مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

ڪجهـ پنهنجي طرفان

ڪجهـ پنهنجي طرفان

نظام الدين لغاري


منهنجي گهڻي عرصي کان وٺي اها خواهش رهي آهي تـ آئون پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکان، جتي مون گلن جي سجايل سيج جا مزا ماڻيا آهن، اتي آئون ڪَنڊَن جي پيچرن تي پڻ هليو آهيان. مون چاهيو ٿي تـ پنهنجي ڪا درد ڪٿا لکان، جنهن ۾ صرف منهنجو بيان هجي، پر قلم انهي ڳالهـ کان انڪار ڪندي چيو تـ “ تون دوستن کان سواءِ تـ اڌورو آهين. ” منهنجي اها خواهِش هئي تـ اهي“ نـ سلڻ جهڙيون ڳالهيون” بـ آئون پنهنجن پيارن دوستن سان سليان، جن جي لاءِ سائين فضل الله قريشي صاحب چيو آهي تـ “اهڙيون ڳالهيون ڪتاب ۾ نـ لکبيون آهن ” نظام لغاري توهان کي هينئر جيڪو نظر اچي ٿو. ان ۾ ڪن مخلص دوستن جو ڀرجهلو ۽ ساٿ رهيو آهي. سڄي زندگي ماڻهو سِکڻ جي عمل ۾ رهي ٿو. انهي سِکڻ ۽ سمجهڻ جي عمل ۾ ڪيترن ئي اهڙن ڪردارن جو احساساتي توڙي جذباتي ڪردار رهيو آهي، جن منهنجي زندگيءَ تي چٽا ۽ واضع اثر ڇڏيا آهن، جن منهنجي دنيا ئي بدلائي ڇڏي. مون کي اهو لکندي ڪنهن بـ قسم جو شرم محسوس نـ ٿو ٿئي تـ “جيڪڏهن منهنجي زندگي ۾ راشد مورائيءَ جو عمل دخل نـ هجي ها تـ آئون پرائمري ماستر مان ڊائريڪٽر جنرل ڪو نـ ٿي سگهان ها. هن پنهنجن پاڪ ۽ پوتر احسانن ۽ جذبن سان منهنجي تربيت ڪئي ۽ آئون ترقيءَ جون منزلون چڙهندو ويس.
خبر نـ آهي تـ آئون ڪهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهيان جو پئسو، عورت ۽ شربت منهنجي زندگيءَ جو ڪڏهن بـ حصو نـ رهيا آهن. گاڏيءَ ۾ موسيقي جيستائين نـ وڄندي، تيستائين گاڏي نـ هلندي، جيڪڏهن ڪا منهنجي ڪمزوري رهي آهي تـ اهي منهنجا دوست ئي آهن. آئون سمجهان ٿو تـ آئون واحد شخص آهيان، جيڪو خراب دوست ثابت ٿيو آهيان. باقي منهنجا سڀ دوست بهترين آهن، جيڪي منهنجن ڪوتاهين کي برداشت ڪندا اچن ٿا. دوست جي دوستيءَ کي ماپڻ لاءِ مون اڄ ڏينهن تائين ڪو بـ ماڻ ۽ ماپو نـ رکيو آهي. مذهب، فرقيواريت، ذات، پات، ننڍ وڏائيءَ کان منهنجي دوستيءَ جو دائرو هاڻي گهڻو مٿي چڙهي چڪو آهي.
مون چاهيو ٿي تـ پنهنجي زندگيءَ جو سڄو سارو سربستو احوال لکان. پر بدقسمتيءَ سان آئون انهي ۾ ڪامياب نـ ٿيو آهيان. ڇو جو سرڪاري نوڪريءَ دوران آئون سرڪاري ڪمن ڪارين ۾ غرق رهيس . وقت ئي نـ مليو جو ڪا ڊائري وغيره لکي سگهجي. هي سڀ ڪجهـ مون پنهنجين يادگيرين جي بنياد تي لکيو آهي، جيڪا ڳالهـ جتي ياد ايندي وئي آهي، اها اتي لکندو ويو آهيان. انهي ڪري ڪتاب ۾ ورجاءُ بـ توهان کي ڪافي نظر ايندو. جڏهن تـ تسلسل جي بـ کوٽ نظر ايندي. انهي سبب جي ڪري ڪيترائي واقعا، حالات ۽ حادثا لکڻ کان رهجي ويا آهن. جن جو لکڻ ضروري هو. اهڙي طرح ڪجهـ منهنجن پيارن دوستن جو ذڪر بـ هن ڪتاب ۾ نـ اچي سگهيو آهي. ٻئي طرف جن دوستن جا مون ماضي ۾ لڙڪ اگهيا، حال ۾ انهن وٽ منهنجي پسيل نيڻن کي خشق ڪرڻ لاءِ ٽشو پيپر ڪو نـ آهن، جو کڻي منهنجن ناسور بڻيل ڦٽن تي پها رکي سگهن. ڏک ضرور اٿم پر وقت جي دز، يادن تي، خواهشن ۽ چاهتن تي، ماضي جي غلطين تي ايتريقدر جو نـ وسرندڙ رشتن تي مٽي جا مڻ وجهي ڇڏيندي آهي. مون لکڻ مهل اهو فيصلو ڪيو هو تـ ڪنهن بـ رت جي رشتي تي نـ لکندس. باقي روحاني رشتن تي مون کي جيڪي ڪجهـ وڻيو آهي، اهو مون لکيو آهي. اها پڪ اٿم تـ مون جيڪي ڪجهـ انهن بابت لکيو آهي منهنجا دوست انهي کي دل جي گهراين سان قبول ڪندا. خاميون ۽ خوبيون هر ڪنهن ۾ ٿينديون آهن، تنهنڪري خامين واري اک مون پوري ڇڏي هئي تـ مون کي منهنجي دوستن ۾ خوبيون ئي خوبيون نظر آيون . جيڪي مون هتي لکيون آهن. ٿي سگهي ٿو تـ قلم ڪٿي ڪڙو ۽ ڪسارو ٿي ويو هجي، اهڙي حالت ۾ آئون انهن دوستن کان معافي ٿو وٺڻ چاهيان،
ويجهي ماضيءَ ۾ ٻـ آتم ڪهاڻين جا ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن. انهن ۾ شامل آهن، شيخ اياز جي آتم ڪهاڻي“ڪٿي تـ ڀڃبو ٿڪ مسافر” ۽ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا“ وهي کاتي جا پنا” اهي دنيا جي عظيم آتم ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگجهن ٿيون. ان کان سواءِ ٻيون جيڪي لوڪل ريتن رسمن ۽ حالات ۽ واقعن تي مشتمل آتم ڪهاڻيون جيڪي مون تازو پڙهيون آهن، انهن ۾ اميربخش شر جي “رائي پير رت ڪيا”، ڊاڪٽر نور محمد لاڙڪ جي “ منهنجي زندگي جو سفر“۽ غلام حسين رنگريز جي “ خانـ بدوش روح جي ڪٿا” وغيره شامل آهن. جيڪڏهن انهن پوين ٽن آتم ڪٿائن کي هن منهنجي ڪتاب سان ڀيٽ ڏجي تـ تقريبن ڳالـهـ مڙئي ساڳي ٿيندي . يعني منهنجو هي ڪتاب پڻ لوڪل ڪانٽيسٽ ۾ لکيو ويو آهي.
جيئن مٿي محترم نصير ميمڻ صاحب لکيو آهي تـ “هي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. ” اهو سچ آهي تـ منهنجي هن جيون ڪٿا جو سڄو محور نوجوان رهيو آهي. منهنجو اهو ايمان آهي تـ جيستائين اسان جو نوجوان نسل پڙهي لکي روشن خيال نـ ٿيندو، تيستائين سنڌ جو منجهيل مسئلن جي ڌٻڻ مان نڪرڻ ممڪن ڪونهي. انهي نتيجي ۾ مون هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نوجوان تي هڪ الڳ تاثر لکيو آهي جنهن ۾ هُن جي همت، جرئيت ۽ اخلاق کي نکاريو ويو آهي. اڳتي هلي جڏهن هو الوپ ٿي ٿو وڃي تـ قوم ڪهڙي پيڙا مان گذري هُن کي عقيدت ۽ احترام جي تصوراتي دنيا ۾ ڪيئن ٿي ڳولي. انهي تي نصير صاحب پڻ ٻـ اکر لکيا آهن جيڪي پڙهڻ جي لائق آهن. منهنجي خيال ۾ 70 واري ڏهاڪي ۾ نسلن جو ڳانڊاپو ڪافي مضبوط هو، انهي ڳانڊاپي ۾ اسٽيڊي سينٽرن، مختلف قسمن جي ليڪچرن ۽ ذاتي ڪچهرين وڏو اهم قردار ادا ڪيو. انهي ڳانڊاپي جو هڪ ٻيو وڏو سبب انهن ماڻهن جو اعليٰ اخلاق پڻ هو جنهن انهي سڄي سلسلي کي پاڻ ۾ ڳنڊي رکيو. جيڪو هاڻي 21 صدي ۾ خال خال نظر ٿو اچي. اسان کي انهي نسلن جي گيپ کي سوڙهو ڪرڻون پوندو. جڏهن اسان انهي گيپ کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا سون، تـ پوءِ مون کي روز روشن وانگر اهو يقين آهي تـ اسان جو ايندڙ نسل هن سڄي ڪوڙ جي مانڊاڻ کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيندو. جنهن اسان کي مذهب ۽ حبل الوطني جي ڄار ۾ اهڙو تـ ڦاسايو آهي جنهن کان ٻاهر نڪرڻ جو رستو يقينن اسان جو ايندڙ نسل ئي ڳولي لهندو.
هن ڪتاب ۾ منهنجن پڙهندڙن کي منهنجي اندر ۾ ليئو پائڻ جو موقعو ملندو ئي ملندو پر ان سان گڏ دوستن تي لکيل خاڪا، دوستن جا خط، مختلف دوستن جا مون تي لکيل رايا پڻ پڙهڻ لاءِ ملندا . منهنجي خيال ۾ آتم ڪٿا ۾ ائين ٿيندو ڪو نـ آهي. پر هي نئون تجربو آهي اميد تـ پڙهندڙن کي پسند ايندو. آئون خوشقسمت آهيان جو منهنجي هميشـ جي وڇڙي وڃڻ کان اڳ ئي منهنجن دوستن مون تي پنهنجا رايا لکيا آهن. خاص ڪري هن ڪتاب ۾ چئن جڳهين جو ذڪر ڪجهـ زياده آيل آهي. پهريون منهنجو ڳوٺ “گلاب لغاري”، جتي جي مٽي منهنجي لاءِ خاڪ شفا ۽ جتي جو پاڻي منهنجي لاءِ آب زم زم کان گهٽ ڪونهي. ٻيو “مٺياڻي” جتي منهنجو کڻي ٿورو وقت گذريو . پر ان جون يادون مون کي هر وقت ستائينديون رهنديون آهن. ٽيون بدين جتي جون راتيون ۽ ڏينهن آئون ڪڏهن بـ وساري نـ سگهندس. چوٿين اها جڳهـ، جتي آئون هينئر رهان ٿو. بقول امر جليل جي تـ جوان ٿيس سنڌ ۾ ۽ پوڙهو ٿيس “اسلام آباد” ۾. تنهنڪري انهن چئني شهرن جو درجو منهنجي لاءِ مقدس مقام جو درجو رکي ٿو.
آئون سائين فضل الله قريشي صاحب جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب کي پڙهيو ۽ تفصيل سان ان تي لکيو، نـ رڳو ايترو پر ڪتاب جي ڇپائي جي لاءِ مالي مدد ڪرڻ جي بـ آڇ ڪئي. سائين قريشي صاحب جي احسانن جو بار ايترو تـ وڌي ويو آهي جو منهنجو ڪنڌ سدائين سائين جي اڳيان جهڪيو رهندو. آئون احسانمند آهيان محترم نصير ميمڻ صاحب جو، جنهن پنهنجي گوناگون مصروفياتن مان ڪجهـ گهڙيون ڪڍي مون تي ۽ منهنجي ڪتاب تي لکيو. لک احسان منهنجي پياري دوست محمد اشرف لغاري جا، جنهن هن ڪتاب جا پهريان پروف پڙهيا. ان سان گڏ آئون ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر امان ميمڻ صاحب جو، جنهن هن ڪتاب جا پروف پڙهيا ۽ ان تي بـ اکر لکيا. اهڙي طرح آئون محترم مشڪور ڦلڪاري جو بـ ٿورائتو آهيان، جنهن جي ٽيليفونڪ صلاحن ۽ تاريخي انفارميشن ۽ سندس همت افزائي مون سان گڏ نـ هجي ها تـ شايد هي ڪتاب پنهنجي پڄاڻي تي نـ پهچي سگهي ها. آئون فيس بڪ جي منهنجن نوجوان دوستن آزاد انور مهر، علي قريشي، فراز علي شيخ ۽ ابَل ميمڻ جن جو بـ دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جن تي مون بغير ڪنهن ڏيٺ ويٺ ۽ ميل ملاقات جي جيڪي ڪجهـ لکيو آهي، انهن انهي کي ڇپجڻ جي اجازت ڏني. ان کان سواءِ اسان جي لاهور سِگا جي ساٿي انور عزيز چانڊيو جو بـ احسانمند آهيان، جنهن مون تي بغير ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ پنهنجا ٻـ اکر لکيا. آخر ۾ ظفر الحسن الماس جو ٿورائتو آهيان جنهن هر ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. آئون پڻ ٿورائتو آهيان محمد سليمان وساڻ جو جنهن ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ لاءِ همٿايو.
جيئن تـ هي ڪتاب مون پاڻ ڪمپوز ڪيو آهي، تنهنڪري انهي، ۾ انيڪ غلطيون ٿي سگهن ٿيون. پر وري بـ آئون ٿورائتو آهيان شوڪت چاچڙ صاحب جو جنهن پنهنجي تجربي آهر پروفيشنل طور هن ڪتاب جا پروف بـ پڙهيا. آخر ۾ آئون معافي ٿو وٺان انهن دوستن کان، جن جو ڪنهن نـ ڪنهن حوالي سان (خاص ڪري فيس بڪ جي اسڪرين تي يا جن دوستن مون سان گڏ وهـ جون وٽيون پيتيون ) مون سان پيار ڀريو تعلق رهيو آهي، پر آئون انهن جو هتي ذڪر ڪري نـ سگهيو آهيان. اميدتـ اڻ کُٽ سِڪ،مڻين محبتن ۽ لکين چاهتن سان لکيل هي سوکڙي پڙهندڙن وٽ پنهنجو مان ماڻيندي.


اسلام آباد، آگسٽ 2017