رپ هاءِ اسڪول
جيئن تـ ان زماني ۾ اٺين ڪلاس جو امتحان ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد وارا وٺندا هئا،تنهن ڪري اسان اٺين ڪلاس جو امتحان ماتلي سينٽر ۾ ڏيڻ ويا هئاسين. انهي کان اڳ مون ماتلي جو شهر ڪونـ ڏٺو هو . اسان جي رهڻ جو بندوبست هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ ڪيو ويو هو. ان زماني ۾ اڃان ڪاپي جو رواج ڪونـ پيو هو. پڙهيو سين امتحان ڏنوسين ۽ پاس ٿي وياسين. هاڻي اسان اٺ درجا پاس ڪيا تـ صوفي آباد واري تعليم کٽي وئي. امان جو ماسات هوندو هو، جنهن جو نالو هوندو هو محمد بخش، جنهن اچي امان کي اوڀاريون لهواريون ٻڌايون تـ هتي ڪو ويجهو اسڪول آهي ڪو نـ، هنن ڇوڪرن کي ڊي سي هاءِ اسڪول رپ ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيون ٿا. پڙهائي بـ سٺي، ماني بـ مفت جي آهي. انهي ۾ ڪو بـ شڪ نـ هو تـ اسان ۾ ڪنهن وڏي شهر ۾ پڙهڻ جي طاقت بـ ڪونـ هئي. ڇو جو بابا کي جهان ڇڏي اڃان ٿورو عرصو ئي گذريو هو. گهر جو گاڏو بـ پاڙي پتي مان لسي لپ تي پئي هليو. اسان جي غريبي حال مان هوشيار ماڻهن خوب فائدو ورتو. ڪنهن پلاٽ لکرايا تـ ڪنهن ڪجهـ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. عام چوڻي آهي تـ “بک بڇڙو ٽول”. جيڪو انهي مان گذريو هوندو، ان کي ئي قدر هوندو. “جتي باهـ ٻري اها جاءِ جلي”، ڍاءِ کي ڪهڙي خبر تـ غريب جي رات ڪيئن ٿي گذري. الله جنت نصيب ڪري اسان جي ماميءَ کي (حاجي الهجڙيو جي گهر واري) جيڪا هر روز لسي جي دکي ڀري اسان لاءِ خاص الڳ ڪري رکندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ ۾ مکڻ جو چاڻو پڻ وجهي ڇڏيندي هئي. ائين اسان ڏينهن رات اها لسي کائي گذارو ڪندا هئاسين.
ان زماني ۾ اسان جي پاسي ڪي ڳاڻ ڳڻيا اسڪول هوندا هئا. بدين ضلعو اڃان نـ ٺهيو هو. اهو سڄو پٽ حيدرآباد ضلعي ۾ هوندو هو. ان زماني ۾ حيدرآباد ضلعي جا ست تعلقـا هوندا هئا، جن ۾ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، هالا، ماتلي، بدين ۽ ٽنڊوباگو تعلقا شامل هئا. گلاب لغاري تعلقـ ماتلي جي اتر اوڀر ڪنڊ ۾ اڃان تائين آهي. سو ڳالهـ پئي هلي منهنجيءَ پڙهائي جي تـ مون کي ڪٿي پڙهايو وڃي. ويجهي ۾ ويجهو هاءِ اسڪول هو ٽنڊوغلام علي، جنهن ۾ بـ ٽرانسپورٽ جو ڪو سٺو سسٽم ڪونـ هوندو هو. شرجيل ميمڻ جي پيءُ انعام ميمڻ جون ٻـ جڏيون بسون هلنديون هيون، ڪڏهن ڪٿي تـ ڪڏهن ڪٿي بيٺيون هونديون هيون. تنهنڪري امان کي سائين محمد بخش جي صلاح وڻي ۽ اسان ٽن ڇوڪرن کي وٺي رپ ڇڏي آيو،جن ۾ خان محمد لغاري، مشڪور ڦلڪارو ۽ راقم شامل هئاسين. آئون سڀني ۾ ننڍي ۾ ننڍو هوندو هوس، اُتي رپ ۾ ڪو بـ اعتبار نـ ڪري تـ آئون ڪو، نائين ڪلاس ۾ آهيان. مون کي چون تون ڇهين ڪلاس ۾ آهين. آخر جڏهن رزلٽ آئي پوءِ وڃي ماڻهن کي اعتبار ٿيو تـ واقعي آئون نائين ڪلاس ۾ آهيان. آئون اڳ ڪڏهن ڳوٺان نڪتل ڪونـ هوس. سو مون کي اچي ڳوٺ جي سڪ لڳي اچو رُئان ۽ رڙيون ڪيان. آئون شايد ايترو بابا جي وفات تي بـ ڪونـ رنو هوس، جيترو آئون رپ ۾ رنو هوس. ڳوٺ جي سڪ اچي ستايو ٽن يا چئن ڏينهن کان پوءِ بغير ڪنهن کان موڪلائڻ جي پنهنجي لوهـ جي پيتي کڻي ڳوٺ روانو ٿيس. ڳوٺ ۾ مشهور ٿي ويو تـ آئون رپ اسڪول مان ڀڄي آيو آهيان. جتان منهن ڪڍان اتان هوڪرا ٿيو وڃن. اٽلندو مون امان کي چيو تـ آئون پڙهندس ئي ڪونـ، بابا تـ اڳي جهان ڇڏي چڪو هو، باقي امان ويچاري منٿون ڪري، پر آئون مڃان ئي ڪونـ . منهنجو اهو ضد تـ آئون هاڻي مرڳو پڙهندس ئي ڪونـ. خير اها خبر جڏهن منهنجي نانا حاجي شاهـ محمد کي پئي، جيڪو همت ۽ حشمت وارو ماڻهو هوندو هو، جيئن گهر آيو تـ ڪاوڙيو آيو، اچي وڏو گوڙ ڪيائين تـ“ ڪٿي آهي تـ ڪڍانس مار”. مون کي ڪا ٻي لِڪڻ جي جڳهـ ڪا نـ ملي، سو کٽ هيٺان ڍري ويس. امان چيو نڪر ٻاهر، مون اچي امان کي منٿون ڪيون تـ رڳو اڄ جان ڇڏائي، آئون پڙهڻ وڃان ٿو. ٻئي ڏينهن وري مون گُهپي ڪئي تـ مون کي ڪو اسڪول ڇڏي اچي، ڇو جو ماستر مون کي ماريندا. وري امان ويچاري پٽ سٽ يا اوڌر وٺي مون کي ڪنهن ماڻهو سان رپ موڪليو. پوءِ ائين مهيني کان پوءِ سڀني سان گڏ ڳوٺ آيس. جيئن ننڍي لاڪون ڳوٺان تڙجي نڪتو آهيان وري گهٽ ئي ڳوٺ نصيب ٿيو آهي. تعجب جي ڳالهـ اها ٿي جو اُتي رپ هاءِ اسڪول ۾ مون کي ڪنهن بـ ڪونـ چيو تـ ڪو تون ڀڄي ويو هُئين. شايد اهڙا واقعا اتي عام ٿيندا هوندا، تنهنڪري انهي ڳالهـ جو ڪنهن نوٽيس ئي نـ ورتو.
اهو تـ آئون اڳي لکي آيو آهيان تـ اسان ڊي سي هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ نائين ڪلاس ۾ داخل ٿياسين. سنڌ ۾ سخي انسان جُڳن کان پيدا ٿيندا آيا آهن. تڏهن تـ سنڌ جيئي پئي. انهن مان ڪن اوطاقون اجاريون تـ ڪن وري تعليم جي ميدان ۾ اڳتي قدم رکي مفت لاجنگ ۽ بورڊنگ قائم ڪري اسڪول هلائڻ شروع ڪيا. ويجهي ماضيءَ ۾ اسان جي لاڙ پٽ ۾ ٽي اهڙيون شخصيتون ٿي گذريون آهن جن تي وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پهريون مير غلام محمد ٽالپر، ٽنڊوباگو، ٻيو محمد يعقوب ٿيٻو سعيد پور وارو، ۽ ٽيون محترم سائين مرحوم محمد اشرف ٿيٻو ۽ سندس فرزند محمد رحيم ٿيٻو عرف رئيس ٻڍو خان ٿيٻو رپ شريف وارو. اهي ٽئي جڳهيون هاڻوڪي بدين ضلع ۾ واقع آهن. آئون هتي صرف رئيس ٻڍي خان ٿيٻي جو ذڪر ڪندس سندس والد صاحب محمد اشرف ٿيٻو گهڻو وقت اڳي هي جهان ڇڏي چڪو هو. ان جي زماني ۾ چون ٿا تـ اسڪول جو اوج هوندو هو. جيئن تـ هو صاحب 1955ع جي آخري مهينن ۾ وفات ڪري ويو. انهي مان ثابت ٿئي ٿو تـ رپ شريف جو اسڪول انگريزن جي دور کان هلندڙ هو. ان جي رحلت کان پوءِ سندس لائق ۽ فائق فرزند رئيس ٻڍي خان ٿيٻي اسڪول کي هلائڻ شروع ڪيو. اسان انهي اسڪول ۾ 1970 ع ۾ داخل ٿياسين. هاسٽل ڪچين اوڏڪين ديوارن جي ٺهيل هئي، جنهن جا ڏهـ ڪمرا هڪ ئي لائين ۾ هوندا هئا ۽ هڪڙو ڪمرو وري پٺيان هوندو هو. هر ڪمري ۾ تقريبن ڇهـ کان ست شاگرد رهندا هئاسين. اسين ڇهين نمبر ڪمري ۾ ڇهـ کن شاگرد رهندا هئاسين،جنهن ۾ ٻـ ڀٽي ڀائر ٽنڊي محمد خان جا، مظفر ۽ زاهد،نور محمد چانگ، مشڪور ڦلڪارو، خان محمد لغاري ۽ راقم. اسان مان نور محمد چانگ نماز مانيٽر هوندو هو، جيڪو اسان کي نماز نـ پڙهڻ يا دير ٿيڻ تي هاسٽل انچارج سائين محمد اسماعيل چانڊيو کان مار کارائيندو هو. ان کان سواءِ اسان سان جيڪي ٻيا شاگرد پڙهندا هئا ۽ انهن مان ڪجهـ اڳتي هلي وڏن عهدن تي پهتا. انهن ۾ نور محمد لغاري جيڪو واڻڪي وسي پاسي جو هوندو هو، اهو اڄ ڪلهـ سنڌ سرڪار ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. عبدلعزيز ٿيٻو جيڪو اتي جو لوڪل هو. اهو هينئر ڊاڪٽر آهي. عبدالقيوم چانگ، جيڪو سائين عبدلخالق چانگ جو پٽ آهي. اهو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر طور بدين ۾ نوڪري ڪندو رهيو. ڪجهـ ٿر جي پاسي جا ميگهواڙ شاگرد هوندا هئا، انهن سان وري رابطو نـ ٿيو آهي. سڄي اسڪول جي هاسٽل ۾ اسان 120 کن شاگرد رهندا هئاسين. ان کان سواءِ 15 کان 20 تائين استاد بـ رهندا هئا. انهن سڀني کي مفت ۾ ٽي وقت ماني ملندي هئي. جيڪا رئيس ٻڍي خان ٿيٻي جي طرفان ڪچي سيڌي جي صورت ۾ ملندي هئي، باقي بورچي جو ڪم اسان جي اسڪول جا پٽيوالا ۽ ٻيا ملازم ڪندا هئا. صبح جو ناشتي تي چانهـ جو ڪوپ ۽ چانورن جي ماني، منجهند جو ٻوڙ ۽ چانورن جي ماني ۽ رات جو ڀت ۽ دال. اهو هر روز جو روٽين هوندو هو . اڪثر ڪري رات جو ٻــ وڏيون کير جو چروڙيون بـ ڀرجي اينديون هيون، جنهن مان هڪ هڪ گلاس کير جو پڻ اسان شاگردن کي ملندو هو. مهيني ماس ٻاڪرو گوشت پڻ ملندو هو. ان لاءِ ڇيلو وغيره رئيس ٻڍي خان ٿيٻي جي ٻڪرين جي ڌڻن مان ايندو هو. رئيس صاحب جا ڪيترائي ٻڪرين جا ڌڻ هوندا هئا، جيڪي مختلف جاگيرن تي سندس هاري ناري سنڀاليندا هئا. انبن جي موسم ۾ انبن جون ڇليون اسان شاگردن لاءِ ڀرجي اينديون هيون.
رپ شريف ۾ پڙهڻ دوران جن شاگردن سان دوستيءَ جو رشتو جڙيو، اهو هو عبدالعزيز ٿيٻو، جيڪو رپ شريف جو رهاڪو يعني اُتي جو لوڪل هو. ان وقت آئون مئٽرڪ ۾ هوندو هوس تـ هي اٺين ڪلاس ۾ هوندو هو. رمضان جي مهيني ۾ هاسٽل ۾ رڳو ڀت ٿيندو هو. تنهنڪري روزي رکڻ جي لاءِ اسان کي لسي جي ضرورت پوندي هئي. هر ڪمري مان هڪ ڇوڪرو ٺِڪر جي دکي کڻي قطار ٺاهي پاڙي مان لسي وٺڻ ويندا هئاسين. منهنجو قد بت ننڍو هئڻ ڪري مشڪور ڦلڪاري وارا مون کي چوندا هئا تـ لسي وٺڻ تون ويندين . جڏهن تـ ڀت هو وٺي رکندا هئا. عبدالعزيز ٿيٻي (ان زماني ۾ اڃان هي ڊاڪٽر نـ ٿيو هو ۽ اٺين ڪلاس ۾ هوندو هو. ) جو گهر ٻئين يا ٽئين نمبر تي ايندو هو. هر گهر مان لپ لپ لسي جو ملندي هئي 15 گهرن کان پوءِ وڃي دکي ڀربي هئي. آئون جڏهن عزيز جي گهر پهچندو هوس تـ هي مون واري ٽڀي گهر کڻي ويندو هو ۽ فل ڀريو کڻيو ايندو هو. مون کي چوندو هو تـ تون هاڻي سڌو هاسٽل تي هل. جڏهن تـ آئون سڀني کان اڳ هاسٽل تي لسي جي ٽڀي ڀرائي پهچي ويندو هوس تـ هي مون وارا يار روم ميٽ مون تي ڪاوڙيا ويٺا هوندا هئا. چون تـ ٻيا ڇوڪرا اڃان آيا ئي ڪو نـ آهن، تو اڳي اچي ويو آهين، پڪ لسي ۾ پاڻي وجهي ڀري آيو آهين. آئون سڄو سارو قران مٿي تي کڻي ويندو هوس تـ مون کي عزيز لسي جي دکي ڀري ٿو ڏي. تنهنڪري آئون سڀني کان اڳ اچي ٿو وڃان. پر هنن کي منهنجي قسم تي ڪو بـ اعتبار ڪو نـ هوندو هو. ٻين روم وارن کان لسي جو ذرو کڻي اچي ٽيسٽ ڪندا هئا پوءِ وڃي منهنجي ڳالهـ کي مڃيندا هئا. منهنجي خيال ۾ هي لاڙ پٽ ۾ محمد اشرف ٿيٻو، ان جي سپوٽ پٽ،جيڪا تعليم جي ميدان ۾ Contribution ڪئي آهي. انهي هزارين مون جهڙن غريبن کي غربت جي کوري کان ٻاهر ڪڍيو آهي. اها تعليم ڪنهن خاص مقصد کي سامهون رکي نـ ڏني ويندي هئي. نـ ئي ڪنهن مخصوص گروپ لاءِ هوندي هئي. امير ۽ غريب کي ساڳي ماني ملندي هئي. هي جيڪو اڄ رڻ ٻريو پيو آهي. ماني کارائي ۽ خودڪش حملي آور ٺاهڻ. اها منافقت ڪانـ هوندي هئي. انهي خيرات ۾ رڳو شاگرد شامل ڪونـ هوندا هئا. پر اڌ رپ جو ڳوٺ پيو رئيس جي بنگلي تان پلبو هو. کاڌي کائڻ ۽ کڻڻ جي ڪنهن کي ڪا جهل پل ڪانـ هوندي هئي. اهڙا سخي مرد سنڌ ۾ هاڻي توهان کي ڪونـ ملندا. هاڻي سخاوت ۽ چئريٽي جي معنيٰ ئي تبديل ٿي وئي آهي. هاڻي چئريٽي جي سهوليت توهان کي پئسن سان وٺڻي پوي ٿي، سخاوت جي عيوض زندگي جو نذرانو ڏيڻو پوي ٿو. اسان جي سنڌ جي سخين جي سخاوت جو رنگ ۽ ڍنگ ئي نرالو هوندو هو. ائين نـ آهي تـ رئيس ٻڍو خان رڳو غريبن کي ماني کارائيدو هو، هو تـ هر ڪنهن لاءِ مسيحا هوندو هو. زڪوات ڏيندو هوتـ هر شئي جي الڳ الڳ، جانورن جي الڳ، جنهن ۾ ٻڪرين، مينهن، ڍڳين ۽ رڍن جي الڳ الڳ هوندي هئي. هر سال ڊي سي هاءِ اسڪول رپ شريف جي هيڊ ماستر کي حڪم ٿيندو هو تـ غريب شاگردن کي زڪوات ڏيڻ لاءِ سفارش (Recommendation) موڪلي وڃي. اها خبر نـ آهي تـ اڳيان ڪيترن نالن جي ڊمانڊ ايندي هئي. هڪڙي سال منهنجو نالو پڻ زڪوات جي وٺڻ وارن ۾ هليو ويو. بهرحال رئيس ٻڍو خان جيڪا زڪوات ڏيندو هو اها صرف هيڊ ماستر جي سفارش تي ڪا نـ هوندي هئي. پر هو صاحب خود انهي جي چڱي طرح ڇنڊڇاڻ پڻ ڪندو هو. هر شاگرد کي الڳ الڳ گهرائي چڱي طرح پڇا ڳاڇا ڪري پوءِ ڏيندو هو. مون کي زڪوات ۾ جانورن مان مينهن ملي. مون کي پنهنجن هٿن سان پنهنجي ڪنهن ڌنار ڏي چٺي لکي ڏني هئائين، جنهن ۾ لکيل هو؛
“ڌنار هبو، شاگرد نظام الدين لغاري کي “واڌائي” مينهن ڏجي ٿي. ”
اهي لفظ پاڻ ننڍڙي چٺي تي مون کي پنهنجن هٿن سان لکي ڏني هئائين. ڪافي وقت اها چٺي مون سنڀالي رکي هئي. پر روائتي سنڌي سستي لاغرضائي اڳتي هلي اها مون کان گم ٿي وئي. اڄ آئون انهي پنهنجي غلطي تي نادم آهيان، ڇو جو اها چٺي رئيس ٻڍي خان جي پنهنجن هٿ اکرن سان لکيل هئي، هن ڪتاب ۾ شامل هئڻ گهربي هئي. ان زماني ۾ اسڪول ۾ ٽن قسمن جي في وصول ڪئي ويندي هئي. هڪ فُل معاف، ٻئي اڌ معاف ۽ ٽي هوندي هئي، فل في، يعني پوري في ڀرڻي پوندي هئي. پهرين سال منهنجي اڌ في معاف ٿي يعني 2 روپيـ مهينو ڏيڻي پوندي هئي. غربت جي ڪري گهران امان مون کي هر مهيني هڪ روپيو سڄي مهيني جي خرچ لاءِ ڏيندي هئي. تنهنڪري اسڪول في ڏيڻ منهنجي لاءِ وڏو مسئلو ٿي پيو. ايتري ۾ رئيس ٻڍي خان جي طرفان هيڊ ماستر کي آرڊر آيو، جيڪي شاگرد في نـ ٿا ڀري سگهن، انهن جا نالا موڪليو. ائين پهرين سال جي اسڪول في بـ رئيس طرفان ڏني وئي. جڏهن تـ ٻئي سال جي في اسڪول وارن ازخود معاف ڪري ڇڏي. هر مهيني پروجيڪٽر تي بئٽرين جي مدد سان سندس بنگلي تي خاص شاگردن کي انڊين فلم بـ ڏيکاري ويندي هئي. ائين اسان ٻـ سال رپ شريف ۾ گذاري 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪري آياسين.