ديسي رانديون
آئون جيئن پڙهائيءَ ۾ ڪمزور هوندو هوس،تيئن راندين ۾ پڻ ڪمزور ثابت ٿيو هوس. ڪرڪيٽ تـ گهڻو وقت پوءِ مشهوري ماڻي. جڏهن ميڊيا جو دور آيو. اسان جي زماني ۾ تـ اٽي ڏڪر، ونجهـ وٽي، لڪ لڪوٽي، ڪوڏي ڪوڏي، اکر ڀوري وغيره رانديون عام جام کيڏيون وينديون هيون. جڏهن تـ سڄي سنڌ ليول تي ملھـ مشهور راند هوندي هئي. اسان جي ڳوٺ ۾ محمد عيسيٰ پهلوان، محمد لغاري ۽ عبدالرحمان لغاري ٻئي جوڙ جي ملهن ۾ شمار ٿيندا هئا. جڏهن تـ پاسي واري ڳوٺ سارنگ خان لغاري جو نعمت الله سريوال پهرين جوڙ جو ملهـ هوندو هو. انهن مان ڪجهـ اڃان حال حيات آهن هڪ ٻـ راهـ رباني وٺي ويا آهن. حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ بي توجـهـي جي ڪري هاڻي تـ سنڌ جي ڳوٺن مان ملهـ جو شوق ئي ختم ٿيندو ٿو وڃي. چاچو موسو سريوال جيڪو ڳوٺ ۾ واڍ ڪو ڪم ڪندو هو ۽ موسو واڍي جي نالي سان مشهور هوندو هو. اهو انهن سڀني ملهن جو استاد هوندو هو. ملهن کي ملهـ جا انگ سيکاريندو هو. مون ان کي ملهن کي انگ سيکاريندي ڏٺو هو.
ديسي راندين جي رس ۽ چس وري پنهنجي هوندي آهي. ڪٿي ونجهـ وٽي تـ ڪٿي ڪوڏي ڪوڏي، تـ ڪٿي وري والي بال. اٽي ڏڪر گهڻو گهڻو اڳ موڪلائي چڪي هئي، البتا مون راند ٿيندي ڏٺي بـ هئي تـ ڪئي بـ هئي. جيئن تـ آئون اهو مٿي ڪافي ڀيرا لکي چڪو آهيان تـ مون ڪنهن بـ عملي ميدان ۾ ڪا سٺي ڪارڪردگي نـ ڏيکاري هئي چاهي اهو تعليم جو ميدان هجي يا راند جو ميدان مطلب تـ سطحي شاگرد تـ سطحي رانديگر. اڳتي هلي پڙهيل ڳڙهيل دوستن سان اٿڻ ويهڻ جي ڪري زندگيءَ جو ڪارونهوار بدلجي ويو. والي بال ۾ منهنجو چاچو شمس الدين، مون کان ننڍو ڀاءُ قمر الدين مرحوم، ان کان سواءِ ڊاڪٽر اقبال، رمضان شيدي، غازي مريداڻي، ڪرشن واڻيو، اسماعيل لوهار، ابراهيم کٽي ۽ عمر سومرو، سٺن رانديگرن ۾ شمار ٿيندا هئا. انهن کان سواءِ گلاب لغاري ٿاڻي تي ڪڏهن ڪڏهن راند جو شوقين عملدار بـ اچي ويندو جيئن غلام رسول لاشاريءَ دادو سائيڊ جو هو، اسان جي ڳوٺ جي ٿاڻي تي صوبيدار ٿي آيو. راند جو تمام ڀلو هوندو هو. پي پي پي ڏانهن سياسي جهڪاءُ جي ڪري ضياءُ الحق جي چپيٽ ۾ اچي ويو. جيل جي هوا کائڻي پيس. بهترين ماڻهو ۽ بهترين رانديگر هوندو هو . انهن رانديگرن مان گهڻا تڻا راهـ رباني وٺي ويا آهن، باقي چند داڻا اڃان نوجوان رانديگرن کي سکيا ڏئي رهيا آهن. آئون صرف ٻاهران بال کڻڻ ۾ خوش هوندو هوس. ان زماني ۾ ٻاهران ڪافي ٽيمون گلاب لغاري ميچ کيڏڻ اينديون هيون. اسان جي ڳوٺ جي ٽيم چمبڙ، ٽنڊوغلام علي جهڙن پڪين ٽيمن جي اڳيان پير ڪو نـ جهليندي هئي. ها البت ماڻڪ لغاري، صابن دستي جهڙين ٽيمن کان کٽيو ويٺا هوندا هئا.
ونجهـ وٽي خاص ڪري چنڊ جي جوڀن وارين راتين ۾ ٿيندي هئي. انهي ۾ حاجي نٿو، اسماعيل جوڳي، محمد اشرف شيدي ۽ شاهـ محمد اترادي جنهن کي شاهن ڪري چوندا هئا سٺا رانديگر سمجهيا ويندا هئا. انهن مان ڪو بـ هڪ دري يا ٻاڙي تي ڄمي بيهي رهيو تـ اڳئين رانديگر کي اتان مٽڻ ڏکيو ٿي پوندو هو. هي راند والي بال وانگر باقاعدي راند تـ ڪا نـ ٿيندي هئي پر چنڊ جي سُهائي راتين ۾ ڳوٺ جا نوجوان ڪافي دير تائين پيا کيڏندا هئا. هن راند ۾ خرچ وغيره نـ ايندو هو، تنهنڪري بغير خرچ پکي واري راند هئڻ ڪري ٻهراڙين ۾ ڪافي مقبول هئي. ڪڏهن ڪڏهن اوڙي پاڙي وارن ڳوٺن جون ٽيمون ميچ کيڏڻ اينديون هيون.