مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

محمد عثمان غني

محمد عثمان غني

مون نوڪري جي شروعات جڏهن فنانس ڊويزن کان ڪئي تـ. اتي جيڪو پهريون منهنجو دوست ٿيو هو محمد ابراهيم نظاماڻي صاحب، جنهن جو ذڪر هنن پنن ۾ مون ڪيو آهي. ان سان گڏ جنهن ٻئي ماڻهو سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪا اڳتي هلي گهريءِ گهاٽي ٿي ويئي، اهو هو اسان جو دلبر دوست محمد عثمان غني، جيڪو تازوئي CSS پاس ڪري سول سروس ايڪيڊمي لاهور اڌ ۾ ڇڏي اسان جي ايڪنامڪس ۽ پلينرز گروپ ۾ 18 گريڊ ۾ اچي اسان سان شامل ٿيو هو. چوندا آهن تـ چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهـ تي ڳولي لهي. اسان سان بـ ڪجهـ ائين ٿيو، بس هن جي اچڻ جي دير هئي. دوستي جو ناتو رشتو ڪجهـ اهڙو جڙيو، جنهن ۾ ڪنهـن بـ قسم جو سنڌو محسوس نـ ٿيو، ها البت رساڻان ۽ پرچاڻا بـ ٿيندا رهيا. هي صاحب فيڊرل گورنمينٽ ۾ نوڪري ڪرڻ کان پهريائين سنڌ سرڪار جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ پنج يا ڇهـ سال نوڪري ڪري چڪو هو. اتي بـ هن جا سنڌي دوست هئا، هتي بـ آئون ۽ محمد ابراهيم نظاماڻي هن کي سنڌي ملي وياسين، ائين اسان دوست ٿي ويا سين. اصل ۾ عثمان غني صاحب مشرقي پاڪستان جو پاڪستاني آهي. 1971 ع جي جنگ ۾ ڀڳڙو ڀڄي جڏهن ٻـ ڦارون ٿي پيو تـ هي همراهـ. پنهنجو اصل آزاد وطن ڇڏي، اولهـ پاڪستان هليو آيو. ڪراچي يونيورسٽي مان ايڪنامڪس ۾ ماسٽرس جي ڊگري وٺي، سنڌ سرڪار ۾ ايڪنامڪ انويسٽيگيٽر جي نوڪري لاءِ 16 گريڊ ۾ انٽرويو ڏنائين. انهي انٽرويو ڪميٽي جو چئرمين سائين فضل الله قريشي صاحب جن هئا. تنهن هن کي سنڌ شهري جي ڪوٽا تي نوڪري ڏيئي ڇڏي. انهي ڏينهن کان پوءِ هي هميشـ دوستي جي لاءِ سنڌين کي ڳوليندو رهيو. جيئن تـ سياسي طور هن جو تعلق جماعت اسلامي سان رهندو آيو آهي، پر ياري دوستي ۾ هو مذهب کي هميشـ پري رکندو آهي. اسين ڪٽر قوم پرست، هي ملان پر مذهب کي اسان وچ ۾ ڪو نـ آندو. جڏهن تـ ابراهيم نظاماڻي مرحوم هن کي هميشـ “ملان لٽر” سڏيندو هو. ها ڪڏهن ڪڏهن اسان جي پاڻ ۾ حورن ۽ غلِمانن تي جهڙپ ٿي پوندي هئي. هي اسان جو يار ملان هميشـ حورن جو شوقين رهيو آهي، چاهي اُهي فاني دنيا ۾ هجن يا دارُالبقاءُ ۾ انهي تي سندس ايمان پڪو هوندو هو. بنگالي هئڻ جي ڪري مڇي ۽ چانور کائڻ جي ڪري ننڍي لاڪون ذهن ڏاڍو تيز هوندو هوس، جيڪو اڃا رٽائرمينٽ تائين ساٿ ڏيندو اچيس. مون هن کي هميشـ نوڪرين دوران ٻئي جي مدد ڪندي ئي ڏٺو. ها البت ڪو خاص قسم جو ماڻهو اچي ويندو هو تـ پنهنجو ڪم ڇڏي پهرين ان جو ڪم ڪبو، باقي پنهنجن ڪمن سان گڏ يارن دوستن جا ڪم ڪار Pending ۾. مشرقي پاڪستان ۾ هوندو هو تـ اتي جون بـ ڏاڍيون دلچسپ خبرون پيو ٻڌائيندو هو. چوندو هو تـ “پرائمري جا ڪلاس مون ڪڏهن بـ صحيح نموني سان اسڪول ۾ ويهي ڪو نـ پڙهيا. بابو اسڪول ڇڏي ايندو هو ۽ آئون پويان کسڪي ويندو هوس مڇيون پڪڙڻ. آئون سڄو سال مڇيون پڪڙيندو رهندو هوس پر آخر ۾ امتحان ۾ هميشـ پهريون نمبر ايندو هوس”. آخر ڪار پرائمري پاس ڪرڻ بعد هن کي ڍاڪا ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ڇڏيو ويو، پر اتي بـ هن جا ساڳيا پرڪار. ائين جيئن تيئن ڪري انٽر ڪيائين تـ 1971 ع واري جنگ لڳي پئي. هن جي پير ۾ اصل کان چڪر سو پنهنجو گهر ڇڏي اچي ڪراچي کان نڪتو. اهڙن گهرن کان نڪتلن کي پاڪستان ۾ ورسائڻ جي لاءِ جماعت اسلامي هنن جي وڏي مدد ڪئي هئي. شروع وارن ڏهاڙن ۾ هي همراهـ ڪلين شيو ۽ سوٽيڊ بوٽيڊ هوندو هو، اڳتي هلي باريش بـ ٿي ويو ۽ سلوار بـ گوڏن تي اچي بيٺي. هوڏانهن ڪم جي لحاظ کان انتهائي هوشيار هوندو هو. جڏهن تـ انگريزي بـ تمام سٺي هوندي هئس، ڇو جو CSS پاس ڪري چڪو هو. اسان مان ڪو بـ انگريزي ۾ ڦاسندو هو تـ ان جو حل هن وٽ ئي هوندو هو. اردو ۽ انگريزي سان گڏ ڪيڏي مهل بنگالي ٻولي جا لفظ بـ هڻي ويندو هو تـ ڳالهـ سمجهـ کان ٻاهر نڪري ويندي هئي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن انگريزي جي نثري ٽڪري جو اردو ترجمو ڪرڻو هوندو هو تـ منهنجي ۽ عثمان جي پريشاني وڌي ويندي هئي، پوءِ ظفر اچي اسان جي جان ڇڏائيندو هو.
مون جڏهن بدين کان واپسي تي ٻئي دفعي فنانس ڊويزن Join ڪئي تـ اسان جي ڪمپني ۾ ٻـ ٻيا دوست بـ شامل ٿي ويا. هڪ هو ظفر، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ٻيو ممتاز شاه، جنهن جو تعلق پاڪستان جي اترين علائقن سان هو. شاهـ صاحب جڏهن ڳوٺان ايندو هو تـ اکروٽ کنيو ايندو هو، تنهنڪري اسان هن جو نالي رکيو هو “اکروٽ شاهـ” ڳالهـ پئي هلي عثمان غني جي، اهو بـ ذڪر ٿي چڪو آهي تـ هي مُلو بـ ٿي ويو، پر هي ٻين مُلن کان مختلف هوندو هو. هِن ملان ۾ رنگ ۽ ڀنگ ٻئي شامل هئا، مطلب تـ رنگين مُلو هو. هر روز اسان جي آفيس ۾ ٻي شادي جو ذڪر ٿيندو رهندو هو. مُلو چوندو هو تـ “منهنجي ٻي شادي ڪرايو”. هڪ ڏينهن مون هن کان پڇيو “تون اهي خبرون گهر ۾ بـ ڪندو آهين؟” تـ هن ڇاتي تي هٿ هڻي وڏي واڪ چيائين تـ “آئون تـ اهي ڳالهيون گهر ۾ ڪندو رهندو آهيان. ” تنهن تي اکروٽ شاهـ چيس تـ توکي گهر واريءَ ڪجهـ ڪا نـ ٿي چوي،” انهي تي ظفر کلي چيو تـ “ اها تـ هُن کي بـ خبر آهي تـ مُلان صرف ڳالهين جو ڳنڍير آهي ” کِلنَ جا ڪوڪريا ٿي ويا. مُلو کلي خوش ٿي ويهي رهيو. اسان جي جڏهن بـ ڪچهري ٿيندي هئي اسان واري رنگين مُلن جو موضوع حِڪمت هوندو هو. حِڪمت جون اهڙيون اهڙيون وصفون ٻڌائيندو هو جيڪي اسان ڪڏهن ٻڌيون ئي ڪو نـ هيون. ظفر چوندو هو تـ هن وٽ بنگالي ٻولي ۾ ڪتاب آهن، انهي مان پڙهي ٿو اچي. حڪمت کي گهمائي ڦيرائي ڪنهن حڪمت عملي تحت ساهـ وارن جي مخصوص بيمارين ڏانهن کڻي ويندو هو.
پرويز مشرف جي حڪومت جو زمانو هجي، ڏاڍي جي لٺ کي ڏهـ مٿا، وڏن آفيسرن جي لَئَي لڳي پئي هجي، اهڙين مطلق العناني حڪومتن جي ڏينهن ۾ Bureaucracy چاهي اها سول هجي يا مليٽري اهي ئي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويندا آهن. سرڪاري ادارن ۾ مقرريون ۽ بدليون ٻڌي جي حساب سان ٿينديون آهن. قاعدن قانونن جي ڪتابن کي گليف ۾ ويڙهي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏبو آهي. هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو ڪنهن يونيورسٽي مان تازو ڊگري ورتل ڪجهـ ننڍيون نيٽيون نينگريون وٺي انهن کي 35000 هزار پگهار ڏيئي، اسان جي گروپ جي خالي پيل پوسٽن تي انهن کي مقرر ڪري ڇڏيائون. انهي زماني ۾ اسان مان ڪنهن جو بـ 15000 هزارن کان مٿي پگهار ڪو نـ هوندو هو. اسان ڪافي اعتراض واريو تـ هي نيون گريجويئٽس اسان جي پوسٽن تي ۽ اسان کان وڌيڪ ماهانـ پگهار تي ڪيئن رکيون ويون آهن. هونئن بـ اسلام آباد ۾ مٿي پوسٽ تي پهچڻ تائين هر ماڻهو گنجو ٿيو وڃي. گنجو تـ آئون بـ آهيان پر سهڻو گنجو آهيان، ائين سڄو مٿو “رن وي” ڪونهي ٿيل. اسان سڀ ملان عثمان غني وٽ گڏ ٿياسين تـ هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي. غني صاحب اهڙو خوش هجي جو چوي تـ “ پاڻ سڀ پهريائين گنجا آهيون، هاڻي گهٽ ۾ گهٽ وارن واريون تـ آهن، جيڪي اسان جون آفيس ۾ Colleagues هونديون، تنهنڪري ماٺ ڪري وڃي ويهي رهو، هي فوجي حڪومت آهي. ”
پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ آفيسرن سان گڏ جيڪا ٻي شيءِ مشهور آهي تـ اها آهي “چُوها” سيڪريٽريٽ جو هڪ هڪ چُوهو ٻن ڪلو کان وڌيڪ وزن وارو هوندو آهي. جن کي اسان پڙهيل ڳڙهيل چُوها يا ڪوئا چوندا هئاسين. ايڪنامڪ سروي ۽ بجيٽ جي سيزن هجي، آفيس ۾ رات جو 10 وڳي تائين ويهڻو پوندو هجي. مئي ۽ جون جا وڏا ڏينهن ۽ ننڍيون راتيون، ننڊ پوري ٿئي ڪا نـ، سو مُلو عثمان ڇا ڪندو هو جو منجهند جو نماز پڙهي آفيس ۾ مُصلو وڇائي سمهي پوندو هو. ٻاهر نائب قاصد کي سختي سان هدايت ڪندو هو تـ اندر ڪنهن کي بـ نـ ڇڏجان. ڇو جوآئون سروي جي ڪم ۾ مصروف آهيان. هڪڙي ڏينهن اکروٽ شاهـ زوري در کولي اندر هليو ويو، ڇا ڏسي تـ مُلو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي، پاسي ۾ وڏو ڪارو نانگ ڦڻ ڪڍيو ويٺو آهي. شاهـ جيئن ئي ڊوڙي ڪمري مان ٻاهر نڪتو تـ سڌو منهنجي ڪمري ۾ هليو آيو، “لٺ ڏي پنهنجي يار کي نانگ ٿو کائي. ” جيئن نانگ نانگ ٿي تـ سڄي آفيس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. جنهن کي جيڪا شيءِ هٿ آئي اها کڻيو ڊوڙندو آيو. تيستائين پوليس وارا بـ بندوقون کڻي پهچي ويا. انهي گوڙ شور ۾ نانگ اسان کان ڀڄي ويو. پوءِ انهي سڄي سروي جي سيزن ۾ نانگ بحث هيٺ رهيو. پوءِ جيترا وات اوتريون ڳالهيون، ڪي چون تـ نانگ ايئرڪنڊيشنڊ مان آيو، ڪن جا ڪهڙا خيال تـ ڪن جا ڪهڙا خيال، نيٺ ظفر ڳجهارت ڀڃي وڌي تـ اهو نانگ ڪٿان آيو. هن جو چوڻ هو تـ نانگ ڪنهن ڪوئيءَ (مونث) تي آيو آهي. ڇو جو سيڪريٽريٽ بلڊنگ ۾ اها شيءِ ججهي مقدار ۾ آهي.
مون جڏهن فنانس ڊويزن ڇڏي 19 گريڊ ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اچي Join ڪئي هئي تـ هڪ سال جي وقفي کان پوءِ محمد عثمان غني صاحب بـ 20 گريڊ ۾ مون واري ساڳئي ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي آيو. انهي وچ ۾ آئون بـ DG ٿي ويس. اسان جي وري موج مستي شروع ٿي وئي، پر هاڻي اسان ڪافي سينئر ليول تي هئاسين، تنهنڪري اسٽيٽس جو خيال رکڻو ئي پوندو هو.
محمد عثمان غني مون کان ٻـ سال اڳ رٽائر ڪيو آهي. مون وانگر اسلام آباد جي ڪنهن ڪنڊ ۾ رهائش پذير آهي. مون تي اڃا بـ هن جا احسان آهن. جڏهن بـ ڪو لذت ڀريو مزيدار SMS هٿ ايندو اٿس تـ مون کي فارورڊ ضرور ڪندو آهي. ٻيو جڏهن بـ عثمان غني جي گهر ڀَتَ سان گڏ مڇي (بنگالي ٻولي ۾ ڀت ئي چوندا) تيار ٿيندي آهي تـ مون کي ضرور فون ڪندو آهي. انهي ڀت جي لذت جي خبر اهي ئي ٻڌائي سگهن ٿا جن ڪڏهن ڪنهن بنگالي جي گهر ڀَتَ ۽ مڇي کاڌي هوندي، باقي ٻين کي ڪهڙي خبر تـ بنگالي جي هٿ جا ٺهيل مڇي ۽ ڀت ايترا ڇو لذيذ ٿيندا آهن