مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

محمد ابراهيم نظاماڻي

محمد ابراهيم نظاماڻي

انسان هڪ اهڙو سماجي جانور آهي، جيڪو سگهـ ۽ شعور رکڻ جي باوجود اڪيلو رهڻ پسند نـ ٿو ڪري. افلاطون کي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿوتـ انسان جي ڪا بـ ذاتي حيثيت ڪونهي پر پنهنجن صلاحيتن کي پروڙڻ، پرکڻ ان کي اوج تي پهچائڻ لاءِ ٻئي انسان يا ڪجـهـ ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي. انسان جا هميشـ انسان سان ئي لڳ لاڳاپا ٺهن ٿا. مون ڪٿي پڙهيو هو تـ انسان جون پنهنجون عادتون يا جبلتون هونديون آهن جيڪي ان کي خوشي ۽ غمن جي وادين ۾ وٺي وڃن ٿيون. جنهن بـ ماڻهو جي طبعيت ۾ خوشي ۽ سڪون هوندو، انهي جي زندگي جا ڏينهن سٺا ۽ سڪون سان گذرندا. سو آئون جيئن سنڌ مان جلا وطن ٿي اسلام آباد پهتس تـ هڪ اهڙي پيار ۽ محبت جي شديد ضرورت محسوس ڪيم، جيڪا منهنجي وڇڙيل ۽ ويڳاڻي من کي ڪا راحت ڏئي سگهي. جڏهن مون پلاننگ ڊويزن ۾ پهرين ڏينهن اچي رپورٽ ڪئي هئي تـ ايڊمن وارن مون کي سڌو سيد عبدالحق شاه صاحب جي ڪمري ۾ وٺي اچي ان سان ملايو هو. اها مارچ 1986 ع جي ڳالهـ آهي، منهنجي شاهـ صاحب سان پهرين ڪا بـ ملاقات ڪا نـ هئي. ائين شاه صاحب جي پٺيان محمد ابراهيم نظاماڻي ۽ عطا محمد جمالي سان ملاقات ٿي هئي. جڏهن تـ ابراهيم صاحب ۽ منهنجو ڳوٺ ويجها هئا پر اڳ ڪڏهن اهڙي ملاقات ڪا نـ ٿي هئي. ڊگري تـ ساڳي يونيورسٽي جي هٿ ۾ هئي پر هي همراهـ سڀ ريگيولر ۽ آئون پرائيويٽ، سو اسان جي اڳ ڪا بـ ڏيٺ ويٺ ڪا نـ هئي. ائين اسان جون ملاقاتون وڌي دوستي واري حد تائين پهتيون. شروع وارا ٻـ چار سال آئون هنن کان الڳ اسلام آباد ۾ ڌڪا جهليندو رهيس. سن 1990 ع ۾ ابراهيم مون کي وٺي اچي علي مراد چاچڙ سان رهائي ڇڏيو. اتان جلدي چاچڙ صاحب جي بدلي ڪراچي ٿي تـ اهو سرڪاري گهر مون کي مليو هو. پوءِ وري منهنجي بدين بدلي ٿيڻ تي اهو گهر اسان ڇڏي ڏنو. چاچڙ صاحب جو ذڪر آئون اڳ ڪري چڪو آهيان. وري جڏهن بدين مان موٽ ٿي تـ مون سڌو سيد عبدالحق شاهـ جي گهر اچي لينڊ ڪيو. ابراهيم ۽ عطا محمد جمالي اڳئي بي گهر هئا، اهي بـ اتي ئي رهيل هئا. هاڻي اسان چار ماڻهو هڪ ئي گهر ۾ رهڻ لڳا سين، پاڙي واري ڪنهن کي بـ خبر ڪا نـ هئي تـ اهو گهر ڪنهن جو آهي، سڀئي هڪ ئي گريڊ ۾ سڀئي دوست. هاڻي نواز شريف جي حڪومت اچي وئي. انهي گولڊن هينڊ شيڪ جي اسڪيم آندي. محمد ابراهيم نظاماڻي جنهن جي اڳي ئي وڃان وڃان لڳي پئي هئي، انهي درخواست ڏني تـ مون کي رٽائر ڪيو. مون جو هن جا احوال ٻڌا، مون چيو تـ آئون بـ رٽائر ٿو ٿيان. جڏهن تـ منهنجي اڃا 18 سال نوڪري باقي پئي هئي، مون بـ گولڊن هينڊ شيڪ جي اسڪيم تحت درخواست ڏئي ڇڏي. مون کي ڏسي عبدالحق شاهـ پڻ گولڊن هينڊ شيڪ لاءِ درخواست ڏني ۽ پوءِ ماڻهن جي سمجهائڻ تي واپس بـ وٺي ڇڏي. اسان ۾ عقل جو اڪابر ۽ سياڻو نڪتو عطا محمد جمالي، جنهن چيو ڪجهـ بـ ٿي وڃي نوڪري ڪو نـ ڇڏيندس. اسان ڪلڪيوليشن ۾ لڳي وياسين تـ رٽائرمينٽ تي ڪيترا پئسـا ملندا. لڳ ڀڳ اسان سڀني کي الڳ الڳ ڏهـ لک کن مليا ٿي. ان وقت منهنجي ماهوار پينشن ٺهي ٿي 2100 سو روپيـا. اثاثا اسان وٽ ڪهڙا هئا. ابراهيم وٽ 50 ايڪڙ زرعي زمين، عبدالحق شاهـ وٽ پنج ياڇهـ ايڪڙ زرعي زمين، آئون بلڪل سڃو. آئون جهليو نـ جهلجان، زمين وٺندس، پوءِ ڪمند پوکيندس، شگر مِلن وارا منهنجي پٺيان هوندا، اهي سڀ خيالي پلاءُ هئا. انهي وقت منهنجي عقل کي لوڙهو اچي ويو هو. منهنجو ننڍو ڀاءٌ هوندو هو قمر الدين جيڪو مرحوم 2010 ۾ فوت ٿي ويو، اهو روڪڻ وارو، امان مون کي روڪڻ واري، پر آئون “انڌي گهوڙي ڪل ۾ ” ڪنهن جي مڃان ئي ڪو نـ . آخر ۾ درخواست فائيل سميت منظوري لاءِ پلاننگ جي سيڪريٽري وٽ پهتي. انهي زماني ۾ سيڪريٽري پلاننگ ڊويزن فضل الله قريشي صاحب هوندو هو. هُن صاحب مون کي گهرائي چيو تـ “تون سنڌ ڇا وڃي ڪندين. ” مون جواب ڏنو تـ “آئون زميندار ٿيندس. ” وري چيائين تـ “ سنڌ جي حالت ڏٺي اٿئي، فيڊرل سيڪريٽري عالم بلوچ کي حيدر آباد ۾ قتل ڪري ڇڏيو اٿن ۽ هينئر تون آفيس اچين ٿو تـ پوليس وارا توکي سلام ٿا ڪن، پوءِ اهي آفيس ۾ اندر ڪو نـ اچڻ ڏيندئي. ” قريشي صاحب منهنجو رڳو سيڪريٽري ڪو نـ هو پر ساڳي قوم هئڻ جي حيثيت ۾ منهنجا هن سان هزارين ناتا آهن. ٺيڪ آهي هو صاحب ان وقت سينئر ليول تي هو ۽ آئون هُن کان ڪافي جونيئر، پر پلاننگ ڊويزن ۾ اسان جو ڇپر ۽ ڇانوَ هوندو هو، ايئن ايرو غيرو اسان تي هٿ ڪو نـ کڻندو هو، انهي جي بـ مون ڳالهـ ڪا نـ مڃي. سيڪريٽري ڪاوڙ مان فائيل صحيح ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏي، نوٽيفڪيشن ٿي ويو. جيئن آفيس جو ٽائيم ختم ٿيو تـ جيڪي پوليس وارا ايندي ويندي مون کي سِلوٽ ڪندا هئا، انهن مون کي روڪي ورتو. ان وقت مون وٽ صرف سرڪار جو آفيس ڪارڊ هو اهو بـ ڦري ورتائون. انهي تي مون کي شديد جهٽڪو لڳو، قريشي صاحب جا چيل لفظ منهنجي دماغ ۾ هٿوڙن وانگر مون کي سٽيندا رهيا ۽ منهنجن اکين مان لڙڪ ڪري پيا هئا. هاڻي پڇتاءُ جي ڳوڙهن مان ڪجهـ بـ ورڻو سرڻو ڪو نـ هو. فيڊرل گورنمينٽ ۾ جيڪڏهن هڪ دفعو ڪو نوٽيفيڪيشن ٿي وڃي تـ انهي جو واپس ٿيڻ ناممڪن نـ تـ بـ ڏکيو ضرور هوندو آهي.
مون کي ياد آهي تـ اها سڄي رات مون ڪنڊن تي گذاري هئي. جڏهن انسان پنهنجن سوالن جا جواب پاڻ ڳوليندو آهي تـ انهي جو نتيجو ڪو ورلي هاڪاري هوندو آهي. مون کي ڪجهـ بـ سمجهـ ۾ نـ ٿي آيو تـ هاڻي ڇا ٿيندو؟ سنڌي ۾ چوندا آهن تـ “ڏنو ٻنو آهي” شايد منهنجي صاف گوئي، هر ڪنهن سان ڀلائي ڪرڻ مطلب تـ خدا مون کي وڌيڪ پريشانين کان بچائي ورتو. يقينن امان جون دعائون بـ ان ۾ شامل هيون، جڏهن تـ مون امان جي ڳالهـ ڪا نـ مڃي هئي. آئون جيئن ئي ٻي ڏينهن سامان کڻڻ لاءِ آفيس پهتس تـ اتي خبر پئي تـ گورنمينٽ ٻئي حڪم تائين انهي پروگرام کي روڪي ڇڏيو آهي. تنهنڪري نوجوان دوستن کي عرض آهي تـ جذبات ۾ اچي تڪڙ ۾ فيصلو نـ ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن بـ آيل روزي کي لت نـ هڻڻ کپي. سرڪار جي نوڪري ڪهڙي بـ حالت ۾ اڌ ۾ ڇڏڻ نـ گهرجي، ڀلي ڪيترو وڏو فائدو ڇو نـ ملندو هجي. رٽائرمينٽ هميشـ وقت تي وٺڻ گهرجي.
سو ڳالهـ پئي ڪئي سين ابراهيم صاحب جي ۽ وڃي نڪتاسين گولڊن هيڊ شيڪ کان. نظاماڻي صاحب فهميدو ۽ صوبر قسم جو ماڻهو هوندو هو. مهمانن جا وٽس ڪٽڪ لٿا پيا هوندا هئا. اسان وٽ سنڌ ۾ هميشه هر ماڻهو جا ٻـ ٻـ نالا هوندا آهن، سو هن کي ڳوٺ ۾ گلزار سڏيندا هئا. جيڪو ڳوٺان ڪاوڙبو هو سو سڌو اسلام آباد گلزار وٽ. هن وٽ بـ سرڪاري گهر هوندو هو، سو هر وقت مهمانن سان ڀريو پيو هوندو هو. مهمان وڌي ويندا هئا تـ وري ٻين گهرن ڏانهن ونڊ ورڇ ڪبي هئي. ابراهيم صاحب ترقي پسند ذهن رکندو هو، مُلن، مولوين سان اسان جي گهٽ ئي لڳندي هئي. يونيورسٽي واري زماني ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان سياسي طور سلهاريل رهيو، اڳتي هلي انهي کان بـ پاسيرو ٿي ويو. سڄو ڏينهن پيو کلندو هو. شروع ۾ اسان هڪڙي آفيس ۾ هوندا هئاسين. جيئن 18 گريڊ ۾ اسان جون پروموشنون ٿيون، آفيسون الڳ ٿي ويون. هر سال انب ۽ ٻير ابراهيم صاحب جا سنڌ مان ايندا هئا. حصي پتي سارو اسان کي بـ ملندا هئا. سرڪار جو اسان سنڌين سان ڏاڍو قرب ۽ پيار هوندو هو، تنهنڪري اسان لاءِ سرڪاري گهر خالي ڪو نـ هوندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن سنڌي کي مجبورن گهر ڏيڻو پوندو هو تـ آخري منزل تي، جيڪو گرمين ۾ گرم ۽ سردين ۾ سرد. آئون جڏهن چاچڙ صاحب سان گڏ رهندو هوس تـ اهو گهر بـ آخري منزل تي، بلڪل سامهون روڊ جي هُن پار ابراهيم صاحب جو گهر، اهو بـ مٿي پڇاڙي واري منزل تي. آئون ۽ چاچڙ صاحب هوندا هئاسين ڪنجوس، سو شام واري چانهـ هوندي هئي ابراهيم جي گهر. ان وقت موبائل فون تـ ڪو نـ هوندا هئا، هي زمين وارا فون بـ گهٽ هوندا هئا. جيئن ئي شام جي چانـهـ تيار ٿيندي هئي تـ هو هتان بالڪوني مان بيهي سڏ ڪندا هئا “اچو چانهـ تيار آهي”. بس هوڪرا ٿي ويندا هئا، آڙي پاڙي وارن جي شام واري ننڊ اسان ڦٽائي ڇڏيندا هئاسين. اسلام آباد ۾ روڊن رستن، بلڊنگن کان جيڪا بچيل زمين آهي، انهي تي خير سان ڀنگ سڳوري ٿيندي آهي. فيبروري ۾ جيئن سردي گهٽبي آهي تـ ڀنگ ڦٽڻ شروع ٿي ويندي آهي. جون کان سيپٽمبر تائين هن سڳوري ٻوٽي جو جوڀن هوندو آهي. اسان جي پاڙي ۾ جيڪا ڀنگ ٿيندي هئي اها سڄي اسلام آباد کان ڀلي هوندي هئي. قد بت ۾ قنڌار، 6 فوٽ وارو مڙس نظر ڪو نـ ايندو هو. اسان وٽ هٿيار پنهوار گهر ۾ پيل هوندا هئا، پر هرو ڀرو شيل شغل ڪو نـ ڪندا هئاسين. ها باقي سنڌ مان ڪو شوقين مهمان اچي ويو تـ انهي جي اهڙي مشروبات سان خاطر توازع ضرور ڪبي هئي، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تـ ابراهيم صاحب جا کوڙ سارا مهمان ايندا هئا. هڪ دفعي ڪي شوقين مهمان اچي ويا، انهن اهڙو ڀلو فصل اڳ ڪڏهن ڏٺو ڪو نـ هو، سو ڇا ڪيائون جو اسان وياسين آفيس انهن کي گهر ۾ جيڪا شئي هٿ آئي سا کڻي ڪاهي پيا فصل ۾ ڀريون ٻڌي کڻي آيا. ڊرائنگ روم جو سامان ڪڍي انهـي ۾ ڀنگ پکيڙي ڇڏيائون. ڪمرن ۾ بيڊن هيٺان، مطلب تـ گهر جو جيڪو خالي حصو هو انهي ۾ ڀنگ ئي ڀنگ. هي اهو زمانو هوندو هو جڏهن I-8 سيڪٽر ايتري ترقي ڪا نـ ڪئي هئي. صبح جو هڪ بس سيڪٽر جي سڀني ملازمن کي آفيس کڻي ويندي هئي ۽ شام جو اها ساڳي بس واپس گهر کڻي ايندي هئي. صبح شام اسان ساڳيا ماڻهو بس ۾ آفيس ۾ بـ ساڳيا ماڻهو جيڪي هر روز گڏ ڪم ڪندا هئاسون، سو ڪڏهن ڪڏهن ساڳيا ساڳيا چهرا ڏسي بور ٿي پوندو هوس. بس مان لهي سڀڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو هو. ڪلاڪ ڏيڍ آرام ڪري وهنجي سهنجي تيار ٿي، پوءِ ابراهيم جي گهر وڃبو هو، چانهـ چڪي جي لاءِ. انهي ڏينهن جيئن اسان مٿي پنهنجي گهر چڙهياسين. تـ اوچتو ابراهيم جو آواز ڪنن تي پيو. چاچڙ مون کي چيو خير تـ آهي، ڏس نظاماڻي صاحب ڇو ٿو سڏ ڪري. آئون جيئن گيلري مان ٻاهر نڪتس تـ ابراهيم صاحب چيو تـ توهان ٻئي جلدي هيڏانهن اچو. اسان ڊوڙندا ڊوڙندا سندس گهر پهتاسين تـ اندر ڇا ڏسون رڳو ڀنگ ئي ڀنگ جيڏانهن ڏس تيڏانهن ساوڪ ئي ساوڪ . ڪلاڪ کن پئي کلياسين، نيٺ مهمانن کان پڇيو ويو تـ هي ڇا ڪيو اٿئو. ؟ جواب مليو تـ اسان هفتو کن رهنداسين، هي سُڪندي تـ پوءِ هر روز پيئنداسين. گهر ٿيو مهمانن جي حوالي، ابراهيم کي اسان پنهنجي گهر وٺي آياسين. اها بـ خبر نـ آهي تـ همراه جنهن ڪم لاءِ آيا اهو ڪم بـ ٿيو يا نـ رڳو ڀنگ پي سمهڻ مان مزو وٺندا رهيا. هُونئن بـ ابراهيم جهڙو مٺو ماڻهو مون دنيا ۾ ڪو نـ ڏٺو، ڪڏهن بـ مهمان ڏسي منهن ڪو نـ گهنجا يائين. دوستن جا دوست انهن جا بـ دوست، ڏسن پنڌن تي ابراهيم وٽ پيا مهمان ٿي ايندا هئا. مون کي ڪڏهن بـ ڪا ننڍي وڏي تڪليف ٿئي، ابراهيم هڪيو تڪيو حاضر، منهنجي تڪليف هو برداشت نـ ڪري سگهندو هو. مون کي سرڪاري گهر مليو تـ آئون اڪيلو رهندو هوس. دوستن کي چيائين تـ نظام کي اڪيلو نـ ڇڏبو، هي شگر جو مريض آهي رات جو مري وڃي تـ پوءِ. ائين سامان کڻي منهنجي گهر هليو آيو. ياد رهي تـ سواءِ عبدالحق شاهـ جي باقي اسان ٽنهي جي هڪ هڪ دفعو سنڌ ۾ پوسٽنگ ٿيندي رهي. ابراهيم نظاماڻي جي ڪراچي، منهنجي بدين ۽ عطا محمد جمالي جي نواب شاهـ پوسٽنگ رهي آهي. اتان واپسي تي صرف مون کي سرڪاري گهر مليو، باقي ڪنهن کي بـ گهر ڪو نـ مليو. واپسي تي پهرين سڀ شاهـ صاحب جي گهر ۾ اچي رهياسين پوءِ مون کي گهر مليو، باقي جمالي ۽ ابراهيم کي سرڪاري گهر ڪو نـ مليو.
هاڻي پڙهندڙن کي پوئتي وٺي ٿو هلان، هي ان زماني جي ڳالهـ آهي جڏهن ضياءُالحق اڃا صدر هوندو هو. سنڌ ۾ جڙتو ۽ ناٽڪي رنگ رچائي ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو هو. اوچتو ابراهيم صاحب وٽ مهمانن جي بس ڀرجي آئي. انهي بس ۾ تقريبن ڪي 52 کن ماڻهو هئا، اهي سڀ جا سڀ هن جي گهر اچي لٿا، ويهڻ تـ پري جي ڳالهـ پر بيهڻ جي جڳهـ نـ هجي. مهمانن جي گهڻي ِآوت جاوت جي ڪري هي اها ڳالهـ سکي ويو هو تـ “ هي گهر اوهان جي حوالي آئون هلان ٿو. ” سو هي گهر مهمانن جي حوالي ڪري هي سڌو منهنجي گهر هليو آيو هو. ٻئي ڏينهن جڏهن پاڙي پتي مان واءُ سواءُ ورتوسين تـ اتي اها ڳالهـ مشهور ٿي وئي تـ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي خلاف آپريشن هلي ٿو، هي سڀ ڌاڙيل آهن تنهنڪري اتان ڀڄي آيا آهن. محمد ابراهيم نظاماڻي صاحب مون سان گڏ سِگا سلام آباد جو ميمبر ٿيو هو. اڳتي هلي سِگا اسلام آباد جو صدر بـ ٿيو. پر اسلام باد سِگا شاخ جي انا پرست وڏيرا شاهي سماجي ڪارڪنن جي اڳيان ٻانهون نـ ٻڌڻ جي ڪري کيس ٻن سالن جو مقرر وقت پورو ڪرڻ نـ ڏنائون، کيس ڌڪي ٻاري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائونس.
ابراهيم نظاماڻي جي ڪهڙي ڳالهـ ڪجي، هي همراه ڳوٺان FX سوزڪي ڪار وٺي ِآيو، مون کي چيائين تـ تون بـ گاڏي وٺ، مون گاڏي ورتي تـ زندگي آسان ٿي وئي. مون کان 6 مهينا اڳ رٽائر ڪيائين. وڃڻ جي اهڙي ڇڪ ٿيس جو پينشن جا پئسـا بـ ڪو نـ ورتائين. بس ائين ئي جلدي الله واهي ڪري ٻئي جهان ڏانهن راهي ٿي ويو، جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو بـ واپس نـ ٿيو آهي.