لاڙ جي موسم ۽ لباس
جيڪڏهن موسم جو حال احوال ڏبو وٺبو تـ لاڙ پٽ جي موسم جي ڀيٽ پاڪستان جي ڪنهن بـ علائقـي سان ڪري نـ ٿي سگهجي. فيبروري جي اڌ کان جون جي پهرين ڏهاڪي تائين ڏکڻ جي هير اهڙي گهلندي آهي جو ننڊ محبوب جي ماڻن وانگر ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيندي آهي. چپن تي رکيل چپ ۽ ڳلن تي رکيل ڳل پنهنجو وجود وڃائي چڪا هوندا آهن. انهي وچ ۾ اپريل ۽ مئي ۾ بي انتها جهڪون لڳنديو آهن ۽ اهو هوائن جو سلسلو اڃان جاري آهي. ايتريقدر جو هوا جي سامهون هلندڙ بس جي رفتار گهٽجي ويندي هئي. مون پنهنجي نوڪريءَ جي ايامن ۾ انهي تي هڪ انگريزي ۾ مضمون بـ لکيو هو، جيڪو The News اخبار ۾ ڇپيو هو. مون انهي ۾ دليلن سان اهو واضع ڪيو هو تـ انهي تيز هوا تي تمام گهڻي چرخي واري بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. جيئن تـ اسان جي ڳوٺ ۾ 1973 ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ بجلي ٻرڻ شروع ٿي هئي. پر اسان جي گهر ۾ ڏهن سالن کان پوءِ وڃي هوا ڏيڻ وارا پکا لڳا هئا اها بـ هڪڙي قسم جي اسان جي عياشي چئبي باقي ضرورت ڪونـ هئي. جنهن ڏينهن اسان جي گهر ۾ پکا پئي لڳا اسان جي ناني اچي امان تي ڪاوڙي تـ “هي ڦرڻيو پئي هڻائين ٻارن جون شاديون نـ ٿي ڪرين. ” مطلب تـ انهي شيءَ جي ضرورت ڪونـ هئي. سياري جي موسم ۾ هڪڙي اجرڪ مان گذارو ٿي ويندو هو. ايئرڪنڊيشنڊ تـ ڪافي وقت پوءِ آيا. جڏهن واپڊا وارن ماڻهن کي سيکاريو تـ ڪُنڊا هڻو ۽ ايئرڪنڊيشنڊ هلايو، اسان کي 20 روپيـا ڏيو. هڪ دفعي جي ڳالهـ آهي آئون اسلام آباد مان ڳوٺ آيس امان مون کي چڱي خاصي دٻ ڪڍي، “ ڳوٺ ۾ فلاڻن فلاڻن ماڻهن جي گهر ۾ AC ٿا هلن انهن جا بل اچن 35 رپيـا منهنجا صرف 3 بلب ٿا ٻرن بل اچي ٿو 300 روپيـا، تون ڪهڙي قسم جو آفيسر آهين. ” هاڻي امان کي ڪيئن سمجهايان تـ اهو واپڊا وارن جو ڪمال آهي. اتي مون واري آفيسري کي لوڙهو اچي ويو آهي. اُنهي تي ٻيو واقعو بـ ٻڌندا هلو، اها اسلام آباد اسهڻ کان اڳ جي ڳالهـ آهي. آئون اڃان ماستر هوس واپڊا وارا آيا ميٽر ڏسڻ، اهو ڪجهـ وڌيڪ هليل هو. مون کي چيائون تـ هيترا پئسـا ڏي ميٽر پوئتي ٿا ڪريون پوءِ تنهنجو بل گهٽ ايندو. واقعي پهرين مهيني جو بل تـ ڪجهـ گهٽ آيو. پوءِ هر مهيني 200 يونٽن جو بل وڌيڪ اچڻ لڳو. هاڻي مون وارو ماستري جو پگهار بجلي جي بل ۾ وڃڻ لڳو، امان کنيو ڏنڊو تـ هي ڇا پيو ٿئي. نيٺ لاڳاپيل آفيس مان پتو پيو تـ توهان ميٽر ۾ هٿ چُراند ڪئي آهي. هاڻي اهو ڏنڊ توهان هر مهيني ڀريندا رهندا. انهي جو حل اهو ٻڌايائون تـ ميٽر بدلي ڪريو. نيٺ ميٽر ٻيو لڳو ان کان پوءِ وڃي منهنجي جان آزاد ٿي. انهي کان گهڻا گهڻا سال پوءِ جي ڳالهـ آهي،آئون اسلام آباد مان ڳوٺ ويس، گهر ويٺو هوس تـ ٻاهر سڏ ٿيو. جان کڻي ڏسان تـ بجلي وارو همراھ بغل ۾ بندي کنيو بيٺو آهي. مون کي چيائين تـ “ توهان جو ميٽر ڪافي هلي ويو آهي. مون کي هيترا پئسـا ڏيو تـ آئون ميٽر ٺيڪ ٿو ڪريان پوءِ توهان جو بل گهٽ ايندو. ” مون واري ڇهين حس ڪم ڪري وئي” ڇو جو آئون انهن جو اڳئي ڌڪيل هئس. کيس چيم تـ اسان بجلي ٻاري آهي تـ بل بـ ڏينداسين پر توکي پئسـا نـ ڏينداسين” مون کان پڇيائين تـ “توهان ڪٿي ڪم ڪندا آهيو” مون جواب ڏنو تـ “ آئون اسلام آباد ۾ ڪم ڪندو آهيان” مون ڏٺو تـ همراھ جا پير نڪري ويا. آئون تـ هفتو ڳوٺ رهي اسلام آباد هليو آيس ڪيترو بل آيو انهي جي خبر نـ آهي. پويان امان پئي بل ڏنا. سو سائين ڳالهـ نڪتي موسم جي ۽ وڃي نڪتاسين بجلي وارن تي. بهرحال موسم جو پاور سان گهرو تعلق آهي، انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ نـ ٿو ڪري سگهجي.
امان ڳالهـ ڪندي هئي تـ سندس شادي واڻين جي ڀاڄ واري سال ٿي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ واڻيا جهجهي تعداد ۾ رهندا هئا. منگهن مل پنهنجو ٻن ڪمرن وارو نئون ٺهيل گهر اسان کي انهي وعدي تي ڏيئي ويو هو تـ هو واپس ايندو تـ کيس اهو گهر واپس ڪيو ويندو. هڪ ڪمري سان گڏ هڪ ننڍڙي ڪوٺي بـ هئي ان ۾ ڪجهـ پنهنجو سامان رکي ان کي تالو لڳائي چاٻيون پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا. اهو ڪمرو ڪو پنجن سالن تائين بند رهيو، جڏهن پڪ ٿي تـ هي هاڻي واپس نـ ايندا تـ پوءِ ان مان هڪ پلنگ ۽ هڪ پينگهو تالو کولي ڪڍيو ويو هو.
ان زماني ۾ گلاب لغاري ايڏو وڏو شهر ڪو نـ هو، بس هڪ اڌ ٻيڙي ماچيس جي ڪئبن، ٻـ چار سيـٺين جا دڪان، ٻـ مريداڻين جون هوٽلون، روڊ ڪچو هوندو هو. جنهن تي حاجي صادق ميمڻ جي لاري هلندي هئي، جنهن جو ذڪر آئون اڳي ڪري آيو آهيان. ورهاڱي کان اڳ ديوانن جي ڀل ڀلان هوندي هئي. هر جڳهـ تي هندو پاڻي مسلمان پاڻي الڳ الڳ هوندو هو. مامو دائم ڳالهـ ڪندو هو تـ ڳوٺ ۾ هڪ حجام هوندو هو جنهن جو نالو هو منو ۽ هو مسلمان هو. منو ڏاڍو ڀوڳائي ۽ چرچائي هوندو هو. سڄو ڏينهن هن جي دوڪان تي واندن جي محفل لڳي پئي هوندي هئي. جڏهن تـ ان زماني جا حجام ريڌارا بـ ڏاڍا سٺا هوندا هئا. ڳوٺ جون ننڍيون وڏيون شادين جو ڀت بـ منو ئي رڌيندو هو. اها تـ هر ڪنهن کي خبر آهي تـ سنڌ جو هندو حرام شئي ڪڏهن بـ نـ کائيندو آهي. سو اڪثر سيٺين جون ڀت جون ديڳون منو حجام ئي لاهيندو هو. جيئن تـ منو جي دڪان تي واندن جي ڪچهري سڄو ڏينهن لڳل هوندي هئي. هڪ ڏينهن منو ڪنهن سيٺ جي ديڳ پچائڻ ويو ۽ دوستن کي چئي ويو تـ اڄ آئون سڄي ديڳ کڻي ايندس دڪان تان ڪير بـ نـ وڃي. هر ديڳ پچائڻ تي گلاب لغاري جا سيٺ منو کي ڀت جو ٿالهـ ڀري ڏيندا هئا. سو منو جڏهن ديڳ پچائي تيار ڪئي ۽ ٿالهـ جهليائين ديڳ جي اڳيان تـ سيٺ ان ۾ هڪڙو ڪپ ڪير وڌو تـ منو چيس سيٺ مهمان آهن اڃان ڪجهـ ڏي سيٺ وري ٻيو وڌو ائين منو بس ائي نـ ڪري. سيٺ چيو منو بس هاڻي گهر مهمان آهن انهن کي بـ کارائڻو آهي. منو ڇا ڪيو جو ڪاوڙ مان ڀت جو سڄو ٿالهـ کڻي ديڳ ۾ لاٿائين. سيٺ کان رڙ نڪري وئي منو هي ڇا ٿو ڪرين. هاڻي ديڳ سڄي جي سڄي پليت ٿي وئي. منو کڻ هي ديڳ، منو اها سڄي ديڳ کڻي دڪان تي آيو ۽ اچي يارن کي کارايائين.
مون اهو زمانو بـ ڏٺو، جڏهن مرد ڏهن کان ٻارهن والن جون سلوارون پائيندا هئا، وڏي پهراڻ ٽائيپ قميص پاتي ويندي هئي، جيڪڏهن ڪنهن جي گهر وڃڻو پئجي وڃي يا ڪا عورت واٽ تي ڏسي وٺي تـ ڪٿي اُگهاڙپ جو تاثر پيدا نـ ٿئي. جڏهن تـ عورتون هالن جي اڏاڻن جون ٺهيل گربي جي سٿڻون ۽ ڇيٽ جو ڀرت ڀريل چولو پائينديون هيون، مٿي ڍڪڻ لاءِ چڪني جي وڏي پوتي استعمال ڪئي ويندي هئي، جنهن سان عورت جو سڄو بدن ڍڪجي ويندو هو. ٻهراڙي جون عورتون خاص ڪري ٽن ٽونئرن واريون هٿ جون ٺهيل جتيون پائينديون هيون. ها البت شهرن ۾ هندو توڙي مسلمان عورتون ساڙهي بـ پائينديون هيون. مطلب تـ عورت جي پوشاڪ مان حياءُ نظر پيو ايندو هو. واٽ ويندي ڪا عورت سامهون نظر ايندي هئي تـ مرد جي لاءِ لازمي هوندو هو تـ اهو رستو ڇڏي ڏئي. يعني عورت کي عزت جي نگاهـ سان ڏٺو ويندو هو. منهنجي امان ڪڏهن بـ گاگهري ۽ ريشمي سلوار ڪو نـ پاتي. هميشـ گربي ۽ هٿ سان ڀرت ڀريل چولو پائيندي هئي. زمانو ڦريو مردن مان بافتي نما سدري وئي، موچي جي ٺهيل سنڌي جتي جي جاءِ تي سينڊل اچي ويو، ٻارهن والن مان سٿڻ گهٽجي اچي ٽن والن تي پهتي. ٽوپي ۽ پٽڪي جي جاءِ تي مٿو اگهاڙو ڪري کٻي پاسي کان سينڌ شروع ٿي. مردن جي دنيا بدلي تـ عورتن ۾ پوشاڪ جي تبديلي جو سفر شروع ٿيو. مائين کي قناويزن، گربين ۽ سوسين جون سٿڻيون هيٺ تائين پهريل هونديون هيون، ڀرت ڀريل گج، مٿي تي وڏيون وڏيون پوتيون، نئين فيشن گربين کي ڦيري ريشمي ڪري ڇڏيو، عورت جيڪا اٺن والن جي سٿڻ پائيندي هئي اها ڏيڊ وال جي پاجامي تي اچي پهتي. سنڌ جي تبديل ٿيل ڪلچر جي ڪري لاڙ پٽ جو ڪلچر پڻ تبديل ٿي ويو. ٽائيم ڏسڻ لاءِ سج جي پاڇي جو سهارو ورتو ويندو هو. ان جي جاءِ تي واچ اچي وئي. مطلب تـ سائنس جي ترقيءَ. مختلف ڪلچرن جو پاڻ ۾ ميلاپ جي ڪري مردن توڙي عورتن جي دنيا ئي بدلجي وئي. اڃا اڳتي هلي انٽرنيٽ ۽ پوءِ موبائل فون زندگي جو سڄو نظام ئي ڊاوا ڊول ڪري ڇڏيو.