ڪامريڊ محمد عثمان لغاري ۽ ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي
هونئن تـ سنڌ اهڙي ڌرتي رهندي آئي آهي، جنهن ۾ هزارن سالن کان وٺي فاتح ۽ لٽيرا ايندا رهيا آهن تـ ڪڏهن وري ديسي دلالن بـ ڌرتي ماءُ جو دامن داغدار پئي ڪيو آهي. تاريخ اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي آهي . عربن کان وٺي، مغلن تائين، لياقت علي خان کان وٺي موجوده سياسي وڏيرن تائين سنڌ سان ڪنهن بـ گهٽ نـ ڪئي آهي. انهي زبردستي ۽ دٻڙ دونئس جي دور ۾ ڪي مانجهي مڙس هر علائقي ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا. جيستائين سائين جي ايم سيد جو پيغام سنڌ جي مائرن جي ڪنن ۾ ٻُرندو رهندو هي باغي مائرون سرموڙ ۽ سرويچ ڏنگا ٻار ڄڻينديون رهنديون. اها ڀُل آهي تـ سنڌ جو وڏيرو سنڌ وڪڻي ڇڏيندو يا ڌاريو سنڌ کائي ويندو. سنڌ جي هڪ هڪ انچ جو دفاع هي اسان جا ڏنگا ٻار ڪري ڄاڻن ٿا.
هي انهن ڏينهن جي ڳالهـ آهي، جڏهن اسان جي پاسي جنهن شيءَ جو نالو سهوليت آهي، اهڙي نالي ڪا شئي اسان وارن ماڻهن ٻڌي بـ ڪو نـ هوندي. ٽنڊي الهيار کان ويندي ٽنڊي غلام علي تائين. خلق خدا جي کي ڪنهن بـ قسم جي سهوليت ميسر نـ هوندي هئي. ايوب خان جو ڏهـ سال ترقياتي منصوبو (Development of Decade) اڃان پلاننگ ڪميشن جي تنجڻن ۾ هو. هر پاسي ڪاري وارا ڪک لڳا پيا هئا. انهي سمجهـ ۽ سوچ جي ڏڪار جي دور ۾ اسان جي لاڙ پٽ ۾ هڪ اميد جي چڻنگ دُکي هئي. جنهن هن پوئتي پيل علائقي ۾ هر پتنگي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. انهي زماني جا ڪهڙا ڪامريڊ هئا، جن سائين محمد عثمان لغاري جي ڳوٺ سڪندر لغاري جي ياترا نـ ڪئي هجي. جنهن ۾ شهيد نظير عباسي ۽ ڄام ساقي ڪنڊائتيون ياترائون پڻ ڳوٺ سڪندر لغاري ۾ ئي ڪندا رهيا. مطلب تـ سائين محمد عثمان لغاري جن اهڙن ڪامريڊن جي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هوندا هئا. جن تي وقت جي حاڪمن جو ڏمر هوندو هو. سائين عملي دنيا جو سچو ۽ کرو ماڻهو هو، جنهن چمبڙ جي علائقي ۾ هارين ۾ وڏو ڪم ڪيو. منهنجي ساڻس هڪ اڌ ملاقات هئي سا بـ رڳو راهـ ويندي. ڪٿي ويهي گهڻي ڪچهري ڪا نـ ٿي سگهي. انهيءَ جو شايد سبب اهو ٿي سگهي ٿو تـ اسان جيئن ئي “جيئي سنڌ محاذ” ۾ شامل ٿياسين تـ اسان بـ ڳوٺن ۾ ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انهي ڪري ايتري واندڪائي بـ ڪو نـ ملي جو ڪٿي ويهي سياسي ڪچهري ڪجي. تان جو روزگار سانگي وطن جا وڻ ڇڏي ڪنهن ڌارين ديس کي پنهنجو ڪرڻو پئجي ويو. انهي کان اڳ سائين جن جي هڪ ٻئي ساٿي ڪامريڊ علي محمد خاصخيلي سان ٻـ چار سياسي بحث مباحثا ضرور ٿيا هئا. اسان جي سُئي آخر ۾ اتي اچي اٽڪي پوندي هئي، جتي ڪامريڊ خاصخيلي سائين جي ايم سيد کي وڏيرو ڪوٺيندو هو ۽ ان کي ڪڏهن بـ قوم پرست اڳواڻ تسليم نـ ڪيائين. منهنجي خيال ۾ اها هاري ڪميٽي جي لائين هئي تـ هر انهيءَ ماڻهو جي مخالفت ڪرڻي هئي جيڪو ننڍو وڏو زميندار هو. هر ڌاريي کي پنهنجو ڪرڻو آهي، جيڪو هارين جو حمايتي هجي. ڪامريد علي محمد خاصخيلي سائين جي ايم سيد کي ايتري اهميت ڪو نـ ڏيندو هو، جيتري هڪڙي مهاجر ڪاموري مسعود کدرپوش جي ڳالهـ ڪندو هو، ڇو جو هن نواب شاهـ ۾ هارين جا هڪ ٻـ جلسا ڪرايا هئا. مسعود کدر پوش جو آئون اڳئي ذڪر ڪري آيو آهيان. هي اهو ماڻهو هو، جنهن لاهور مان ٻـ مهاجرن جون ريل گاڏيون ڀرائي نواب شاهـ ۾ اچي آباد ڪرايون هيون. حشو ڪيولراماڻي جي مشهور ڪيس ۾ مسعود کدڙ پوش هڪ جج جي حيثيت ۾ حشو کي مخاطب تي چيو هو “ اسان اوهان سنڌين کي ريڊ انڊين ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين” ۽ اهو ساڳيو مهاجر ڪامورو اسان جي هاري ڪميٽي وارن جو اک جو تارو هو. جنهن جي ڪامريڊ خاصخيلي تعريفون ڪندي ٿڪبو ئي نـ هو. باقي ڪامريڊ قرب ڏيڻ ۽ قرب وٺڻ وارو ماڻهو آهي. غريبي حال سارو اڄ بـ ڪامريڊ خاصخيلي پنهنجي مقصد سان سچو ۽ نڀائيندو اچي ٿو.
سائين ڪامريڊ محمد عثمان لغاري پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد جن جو ساٿاري ٿي ڪم ڪيو. پاڻ سدائين هارين، مزدورن ۽ مظلومن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا. ڪو وقت اهو بـ آيو جو سائين جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ ملڪ جي سرمائيدارن ۾ هڪ قسم جي مايوسي پکڙجي وئي. چمبڙ ۾ هاري ڪورٽون قائم ٿيون. وقت جي وڏيرن کي انهن عدالتن جي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو ويو، هارين کي پنهنجا حق ڏياريا ويا. اهو هاري تحريڪ جي اوج جو زمانو هو. انهي جي پاداش ۾ کيس گهڻن ساٿين سان گڏ جيل ياترا بـ ڪرڻي پئي. پر ڪامريڊ محمد عثمان لغاري نـ جُهريو نـ جهڪيو، هميشه اميدن جي بلندين جا سير ڪندو رهيو. مطلب تـ ڪا بـ طاقت ڪامريڊ لغاري کي جهڪائي ڪا نـ سگهي. منهنجي خيال ۾ انهي سڄي تحريڪ کي ڀٽي جي جادوئي شخصيت ڏاڍو ڌڪ رسايو. جنهن هارين ۽ مزدورن جي ڳالهـ ڪري انهن کان ووٽ وٺي. انهن جي ئي ٻارن جي اسڪولن ۾ ڪاپي ڪلچر متعارف ڪرايو . انهن کي هميشـ لاءِ انهن وڏيرن جو محتاج ڪري ڇڏيو. جن جي خلاف سڄي ڄمار ڪامريڊ محمد عثمان لغاري هاري تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدو جهد ڪندو رهيو.