نوجوانن سان سڌو سنئون واسطو (مرحوحوم شيرل لغاري)
اهو ذوالفقار علي ڀٽي جو دور هو. آئون سمجهان ٿو تـ سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن جيڪي ان زماني ۾ تڪليفون ۽ ڏک ڏاکڙا ڏٺا انهي تي صرف اهي ئي لکي سگهن ٿا، جن جي مٿان اهي مصيبتون گذريون هوندو. سوين سنڌي رسالا بندش هيٺ آيا. قومي ڪارڪن جيلن ۾ واڙيا ويا. سائين عبدالواحد آريسر پنهنجو هڪ جيل جو واقعو ٻڌايو تـ “ ڀٽي صاحب جا آخري ڏينهن هجن، مُلن هُن جي خلاف وڏي پيماني تي هلچل شروع ڪري ڇڏي هئي. اسين سڀ قوم پرست جيلن ۾ بند هئاسين. جيل ۾ پيغام آيو تـ ڀٽو صاحب اسان سان ملڻ ٿو چاهي. سڀئي دوست خوش ٿيا تـ اڄ جيل مان آزادي ملي ويندي ۽ هو اسان کي ڇڏڻ ٿو اچي. ان جي برخلاف مون (آريسر) انهن کي چيو تـ هي اسان کي نـ ڇڏيندو. خير اهو وقت آيو، ڀٽي صاحب سان ملاقات ٿي. هو دراصل اسان کان مدد گهرڻ آيو هو مُلن جي خلاف. هُن پنهنجي حق ۾ گهڻو ڪجهـ ڳالهايو. مون (آريسر) هُن (ڀٽي ) کي آخر ۾ چيو تـ “ تون جنهن ڪرسي تي ويٺو آهين. ان جي هيٺان هڪ فوجي جي سنگين ٽنبي پئي آهي. هو ان سان ڪيڏي مهل بـ تنهنجو تختو اونڌو ڪري سگهي ٿو. ” جواب ۾ ڀٽي صاحب هن(آريسر) کي مرڪندي چيو هو “ تون اڃان ٻار آهين سياست کي نـ ٿو سمجهين” آخر ۾ ائين ئي ٿيو ضياءُ الحق، ڀُٽي جو تختو اونڌو ڪري کيس ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو. ٻڌائڻ جو مقصد هي هو تـ منهنجي ٿوري گهڻي تربيت انهن ماڻهن جي اثر هيٺ ٿي. انهي ڪري ئي ٿوري گهڻي سمجهـ رکون ٿا.
سنڌي ماستريءَ جا شروع وارا 4 يا 5 سال، روڊ رستي نـ هئڻ جي ڪري، آئون پنهنجي ڳوٺ گلاب لغاري مان اسڪول ماڻڪ لغاري پنڌ ايندو ويندو هوس. منهنجي مامي جي پٽ نظير احمد وٽ هڪ سائيڪل هوندي هئي، جنهن کي هو پنهنجي ڳوٺان اچي اسان جي گهر ڇڏيندو هو ۽ پاڻ ٽنڊو غلام علي اسڪول هليو ويندو هو تـ انهي سائيڪل کي وري آئون کڻندو هوس ۽ ماڻڪ لغاري اسڪول هليو ويندو هوس. اسڪول کان واپسي تي وري هو سائيڪل کڻي ڳوٺ هليو ويندو هو. ائين اسان 3 يا 4 سال ڪم کي ڌڪيو. وري جڏهن حيدرآباد، شيخ ڀرڪيو، گلاب لغاري پڪو روڊ ٺهيو تـ پوءِ ڪڏهن بس تي ڪڏهن پيرين پنڌ اسڪول پيو اچبو وڃبو هو. ائين صبح جو مختلف اسڪولن وڃڻ وارا استاد توڙي شاگرد اچي ڳوٺ واري بس اسٽينڊ تي گڏ ٿيندا هئاسين. چڱو خاصو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. مون کي وري قوم پرستي جو ڪن ۾ ڪيڙو، چوان تـ جيڪي ٻـ چار پڙهيل ڳڙهيل شاگرد ٽائيپ نوجوان ملن تـ انهن کي ڪتابن پڙهڻ ڏانهن راغب ڪجي. ان زماني ۾ اسان جا خيال اهي هوندا هئا تـ انقلاب اجهو اسان جي در تي بيٺو آهي. اها خبر ڪانـ هئي تـ انقلاب رت جون نديون وهائي پوءِ ايندا آهن، جنهن کي نيلسن منڊيلا، فيڊل ڪاسترو، هوچي منهـ، مائوزي تُنگ ۽ سائين جي ايم سيد جهڙن صبر آموز ۽ انقلابي نظريا ڏيندڙ ماڻهو کپن.
ان زماني ۾ گلاب لغاري ۾ صرف پرائمري اسڪول هوندو هو، سو اوسي پاسي جي ڳوٺن جا شاگرد چمبڙ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا. هڪ ڏينهن ڏسان تـ هڪڙو شاگرد هو، ڪڻڪ رنگو، اڻڀا ۽ وکريل وار، پيرن ۾ پشاوري چمپل، تن تي اڌوراڻا ڪپڙا، هٿ ۾ مهراڻ رسالو، ان تي انڊپين سان ڪجهـ لکي رهيو هو. بي اختيار نـ چاهندي بـ منهنجا قدم اوڏانهن کڄي ويا. مون هن سان هٿ ملايو تـ هي اٿي بيهي ادب ۽ احترام سان مون سان مليو هو. مون کيس سمجهايو تـ ڪتاب تي لکبو ڪونهي، هو مون کي ٻڌي چپ ٿي ويو هو. جيئن تـ اهو مهراڻ جو نمبر منهنجو اڳئي پڙهيل هو. مون هن کان سوال ڪيو هو تـ تو هان هن ۾ ڇا پڙهيو آهي. هن مون کي سڄي سربستي ڪهاڻي ٻڌائي هئي تـ هن ان ڪتاب ۾ ڇا ڇا پڙهيو آهي. اسان جي گفتگو مان مون محسوس ڪيو تـ هو مون کي اڳي ڪنهن نـ ڪنهن حوالي سان سڃاڻندو هو پر آئون هن کي نـ سڃاڻندو هوس. هن مون کي چيو تـ “توهان وٽ ڪتاب آهن مون کي پڙهايو”. مون هن کي چيو تـ “ تون شام جو منهنجي گهر اچ ۽ ڪتاب کڻي وڃ. ” هو ان زماني ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ آئون پرائمري ماستر هوس. مون سوچيو تـ هي شام جو مون وٽ ڪو نـ ايندو. ڇو جو اسان جي ڄمارن ۾ 10 سالن جو فرق هو. منهنجا انومان ڪنهن حد تائين صحيح بـ هئا. ان زماني ۾ آئون 23 سالن کن جو هوندو هوس ۽ هو 13 سالن جو. پر منهنجا وهم ۽ وسوسا سڀ غلط ثابت ٿيا. شام جو هو منهنجي گهر آيو. اسان جي اوطاق هوندي هئي. ان ۾ مون پنهنجي حال سارو لسي لپ سان هن کي ماني بـ کارائي. جنهن جو هو اڳتي هلي پنهنجن خطن ۾ پاڻ ذڪر بـ ڪري ٿو. مون هن کان سندس نالو پڇيوتـ هن پنهنجو نالو شير محمد لغاري ٻڌايو هو. تنهن تي مون هن کي چيو هو تـ “ تنهنجو نالو هاڻي شيرل لغاري ٿا رکون ” بس انهي ڏينهن کان پوءِ هي شير محمد لغاري مان ڦري شيرل لغاري ٿي پيو هو ۽ منهنجي ننڍڙي لائبرري ۾ جيڪي ٻـ ٽي سئو ڪتاب هئا اهي هن منهنجي ننڍڙي دوست تمام ٿورن ڏينهن ۾ پڙهي ڇڏيا هئا. هاڻي منجهند جي ماني اسان ڪڏهن چڻي واڻئي جي پٽ لونگ واڻئي جي پڪوڙن سان تـ ڪڏهن لسي لپ سان گڏ کائڻ لڳاسين. اڳئي آئون ۽ مشڪور ٻئي ادب تي ڪچهري ڪندا هئاسين، هاڻي هي ننڍڙو اسان جو دوست اسان سان جڙجي ويو. اڃا شيرل شاعري ڪرڻ شروع نـ ڪئي هئي. مشڪور ڦلڪاري جي شاعري حمد ۽ نعتن مان ڦري قومي ٿي پئي هئي، تنهنڪري مون ۽ مشڪور جهڙا دوست هن کي ملڻ جي ڪري شيرل ڪڏهن بـ مذهبي شاعري نـ ڪئي. ان زماني ۾ ماستري جو پگهار هوندو هو 120 رپيـا. آئون 20 روپيـا خرچي جي لاءِ رکندو هوس ۽ 100 روپيـا امان کي گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو هوس. انهن 20 روپين مان آئون ۽ شيرل ڪتاب وٺندا هئاسين. حيدرآباد وڃبو هو تـ ماني ڪانـ کائبي هئي. انهن پئسن مان ڪتاب وٺبا هئا. هاڻي اسان ادبي دوست تـ اڳئي هئاسين پر اسان جي هڪ ٻئي سان محبت ۽ پيار وارو جذبو بـ پيدا ٿي ويو. اسڪول جي پڙهائي جي ڪم ۾ تـ هو اڳي هوشيار هوندو هو. جيئن ئي مئٽرڪ ڪيائين تـ هن کي بـ ماستري واري نوڪري ملي وئي. ٻـ، چار سال مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪري اسان وري ساڳئي اسڪول تي گڏجي وياسين.
شيرل نـ انجنيئر، نـ ڊاڪٽر ۽ نـ وري وڪيل ٿي سگهيو، تنهنڪري هن جي شاعري کي اها مڃتا نـ ملي سگهي جيڪا ملڻ گهربي هئي. حقيقت ۾ شيرل لغاري پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. هن شاعري جي سڀني صنفن تي طبعي آزمائي ڪئي. ، جهڙوڪ غزل، نظم، ٽيڙو، آزاد نظم وغيره. شيرل کي واقعاتي شاعري تي وڏو عبور حاصل هوندو هو. واقعو ڏسي يڪدم شاعري ڪري وٺندو هو. سندس ڪتاب “ توبن ڪهڙو جيون” جيڪو هن جي وڃڻ کان پوءِ ڇپيو، انهي مان نموني طور سندس شاعري پيش ڪجي ٿي.
اها شام بن ۾ گذاري ڇڏيسون
گهڙي توسان گهاري وساري ڇڏيسون
ڪڏهن تو سان ملبو پرين تو سان کلبو
اها آس دل ۾ سُمهاري ڇڏيسون
اوهان ئي چيو خط نـ لکجو تڏهن کان
پنهنجي قلم مان مس بـ هاري ڇڏيسون
پڇو ڪنهن تـ ڪٿي آهي جاني
اها ڳالهـ هر وار ٽاري ڇڏيسين
“شيرل” جا سپنا بـ ساڙي هليو وئين
بچي رک باقي اُڏاري ڇڏيسون
تُر خانن جو تور نـ بچيو
مغلن مان ڪو مور نـ بچيو
گورن جو دستور نـ بچيو
ظالم توتي ڊوڙ ڪنداسين
ڌرتي توسان توڙ ڪنداسين
موهن کي بـ جيارينداسين
اگهم ڪوٽ اجارينداسين
سنڌ جو سينو ٺارينداسين
زندهـ نيٺ اروڙ ڪنداسين
ڌرتي تو سان توڙ ڪنداسين.
هاڻي اسان جا ڏينهن جا ڏينهن اسڪول ۾ گڏ گذرڻ لڳا. ادبي ڪچهريون زور ٿي ويون. سائين عبدالڪريم لغاري جيڪو اڳئي اديب، فاضل هو ۽ ادب سان اڻ سڌي طرح لاڳاپيل هو ۽ اسان ٻنهي جو هيڊ ماستر هوندو هو، انهي کي اها اسان واري ادبي ڪچهري پسند تـ هوندي هئي. پر اسان کي هدايت ڪندو هو تـ ٻارن جي پڙهائي تي وڌيڪ ڌيان ڏيو، ادب پوءِ بـ بحث هيٺ ايندو ئي رهندو. انهي معاملي ۾ هو ٺيڪ رستي تي هوندو هو. اسان کي ادبي بحث مباحثي ۾ سڄو سڄو ڏينهن لڳي ويندو هو. پويان اسڪول ڪافي متاثر ٿيندو هو. مون ڪٿي اڳي لکيو آهي تـ پراڻا استاد تعليم جي معاملي ۾ ڪنهن بـ قسم جي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نـ هوندا هئا، نـ رڳو سندن نائب ماسترن تي نظر هوندي هئي پر انهي سختي جو تئو شاگردن کان ٿيندو انهن جي مائٽن تائين پهچي ويندو هو. ان زماني ۾ ٻار اسڪول کان گسايو تـ سندس مائٽ ٻئي ڏينهن ڪيئن ان جو سبب ڏيندا هئا. هيٺ هڪ شاگرد جي مائٽ جو خط نموني خاطر پيش ڪجي ٿو.
786
22-4-82
بخدمت ۾ جناب استاد نظام الدين خان سدا خوش هجو
اسلام اعليڪم
احوال عرض تـ غلام حسين اچي ٿو. هن کي ڪجهـ نـ چوندا، ڇاڪاڻ تـ هن جي طبيعت خوش نـ هئي. انهي ڪري غير حاضر رهيو، باقي ڪجهـ تيز ڪندا، ڇاڪاڻ تـ اڳتي نـ نٽائي.
وڌيڪ خير آفيت اوهان جو
قابل چانڊيو
22-4-82
اسان جو هيڊ ماستر اسان سڀني استادن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. ڇو جو قوم پرست هئڻ جي ناتي اسان اسڪول تي ڪافي توجـهـ ڏيندا هئاسين، تنهنڪري هو صاحب اسان جي ڪافي عزت ڪندو هو. بس ائين وقت گذرندو رهيو. آئون پرائيويٽ طور پڙهندو رهيس، تان جو 1982 ع ۾ مون ايم اي ايڪنامڪس ۾ ڪري ورتي. هاڻي مون کي شوق جاڳيو تـ آئون آفيسر ٿيان. هڪ ٻن وڏيرن جي پٺيان بـ لڳس پر ڪٿان بـ چاڙهو نظر ڪو نـ آيو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان انٽرويو ڏيڻ لڳس، پر هر وقت فيل. هاڻي ادبي ڪتابن کي ڇڏي آئون ايڪنامڪس کي پڙهڻ لڳي ويس. مئٽرڪ جي ايڪنامڪس جي عبدالرحمان پهوڙ جي ڪتاب کان شروع ٿي سراج الحق ميمڻ جي انٽر جي ڪتابن تائين. سنڌي توڙي انگريزي جا مون خوب ڪتاب پڙهيا. هاڻي مون کي ايڪنامڪس جو بيسڪ Concept ۽ ان جون Theories سمجهـ ۾ اچڻ لڳيو هيون. انهي وچ ۾ تعليم کاتي ۾ ڪيترائي نوان نوان پروگرام شروع ٿيا. جيئن تـ آئون پوسٽ گريجويئٽ هوس تنهنڪري مون کي پنهنجي کاتي ۾ ئي آفر آئي تـ 16 گريڊ ۾ نوڪري ڏيون ٿا، اچو جوائن ڪريو. پر منهنجو ضد هو تـ 17 گريڊ جي نوڪري ڏيو 16 جي آئون نـ ڪندس. هاڻي گهر ۾ اچي ٻڙڌڪ متو تـ “تون مٿي نوڪري نـ ٿو ڪرين”. مون کي ڪجهـ ائين سمجهـ ۾ اچي رهيو هو تـ جيڪڏهن مون 16 گريڊ ۾ نوڪري ڪئي تـ سڄي ڄمار انهي هڪڙي گريڊ ۾ گذري ويندي. تنهنڪري نوڪري ڪبي تـ 17 گريڊ جي باقي ماستري تـ اڳي ئي آهي. تنهنڪري 16 گريڊ جي نوڪري کان ٺپ نابري واري بيهي رهيس.