مختلف موضوع

پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

هي ڪتاب محترم نظام الدين لغاري صاحب جي ساروڻين، جيون ڪٿا ۽ خاڪن ۽ يادگيرين جو مجموعو آھي. نصير ميمڻ لکي ٿو:
”نظام جي جيون ڪٿا کي پڙهندي سنڌي سماج ۾ ايندڙ هاڪاري توڙي ناڪاري تبديلين بابت سندس گهري مشاهدي جو بہ اندازو ٿئي ٿو. نظام جي جيون ڪٿا نئين نسل کي يقينن اتساهيندي. سندس جيون ڪٿا درحقيقت جاکوڙ ڪٿا آهي. هڪ اهڙي املهـ ڪردار جي جاکوڙ جيڪو زندگيءَ ۾ ڏکين حالتن کي قدرت واري تي ڀاڙي هٿ تي هٿ رکي ويهڻ جي بدران انهن کي هلائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو. بک، غربت جي رڪاوٽن هئڻ جي باوجود، هي انهن مان رستا ٺاهي ٿو.“
Title Cover of book پُورَ وِڇوٽ مُحبتُون

اگهاماڻي جو ميمڻياڻيون ۽ وتايو فقير (تاريخ)

اگهاماڻي جو ميمڻياڻيون ۽ وتايو فقير (تاريخ)

منهنجي بابا جي عادت هوندي هئي تـ اسان جي تر جي شاعرن ۽ سگهڙن جي چيل شاعري يا ڪو ڏور، بيت قلم بند ڪري محفوظ ڪندو هو. پر سندس اوچتي وفات ۽ وقت جي اُٿلن پٿلن جي ڪري اهي ڪاپيون اسان سنڀالي نـ سگهياسين. ان کان سواءِ اسان جي ڳوٺ جو ٻيو ماڻهو هوندو هو ڏاڏو ڪامل مرحوم جيڪو انگريز جي زماني ۾ پوليس ۾ جمعدار هوندو هو ۽ پوءِ رٽائر ٿي ڳوٺ آيو هو. هو بـ ڏور بيت ۽ شاعري جو وڏو سگهڙ هوندو هو. ايترو ياد نـ اٿم تـ اها شاعري سندس هئي يا ٻئي ڪنهن جا ڏور بيت ۽ ڳجهارتون جيڪي بابا کي لکرائيندو هو. هن جي بـ هڪ ڪاپي ڀريل هئي. ان زماني ۾ اسانجو ريزڪي دڪان هوندو هو، جنهن تي سڄو ڏينهن شاعري، ڏور بيت، ڳجهارتون يعني ادبي محفل لڳي پئي هوندي هئي.
ڳوٺ گلاب لغاري جي ڪا لکيل تاريخ تـ ڪا نـ ٿي ملي پر اگهم ڪوٽ جي حوالي سان اهو چئي سگهجي ٿو تـ هي علائقو تاريخي نوعيت جو آهي. ڳوٺ ۾ عام روايت اها آهي تـ اگهم ڪوٽ جي ڦِٽي وڃڻ جي ڪري ڪافي ماڻهو دربدر ٿيا تـ ان علائقي جي پريي مڙس جنهن جو نالو هندن جي روايت مطابق گلاب راءِ هو، جڏهن تـ مسلمان ان کي لغاري قبيلي سان منسوب ڪن ٿا. تازو محترم عبدالستار لغاري هڪ ضخيم ڪاعذ ڏياري موڪليو آهي، جيڪو 1894ع ۾ جاري ٿيو هو. ان جي مٿان سنڌي ۾ نوٽ لکيل آهي تـ “ ڳوٺ گلاب لغاري تعلقـي ٽنڊي الهيار جا عملدار جيڪڏهن ڳوٺ ڏسڻ واسطي اچن، تـ پٽيل جو ڪم آهي انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻ” اتي سوال اڀري ٿو تـ ڇا 1894 ع ۾ ٽنڊو الهيار تعلقو هو؟ انهيءَ جي تصديق وري محترم عبدالحفيظ لغاري، ايديشنل ڊپٽي ڪمشنر، ٽنڊو الهيار ڪئي تـ انهيءَ ڄاڻايل سن ۾ ٽنڊي الهيار کي تعلقي جو درجو حاصل هو. ” جڏهن تـ عبدالستار لغاري انهي پٽيل جو نالو حاجي فقير پٽيل ٻڌائي ٿو. انهيءَ مان ثابت ٿيو تـ ڳوٺ گلاب لغاري جا اصل اڏيندڙ مسلمان هئا، نـ ڪي هندو. جيئن هو اها دعويٰ ڪن ٿا تـ “گلاب راءِ مان ڦري گلاب لغاري ٿيو. جيئن تـ منهنجو هي ڪتاب ڪا ريسرڄ رپورٽ ڪونهي تنهنڪري آئون ڪنهن بـ دعويٰ کي رد نـ ٿو ڪريان، ها البت مشڪور ڦلڪاري کي عرض ٿو ڪريان تـ هڪ محقق جي حيثت سان انهي تي وڌيڪ کوجنا ڪري ڪو نتيجو ڪڍي، ڇو جو گلاب لغاري مشڪور جو بـ ڳوٺ آهي. يعني گلاب جي پٺيان ڳوٺ جو نالو پيو گلاب لغاري ان سان گڏ اگهم ڪوٽ جي ڦِٽي وڃڻ جون بـ ڪيتريون ئي روايتون آهن. ڪن جو خيال آهي تـ مدد خان پٺاڻ جڏهن سنڌ ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي ڀسم ڪيا تـ اگهم ڪوٽ پڻ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ٻي جيڪا روايت آهي تـ قدرتي آفتن يعني زلزلي جي لپيٽ ۾ اچي هي شهر برباد ٿيو. اڃان تائين ڪجهـ اهڙيون جايون آهن، جيڪي زمين ۾ دٻيل نظر اچن ٿيون. اها ڳالهـ بعيد ڪونهي، ڇو جو 2001 ع ۾ احمد آباد واري زلزلي اسان جي پاسي کي ڪافي ڌوڻيو هو. ٽين روايت اها آهي تـ درياه بادشاهـ پنهنجو رخ بدلايو تـ شهرن جا شهر غير آباد ٿي ويا. ان کان سواءِ لالچ ۽ لوڀ جي ڪري علائقي جي نا عاقب انديش حاڪمن جون پاڻ ۾ لڙيل لڙايون پڻ هن شهر جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيون هونديون.
جئين تـ اها تاريخي حقيقت آهي تـ گلاب لغاري ۾ سنڌي هندن جي اڪثريت لوهاڻـا برادري تي مشتمل آهي، جن جو تعلق آڳاٽي زماني جي قديم آثارن اگهم ڪوٽ سان آهي. جتي لوهاڻي بادشاھ اگهم جي حڪومت هئي. انهي شهر ۾ راجـا چچ ۽ اگهم لوهاڻي جي وچ ۾ هڪ سال تائين جنگ هلندي رهي. انهيءَ جي ڪري وڏي تباهي ٿي. ماڻهن لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪئي. شهر خالي ٿيڻ لڳو ۽ ڀر پاسي وارا ڳوٺ آباد ٿيڻ لڳا اهو بـ هڪ گلاب لغاري جي ٺهڻ جو پسمنظر ٿي سگهي ٿو. ڇو جو بادشاهن جي لڙاين جي ڪري اتي اڪثريتي آبادي جيڪا لوهاڻا برادري تي مشتمل هئي اگهم ڪوٽ ڇڏي اچي ڀر پاسي وارن ڳوٺن ۾ آباد ٿي . جيڪي ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي هند هليا ويا ۽ اها لڏ پلاڻ اڃان تائين جاري آهي. تنهن هوندي اڄ بـ لوهاڻـا برادري وڏي تعداد ۾ گلاب لغاري ۾ رهن ٿا. لاڙ جي بدين ضلعي ۾ هڪ ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو آهي راڄوخاناڻي ۽ ٽالپر خاندان جي ملڪيت سمجھيو ويندو آهي. انهي ڳوٺ ۾ بـ سنڌي هندن جو وڏو تعداد رهندو هو. 1947ع ۾ ان وقت جي مير صاحب سڀني سنڌي هندن کي گهرائي کين يقين ڏياريو هو تـ “ توهان ڳوٺ نـ ڇڏيو توهان جي حفاظت منهنجي ذميواري آهي. ” ۽ ان جو جوڳو بندوبست پڻ ڪيائين، نتيجتن انهي ڳوٺ مان هڪ بـ سنڌي هندو هندستان نـ ويو. جيڪڏهن ٻين ڳوٺن جا مسلمان ائين هندو ڀائرن کي تحفظ جو يقين ڏيارين ها تـ ايڏي وڏي پيماني تي سنڌ خالي نـ ٿئي ها ۽ ائين اڄ اسان کي ماڻهن کي منٿون نـ ڪرڻيون پون ها تـ آدمشماري جي ٻولي واري خاني ۾ سنڌي لکرايو.
سنڌ جي لاڙ پٽ جي محقق ۽ مفڪر محترم مشڪور ڦلڪاري جي تحقيق مطابق گلاب لغاري اگهم ڪوٽ جو حصو هوندو هو. انهيءَ جي شاهدي انهي مان بـ ملي ٿي تـ گلاب لغاري ۾ اڄ تائين لوهاڻا برادري جي اڪثريت رهي ٿي، جڏهن تـ اگهم ڪوٽ جو بادشاهـ بـ لوهاڻو هوندو هو. سنڌ جي تاريخي ڪتاب “چچ نامـي” ۾ پڻ راجا اگهم جي باري ۾ گهڻو ڪجهـ لکيل آهي. انهيءَ مان پڪي پختي شاهدي ملي ٿي تـ گلاب لغاري جي لوهاڻن جي ٿوري گهڻي ڇاپ راجـا اگهم جي خاندان سان ملي ٿي. چچ جڏهن اگهم ڪوٽ تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو هو تـ اتي جا رهواسي جنگ کان بچڻ لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي محفوظ مقام جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ضررور ڀٽڪيا هوندا. اگهاماڻي جي باري ۾ “تحفت الڪرام” ڪتاب ۾ لکيل آهي تـ شهر تي اهو نالو اگهم لوهاڻي جي ڪري پيو. برصغير هند ۽ سنڌ ۾ هڪ ٻئي پٺيان حڪومتون ڊهنديون ۽ ٺهنديو رهيون. ڪي ماڻهو خوشي سان تـ ڪي وري زوري مذهب تبديل ڪندا رهيا. ظاهر آهي تـ اگهم ڪوٽ تي پڻ انهي تبديليءَ جو اثر ضرور پيو هوندو. “تحفت الڪرام” جو صاحب لکي ٿو تـ “ هن جي (راجـ اگهم) سرزمين خدا وارن جو سرچشمو آهي. ” تحفتـ الڪرام ۾ اگهاماڻي جي ڪافي اوليائن جو ذڪر مختصر ٿيل آهي. مخدوم محمد اسماعيل سومري جي باري ۾ لکي ٿو“ اهو وڏو ولي ۽ ناليوارو بزرگ ٿي گذريو آهي. چون ٿا تـ ننڍپڻ کان وٺي آخري عمر تائين سڄي عمر رياضت ۾ گذاريائين. تمام شاهوڪار هوندو هو ۽ قسمين قسمين طعام ۽ نموني نموني جا شربت ٺاهي حقدارن ۽ طالب علمن ۽ مسافرن کي ڏيندو هو. سندس ڪرامتون حد کان وڌيڪ هيون. 998 هجري ءَ ۾ وفات ڪيائين. ” ايئن تـ سندس ڪرامتن جو ذڪر تاريخ ۾ ٿيل آهي، هڪ عام روايت جيڪا اسان جي تر ۾ ڪافي مشهور آهي تـ ان زماني ۾ اگهم ڪوٽ ۾ جيڪي ماڻهو رهندا هئا، اهي مٽيءَ جو ڪم ڪندا هئا. انهن وٽ مٽي ءَ ڍوئڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ گڏھ هوندا هئا، جيڪي رات جو هينگون ڪري سڄي شهر جي سک ۽ آرام ۾ خلل وجهندا هئا. ان سان مخدوم صاحب جي عبادت ۾ پڻ رخنو پوندو هو. سو هڪ ڏينهن انهن کي گهرائي چيائين تـ “بابا ڪو ٻيو ڪم ڪريو، اوهان جا گڏھ اسان جي عبادت ۾ خلل ٿا وجهن ”. انهن غريبن عرض ڪيو تـ “سائين اسان ڪهڙو ڪم ڪريون”. کين دعا بـ ڪندي چيائين تـ “ پَٽ يعني ريشم جو ڪم وڃي ڪريو. ” انهن ماڻهن حڪم جي تعميل ڪئي ۽ بزرگ جي دعا درٻار الاهي ۾ اگهاڻي ۽ اهي ماڻهو پَٽ جي ڪم مان وڏا مالدار ٿي ويا. پٽ جي ڪم جي ڪري اهي اڄ ڏينهن تائين لاڙ سنڌ ۾ پاٽولي ميمڻ سڏجن ٿا. اهي تقريبن گهڻي تعداد ۾ اگهاماڻي واري بزرگ مخدوم محمد اسماعيل سومري جا مريد آهن. انهي متعلق اسان جي تر ۾ هڪ ٻئي روايت بـ مروج آهي. چون ٿا جڏهن هنن ماڻهن وٽ پئسو جهجهو ٿي ويو تـ هي ڪافي مغرور ٿي ويا. جو هنن جون مايون پنهنجي ننڍڙن ٻارن جي صفائي ڪپڙي جي اڳڙين بجاءِ ڪڻڪ جي ماني سان ڪنديون هنيون. وتايو فقير جڏهن اُتان اچي لانگهائو ٿيو ۽ اهو لڪاءَ ڏسي چيائين تـ “ ڪن ٿيون اگهاماڻي جون ميمڻياڻيون، ڀريندا وتائي جهڙا فقير” اهي سڀ روايتون آهن، جيڪي اسان جي پٽ ۾ اڄ بـ مشهور آهن. آئون هزارين ڀيرا اگهاماڻي ويو آهيان. اتي اسان جي وڏڙن جون قبرون پڻ آهن، اهو تـ خدا ٿو ڄاڻي تـ راقم کي اتي ڪا جڳهـ نصيب ٿيندي بـ يا نـ، پر سوال هي آهي تـ ڇا اتي صرف ميمڻ برادري رهندي هئي. جن لاءِ وتائي فقير اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن. جڏهن تـ تاريخ لوهاڻن جو شهر ٿي ٻڌائي ۽ آسي پاسي ۾ لغاري برادري جو وڏو تعداد رهي ٿو. مشڪور ڦلڪاري جي ريسرچ مطابق لطيف سائين جنهن ڪنڊي جو ذڪر ڪيو آهي اهو ڪنڊو اگهاماڻي ۾ آهي. برابر ڪنڊو موجود آهي، مون پنهنجي گناه گار اکين سان ڪيترائي ڀيرا اهو ڪنڊو ڏٺو آهي. ڇا اهو ڪنڊو يا اگهاماڻي جا مور انهي حقيقت تان پردو کڻندا تـ اگهاماڻي جون ميمڻياڻيون ايتريون مغرور هيون جن کي وتائي فقير اچي پاراتو ڏنو. تاريخ کي ڳولڻ ۽ ڦولهڻ جو ڪم ڪير ڪندو. سنڌ جو محقق جنهن سدائين ٻڌل سڌل ڳالهين تي قلم کڻي پنهنجو پاڻ کي تاريخدانن جي فهرست ۾ نالو لکرايو اٿس. آئون تـ اها اميد رکان ٿو سنڌ جي محققن ۽ تاريخدانن کان، جن جو وڏي پيماني تي علم، تحقيق ۽ ادب سان تعلق آهي انهن کي اهڙي ريسرچ ڪرڻ گهرجي. ڇو جو انهي لاءِ پرڏيهـ جا اڙانگا سفر ڪاٽڻا پوندا. اگهم ڪوٽ جو علمي خزانو تـ مدد خان پٺاڻ شهر کي باهـ ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
جيئن تـ مخدوم صاحب وڏو اولياءُ ۽ بزرگ هو، سندس پرهيزگاري ۽ علم تي ڪنهن کي بـ شڪ نـ آهي. ها البت سندس حب الوطني تي ڪجهـ اختلاف موجود آهن. سائين عبد الواحد آريسر پنهنجي ڪتاب “ سچ وڏو ڏوهاري آ” ۾ لکي ٿو تـ “ منهنجي معلومات جيڪا محمد صالح عاجز جي ڪتاب سنڌ جا سورهيـ ۽ محترم ساٿي مشڪور ڦلڪاري جي ريسرچ ۽ ڪچهرين تي مبني آهي، ان مطابق مخدوم صاحب (مخدوم بلاول) کي گهاڻي ۾ پيڙهائي شهيد ڪرڻ وارو ظالماڻو ۽ سفاڪاڻو قدم شاهـ بيگ ارغون جي پٽ مرزا شاهـ حسن کنيو هو ۽ سڄو فيصلو ۽ فتويٰ نصرپور ۾ تيار ٿي هئي. جتي شاهـ حسن ارغون طرفان ميان اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽي فتويٰ ڏيندڙن جو وڪيل هو. جڏهن تـ مخدوم بلاول طرفان ٻين سان گڏ شيخ ڀرڪيو ولد عيسو ڪاتيار بچاءُ جو وڪيل هو. شيخ ڀرڪيو تمام وڏو محب وطن بزرگ ٿي گذريو آهي. تاريخن ۾ ان کي شيخ ڪري لکيو ويو آهي سو هن کي سندس مرتبي جي ڪري سڏيو ويندو هو، نـ تـ هو ذات جو ڪاتيار هو. ڳوٺ شيخ ڀرڪيو گلاب لغاري کان 10 ڪلوميٽر اولهـ طرف واقع آهي. ماڻڪ ملاح پنهنجي هڪ مضمون جيڪو ڪتاب “هو جو سراپا عشق هو” ۾ ڇپيو آهي لکي ٿو تـ اگهم ڪوٽ ۾ مرزا شاهـ بيگ ارغون، مخدوم بلاول لاءِ فتويٰ ورتي هئي ۽ شيخ ڀرڪيي فتويٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
مشڪور ڦلڪاري جي تحقيق مطابق مغلن مخدوم اسماعيل سومري کي سندس خدمتن جي عيوض جاگير عطا ڪئي ۽ اگهم ڪوٽ ۾ وڏي مسجد جو ڪم بـ شروع ڪرايائون، جنهن جو ذڪر وتائي فقير بـ ڪيو آهي. مشڪور چواڻي تـ شاهـ حسن مخدوم صاحب وٽ اگهم ڪوٽ اڪثر ايندو هو. جڏهن شاهـ بيگ مري ويو تـ سندس پٽ شاهـ حسن اگهم ڪوٽ ۾ موجود هو. تاريخ شاهد آهي تـ شاهـ بيگ وڏو ظالم بادشاهـ هو. جڏهن اها خبر سنڌ جي ماڻهن کي پئي تـ سنڌ ۾ وڏا جشن ملهائجڻ لڳا. انهي سلسلي جو پهريون جشن بُڪيرا شريف ۾ ملهايو ويو ۽ اها خبر جڏهن شاهـ حسن کي اگهم ڪوٽ ۾ ڏني وئي تـ ان بُڪيرا شريف تي چڙهائي ڪري وڏو قتلام ڪيو ۽ نوجوان عورتن جون ڇاتيون چيري ڦاڙيون ويون. ان اهو سڄو ڪم اگهم ڪوٽ مان اٿي وڃي ڪيو. مشڪور جي تحقيق جي شاهدي “تحفت الڪرام” جو مصنف اجهو هيئن ٿو ڏئي“ درويش دائود ۽ ميان همون هر هڪ مخدوم اسماعيل سومري جا همعصر هئا، هر هڪ جي مدرسي ۾ 500 ماڻهو قران شريف جي قرات ۾ مشعول رهندا هئا، جن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا هئا. مرزا باقي باوجود ڏاڍو بخيل هو، تاهم هيءَ بزرگ جيڪا بـ آبادي ڪندو هئا تنهن تان ڍل ۽ ٻيا انگ ابواب معاف ڪري ڇڏيائين . ” انهيءَ مان صاف ظاهر آهي تـ اهي سڀئي بزرگ مغلن سان اُٿي ويٺي ۾ پيا نڀائيندا هئا. جڏهن تـ شيخ ڀرڪيو قومي غيرت جي ڪري مغلن کان پاسيرو رهيو. تاريخ ۾ مخدوم اسماعيل سومري جون ڪافي ڪرامتون تـ لکيل آهن، پر سندس سماجي ڪردار واضع طور اجاگر ٿيل نـ آهي، جهڙي طرح مذهبي ڪردار تي گهڻو ڪجهـ لکيو ويو آهي. جمال ابڙو پنهنجي “آتم ڪٿا ” ۾ بيگلار نامي جي مصنف مرزا باقي بابت لکي ٿو تـ “هو ظالم، قاتل ۽ درندي صفت انسان هوندو هو ” تنهن کي هڪ مسلمان تاريخدان مولانا غلام رسول مهر وڏو داناءُ ۽ انصاف وارو سڏيو آهي. ” تاريخ ۾ اهڙيون ستم ظريفيون جابجا ملنديون. جڏهن تـ اسان جي نوجوان نسل کي سرڪاري اسڪولن ۾ اهائي تاريخ پڙهائي وڃي ٿي. پوءِ اڳتي هلي هو ڪا ڳالهـ نـ پڙهڻ لاءِ تيار آهي، ۽ نـ وري مڃڻ لاءِ .