سان دل لڳڻ شروع ٿي، هڪ امام الدين واري پنجابي گارين واري شاعري جيڪا اشرف پيو ٻڌائيندو هو. ٻيو سوزڪي جيپ جنهن تي آئون سڄو ڏينهن فيلڊ ۾ پيو گهمندو هوس، چوڻ آکڻ وارو ڪير بـ ڪو نـ هوندو هو. ان زماني ۾ عبدالسبحان ميمڻ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ اي ڊي خواجـ ضلعي جي پوليس جو سربراه هوندو هو. اصولن مون کي ڊپٽي ڪمشنر سان اچڻ شرط ملاقات ڪرڻ کپندي هئي. ڇو جو هو صاحب ضلعي جو سربراه هو، پر مون ائين نـ ڪيو. مون سمجهو ٿي تـ آئون فيڊرل گورنمينٽ جو ملازم آهيان ۽ هي باقي سڀ سنڌ گورنمينٽ جا ماڻهو آهن، تنهنڪري منهنجو ملڻ انهن سان ضروري ڪونهي. جيڪو بعد ۾ مون محسوس ڪيو تـ اها منهنجي غلطي هئي. ڇو جو ڊپٽي ڪمشنر جي ضلعي ۾ وزير اعليٰ واري حيثيت هوندي آهي. خير نوڪري دوران اسان اهڙيون غلطيون کوڙ دفعا ڪيون هونديون.
جيئن مون مٿي لکيو آهي تـ شروع ۾ آئون بدين ۾ ويڳاڻو رهڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ اهو انهي ڪري ٿيو جو اسلام آباد جهڙي شهر مان سڌو بدين جهڙي گهٽ ترقي ڪيل شهر ۾ آيس تـ اهو منهنجو پنهنجي پاڻ کي اتي سمائڻ وارو عرصو هو. ٻي حالت ۾ بدين جي ميمڻ برادري سان منهنجو پراڻو لڳ لڳاپو هو، اهو ڏيٺ ويٺ جي حد تائين نـ هو، بلڪ دوستي واري حد تائين هوندو هو. بدين جي غلام قاسم ميمڻ سان منهنجي پراڻي دوستي هوندي هئي. هي انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي جڏهن اسين ٻئي بيروزگار، سڃا ۽ ڀڙڀانگ هوندا هئاسين. ڇو جو اسان ٻئي ڇٽي کان ڇورا هئاسين، اسان ٻنهي جا والدين هن دنيا مان اسان جي جوان ٿيڻ کان اڳئي ڪوچ ڪري چڪا هئا. بدين اچڻ کان پهريائين قاسم سان منهنجي واقفيت ماتلي ۾ ٿي جيڪا اڳتي وڌي دوستي جي حد تائين پهتي. اهو بـ لکندو هلان تـ اها دوستي سندس ننڍي ڀاءُ غلام قادر ميمڻ جي پويان ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو تـ ماتلي ۾ ڪنهن هوٽل تي چانهـ پيئڻ لاءِ ويهندا هئاسين تـ اسان ٻنهي وٽ پئسـا ڪو نـ هوندا هئا، پوءِ ڪو ٽيون دوست اچي اسان جي جان ڇڏائيندو هو. اڳتي هلي قاسم ميمڻ ماتلي ۾ هڪڙي پٺاڻ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر طور نوڪري شروع ڪيائين. هاڻي اسان جي چانهـ پاڻي جو بندو بست ٿي ويو. جيئن هن کي نوڪري ملي تـ مون هن سان ملڻ گهٽ ڪري ڇڏيو، صرف دوست جي نوڪري جي ڪري تـ جيئن واندا اتي گهٽ گڏ ٿيون. متان هن جي نوڪري تي ڪو اثر نـ پوي. پڙهيل لکيل ميمڻن جو تيز ٻار هو سو هي ٿورن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ٿي ويو. پوءِ جڏهن بـ ڊاڪٽر شهر کان ٻاهر هوندو هو تـ هي ڊاڪٽر واري ڪرسي تي ويهي مريض ڏسندو هو. آئون اڃا واندو هوندو هوس، بس ائين آواره گردي پيو ڪندو هوس. قاسم ميمڻ کي ڊاڪٽر هڪ جڏي موٽر سائيڪل وٺي ڏني هئي، اسپتال جي ڪم ڪار جي لاءِ، جتي چار ماڻهو ڏسندي هئي اتي بند ٿي ويندي هئي. هڪ ڏينهن ماتلي جي اڌ شهر ۾ موٽر سائيڪل بند ٿي ويئي. جڏهن تـ اها موٽر سائيڪل اسٽارٽ ٿيندي هئي سڪي سان. قاسم ميمڻ هميشه موٽر سائڪل جي لاءِ سڪا کيسي ۾ رکندو هو پر اتفاق سان انهي ڏينهن هن کي سڪو کڻڻ وسري ويو. مون کي چيائين تـ “سڪو ڏي تـ موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪريان” جيئن تـ مون وٽ سڪو ڪو نـ هو سو پاسي مان هڪڙو چڱو خاصو اڌڙوٽ عمر وارو همراهـ گذري رهيو هو مون ان کي چيو “ چا چا چار آنا تـ ڏجان” خبر نـ آهي تـ هو همراهـ ڪهڙي خيالن هو، سو هن سمجهيو تـ هي ڇورا پنن ٿا. پوءِ جيڪا هن اسان سان ڪئي جهڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان. واهـ جون اسان کي ست سريون ٻڌايائين. جيڪي هتي لکڻ جي قابل نـ آهن. مون پڪ سمجهيو تـ آهي تـ ڪو ٻروچ جو اسان سان ايترو بد فضيلتو ڳالهايو اٿس. پوءِ پتو لڳو تـ سندس وڏا چانڊڪا پرڳڻي مان سوين سال اڳ هجرت ڪري اتي ڪٿي آسي پاسي ۾ اچي ويٺا هئا.
سو ڳالهـ پئي هلي بدين ۾ بوريت جي، قاسم ميمڻ بـ شادي ڪري پنهنجي ٻارن سانگي اچي بدين ۾ ميڊيڪل اسٽور کوليو هو. سو شام جو منهنجو وقت اتي پيو گذرندو هو. هوڏانهن اشرف صاحب جي ڪري ڊاڪٽر عبدلله سومري سان بـ چڱي خاصي ڏيٺ ويٺ ٿي چڪي هئي. ڊاڪٽر عبدلله سومري وٽ جڏهن بـ وڃبو هو تـ هو ماني کان سواءِ ڪو نـ ڇڏيندو هو. هن مون کي هڪ ڏينهن سڻڀي صلاح ڪيائين تـ “ توهان آفيسر ماڻهو آهيو ڪٿي پيا هوٽلن تي ڌڪا جهليندا، تنهنڪري توهان جي رات جي ماني منهنجي گهر تيار هوندي. ” مون کي لڳو تـ اهي لفظ ڊاڪٽر جي دل مان اڌما ڏيئي نڪتا آهن، انهن لفطن ۾ جيڪو خلوص ۽ پيار هو جنهن جو ذڪر ڪرڻ منهنجي قلم جي وس ۾ نـ آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر جي چيل ٻن لفظن جي خارجي ۽ اندروني احساسن ۽ جذباتن تي لکجي تـ ڪئين ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا. هاڻي منهنجي Routine بدلجي وئي. شام جو قاسم ميمڻ جو چانهـ جو چڪو پي رات جي ماني وڃي ڊاڪٽر سومري وٽ کائيندو هوس. اڳتي هلي اسان جو قرب ۽ پيار عاشق ۽ معشوق وارو ٿي پيو. آئون 18 گريڊ جو آفيسر ۽ هو ڊاڪٽر، هاڻي ڪير عاشق ٿئي ۽ ڪير معشوق، اهو فيصلو اسان اڄ ڏينهن تائين نـ ڪري سگهيا آهيون. انهي جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو تـ جڏهن ڊاڪٽر جي ڪار جو حادثو ٿيو هو ۽ مون کي اسلام آباد ۾ ان جو اطلاع ڏنو پئي ويو تـ منهنجي هٿ مان ٽيليفون جو رسيور ڪري پيو هو، اهو ڇا هو اهو صرف خلوص ۽ پيار هو، جيڪو هن ماڻهو مون کي بدين ۾ ڏنو هو.
هاڻي بدين ۾ ڊاڪٽر عبدلله سومري جي ڪري سندس ٻين ڊاڪٽر دوستن سان پڻ ميل ميلاپ وڌي ويو. مون مٿي ڪٿي اڳئي لکيو آهي تـ منهنجي لاءِ بدين جا ڏينهن بور ۽ بدين جون راتيون رنگين هيون. انهي مان ڪو اهڙو غلط مطلب نـ وٺڻ گهرجي تـ ڪو رات جو شباب ۽ ڪواب جون محفلون رچنديون هيون. نـ نـ ائين نـ هو جنهن محفل ۾ خالي بوتل رقص ڪندي هجي ۽ دوستن جا وڏا وڏا ٽهڪ هجن تـ اها محفل مدهوش ٿيل انسان کان هزار ڀيرا وڌيڪ آهي. آئون تـ اهڙو صوفي لاڪوفي ماڻهو رهيو آهيان. جنهن وٽ پوري زندگي غير مُحرم جو ڪو تصور ئي نـ هجي. سڀني منهنجن دوستن يارن کي خبر آهي تـ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان. تڏهن تـ ڊاڪٽر علي محمد کٽي (جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو) سچ چوندو آهي تـ “ جيڪڏهن آئون حج تي ويس تـ پنهنجو سڀ ڪجهـ نظام لغاري جي حوالي ڪري ويندس. ” ۽ هو انهي ڳالهـ کي دليلن سان ثابت بـ ڪندو آهي تـ نظام لغاري صوفي ماڻهو آهي. آئون هتي واضح ڪندو هلان تـ وڏو عرصو اسلام آباد جهڙي شهر ۾ رهڻ جي باوجود مون ڪنهن بـ اهڙي شيءَ کي هٿ نـ لاتو آهي، جنهن جي منهنجي ضمير مون کي اجازت نـ ڏني هجي. باقي انساني آزادي جو وڏو حامي رهيو آهيان. منهنجي نظر ۾ شباب ۽ ڪباب ڪو غلط ڪونهي. هي اسان جا ديني عالم سڳورا چون ٿا تـ شراب حرام آهي، زنا حرام آهي ۽ اهي ٻئي طرف ڳالهـ ڪن ٿا تـ بهشت ۾ ٻئي شيون توهان لاءِ حلال آهن ۽ توهان وٽ هونديون، ڪيڏو نـ ٻٽو معيار آهي. اڃا اڳتي اخلاق جا سڀ ليڪا لتاڙي غلمان پڻ بهشت ۾ ڏيئي ڇڏيا اٿن. مولانا غلام محمد گرامي پنهنجي مقالي “ مشرقي شاعري جا فني قد ۽ رجحانات“ ۾ لکي ٿو،“ قرآن جو انداز بيان بـ اجمال تي مشتمل آهي. قرآن جي پيش ڪيل بهشت ۽ ان جي نعمتن کي رمز ۽ ڪنايي جو حسين ترين انداز بيان سڏي سگهجي ٿو. اتي نـ حورن ۽ غلمانن جو ڪو شهوت انگيز تصور آهي ۽ نـ ڪو جنسياتي رد عمل ”. منهنجي اسٽڊي ٻڌائي ٿي تـ هنن جي خودڪش حملي آور تيار ڪرڻ ۾ انهن ئي چئن شين جهڙوڪ بهشت، شراب، حورن ۽ غلمانن جو واضح ۽ انهن جي پُر اثر پيش ڪش ئي نوجوان ڇوڪرن کي آمادهـ ڪري ٿي، جيڪي پنهنجي پاڻ کي مارڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. اڪثر خودڪش حملي آور سڀ نابالغ ڇوڪرا هوندا آهن ۽ انهن هڪ ڪتاب کان سواءِ ٻيو ڪجهـ پڙهيو بـ نـ هوندو آهي.
مون مٿي لکيو آهي تـ بدين جي راتين ۽ ڏينهن جا ايترا احوال آهن جو انهي تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. هتي آئون پنهنجي اڍائي سال جي دور کي چند صفحن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪندس. جيڪڏهن آئون رڳو هڪڙي ڪچهري جو سربستو احوال لکان تـ هن ڪتاب تي، فحاشي، لادينيت، اخلاق کان ڪريل ۽ خبر نـ آهي تـ ٻيا ڪيترا الزام لڳندا. ڊاڪٽر عبدالله سومري جي ڪري جن ٻين دوستن سان ملاقات کان پوءِ دوستي وارو رستو قائم ٿيو انهن ۾ هئا، ڊاڪٽر علي محمد کٽي، جنهن جو تعلق ڪڍڻ شهر سان آهي، ڊاڪٽر علي نواز ڀوت جيڪو ڪلوئي ٿر جو رهندڙ آهي. سڀئي ڊاڪٽر سڀئي پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل سمجهيل. آئون خوني رشتن جو ايترو قائل نـ آهيان جيترو روحاني رشتن جو. ڇو جو منهنجي نظر ۾ روحاني رشتن ۾ برداشت جو مادو وڌيڪ هوندو آهي، بمقابل خوني رشتن جي. آئون جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ ڪنهن دوست جي خلاف ڪا ڳالهـ لکي ڇڏيان تـ يقينن هو مون کي ڪجهـ بـ نـ چوندو. پر جيڪڏهن ڪنهن مائٽ جي طبيعت جي برعڪس ڪجهـ لکجي ويو تـ منهنجي باقي زندگي حرام ٿي ويندي. اسان جو هڪڙو مائٽ هوندو هو هاڻي اهو الله کي پيارو ٿي ويو آهي، اهو هميشه مائٽن جي شادي ۾ ڪاوڙيو ويٺو هوندو هو، پوءِ پلاند پٽڪا ٿيندا، آخر ۾ نياڻيون ميڙ ٿينديون ان کان پوءِ وڃي همراهـ ڀت کائڻ تي راضي ٿيندو. ڳالهـ ۾ وري ڪجهـ بـ ڪو نـ هوندو هو، فلاڻي مائٽ مون کي چانهـ جي صلاح ڪا نـ ڪئي، تنهنڪري ان کي ڀت مان ڪڍو. هاڻي اسان ٻروچ ڪجهـ پڙهي لکي پيا آهيون، پر اڄ کان 50 سال اڳ ڪو حال ڪو نـ هوندو هو. سکر بيراج جي وهڻ کان پوءِ سنڌي سماج جي نئين سر جوڙ جڪ ٿي تـ اسين لاڙ وارا ٻروچ سڌري ويا سين. اسان جي پاسي شيخ ڀرڪيي جي ميلي تي ڪي اسان جا مائٽ ميلو گهمڻ ويا. سو عطر وارو وڏا هوڪا ڏئي عطر جي وڏي تعريف ڪري رهيو هو، سو همراهـ عطر وٺي ڪنهن ڪنڊ ۾ ان کي کائڻ ويهي رهيو. مٿان وري ٻيو اسان جو مائٽ عقل جو اڪابر جنهن هن کي ڏٺو تـ عطر ائين رکو ويٺو کائي، سو هن کي چيائين تـ“ چريا عطر رکو ٿورئي کائبو آهي، هي ماني سان کائبو آهي”. ياد رهي تـ هي مون پنهنجي مائٽن جو قصو لکيو آهي، سنڌ ۾ ٻروچ گهڻا آهن متان ڪو پنهنجي پاڻ ڏانهن سمجهي.
سنڌ ۾ ڀوڳ چرچي ۽ مسخري جو بـ هڪ الڳ ڪلچر موجود آهي. ڪجهـ وقت اڳ شادين مرادين تي چرچاين کي خاص گهرايو ويندو هو. اسان جي لاڙ پٽ ۾ ويجهي ماضي ۾ قادر بخش عرف قادو شيدي، ميرو گشڪوري، ملڻ اوٺو ۽ نٿو ڪهيري خاص وڏين وڏين شادين تي گهرايا ويندا هئا. هونئن بـ پاڻ ڏکارو رهي ٻئي کي کلائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. افسوس جو انهي فن جو قدر نـ هئڻ سبب اڄ اسان جي اڪثر سنڌي ماڻهن کي خبر ڪونهي تـ اهي بـ ڪردار هئا، جيڪي ڪجهـ گهڙين لاءِ صحيح پر درد وندن جا درد ختم ڪري انهن جي منهن تي خوشيون ئي خوشيون پکيڙي ڇڏيندا هئا. انهن چرچن سان گڏ ڪيڏي ڪيڏي مهل هلڪي ڦلڪي گار گند بـ ٿي ويندي هئي. ڀوڳ چرچو ۽ گار گند سنڌي ادب جي هڪ الڳ صنف هئڻ گهرجي، پر اسان جو پڙهيل لکيل طبقو جنهن جو ادب سان تعلق آهي. اهو هن صنف ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. تنهنڪري ادب جي اها شاخ ايتري ترقي نـ ڪري سگهي آهي جيترو ادب جي ٻين شين ۾ واڌارو ٿيو آهي. تعجب جي ڳالهـ اها آهي جو مون سنڌ ۾ هڪ ٻن پبلشرن کان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تـ “سنڌي ۾ ڪو گارين تي ڪتاب ڇپيل آهي؟” افسوس جو ڪٿان بـ مون کي هاڪاري جواب ڪو نـ مليو. سوال اهو آهي تـ مواد بـ ملي ويندو ۽ ڪتاب بـ لکي سگهجي ٿو پر ان کي پڙهندو ڪير. منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جي ڪتاب جي وڏي ريڊرشپ ٿيندي . پر وقت جي سرڪار جيڪا مذهب جي رنگ ۾ رنڱيل آهي اها انهي کي برداشت نـ ڪري سگهندي؟. مون جيڪي ٻـ چار ڪتاب انهي موضوع تي پڙهيا آهن انهن ۾ پير علي محمد راشدي جو ڪتاب “ اهي ڏينهن اهي شينهن “ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشدي جو ڪتاب “ اهي ڏوٿي اهي ڏينهن” جن ۾ انهي عنوان تي ٿورو گهڻو مواد ملي ٿو.
سنڌ جو مهان ڏاهو علي احمد بروهي پنهنجي ڪتاب “ ڄام، ڄاموٽ،ڄامڙا“ ۾ لکي ٿو تـ “ دراصل گار ڏيڻ هڪ وڏو فن آهي ۽ ان فن جا ماهر مون گهڻا ڏٺا، مري ويندا پر ڪچي ڦڪي، ٻاڙي يا اگهاڙي گار مور نـ ڏيندا. گار ڏيندا تـ سُرائتي ۽ سُريلي، جنهن ۾ ٻڌندڙ کي سرور پيو ايندو. ” هو صاحب سنڌ جي ٻن وڏن ليڊرن جنهن ۾ مرحوم غلام محمد ۽ مرحوم دين محمد ٻئي سنڌ جا گورنر هئا. پهرين کي عظيم ۽ ٻئي کي غليظ گاريل سڏي ٿو. فضل الله قريشي جو ڪتاب“ ڪجهـ ڳالهيون ڪجهـ يادون” پڙهڻ مان معلوم ٿيندو تـ سنڌ جو هڪ وزير اعليٰ پڻ ان فن جو ماهر هو.
مون ڪٿي اڳ ۾ اهو لکيو بـ آهي تـ اسان جي لاڙ پٽ ۾ گار ڏيڻ، گار ٻڌڻ ۽ ان کي برداشت ڪرڻ جو وڏو ڪلچر رهيو آهي. ڪجهـ وقت اڳ جڏهن شادي هال جو ڪلچر اڃا ڪو نـ پيو هو شاديون ڳوٺن ۾ شاميانا هڻي پوءِ ڪيون ويندو هيون. تڏهن اسان جي لاڙ پٽ ۾ تقريبن هر شادي ۾ راڳ رنگ جي محفل ضرور هوندي هئي. راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ لائوڊ اسپيڪر وغيرهـ بند ٿي ويندا هئا. پوءِ موجود ماڻهن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويندو هو ۽ گارين جو مقابلو شروع ٿي ويندو هو. انهي ۾ خاص گاريال گهرايا ويندا هئا، هو گاريون ڏيندا هئا ۽ تماشبين کلڻ ۾ پورا. پوءِ جنهن جي گار سنڌائتي،سُريلي ۽ سٺي هوندي هئي ان کي انعام ملندو هو. اهي گاريون سريليون هونديون هيون، بي سريون گاريون تـ زميندار هارين کي ٿا ڏين، ٿاڻي وارا چور ۽ ڀاڳئي ٻنهي کي ٿا ڏين. اهو گارين جو سلسلو رڳو انهن گارين ڏيڻ وارن تائين محدود ڪو نـ هوندو هو پر ٿورو اڳتي هلي، مينهن جو رخ ڦري ٻڌڻ وارن ۽ کلڻ وارن تي وسڻ شروع ٿي ويندو هو. مطلب تـ انهي راند مان سڀئي پيا فيضياب ٿيندا هئا. شادي جو مالڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻاهر جي آيل مهمان جي خاص پارت ڪندو هو تـ انهن کي گاريون ناهن ڏيڻيون، بس گارين ۾ خاص مهمان کليو نـ آهي تـ گارين جو وسڪارو اوڏنهن شروع ٿي ويندو. پر هر ڳالهـ ۾ سهپ ۽ برداشت هئي. جنهن کي ڳالهـ نـ وڻندي هئي اهو اٿيو هليو ويندو هو.
ڇا ڪجي قلم آهي اگهاڙو، دنيا جي ڪنهن بـ ڪنڊ ۾ قلم کي ڪپڙا پهريل نـ ٻڌو نـ ڏٺو. بس اهي ڳالهيون اتي ڇٽيون وري اچون ٿا بدين تي. اهو تـ آئون اڳئي ذڪر ڪري آيوآهيان تـ جيئن ئي اسلام آباد مان بدلي ٿي بدين آيس تي هنن ڊاڪٽر جي هٿين چڙهي ويس. هي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ نـ پر ٻـ ڊگريون وٺي آيا هئا. هڪ تـ هئي MBBS واري ڊگري، جڏهن تـ ٻئي هُئي گارين ٻڌڻ ۽ ڏيڻ ۾ پڻ ڪافي ڀڙ ٿي آيا هئا. مون کي لڳي ٿو تـ انهي ۾ هنن پوسٽ گريجوئيٽس ڪئي هوندي. ڏينهن جو تـ هي سڀ جا سڀ ڊاڪٽر هئا ها البت رات جو هڪ مخصوص هلڪو ماڻهن جو هوندو هو انهي ۾ هي هڪ ٻئي کي ست سريون ٻڌايندا بـ هئا تـ ڳائيندا بـ هئا. ڊاڪٽر عبدالله سومرو جنهن سان منهنجي دوستي گهري گهاٽي ٿي وئي هئي. هو نـ پيو چاهي تـ ڪو آئون انهي گنگا ۾ وهنجان، پر “جيڪا درياهـ ڪناري ڪُڏي سا اڄ نـ ٻُڏي سڀان ٻُڏي”. هڪ ڏينهن مون عبدالله کي چيو تـ اڄ هل تـ هلون ڪڍڻ ڊاڪٽر علي محمد کٽي کان ڪجهـ ٻڌون ۽ ڪجهـ کيس ٻڌايون. ڊاڪٽر مون کي ڪافي سمجهايو، پر “ڳوهـ کي کٽي کڻي چُهڙي جو گهر ڳولي” آئون هن جي ڪا ڳالهـ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪو نـ هوس. مون سرڪاري گاڏي ۾ جلال چانڊيو جي ڪيسٽ لڳائي ۽ اسين وڃي ڪڍڻ پهتاسين. مون ٿوري گهڻي هلڪي ڦلڪي موسيقي وڄائي پر ان ۾ ڪو اثر ڪو نـ هو. ڇو جو مون وارو راڳ لڳو ئي ڪو نـ . ڊاڪٽر علي اسان کي سندس اسپتال تي وهڻ ئي ڪو نـ ڏنو، ڇو جو سندس اتي مريض ويٺا هئا، انهن ئي پيرن اسان وري جيپ ۾ چڙهياسين. جيئن اسان ڪڍڻ شهر مان ٻاهر نڪتاسين هن اسٽيٿو ڪنڌ مان ڪڍي ان کي يڪتارو ٺاهيائين ۽ وٺي کڻي قوالي شروع ڪيائين. جيئن پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي تـ مارواڙي مايو هٿن جي اشارن سان ۽ ناچ گاني سان مخصوص قسم جا سهرا ڳائينديون هيون. تيئن ڊاڪٽر علي قوالي سان گڏ ڊانس بـ شروع ڪري ڏني. اهي اهڙيون تـ سُرائتيون، سنڌائتيون ۽ لئي ۾ بيهي ويون . انهي سان گڏ ڊاڪٽر علي کٽي سُرن جا نالا پڻ ٻڌائيندو هلي تـ هي مالڪوس اٿئي، هي ڀيروي اٿئي. آخر ۾ جڏهن راڻو چيائين تـ مون کان ڊرائيونگ ڇڏائجي وئي، هاڻي اسان کلون يا آئون گاڏي هلايان. کلندي کلندي باقاعدي مون کي الٽيون شروع ٿي ويون. مون زندگي ۾ اهڙيون ست سريون ڪڏهن ٻڌيون ئي ڪو نـ هيون. سو طبيعت خراب ٿي پئي، ٽي چار ڏينهن آئون بيمار هوس. اهي ڏينهن اهي شينهن مون غليظ گار ڏيڻ کان پاڻ پاسو ڪيو. گار جو هڪ اصول آهي تـ جيڪڏهن گار تي ڪو بـ کليو نـ تـ اها گار وائي فائي ٿي وئي، انهي جو اثر ختم. اڳتي هلي اسان طريقـ واردات تبديل ڪئي هئي. ڊاڪٽر علي کي ڪٿي ڪنهن ٻئي دوست وٽ مهمان ڪري وٺي ويندا هئاسين، ان علائقي جي سٺي گاريال کي پئسن تي هائر ڪندا هئاسين، هن واري ڳالهـ تي اسان کلندا ئي ڪو نـ هئاسين. ڊاڪٽر علي سان هڪڙو مسئلو اهو هوندو هو تـ هن کي جيڪڏهن ڪا سنڌائتي پئجي ويندي هئي تـ ٽرڙي ڪڪڙ وانگر ڪنڌ ڇڏي ڏيندو هو. صفا محفل ڇڏي اٿي ڀڄندو هو، هاڻي 40 ڪلو ميٽر اسان شهر کان پري ويٺا هجون، رات جو آڌي جو ٽائيم، پوءِ هن کي زوري جيپ ۾ وجهي شهر کڻي ايندا هئاسين، کٽ تي ڪو نـ سمهندو هو، مريضن واري اسٽريچر تي پيو هوندو هو، صبح جو ناشتي ڪرڻ کان سواءِ بس تي چڙهي ڀڄي ويندو هو. اهو ڪاوڙ ۽ ناراضگي جو پيرڊ اٺ ڏينهن هلندو هو. انهي وچ ۾ هر قسم جو رابطو ختم، پوءِ اسان جو ٺاه ازخود ٿي ويندو هو يا هو بدين ايندو هو يا آئون سرڪاري جيپ ۾ بدين کڻي ايندو هو مانس. اهڙو ملاکڙو اسان جو سال ۾ ٽي يا چار دفعا ٿيندو هو. ڊاڪٽر علي جي هڪڙي سٺي عادت اها بـ هئي تـ هن ماڻهو کي مون ڪڏهن بـ پريشان نـ ڏٺو سدائين کلندو ۽ کلائنيدو رهندو هو. هڪ دفعي منهنجي ڳوٺ گلاب لغاري ۾ اسان ڪچهري رکي. منهنجو ڳوٺ ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽر کان 100 ڪلو ميٽر پري آهي، اتي منهجو دوست آهي K-2 (پريم چند ) جنهن جو مٿي ڪافي ذڪر ٿي چڪو آهي، اهو بـ مڙئي هلي ڦلڪي موسيقي ڪندو آهي. انهي کي مون تيار ڪري ڇڏيو تـ اڄ ڊاڪٽر علي جي هلڪي ڦلڪي توکي ڪرڻي آهي. اصل ۾ گار تي جيڪڏهن ڪو کليو نـ تـ انهي جو ڪو اثر نـ ٿيندو. علي جي عادت هوندي هئي تـ هروڀرو هٿ چراند ڪندو هو. علي جيڪا ڳالهـ ڪري ان تي اسان کلون ئي نـ، جڏهن تـ K-2 ائين ڪا ڳالهـ ڪري جنهن ۾ ڪنهن بـ قسم جي گار گند نـ هجي پر هرو ڀرو اچيو کلون ۽ اسان سڀ جا سڀ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيون، ائين اسان هن کي ٻاري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. انهي دفعي بـ اسان هن کي اهڙو ڇتو ڪيو جو پوءِ ڪنهن مريض جي کيسي ۾ K-2 سگريٽن جو پئڪٽ پيل ڏسندو هو تـ ان کي ڏسندو ئي ڪو نـ هو. ان کي چوندو هو تـ تنهنجي مون وٽ دوا درمل ڪا نـ آهي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر علي محمد کٽي هن دور جو عظيم انسان آهي. جيڪو پاڻ پهاڙ ڏکن ۽ غمن جا بار مٿي تي کڻي ٻين کي کلائيندو آهي. اندازو ڪريو سندس 22 سالن جو نوجوان پٽ هن دنيا مان هليو ويو. هڪ پيءُ جي مٿان ڇا گذريو هوندو. تازو هي جڏهن اسلام آباد آيو تـ مون کي چيائين تـ “آئون اندر ۾ ڀڄي ڀري پيو آهيان پر اوهين دوست مون سان کلي ڳالهايو ٿا تنهنڪري آئون زندهـ آهيان”
اسان جي لاڙ پٽ جي معاشي ۽ سماجي حالت جي سڌرڻ ۽ نـ سڌرڻ جا ڪيترائي سبب بـ آهن تـ انهي جي تاريخ بـ ڊگهي آهي . آئون 1972 ۾ جڏهن بدين ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ آيو هوس. ان زماني ۾ بدين، حيدرآباد ضلعي جو هڪ تعلقو هو، ان کان پوءِ جلدي پيپلز پارٽي جي حڪومت ان کي ضلعي جو درجو ڏنو. هاڻي جڏنهن آئون 22 سالن کان پوءِ بدين ۾ نوڪري ڪرڻ آيس، مون کي ڪا بـ شيءَ بدليل نظر ڪا نـ آئي، سواءِ ڪجهـ سرڪاري آفيسن جي بلدنگن جي. اهو ئي هاءِ اسڪول جنهن ۾ اسان امتحان ڏنو، جيڪو هاڻي ٻارن جي ويهڻ جي قابل نـ رهيو هو. اڄ 2017 ع ۾ جيڪڏهن بدين جو انگن اکرن سان جائزو وٺجي تـ غربت ۾ بدين آخري نمبرن تي، پڙهائي جو ريشو بدين آخري نمبرن ۾، انساني وسيلن جي ترقي ۾ بدين صفا پوئتي، روڊ رستن جي اها حالت جيڪا 50 سال اڳ هئي، مالي وسيلن ۾ بدين تيل ۽ گيس ۾ شاهوڪار. هڪ اندازي مطابق هن وقت بدين ۾ 58 غير سرڪاري تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن. سماجي توڙي معاشي طرح بدين کي جيڪا ترقي ڪرڻ کپندي هئي اها نـ ڪري سگهيو آهي. پاپوليشن جي بم گولي جي ڪري ڳوٺ وڌي، شهر ٿي ويا پر بدين پٺتي پيل شهر ئي رهيو. جتي وڌندڙ آبادي جا نقصان آهن اُتي ان جا ڪجهـ فائدا بـ آهن. شرط اهو آهي تـ ان ملڪ جون اقتصادي توڙي سياسي پاليسيون اهڙيون هئڻ گهرجن جو تيزي سان وڌندڙ آبادي مان هاڪاري فائدا وٺي سگهجن. دنيا ۾ ٻـ اهڙا ملڪ آهن جن پنهنجي پاپوليشن مان ڀرپور فائدو ورتو آهي. هڪ چين ٻيو سنگاپور. سنگاپور جي ٽوٽل ايراضي آهي فقط 725 سئو چورس ڪلوميٽر. ان جي مقابلي ۾ صرف اسلام آباد جي ٽوٽل پکيڙ 900 سئو چورس ڪلو ميٽر آهي. ان وٽ ڪا معدنيات ڪونهي، ڪا زراعت ڪانهي، پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي، وڏن وڏن ڪارخانن لڳائڻ لاءِ زمين ڪونهي. ڪمائي جو ذريعو صرف بندر گاهـ آهي. هاڻي ڀيٽ ڪريو پاڪستان وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا آهن 21 اٽڪل بلين ڊالر، جڏهن تـ سنگاپور وٽ اندازن 300 بلين ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهن. سنگاپور جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب ۾ اڳيان ايندو، ڇو جو اتي بـ منهنجو هڪ دل گهريو دوست رهندو آهي ۽ آئون هڪ دفعو اتان ٿي بـ آيو آهيان.
جتي بدين جو ذڪر اچي، اتي ڊاڪٽر عبدالله سومري ۽ ڊاڪٽر علي محمد کٽي کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالعليم پنهور ۽ ڊاڪٽر علي نواز ڀوت جو ذڪر نـ اچي تـ ڳالهـ ٻُسي ٻُسي پئي لڳندي. آئون اڳئي اهو ذڪر ڪري آيو آهيان تـ مون سان ڊاڪٽر علي هڪڙو ملاکڙو ڪيو تـ مون بس ڪئي. اهڙيون محفلون اسان ڊاڪٽر عبدالله جي بدين واري اوطاق تي ڪو نـ ڪندا هئاسين، ڇو جو هو صاحب هڪ تـ بدين جي معززين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ٻيو بدين ۾ سومرن جي وڏي برادري رهندي آهي. اسان سڀ پڙهيل لکيل، ڇڙا ڇنڊا، نامي گرامي، سو اهي بار پوندا هئا يا ڊاڪٽر عليم پنهور تي کورواهـ ۾، يا ڊاڪٽر نواز ڀوت وٽ ٿر ۾. آئون ڊاڪٽر نواز جي ڳوٺ کي وڌيڪ پسند ڪندو هوس. سڀئي دوست منهنجي مرضي کي مان ڏيندا هئا. ڊاڪٽر نواز آهي تـ انهن جي ٻاري جو ماڻهو پر انهن کان ٿورو مختلف آهي. سنڌي ادب بـ سٺو پڙهيل اٿس، ادبي ذوق شوق پڻ رکندو آهي، ڀٽائي، شيخ اياز ۽ امر جليل کي سٺو پڙهيو اٿس. جڏهن بـ ٿر وڃبو هو تـ خاص ڪچهري کان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ ادب تي سٺي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. ڊاڪٽر علي کٽي بي ادب ماڻهو، جنهن کي سنڌي ادب پاسو ڏيئي بـ ڪو نـ گذريو هو، سو پيو بور ٿيندو هو، نيٺ وچ ۾ پئي رنگ ۾ ڀنگ وجهي ڇڏيندو هو، اسان جي ادبي ڪچهري اچي پٽ تي پوندي هئي. خاص ڪري مون کي ڪاوڙ ڏاڍي ايندي هئي پر علي کي سڀ گناهـ معاف. اتي وري ڊاڪٽر علي جي مهماني جي ڪري خاص ڊاڪٽر نواز ٿر جي بس جو ڪو ڪنڊيڪٽر هن لاءِ مسواڙ تي وٺي ايندو هو، جيڪو مارواڙي ٻولي ۾ علي کٽي کي راسوڙن ۾ اهڙيون ست سريون ٻڌائيندو هو جو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هئاسين. اتفاق سان ڊاڪٽر کي ڪا ڏکي پئجي ويندي هئي تـ ٽرڙِي ڪڪڙ وانگر ڪنڌ ڇڏي ڏيندو هو، پوءِ اها سرڪاري جيپ ۽ اسان کڻي اچي بدين ڦٽو ڪندا هئاسين. اٺ ڏينهن ڊاڪٽر علي عدت ۾ ويٺو هوندو هو، وري ساڳي ماني ساڳ سان. ان کان سواءِ هڪ اڌ ڪچهري غلام الله جروار جي ڳوٺ ۾ پڻ منعقد ٿي هئي، جروار صاحب بـ زبان جو ڇوٽ آهي، پر علي کٽي ڪجهـ سرس آهي. پر وري جڏهن ڊاڪٽر نواز ڀوت ۽ ڊاڪٽر عبدالله سومرو ڦيرو کائي ويندا هئا تـ ڊاڪٽر علي کٽي سان زيادتي ٿي پوندي هئي، وري بـ انهي کي کڻڻو مون کي ئي پوندو هو.