قومپرست تنظيم سان وابستگي
سو ڳالهـ پئي ٿي ڪتابن پڙهڻ واري. مقصد، اهو تـ قوم پرستي ۽ سنڌ سان محبت ڪيئن پيدا ڪجي. اسان اهو پرگرام لڪي ڇپي ڪندا هئاسين. ڇو جو اهو ضيا ءُ الحق جي مارشل لا جو زمانو هو. هر شئي مذهب جي ماڻ ۽ ماپي ۾ توربي ۽ تڪبي هئي. حڪمرانن جي خلاف معنيٰ اسلام جي خلاف. اها روايت اڄ ڏينهن تائين هلندي پئي اچي. جڏهن تـ اهو ساڳيو پروگرام مذهب جي نالي تي تبليغي جماعت وارا اڄ بـ ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ کي اڻ کٽندڙ خانـا جنگي طرف ڌڪي ڇڏيو اٿن. اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستاني مُنهن ڏيکارڻ جهڙا نـ رهيا آهن. تازي رپورٽ مطابق دنيا جي 199 ملڪن جي پاسپورٽن مان پاڪستان جي پاسپورٽ جو نمبر 196 تي اڻ وڻندڙ پاسپورٽن ۾ اچي بيٺو آهي. انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تـ دنيا ۾ اسان جي ڪٿي جڳهـ ٺهي ٿي.
جتي اسان ٻين ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪندا هئاسين، اتي آئون پاڻ پڻ گهڻو ڪجهـ پڙهندو هوس. جيڪا عادت اڄ تائين موجود آهي. سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “جيئن ڏٺو آ مون”،“ سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” ۽ ٻيا ڪتاب جيڪي ان وقت مارڪيٽ ۾ موجود هئا. اهي سڀ مون ان زماني ۾ پڙهي ڇڏيا هئا. ان کان سواءِ سراج الحق ميمڻ، قاضي فيض محمد، امر جليل، نسيم احمد کرل، امرتا پريتم، ڪشن چندر، اياز قادري، موهن ڪلپنا، شيخ اياز، استاد بخاري، راشد مورائي، احمد خان مدهوش، تاجل بيوس، امداد حسيني، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، طارق اشرف، مولانـا غلام محمد گرامي، مولانـا غلام مصطفيٰ قاسمي، ان کان سواءِ اڻ ڳڻيل مصنفن جا ڪتاب جن جا نالا هاڻي ياد نـ آهن. ان کان سواءِ تاجل بيوس جو مشهور نظم“ وڄن وار ڇوڙيا تـ وسڪار ڪيئن هئا،” جيڪو هن ٽوڪيو جاپان مان لکيو هو ۽ ان جي ورندي وري هدايت بلوچ “ وڄن وار ڇوڙيا تـ برسات پئي هئي” ڏني هئي ۽ راشد مورائي جو نظم “ مان باغي هان، مان باغي ها” پڻ مون ان زماني ۾ پڙهيو هو. مون کي انهن ڪتابن پڙهڻ مان گهڻو ڪجهـ حاصل ٿيو. پنهنجي پرائي کي سڃاڻڻ جي تميز سکيس. سياسي ۽ سماجي مسئلن کي سمجهڻ جو ڏانءُ پيدا ٿيو. ننڍي سان ڪيئن ڳالهائجي ۽ وڏي سان ڪيئن پيش اچجي. مطلب تـ زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ آئون سنئين ۽ سڌي واٽ تي هلي پيس.