گل فراز عرف ابَل ميمڻ
اهي سرءُ جي موسم، سال 2016 جا ڏينهن هئا. آئون سرڪاري گهر خالي ڪري، پنهنجي نئين ٺهرايل گهر ۾ لڏو کڻي آيو هوس. اهو تـ مون کي ذهن ۾ هو تـ سرڪاري نوڪري تان رٽائرمينٽ کان پوءِ، مون کي ڪجهـ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪرڻون آهي، ڇو جو مون کي منهنجي محسن سائين راشد مورائيءَ اڄ کان 40 سال اڳ هدايت ڪئي هئي تـ “ ڪتابن کان ڪڏهن بـ ناتو نـ ٽوڙجان. ” سو مون فيصلو ڪيو تـ، ڇو نـ پنهنجي آتم ڪٿا لکجي. پر هتي وري ڪنهن ٻيءَ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيس. اهو هو فيس بڪ جنهن جي اڻ پيتي جي نشي جا خمار منهنجي دل ۽ دماغ کي ڀوانٽيون ڏيڻ لڳا، جنهن ۾ آئون سڄو وقت گم رهندو هوس. جتي فيس بڪ جا هيڏا سارا نقصان آهن، اتي ان جا ڪجهـ فائدا بـ آهن. ڇو جو مون کي هاڻي ڪنهن بـ امتحان جي تياري ڪرڻي ڪا نـ هئي. تنهنڪري پنهنجي پاڻ کي مصروف رکڻ جي لاءِ فيس بڪ منهنجي لاءِ بهترين مشغولو هو. انهي مان مون کي نوان دوست مليا، نوان خيال مليا، ڪيتريون اهڙيون شيون هيون، جن جي مون کي اڳ خبر نـ هئي، انهن جي فيس بڪ جي ذريعي ڄاڻ ملي. انهن دوستن ۾ ڪجهـ هم خيال مليا تـ ڪجهـ رڳو ٺلهي واهـ واهـ ڪرڻ وارا بـ مليا. انهن ۾ نوجوان بـ هئا تـ مون جهڙا پوڙها پڪا بـ هئا. ڀٽائي جي هڪ بيت جي سِٽ تـ “ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهـ اچي بوءَ بهار جي ” انهن دوستن ۾ هڪ دوست اهڙو بـ هو جنهن مون کان هي ڪتاب لکرائي ڇڏيو. اهو هو ابَل ميمڻ. منهنجي پڇڻ تي هن پنهنجو سرڪاري نالو گُل فراز ميمڻ ٻڌايو. جيڪڏهن ميمڻ نـ ٻڌائي ها تـ آئون کيس پٺاڻ سمجهان ها. سندس تعلق انهي علائقي سان آهي جنهن جي لاءِ لڇمڻ ڪومل سڄي ڄمار سرحد جي هُن پار لُڇندو پُڇندو رهيو. هن جي فيس بڪ جي پرو فائيل مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ سندس هٿن تي اڃان ميندي نـ لڳي آهي. سندس موڙ ٻڌڻ جا ڏينهن اڃا ڪجهـ فاصلي تي آهن. مون اڄ ڏينهن تائين فيس بڪ تي هن جي تصوير نـ ڏٺي آهي. هن جي فيس بڪ تي هميشـ انڊر ورلڊ جي ڪنهن اداڪار جي تصوير لڳل هوندي آهي. انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ هي منهنجو نوجوان دوست پنهنجي نود نمائش ڪرڻ ۾ ڪيترو محتاط رهي ٿو، جو هن ڪڏهن بـ پنهنجي صحيح تصوير فيس بڪ تي نـ لڳائي آهي. اهي تصويرون ئي ٻڌائين ٿيون تـ هن ۾ ذوق جمال جي ڊگري تمام گهڻي آهي. جيئن ڪنهن جو IQ چيڪ ڪجي تـ 10 مان ڪيترو آهي تـ ائين هن جو ذوق جمال 10 مان 8 ضرور ٿيندو. هن جي سچائي تي مون کي ڪو بـ شڪ ڪونهي. تنهنڪري ايترو يقين اٿم تـ هن جو فيس بڪ اڪائونٽ ميڊ اِن چائنا ڪونهي. سندس چواڻي تـ هو ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو آهي . پر ڇا ٿو پڙهي، اها خبر نـ اٿم. خبر نـ آهي تـ اها ڪهڙي گهڙي هئي، جو مون هن سان ڪتاب جو ذڪر ڪيو هو. پوءِ هن جي مون سان جڏهن بـ فيس بڪ تي ملاقات ٿيندي هئي،تـ هن جو پهريون سوال ئي ڪتاب جي باري ۾ هوندو هو تـ، “ڪتاب ڪٿي پهتو” ۽ آئون وري هن کان سندس پڙهائي جي باري ۾ پڇندو هوس. تنهنڪري اسان ٻنهي جي اها ڪوشش هوندي هئي تـ اسان جي پاڻ ۾ ملاقات نـ ٿئي. بهر حال اهو هن جو مون تي احسان آهي تـ هن جي “پڇ پڇان” جي ڪري، آئون پنهنجو ڪتاب مڪمل ڪري ويس، ٻي حالت ۾ هي ڪتاب شايد ئي پنهنجي پڄاڻي تي پهچي سگهي ها. هاڻي تـ هو فيس بڪ تي گهٽ ئي نظر ايندو آهي، ها البت منهنجن فيس بڪ جي ميسيجن کي ڏسي گهربل جواب ضرور ڏيندو آهي. پر گهڻي ڊيگهـ کان هميشهـ پرهيز ڪندو آهي. لڳي ٿو تـ هن پنهنجي ڪتابن جي دنيا وڃي آباد ڪئي آهي. سندس اخلاق جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو تـ، آئون جڏهن اک جي آپريشن ڪرائي گهر پهتو هوس تـ، خيرآفيت جو پهريون ميسيج مون کي هن منهنجي ننڍڙي ڀاءَ جو مليو هو . منهنجي عرض ڪرڻ تي هن مون تي بـ چار لائنون پڻ لکيون آهن. تـنهنڪري آئون هي ٻـ چار سٽون صرف انهي ڪري لکي رهيو آهيان، جتي منهنجي ٻين فيس بڪ جي دوستن جو ذڪر آيو آهي، اُتي هِن جو بـ ذڪر اچڻ گهرجي. ورنـ منهنجو ضمير مون کي هر وقت ملامت ڪندو رهندو تـ “جنهن سخنور انسان هي ڪتاب لکرايو انهي جو تـ ذڪر ئي ڪونهي . ” آخر ۾ منهنجي دعا آهي تـ الله هن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ۽ زندگي ۾ ڪڏهن بـ ڏک نـ ڏسي. شايد ڪنهن شاعر منهنجي هن فيس بڪ جي دوست لاءِ چيو آهي تـ “ ڪو ڪو ماڻهو موتي داڻو، ڪا ڪا دل هيرن جي کاڻ”