ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو مختصر جائزو
اهي 70 واري ڏهاڪي جا پهريان سال هئا. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو زمانو هو،جيڏانهن ڪر نگاهـ جيئي ڀٽو جي صدا پئي ڪنن ۾ ٻُرندي هئي. جيالن جون چارئي آڱريون گيهه ۾ هونديون هيون. جيالن جو حڪومت جي زور تي ڏنڊو پيو ڦرندو هو. اسان جي لاڙ پٽ ۾ جيڪي بسون هلنديون هيون، انهن ۾ اسٽوڊنٽ چوڻ تي ڀاڙو معاف هوندو هو. انهي ۾ ڇا پوڙهو ڇا جوان سڀ اسٽوڊنٽ، اهو پهاڪو مشهور ٿي ويو تـ “جيئي ڀٽو ڀاڙو ڇٽو”. ڪجهـ اهڙا بـ واقعا پيش آيا جو ڪن سادن سودن ماڻهن کي اسٽوڊنٽ چوڻ نـ آيو تـ انهن چيو “اسڪوٽر”. انهي ڪري بسن ۾ مار ڪٽائي، جهيڙا جهڳڙا روز جو معمول ٿي ويا. ڪنهن جو مٿو ڦاٽو پيو آهي تـ ڪو ڪٿان رت ڳاڙيندو پيو اچي. اها هئي عوامي حڪومت، ڪير ڪنهن کي چوڻ آکڻ وارو ڪونـ هوندو هو. بس سنڌ جو زوال اتان شروع ٿيو، جيڪو اڃان تائين جاري ۽ ساري آهي. اسان جي اسڪولن ۾ ڪاپي ڪلچر پڻ انهي حڪومت کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن اسان جي تعليم جي انجڻ ئي ويهاري ڇڏي آهي.
اهو سال 1974 يا 1975 جو زمانو هو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب حيدرآباد کان هيليڪاپٽر جي ذريعي بدين ٿي ويو . ماتلي ۾ سندس ٿورو ترسڻ جو پرگرام هو. ماتلي ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف هيلي پيڊ ٺاهيو ويو هو. ماڻهن جو هڪڙو وڏو هجوم هو جو کيس ڏسڻ لاءِ آتو هو. اسان بـ رڙهي سڙهي وڃي هيلي پيڊ جو پاسو ورتو، جيئن ڀٽو صاحب جي ڪا جهلڪ نظر اچي وڃي. جيئن ئي هيليڪاپٽر لٿو تـ ماڻهن جو هڪ وڏو ريلو ڀٽو صاحب کي ڏسڻ لاءِ هن ڏانهن وڌڻ لڳو، پوليس لٺ بازي ڪري ماڻهن کي پوئتي هٽايو. جيئن تـ هيليڪاپٽر زمين کان ٿورو مٿي بيٺل هو، تنهنڪري مون کي هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ نصيب ٿي. اترادي لهجي ۾ اردو گاڏڙ سنڌي ۾ پنج منٽ تقرير ڪري بدين روانو ٿي ويو.
جيئن تـ ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي هوشيار ۽ طلسماتي شخصيت جو مالڪ هوندو هو. جنهن پاڪستان جي ايڪانامي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهڻو ڪجهـ ڪيو. نتيجي ۾ ٻاهر جو ناڻو پاڪستان ۾ اچڻ لڳو. پئسي جي گهڻي ريل ڇيل جي ڪري روپئي جي ملهـ ۾ انتهائي وڏي پيماني تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي ويئي. ايتريقدر جو انهن سالن مان ڪنهن هڪ سال ۾ ناڻي جي واڌ ( Inflation) 29 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. انهي سان گڏ ڪيترائي ترقياتي ڪم ۽ پروگرام شروع ٿي ويا. انهن ۾ هڪڙو پروگرام هو بالغن جي تعليم. جيڪو مختلف اسڪولن ۾ رات جو شروع ڪيو ويو هو. ان زماني پاڪستان ۾ تعليم جي شرح مشڪل سان 25 يا 26 سيڪڙو هوندي هئي. خاص انهي تعليمي شرح کي وڌائڻ جي لاءِ “بالغن جي تعليم جو پروگرام” شروع ڪيو ويو هو.
پاڪستان ۾ اقتصادي اڻ برابري، غلط فيصلا، پنهنجا نوازڻ، ميرٽ جي لتاڙ ڪجهـ اهڙن قسم جي فيصلن پاڪستان کي ٻـ اڌ ڪري ڇڏيو. اڃان تائين اسان جي واڳ ڌڻين انهي مان سبق نـ سکيو آهي. اها روش جيئن جو تيئن جاري ساري آهي. جڏهن 1971ع جي جنگ لڳي تـ آئون ان وقت رپ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. مون کي چٽي طرح ياد آهي تـ اسان شاگردن کان اسڪول جي ميدان تي ٻـ ٽي مورچا کوٽرائي اسان کي موڪل ڏئي ڇڏي هئائون. آئون جڏهن ڳوٺ گلاب لغاري پهتس تـ اتي بـ بازار جي چوڪ ۾ ٽي مورچا کوٽيا پيا هئا. ان وقت اسان جي ڳوٺ جي بازار وچ شهر ۾ هوندي هئي ۽ ٻنهي طرفن کان گهر هوندا هئا. اهو اسان جي ڳوٺ جي بازار جي اوج جو زمانو هوندو هو. جڏهن تـ ٽنڊي الهيار کان ٽنڊي غلام علي تائين روڊ ٺهي چڪو هو پر ٻاهر روڊ تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دوڪان هوندا هئا. اهو سڄو مزو ٻاهر روڊ تي جيڪو هينئر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو رئيس احمد خان جي اسپتال شهر کان نڪري ٻاهر وڃڻ کان پوءِ شروع ٿيو. جيئن تـ 1971ع جي جنگ لڳي چڪي هئي، اسين بـ نوجوان هوندا هئاسين، رت ۾ هڪڙي قسم جو انڌو جوش هوندو هو. سو مون هڪ سڄي رات ويهي ننڍا ننڍا هٿ سان ڪاغذ تي بينر لکي سڀني اچڻ وڃڻ جي جڳهين تي ڪڻڪ جي اٽي جي لئي سان چهٽائي ڇڏيا. جنهن تي لکيل هو Cursh India) ) ۽ پنهنجو نالو بـ هيٺان لکي ڇڏيو، جيڪو پيو ڏسي مون کي شاباس پيو ڏي، ائين جيئن جو تيئن آئون ڦونڊبو پيو وڃان. اسان ايترا ٻار هوندا هئاسين جو اسان کي خبر ئي نـ هوندي هئي تـ دنيا ڪيئن ٿي هلي. ان جي مقابلي ۾ اڄ جو ٻار سئو دفعا وڌيڪ سمجهدار آهي. ڇو جو اڄ سڄي دنيا هُن جي هٿ ۾ آهي. جڏهن تـ اها رات بـ مون کي چٽي طرح ياد آهي، جنهن رات يحيٰ خان ريڊئي تي تقرير ڪندي چيو هو تـ “ اسان هزار سالن تائين جنگ جاري رکنداسين” ۽ ٻئي ڏينهن چار فوٽ قد وارن بنگالين بانس جي لٺ ۾ ناريل ٻڌي ڇهـ فوٽ پنجابي فوجي کي ڊيري ڪري ڇڏيو ۽ ڀڳڙو ڀڄي ٻـ ڦارون ٿي پيو. اسين انهي تُور (Genration) وارا انهن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. اهو راز اڄ تائين فاش نـ ٿي سگهيو آهي تـ اوڀر پاڪستان ۾ ڇا ٿيو. پر هن اِنفَارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ اسان جا ڪونڌر ڪيئن ڏينهن ڏٺي جو بي رحم ۽ بي دردي سان ڪٺا ويا ۽ ساڙيا ويا پر قاتل هٿن جي خبر پئجي نـ سگهي. جيئن هي ملڪ ڳجهي نموني ٺاهيو ويو هو،تيئن وقتن بوقتن هن ملڪ جي شهرين تي ڳجهي نموني راتاها بـ لڳندا رهيا آهن پر راز هميشه راز ئي رهيو آهي.
آئون اهو اڳي لکي آيو آهيان تـ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مون چڻا وڪيا ۽ درزڪو ڪم سکيو. جيئن تـ مٿي آئون ٻـن لفظن ۾ بالغن جي تعليم جو ذڪر ڪري آيو آهيان. اهو بـ ٻڌايو اٿم تـ اهو پروگرام ڀٽي صاحب پنهنجي حڪومت جي ايامڪاري دوران شروع ڪيو. اهو ٽن مهينن جو پروگرام هو جيڪو نومبر 1973ع کان شروع ٿي ۽ فيبروري 1974ع تائين هليو. اڃان تائين منهنجي ڄمار 18 سالن مان هڪ ٻـ مهينا کٽل هئي. پر اسان جا هڪڙا مائٽ آهن انهن جو آفيسن ۾ اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. انهن مون کي بالغن جي ماستري جو آرڊر وٺي ڏنو. آئون اڄ ڏينهن تائين انهن جو ٿورائتو آهيان. جن مون کي ٽن مهينن جي لاءِ کڻي پر نوڪري تـ وٺي ڏني. جڏهن تـ آئون پاڻ ئي اڃان بالغ ڪو نـ ٿيو هوس. مون کي نوڪري جو آرڊر تعلقي ماتلي جي ڪنهن ٻي ڳوٺ ۾ ڏنو ويو هو. جيڪو اسان جي ڳوٺ کان پري هوندو هو . هن پروگرام جا ڪلاس رات جو هلڻا هئا، آئون نابالغ هوندو هوس،تنهنڪري آئون اتي وڃڻ لاءِ تيار ڪونـ هوس. هي اهو زمانو هو جڏهن بدين ضلعو اڃان ڪونـ ٺهيو هو، اهو سڄو پٽ حيدرآباد ضلعي ۾ هوندو هو. سو مون ڇا ڪيو جو اهو نوڪري وارو آرڊر کڻي حيدر آباد ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر وٽ هليو ويس. انهي زماني ۾ حيدرآباد جو DEO عبدلقيوم صاحب هوندو هو ۽ اردو ڳالهائيندڙ پناهگير هو، تنهن کي عرض ڪيم تـ “مون کي هن ڳوٺ مان بدلي ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ رکو. ” تنهن مون کي ڏسي پڇيو تـ “توکي ڪنهن آرڊر ڏنو آهي. ”؟ اتي جيڪي ماڻهو ويٺل هئا، انهن کي مخاطب ٿي چيائين تـ “ هي پاڻ بالغ ڪونهي تـ هي ڪيئن ٻين بالغن کي پڙهائيندو”؟ منهنجو آرڊر پاڻ وٽ رکي مون کي چيائين تـ “تون هليو وڃ” مون سان اهو ڪم ٿيو جو “آئي سون پائڻ ڪن ڪپائي ويٺي. ” بدلي تـ ڪا نـ ٿي نوڪري بـ ڦرجي وئي. پوءِ ٻئي ڏينهن سائين محبوب علي چنـا صاحب جي گهر ويس، ان جي وڏي فرزند شفيق الرحمان چنـا DEO آفيس مان آرڊر کڻي ڏنو. ائين سڀ آها پلي اچي رئيس مير محمد خان نظاماڻي جي ڳوٺ ٺري ۾ ڊيوٽي رپوٽ ڏنم. اسڪولن جو بندوبست ائين ڪيو ويو هو تـ هر اسڪول ۾ ٻـ استاد رکڻا هئا، انهن مان هڪ پراڻو پرائمري استاد ۽ هڪ نئين مقرري، جنهن تي مون کي مقرر ڪيو ويو هو. اُتي خبر پئي تـ جيڪو منهنجو هيڊ ماستر آهي اهو اتان کان ٽي يا چار ڪلوميٽر پري ڪنهن ٻئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ آهي. نيٺ پنڌ ڪري ڳوٺ حاجي خميسو باگراڻي جي پرائمري اسڪول پهتس. اتي جو هيڊ ماستر سائين محمد يوسف هو جيڪو ماتلي شهر جو شيدي هو. جنهن مون کي چيو تـ “آئون ٺري ڪونـ هلندس، پاڻ هتي ٿا اسڪول کوليون” آئون تڏهن نئون هوندو هوس مون کي ڪابـ خبر ڪانـ هئي تـ سرڪار جو ڪارونهوار ڪيئن ٿو هلي. سائين محمد يوسف شيدي جي شخصيت ڪنهن درويش کان گهٽ ڪانـ هئي. با اخلاق، سلڇڻو، ڏاڙهي ڪوڙ پر سوم صلوات جو پابند صفا سڌو، محنتي، پڙهائي جي هر طريقيڪار کان واقف، مون مس هڪ مهينو کن ان سان گڏ نوڪري ڪئي هوندي. ائين لڳو تـ اسين تـ ڪي سالن جا دوست آهيون. دعا سلام ۽ دوستي جو رستو جيڪو ان وقت ڳنڍيو سو اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي. سائين محمد يوسف ماتلي شهر جو نمبر ون درزي هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو. ان زماني ۾ ماتلي ۾ ڪپڙن جي هڪ وڳي جي سلائي مشڪل سان 10 روپيـا هوندي هئي، پر سائين يوسف 60 روپيـا وٺندو هو. تڏهن بـ گراهڪن جي رش، جو ڪاريگر پورائي ڪونـ پوندا هئا. وقت کان اڳ نوڪري تان رٽائر ڪيائين. هاڻي پنهنجو ذاتي اسڪول ۽ تبليغين سان نڀائيندو ٿو اچي. باگراڻين جي ڳوٺ ۾ مون کي ڪنهن بـ قسم جي تڪليف ڪانـ ٿي. اها حقيقت هئي تـ آئون ننڍو هوندو هوس، ڏاڙهي مڇ اڃان خير ڪو آيا هئا، سو پڙهڻ وارا گهٽ ۽ مون کي ڏسڻ وارا گهڻا هوندا هئا. انهن ۾ ڪجهـ تـ واقعي اڻ پڙهيل هوندا هئا، انهن کي اسان رات جو سبق پڙهائيندا هئاسين . انهن بالغن ۾ هڪڙو شاگرد هوندو هو محمد ايوب، جنهن کي ايوب کهڙي جي نسبت سان کهڙو ڪري سڏيندا هئا. انهي جون مينهون وغيره هونديون هيون، اهو روز اسڪول اچڻ مهل ڪڙهيل کير، جنهن ۾ بادام پشتا پيل هوندا هئا، انهي جو لوٽو ڀريو کڻيو ايندو هو. سائين يوسف هوندو هو تـ گڏجي پيئندا هئاسين، نـ تـ آئون اڪيلو سڄو لوٽو ڏوگهي ڇڏيندو هوس. انهي ڳالهـ کي هاڻي 42 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي، پر اڄ ڏينهن تائين کهڙي جو خلوص ۽ سندس قرب مان آندل بادامن ڀريو کير نـ وساري سگهيو آهيان. ان کان سواءِ ٻيو ڇوڪرو هوندو هو چاچي پير بخش باگراڻي جو ننڍو فرزند محمد ابراهيم باگراڻي. غالبن اسان هڪ ئي سال مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. اسڪول الڳ الڳ شهرن ۾ هئڻ جي ڪري پهريان ڪنهن بـ قسم جي واقفيت ڪونـ هوندي هئي. هو ماتلي ۾ پڙهندو هو ۽ آئون رپ شريف ۾. هو رئيساڻو ۽ وڏيرڪو ٻار هئڻ جي ڪري مون کان وڏو لڳندو هو، آئون ڇٽي کان ڇورو ٻار سو قد بت ۾ هلڪو هوندو هوس. هن ڇوڪري منهنجو هر طرح سان خيال رکيو. ائين تـ ماستر جي ماني چاچي حاجي خميسو باگراڻي جي گهران ايندي هئي. پر چانهـ چڪو، لسي لپ ابراهيم کڻيو پيو ايندو هو. مطلب تـ هاڻي اسان جو اُٿڻ ويهڻ، کائڻ پيئڻ گڏ ٿيڻ لڳو. منهنجي مٿان هڪ قسم جو ڇپر ڇانوَ هوندو هو. هن جي ڳوٺ جو وڏيرو هئڻ جي حيثيت ۾ هر ڪو پيو اسان کان ڀوءَ کائيندو هو. مون کي جيتريقدر ياد پوي ٿو تـ ابراهيم وٽ هڪڙي موٽر سائيڪل هوندي هئي. جنهن تي اسين سڄو ڏينهن پيا گهمندا هئاسين. ڇو جو منهنجي رات جو ڊيوٽي هوندي هئي. اڪثر ڏينهن جو ابراهيم جي ٻني تي يا ڀر واري ڪنهن شهر ۾ يا سائين محمد يوسف سان پرائمري اسڪول ۾ پيو ٻارن کي پڙهائيندو هوس. ائين منهنجي پڙهائڻ جي سکيا اتان شروع ٿي. محمد ابراهيم باگراڻي جو ڏنل پيار آئون اڄ ڏينهن تائين وساري نـ سگهيو آهيان. اڄ جڏهن اهي ڳالهيون ياد پون ٿيون تـ بي اختيار ڳلن تي ڳوڙهن جو نـ کٽندڙ لارون وهي ٿيون اچن. ڇو جو منهنجي دوست تي ڪنهن موالي ٽائيپ نشي ۾ اچي پستول جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. مون جڏهن هن کي اسلام آباد مان سندس خير عافيت جو خط لکيو تـ موٽ ۾ سندس وڏي ڀاءُ ولي محمد باگراڻي مون کي اها ڏکوئيندڙ خبر اسلام آباد ۾ ٻڌائي هئي، تـ منهنجا ڇيهـ ڇڄي پيا هئا ۽ ڪيترا ڏينهن آئون پنهنجو پاڻ کي اسلام آباد جي روڊن تي اٻاڻڪو ۽ اڪيلو محسوس ڪندو هوس. جڏهن تـ اسان جي ملاقات کي ڪيترن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو هو . سندس ڏنل قرب آئون اڄ تائين وساري نـ سگهيو آهيان. انهي ڳوٺ جي ٽئين شخصيت، جنهن جو آئون ذڪر ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. جنهن جو آئون هر ايندڙ ويندڙ کان پڇندو بـ رهندو آهيان تـ مون کي خبر پوندي آهي تـ هو خوش آهي. بس دل مان دعا نڪرندي آهي تـ الله ڪري جتي هجي خوش هجي. يقينن هو مون کي نـ سڃاڻندو هوندو، نـ ياد ڪندو هوندو. ڇو جو پنجن سالن جي ڪنهن بـ ٻار کي ڪجهـ بـ ياد نـ هوندو آهي. آئون جڏهن باگراڻين جي ڳوٺ ۾ بالغن جي تعليم ۾ ماستر هوندو هوس، هي ٻارڙو اڃان ڇڙي چولي ۾ هلندو هو. هٿ ۾ ڪاٺ جي ڦرهي کڻي الف انب پڙهڻ ايندو هو. هي ننڍڙو نينگر چاچا حاجي خميسو باگراڻي جو پوٽو هو، جيڪو ڳوٺ جو مالڪ بـ هوندو هو ۽ ماستر کي ماني بـ کارائيندو هو. هو جڏهن ماني گهران کڻي ايندو هو تـ مون سان گڏجي ماني کائيندو هو. سندس ٻاراڻيون ٻوليون مون کي ڏاڍيون وڻنديون هيون. سندس نالو هو ذوالفقار، هو رات جو ڪافي دير تائين مون وٽ ويٺو رهندو هو. پوءِ سندس والد صاحب احمد خان گهر وٺي ويندو هوس. آئون هڪ دفعي ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس تـ ذوالفقار ضد ڪيو تـ هو بـ مون سان ڳوٺ هلندو. بهرحال هي ٻار مون کي اڄ ڏينهن تائين نـ وسريو آهي. هونئن بـ باگراڻين جا ڏنل قرب مون کي اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. هڪ مهيني کان پوءِ جيئن ئي پروگرام جو معائنو ٿيو تـ اسڪول ٻئي جڳهـ تي هئڻ جي ڪري مون کي زبردستي ٺري موڪلي ڇڏيائون ۽ سائين محمد يوسف شيدي اُتي ڪونـ هليو. اُتي مون کي بلڪل مزو ڪونـ آيو. باقي رهيل ٻـن مهينن ۾ ڪجهـ وقت گسائي ڪجهـ وقت ڊيوٽي ڪري ڳوٺ اچي ويهي رهيس.